; سنڌي شخصيتون: پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

11 April, 2024

پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي

پير آغا حاجي عبدالستار جان سرهندي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



حضرت مجدد الف ثاني خواجه شيخ احمد سرهندي رحه جي اولاد مان ٻارهين پۡشت تي، پير آغا عبدالرحمان جان سرهندي هو، ان جو پوٽو ۽ پير آغا محمد حسن جان سرهندي جو ٻيو نمبر فرزند، پير آغا عبدالستار جان سرهندي ۱۸۹۳ع مطابق ۱۳۱۱هجري ۾ موجوده ٽکڙ يعني وسي ملوڪ شاهه (ٽنڊي محمد خان) ۾ پيدا ٿيو. خواجه عبدالرحمان جان سرهندي جن جو پنهنجي هن پوٽي سان تمام گهڻو قرب هوندو هو. کيس سڄو ڏينهن پنهنجي دوش مبارڪ تي سواري ڪرائيندا هئا. خوش طبعيءَ جي نموني ۾ پۡڇندا هئس ته ”تو چنين و چنان هستي“ ته پاڻ يڪدم طوطلي زبان ۾ چوندو هو ته ”تو چنين و چنان هستي.“