; سنڌي شخصيتون: پير ماجد جان سرهندي

11 April, 2024

پير ماجد جان سرهندي

پير ماجد جان سرهندي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نئين ٽهيءّ جو نوجوان شاعر پير ماجد جان سرهندي ۸ جنوري ۱۹۸۷ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو پير محمد سعيد جان سرهندي آهي. ٽنڊو سائينداد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان شروعاتي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. ۲۰۰۶ع ۾ فوجي فائونڊيشن هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ڪيائين. تيرنهن سالن جي عۡمر ۾ ۲۰۰۰ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعري ۾ سندس شروعاتي استاد آغا جان آغا ۽ خيال سنڌي آهن. جن کان شاعري جي سکيا وٺندي، غزل ۽ چوسٽي جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو مستقل ۽ سرگرم رۡڪن آهي. ۲۰۱۵ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهندو اچي.


علمي، ادبي محفلن ۾ شرڪت سميت سکيا جي مامري ۾ بحث مباحثن ۽ ادبي ويهڪن ۾ اصلاحي ۽ تنقيدي نشستن ۾ دلچسپي سان حصو وٺندو رهي ٿو. پۡڇڻا نه مۡنجهڻا جي مصداق جيڪا به سوچ ذهن ۾ ايندي اٿس، ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جۡستجو متعلق ڪڏهن به گهٻرائيندو ناهي، ڀلي کڻي کيس، کانئس جونيئرن کان سکڻ جو ڪو موقعو ڇو نه ملي، ان موقعي کي هٿان وڃائڻ ناهي ڏيندو. شاعري طرف سندس توجه ۽ لاڙو مقدار بجاء معيار طرف وڌيڪ رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گهٽ شاعري ڪرڻ جي باوجود سکيا جي ادبي ڪلاسن ۾ مستقل طور شرڪت کي شرف سمجهندو آهي. هٺ، غۡرور، تڪبر، وڏائي کان ڪوهين ڏۡور ۽ فقيراڻي مزاج جو مالڪ، عاجزيءّ ۽ انڪساريءّ جو پيڪر آهي. اڃا تائين شاعري سان ناتو نڀائيندو اچي.

پير ماجد جان سرهندي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

آڌي رات اڌورو ماڻهو،

ناهي مومل تنها راڻو.

ڪير رُلي ويو آ ڪنهن لئه،

مليس پاڻي ۽ نه ڪو داڻو.

نه طبيب هتي نه دوا آهي،

ساڳيو آهي سُور پُراڻو.

پِسجن ٿا هِت دوست پيارا،

دنيا آهي ظالم گهاڻو.

بس انڌيرو آهي ڇانيل،

هِت آهي ڪو ديپ اُجهاڻو.

صحرا ۾ جي گل به هجي ها،

“جان“ هجي ها گل به ڪُماڻو.

************************************************

غزل

تنها يار سجايان محفل ڪنهن جي لاءِ،

ڪو ساٿي ناهي ۽ رکان دل ڪنهن جي لاءِ.

ڪو ته هُجي ڪجهه منهنجي به ٻُڌي مان به ٻُڌايان،

ڪو دلبر ئي ناهي ته غزل ڪنهن جي لاءِ.

خوشيون به رهيون آهن وکريل اڪثر منهنجون،

محبت جا مان ميڙيان هي پل ڪنهن جي لاءِ.

جهول ڀري گلڙن جي روئي پوندو آهيان،

هِن ويران راهه وڇايان گل ڪنهن جي لاءِ.

اکڙيون آليون “جان” رهن ڪنهن جي ڳولا ۾،

پيارو ناهي پايان ته ڪجل ڪنهن جي لاءِ.

************************************************

غزل

اڄ به رهيو سو خواب اکين ۾،

بيچين ۽ بي تاب اکين ۾.

معصوم نگاهه تي غور ته ڪر،

ملندو توکي باب اکين ۾.

ماني جي بدلي ٻار ڏسي،

آيو نڪري آب اکين ۾.

خشڪ گلو ۽ پيٽ به خالي،

ڏِس ته سهي سيلاب اکين ۾.

“جان” ڪِري پيا جيڪي به هئا،

هيرا سي ناياب اکين ۾.

*************************************************

غزل

عاجز ماڻهو آهيان وڏائي ناهي،

تارن تائين منهنجي رسائي ناهي.

جهڙو باطن تهڙو رکون ٿا ظاهر،

پو واکاڻ ٺلهي ۾ چڱائي ناهي.

هِن دل تي هي دستڪ وري ڪنهن جي آ،

محفل ڪا اهڙي مون سجائي ناهي.

مشڪل آ ڪو دل مان ڌڪاري مونکي،

مون ساک اڃا پنهنجي وڃائي ناهي.

چاهت کي چاهت سان ڪجي ٿو حاصل،

هي سوچ سجائي آ، اجائي ناهي.

No comments:

راءِ ڏيندا