مير محمد خان ٽالپر
ٽنڊو محمد خان شهر جو باني
اعظم ڀٽي
تاريخ جي ورقن مان
پتو پوي ٿو ته ٽالپرن جي دور کان وٺي انگريزن تائين ٽالپر قبيلي جي چئن شاخن يعني
شهداداڻي، خاناڻي، ماڻڪاڻي ۽ شاهواڻين کي وڏي اهميت حاصل هئي. سڀ جا سڀ وڏا
جاگيردار به هئا ته وري ٽالپرن کان وٺي انگريزن جي دور حڪومت تائين ۽ ان کانپوءِ
به سندن وڏو اثر رسوخ رهيو. انهن چئني شاخن جي سربراهن کي درٻارن توڙي برطانوي راڄ
جي زيراهتمام ٻين خاص قسم جي تقريبن توڙي مخصوص قسم جي پروگرامن ۾ باضابطه طور
دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. خيرپور، ميرپورخاص توڙي حيدرآباد جي ٽالپرن توڙي انهن
جي تاريخ تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن قدر تحقيقي ڪم ٿيو به آهي.
توڙي جو ان ڪم تي
اڃا به کوڙ سارن پهلوئن کان تحقيق جي گۡنجائش موجود به آهي پر شاهواڻي ٽالپر جيڪي
ٽنڊو محمد خان ۾ آباد هئا ۽ اڃا به آباد آهن، انهن جي تاريخ تي جڏهن نظر ڊوڙائجي
ٿي ته هر طرف ڪاريءّ وارا ڪک نظر اچن ٿا، ٽنڊي محمد خان جا شاهواڻي ٽالپر جيڪي مير
شاهو خان جي اولاد جي نسبت سان شاهواڻي ٽالپر سڏجن ٿا، مير شاهو کي ڇھ پۡٽ هئا:
مير ڪرم خان، مير غلام محمد، مير سيد خان، مير محمد ملوڪ، مير مراد خان، مير سردار
خان.
مير شاهو جي ٻي
نمبر پٽ مير غلام محمد کي ٻه پٽ هئا: حاجي احمد خان ۽ مير محمد خان! هي ٻه ڀائر
هئا، جن مان مير محمد خان ٽالپر، ٽالپرن جي صاحبي ۾ مليل جاگيرن جي بدولت پنهنجي
نالي سان ۱۷۹۱ع ۾ گۡوني (ڦليلي) جي ڪپ تي ٽنڊو محمد خان شهر اڏايو، جيڪو تاريخي اعتبار
سان لاڙ جو وڏو واپاري مرڪز ۽ زرعي خطو رهيو آهي، ٽنڊي محمد خان جو باني مير محمد
خان ٽالپر پنهنجي ڏاڏي، مير شاهو خان ۽ ان چاچي ۽ سهري مير شهداد خان ٽالپر سان گڏ
ديھ پٽ باران جي ديره جات علائقي ۾ رهندو هو. سندس حياتيءّ جي احوال بابت تاريخ جا
صفحا گهڻي قدر خاموش آهن، ممڪن آهي ته ديره جات جي ڦٽڻ کانپوءِ هي وري شهدادپور ۾
به سڪونت پذير ٿيا هجن. ڪلهوڙا دؤر حڪومت تائين ٽالپر پنهجا ڪوٽ، قلعا ۽ ڇانوڻيون
اڏائي رهندا هئا. پر ۱۷۸۳ع ۾ هالاڻي جي جنگ کانپوءِ ٽالپر حڪومت جي قيام شرط ديره جات ٽُٽڻ لڳو. اُن
جو سبب اهو هو ته ٽالپرن کي پنهنجي حيثيت موجب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ جاگيرون
ملنديون ويون ۽ اهي اتان اٿي پنهنجا پنهنجا شهر ٻڌي آباد ٿيا. اهوئي سبب آهي جو
سنڌ ۾ جيڪي به ٽنڊا آهن، انهن مان اڪٽر ميرن پاران آباد ٿيا. مير محمد خان ٽالپر،
مير فتح علي جي پۡڦيءّ جو پوٽو هو، جنهن سان گڏجي هن ڪلهوڙن خلاف معرڪن ۾ حصو ورتو
۽ جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪومت قائم ٿي ته مير محمد خان ٽالپر کي هڪ وڏي
جاگير ملي. جنهن جي ڪل پکيڙ ٽي لک ايڪڙ هئي. ياد رهي ته شاهواڻي ٽالپرن جون
جاگيرون ٽنڊي محمد خان سان گڏوگڏ ٿر، پارڪر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ به هۡيون.
سال ۱۷۸۳ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪومت قائم
ٿيڻ ۽ وڏيون جاگيرون ملڻ کان پوءِ انهن جي نظر داري لاءِ مير محمد خان ٽالپر کي
وقت به وقت اچڻو ٿي پيو، ۽ ديره جات ڦٽڻ ڪري پنهنجو ڳوٺ ٻڌائڻو پيو. جنهنڪري سندس
نظر هن علائقي تي پيئي. مير فتح علي خان جي حڪومت جي اٺن سالن کان پوءِ ۱۷۹۱ع ۾ مير محمد خان شاهواڻي، گونيءّ (ڦليلي)
جي ڪپ تي ٽنڊو محمد خان جي نالي سان شهر جوڙايو، جيڪو ان وقت ' محمد خان جو ٽنڊو'
سڏبو هو، ۱۸۰۹ع ۾ انگريز ايلچي سر هينري پا ٽينجر ٽنڊو محمد خان ۾ آيو. ان وقت مير محمد
خان ٽالپر جو سئوٽ مير سلطان علي خان ٽالپر هتي رهندو هو ۽ شهر جو سنڀاليندڙ هو.
سر هينري پاٽينجر پنهنجي ڪتاب “ٽريولس آف سنڌ بلوچستان” ۾ لکيو آهي ته ٽنڊو محمد
خان هڪ وڌندڙ ۽ قلعي نما شهر آهي، هتي مير سلطان علي خان ٽالپر جي رهائشگاھ آهي،
جيڪو حاڪم ميرن جو رشتيدار آهي، سندس آمدني ۴ کان ۵ لک روپيا آهي” مير سلطان علي خان ايران مان
اعلى نسل جا قيمتي گهوڙا خريد ڪري واپار جي لحاظ کان هندستان موڪليندو هو، انهيءَ
زماني ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ سندس هڪ وڏو اصطبل هوندو هو. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ناياب
قسم جا گهوڙا ۽ اُٺ بيٺل هوندا هئا.
ٽنڊو محمد خان آباد
ڪرائڻ جي ۲۱ سالن کانپوءِ ۶ شوال ۱۲۲۷ هجري مطابق آڪٽوبر ۱۸۱۲ع ۾ ٽنڊي محمد خان شهر جو باني مير محمد خان ٽالپر وفات
ڪري ويو. سندس مقبرو انهيءَ وقت جي مشهور تاريخي ماڳ 'فتح باغ' ۾ آهي، جيڪو علائقو
هن وقت ديھ جاڙڪي، يونين ڪائونسل نصير خان چانگ تعلقي ٽنڊي غلام حيدر ضلعي ٽنڊو
محمد خان ۾ آهي. اهو مقبرو مير محمد خان ٽالپر پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي يعني وفات کان
ڇھ سال پهرين ۱۲۲۱ هجري مطابق ۱۸۰۶ع ۾ جوڙايو هو. ٽالپرن جي دؤر حڪومت ۾ ميرمحمد خان ٽالپر کي غريب نواز،
ايماندار ۽ انصاف پسند هئڻ جي ناتي علائقي جي عوام کي سستو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ
عدالتي اختيار پڻ مليل هئا، شهر جي مير محلا ۾، مير صاحب هڪ عمارت ۾ عدالت پڻ
هلائيندا هئا، جيڪا هاڻي زبون شڪل ۾ آخري پساهن ۾ آهي، جنهن جون باقي ڪجھ ديوارون
آخري نشاني طور بچيون آهن، اها نشاني به نسل درنسل هڪ ثابتي آهي، جتي آنريبل مير
الھ بخش ٽالپر به عدالتي طرز نظام هلائي، ماڻهن کي انصاف مهيا ڪري ڏيڻ جي جۡستجۡو
جاري رکي. مير محمد خان ٽالپر جو جيڪو به پويون نسل اتي رهائش پذير آهي، اها جڳھ
ئي ٽنڊي محمد خان جو بنياد سمجهي وڃي ٿي. ڪجھ محققن جا اڻلکيل ۽ اڻڇپيل اعتراض آهن
ته جيڪڏهن مير محمد خان واقع ئي ان جڳھ تي ئي اچي رهيو هو ته پوءِ کيس فتح باغ
وسائڻ جو خيال ڇو آيو، ڇو هۡن پنهنجي آخري آرامگاھ لاءِ 'فتح باغ' واري علائقي جو
چۡونڊ ڪئي، ٻيو اعتراض اهو به آهي ته جيڪڏهن مير محمد خان، ٽنڊي محمد خان جو بنياد
اتي ئي رکيو هو ته پوءِ مير سلطان علي خان ٽالپر ڇو ٽنڊي محمد خان جو سنڀاليندڙ
هو، جنهن جو حوالو هينري پاٽينجر کي به ڏيڻو پيو، اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا اعتراض ۽
گۡمان تحقيق طلب ضرور آهن، منهنجي راء آهي ته تاريخي حوالن موجب مير محمد خان جي جاگير
۾ لڳ ڀڳ ٽي لک ايڪڙ زمين هئي، جنهنکي اڪيلي سر سنڀالڻ يقينن هڪ فرد لاءِ انتهائي
مشڪل ڪم هو، ان وقت جون حالتون ۽ سهولتون اڃا به وڌيڪ قابل رشڪ هئڻ گهرجن، ٻيو ته
سندس فرزندن هر هڪ مير غلام محمد (جيڪو بي اولاد هو) ۽ ٻيو مير ڪرم خان، جن کي به
پنهنجون جاگيرون حصي ۾ مليل هيون، جن جو پتو جاگيرن جي تاريخ مان به پوي ٿو، ممڪن
آهي سندس فرزندن جو ڌيان انهن جاگيرن طرف وڌيڪ هۡجي، تنهنڪري ئي سندس سئوٽ مير
سلطان علي خان ٽالپر کي ٽنڊي محمد خان جي سارسنڀال جي ذميداري مليل هجي.
ٻيو ته سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ 'فتح باغ' کي وسائڻ يا اۡتي مدفون ٿيڻ جو سوال آهي ته ان حوالي سان منهنجي ذاتي راء آهي ته مير محمد خان ڇاڪاڻ جو ٽالپر قبيلي جي هڪ وڏي شاخ جو سرواڻ به هو ته ڪلهوڙن سان معرڪن ۾ حصو به وٺندڙ هو، يقينن اهڙو فرد قائدانه صلاحيتن، جنگي حالتن توڙي تاريخ جي مامرن کان ڪيئن اڻواقف هوندو، فتح باغ جو علائقو ته چوڏهين پندرهين صديءّ کان هڪ خوشحال، سرسبز ۽ آباد تاريخي خطو هو، جنهن جي قديم تاريخي حيثيت ۽ اهميت ۱۷۸۰ع تائين مدد خان پٺاڻ جي حملي وقت به عۡروج تي پهتل هئي، مدد خان پٺاڻ جي حملي، ٽنڊي محمد خان جي بنياد ۽ مير محمد خان ٽالپر پاران پنهنجي حياتيءّ ۾ ئي فتح باغ ۾ پنهنجو مقبرو اڏائڻ واري وقت ۾ ايڏو ڪو وڏو صدين جو فرق ناهي، نه ئي نسلن جي وڇوٽي جو ڪو جواز آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ شاهواڻي ٽالپرن جي آمد ۽ سڪونت، شهر اڏائڻ واري جڳھ جي بنياد کي آئون ڦليلي جي ڪپ تي مير محلي ۾ ان ئي جڳھ کي شهر جو بنياد سمجهان ٿو، جتي سندس پونئر هاڻي به رهائش پذير آهن، ڀلي کڻي مير محمد خان جي فرزند مير ڪرم خان جي وفات جي جڳھ جي چٽائي تاريخ ۾ موجود نه هجي، پر هي جڳھ آهي اها ئي جتي ڪاٺ واري بنگلي ۾ ۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي مياڻي جي جنگ جي سپھ سالار شهيد مير غلام شاھ جو مڙھ آڻي رکيو ويو هو، مير غلام شاھ شهيد، مير محمد خان جو پوٽو هو ۽ سندن وفاتي جي وچ ۾ ۳۱ سالن جو فرق به ڪو نسلن جو فرق ناهي، اڄ به نسل در نسل اۡها جڳھ محفوظ آهي، جتي شهيد مير غلام شاھ جو لاش آڻي رکيو ويو هو ۽ ان ئي محلي ۾ سيد جمن شاھ جي قبرستان ۾ امانت طور دفنايو ويو هو، جنهن بعد اۡها امانت لواري شريف پهچائي وئي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان جو بنياد به اتي ئي رکيو هو، عين ممڪن آهي ته مير محمد خان ٽالپر فتح باغ جي تاريخي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکي، ان کي آباد ڪرڻ يا تاريخ ۾ زنده رکڻ جي خيال کان فتح باغ کي پنهنجو مسڪن بڻايو هجي، اۡتي ئي پنهنجي حياتيءّ ۾ مقبري جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو هجي، ممڪن آهي ته تاريخ جي اۡکيل ۾ ڪي ٻيا جواز به هۡجن پر جڏهن ان وقت جي ڪا به نشاني باقي زنده نه هجي ته پوءِ ان سبب تي وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ ۽ کوج لڳائڻ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون درپيش آهن، منهنجي خيال ۾ ٽنڊي محمد خان شهر جي اڏاوت کانپوءِ شاهواڻي ٽالپرن جو پهريون قبرستان به فتح باغ ۾ ئي آهي، جنهن کانپوءِ لواري شريف ۽ ان کانپوءِ لڳ ڀڳ ۱۹۴۰ع ڌاري ٽنڊي محمد خان شهر جي پۡراڻي بس اسٽاپ لڳ سندن موجوده قبرستان آهي، جيڪو درگاھ لواري شريف وارن ۽ مير حاجي حسين بخش ٽالپر جي وچ ۾ جاگيرن جي واپسي واري جهڳڙي بعد قائم ٿيو. خير موجوده وقت ۾ مير محمد خان جي مقبري جي مرمت جو ڪم ٿيڻ بعد سندس شخصيت جو پهلو صدين پڄاڻان اۡجاگر ٿي پيو آهي، ان کان پهرين شايد نوي سيڪڙو ماڻهن کي اها به ڄاڻ نه هئي ته مير محمد خان ٽالپر جي آخري آرامگاھ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي. انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته: “جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته مرڻ کانپوءِ هر ڪنهن کي ياد هۡجو ته هر ان ماڻهو کان قرض کڻو، جنهن کي به اوهان سۡڃاڻو ٿا. ” پر هۡن ته ڪنهن کان به شايد ڪو قرض نه کنيو هو، ۲۳۰ سال پهرين هن هڪ شهر جو بنياد رکي، لکين ماڻهن کي سۡڃاڻپ ڏني هئي، هۡن ڇا ٺاهيو هو، ڇا وڃايو هو، هۡن ۲۱۵ سال پهرين صرف پنهنجو مقبرو جوڙايو هو، هۡن جي وفات کي ۲۰۹ سال گۡذري ويا، ايترن سالن تائين هۡو بحيثيت هڪ شخصيت ڪنهنکي به ياد نه رهيو، هۡن ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي وارثي وڃائي، سندس جوڙايل شهر جو نالو ته هر ڪنهنکي ياد آهي پر سندس نالو لاوارثي جي وطن ۾ ڄڻ ته هر ڪنهن کان وسري ويو، ڌاريا ته ڌاريا ٿيندا آهن پر پنهنجا جن سان رت جا رشتا هۡجن، احساسن جي رفاقت هۡجي، سۡڃاڻپ جي نشاني واڳيل هۡجي، انهن کي ڇا ٿيو هو! اۡهي جيڪي ڪجھ عرصو اڳي بيضي مان ڦۡٽي نڪتا هئا، جيڪي لاڏائو ٿي اچي هتي ئي ٽڪي پيا هئا، جن کي جاگير، رياست، سياست، سماجيات، معاشيات، اقتصاديات، ثقافت جي مفهوم جي به خبر ناهي، انهن پنهنجي گۡمنام وڏڙن جي نالي دلي دروازا جوڙائي، روڊن ۽ رستن کي به انهن جي نالن سان منسوب ڪري ڇڏيو، شهر جي چوڪن تي به عجيب نالا رکي ويسر ۽ ياد جي ماجرا کي عجيب رنگ ڏئي ڇڏيو، ڪيتريون ئي يادگارون انهن ماڻهن جي نالن سان جۡڙي ويون، جن کي هن شهر جي بنياد جي تاريخ جي به خبر ناهي، هي شهر ته هۡن جو آهي پر ناهي ته هۡن جي نالي تي ڪجھ به ناهي، ڪو تعليمي ادارو، ڪو روڊ، رستو ۽ چوڪ، ڪو پارڪ، ڪا لائبريري، ڪو هال، ڪو اسپورٽس ڪلب، ڪو گرائونڊ يا اسٽيڊيم، ڪا بازار، ڪا مارڪيٽ، ڪجھ به ناهي، هۡن سان منسوب ڪا به شيء ناهي، اهو سڀ ڇا آهي، ڇا اها سياست آهي يا منافقت آهي! اهو ظلم آهي يا ويساھ گهاتي آهي يا اڃا به ٻيو ڪجھ آهي، اۡف! هۡن جي شهر ۾ هۡن جي نالي ته ڪو قبرستان به ناهي، بس هۡن سان صرف هڪڙي شيء منسوب آهي، هۡن جي نالي صرف هڪڙي يادگار آهي، سا آهي “محمد خان جو ٽنڊو” (ٽنڊو محمد خان)، اهو تاريخ جو فرياد آهي، تاريخ جي دانهن آهي ته هن دور ۾ ھۡن جو نالو وٺڻ سان، هۡن کي ياد ڪرڻ سان، هۡن جي قديم مقبري جي ٻيهر مرمت ٿيڻ سان الاءِ ڇو لاتعداد چهرا ڳاڙها ۽ پيلا بڻجي ويا آهن، چهرن جو ائين رنگ بدلائڻ ئي ته تاريخ جو پلاند آهي. اڄ ٽنڊي محمد خان شهر جي ڌڻي جي وفات کي ۲۰۹ سال گذري چڪا آهن، جيڪو عرصو به لاوارثي جي طويل تاريخ آهي، ان جي ازالي لاءِ هاڻي نه رڳو مجموعي شاهواڻي ٽالپر خاندان، شهر واسين ۽ اقتدار ڌڻين کي اکيون کولڻ گهرجن، کيس اهو مرتبو ملڻ گهرجي جيڪو زنده قومن ۾ هڪ بانيڪار کي حاصل هوندو آهي!
No comments:
راءِ ڏيندا