; سنڌي شخصيتون: پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي

11 April, 2024

پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي

پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



حضرت مجدد الف ثاني خواجه شيخ احمد سرهندي رحه جي اولاد مان ٻارهين پۡشت تي، پير آغا عبدالرحمان جان سرهندي هو، ان جو پوٽو ۽ پير آغا محمد حسن جان سرهندي جو ٻيو نمبر فرزند، پير آغا عبدالستار جان سرهندي ۱۸۹۳ع مطابق ۱۳۱۱هجري ۾ موجوده ٽکڙ يعني وسي ملوڪ شاهه (ٽنڊي محمد خان) ۾ پيدا ٿيو. خواجه عبدالرحمان جان سرهندي جن جو پنهنجي هن پوٽي سان تمام گهڻو قرب هوندو هو. کيس سڄو ڏينهن پنهنجي دوش مبارڪ تي سواري ڪرائيندا هئا. خوش طبعيءَ جي نموني ۾ پۡڇندا هئس ته ”تو چنين و چنان هستي“ ته پاڻ يڪدم طوطلي زبان ۾ چوندو هو ته ”تو چنين و چنان هستي.“


پير آغا عبدالستار جان سرهندي ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾ علامه حافظ محمد يوسف وٽان حاصل ڪئي ۽ باقي ٽنڊي سائينداد ۾ ورتي. ننڍپڻ کان ئي ذهين، ذڪي ۽ تيز فهم هو. فضائل ۾ ان وقت سنڌ جي عالمن ۾ امتيازي حيثيت حاصل هئس. کيس سير و سياحت جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ انهيءَ اشتياق کيس اسلامي ملڪن جو ڪافي سير ڪرايو. ٻين ملڪن ۾ جيڪي رسمون ۽ رواج ڏٺائين ۽ عجيب و غريب ڳالهين جا جيڪي مشاهدا ڪيائين، تن منجهس جهان بينيءَ وارا جوهر پيدا ڪيا. سندس گفتگو نهايت ئي شائسته ۽ فرحت ڏيندڙ هئي. سندس محفل مان اٿڻ تي ڪڏهن به ماڻهن جي دل نه چوندي هئي. خوش طبعيءَ جو پاڪيزه رنگ سمايل هئس. اهوئي سبب آهي جو لاڙ پَٽ جو مشهور ظريف "ڪدو مڱڻهار" سندس خاص نوازيل ماڻهو هو ۽ ساڻس گڏ سير و سياحت به ڪيائين. پير صاحب کي نين نين ٻولين سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سنڌيءَ کانسواءِ اردو، پارسي، عربي ۽ پشتو زبانون چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. بعد ۾ انگريزي سکڻ جو شوق جاڳيس. انگريزيءَ جا خط ٿوريءَ ڪوشش سان پڙهي ويندو هو. مسلمانانِ عالم سان عموماَ ۽ حرمين جي رهاڪن سان خصوصاَ گهڻي محبت هئس. اهوئي سبب آهي جو جڏهن عربستان ۾ ڏڪار پيو هو، تڏهن پير صاحب تمام گهڻيون ڪوششون وٺي، سنڌ مان، هزارين مڻ اناج ۽ هزارين رپيا چندو گڏ ڪري، عربستان پهچي، اتي جي متاثرين ۾ تقسيم ڪيو. شاعريءَ سان ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي هئس. سندس ان ئي اشتياق ڪري، ٽنڊي سائينداد ۾ هڪ ”انجمن الشعراء“ برپا ڪيائين، جتي هفتي هفتي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. پير صاحب جو ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان آهي. پنهنجي ڪلام ۾ محبوب کي ڪڏهن به چنگيز، ڪافر، ظالم وغيره نه سڏيائين، بلڪه جن شاعرن محبوب جي شان ۾ گستاخي ڪئي ٿي، انهن تي به اعتراض اٿاريائين. افسوس جو ٽنڊي سائينداد جي خشڪ ماحول جي اثر ۽ زماني جي مصروفيتن جي ڪري، زندگيءّ جي آخري حصي ۾ ڪيترن ئي سالن تائين سندس طبيعت شاعريءَ ڏانهن راغب ئي نه ٿي سگهي ھئي. اهوئي سبب آهي جو سندس بياض بلڪل ضعيف حالت کي پهچي چڪا هئا. جن جي هاڻ ڪا به خبرچار ناهي. پير صاحب سياست ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪيو. پير عبدالستار جان سرهندي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ’"خلافت تحريڪ" سان ڪيو. هن خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ پرخلوص ۽ سرگرم ڪارڪن هئڻ ڪري، چوٽيءَ جي خلافتي اڳواڻن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. ’"خلافت تحريڪ" دوران انگريزن امن سڀائي عالم مولوي فيض الڪريم کان "تحقيق الخلافت" نالي هڪ فتويٰ جو رسالو لکارائي، هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته خلافتي عالمن ان فتويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. پير عبدالستار جان سرهندي خلافتين جو ساٿ ڏيندي ان فتويٰ کي رد ڪرڻ جي تصديق ڪئي، پر هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ مالي مدد پڻ ڪئي. خلافت کانپوءِ "جمعيت العلماءِ" سان وابسته رهيو، جنهن ۾ سندس حيثيت صوبائي اڳواڻ جهڙي هئي. ۱۹۲۵ع ڌاري سائين جي ايم سيد سان واقفيت ٿيس. ۲۸ جنوري ۱۹۳۹ع تي سنڌ مسلم ليگ جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر منتخب ٿيو. سنڌ مسلم ليگ جي ان صوبائي گڏجاڻي جي صدارت حاجي عبدالله هارون ڪئي هئي. قائد اعظم محمد علي جناح، سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ ۱۹۴۰ع جي آخر ڌاري مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪرڻ ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ پرائمري مسلم ليگي شاخون قائم ڪرڻ لاء جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي، پير عبدالستار جان سرهندي ان ڪميٽي جو ميمبر هو. سندس ڪلام تخيل سان ڀرپور ۽ نهايت روان آهي. ڪـافـي ۽ غزل جـي صـنـفن تي وڌيڪ طبع آزمـائـي ڪيائين.شاعري ۾ "پير" جو تخلص ڪتب آندائين. پير عبدالستار جان سرهندي، ۱ جمادي الثاني ۱۳۸۶هه مطابق ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۶۶ع تي وفات ڪئي. کيس گنجي ٽڪر جي دامن ۾ مقبره شريف قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو. کيس ستن فرزندن هر هڪ پير غلام فاروق جان، پير غلام عثمان جان، پير غلام صديق جان، پير اسدالله جان، پير خليل الله جان، پير ڪليم الله جان ۽ پير مسيح الله جان جو اولاد ٿيو.

پير آغا عبدالستار جان سرهندي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو؛

ڪافي

لهه سندم سهڻا سنڀار، نينهن ٿو مون کي نهوڙي،

قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پئمان پار،

وصل جا وعدا ڪري پوءِ تون وري سي نا وسار_

ماريو مون کي وڇوڙي.

روز شب، ويٺي ستي، آ يادگيري تنهنجي يار،

دل کي دم دم تنهنجي صورت جي رهي ٿي سار يار_

وِره ويو مون کي وڪوڙي.

آءٌ نه هڪ آهيان اڃايل، عشق ۾ عاجز اپار،

منجهه انهيءَ ميدان ماريا، برهه بيحد بيشمار_

”پير“ جهڙا ڪئين ڪروڙي.

*************************************************

غزل

جڏهن جانچي ڏٺم ساري خدائي،

نظر مون کي فقط هڪ ڳالهه آئي.

ڪمينن ۾ وفاداري نه آئي،

اصيلن ۾ نه آهي بيوفائي.

ٻه چيزون ٻن ۾ خالق ڪين خلقيون،

چڱن ۾ بد ۽ بڇڙن ۾ چڱائي.

ڪمينا قرب ڪن ظاهر زباني،

اندر هڪڙي ٻهر ٻي ڪن ٻيائي.

ڪمينن سانه رکجي قرب قلبي،

ڪرڻ گهرجي نه تن سان آشنائي.

پري رهجي نه رکجي پيار تن سان،

نه آهي چال ۾ جن جي چڱائي.

ڪجي قربان پنهنجي جان تن تان،

رکن جي صاف سهڻا ٿا سچائي.

پڄاڻان تجربي هي شعر جوڙيم

زماني زهر جي چٽڻي چکائي.

************************************************

غزل

مشتاق يار موهين، بانڪن ڀنڀن ۾ ڇا ٿئي؟

ونگيو وٺن ويچارا، ڪارن ڪنڍن ۾ ڇا ٿئي؟

آبِ حيات ناهين ڪوثر به ڪين، ليڪن،

بخشين ٿو زندگاني، لعلن لبن ۾ ڇا ٿئي؟

هيڪر کسي ٻيهر ڏي يعقوب جي اکين کي،

نورِ نظر، اي يوسف! چئو پير هن ۾ ڇا ٿَئي؟

عيسيٰ مئا جياريا، تو ماريا بظاهر،

”موتوُ“ مئا جياريا، سهڻا سخن ۾ ڇا ٿَئي؟

دنيا ۾ رد هرڪو آهي عذاب اوکو،

پر درد تنهنجو درمان، ڏاڍا ڏکن ۾ ڇا ٿَئي؟

ظاهر ۾ باهه وانگر گرچه ٻرن ٿا ليڪن،

ٺارن هِنيون مِٺيءَ سان، ڳاڙهن ڳلن ۾ ڇا ٿَئي؟

اسرار عشق وارا محبوب پاڻ ڄاڻي،

پوي ”پير“ ڇو پڇين پيو، اهڙن ڪمن ۾ ڇا ٿَئي؟

**************************************************

غزل

محبوب ماهه صورت ڪو بي وفا نه آهي،

ماڻا مٺي جا آهن، ليڪن جفا نه آهي.

شاعر شڪايتون ٿا بيجا بڪن مدامي،

دراصل دلبرن ۾ ڪائي خطا نه آهي.

تشبيهه تنهنجي قد جي شمشاد ساڻ ڪن ٿا،

شمشاد ۾ ٽلڻ جي توصيف ڪانه آهي.

تنهنجي مٺن چپن کي مرجان پيا چون ٿا،

مرجان ۾ لطافت ميٺاج سا نه آهي.

ڪنهن دم چون ته آهي پيارو پريءَ جي پيڪر،

ليڪن پريءَ ۾ اهڙو ناز و ادا نه آهي.

تصوير تنهن صنم جي دل ۾ رکي جو دائم،

تنهن کان پرين پيارو هڪ پل جدا نه آهي.

آغاز عشق جي ۾ هي حال ”پير“ جو ٿيو،

اڳتي هلي ٿئي ڇا، تنهن جي ڪٿا نه آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا