زيب ڀٽي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
پروفيسر "زيب" ڀٽي جو
اصل نالو قادر بخش ڀٽي ۽ سندس والد جو نالو گل محمد ڀٽي آهي. زيب ڀٽي ۱۰ مارچ ۱۹۳۲ع تي ٽنڊو محمد خان جي خواجه
محلي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ميونسپل پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل
ڪري، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مان بي.اي (آنرس) ڪرڻ بعد سنڌي ادب ۽ اردو ادب ۾ الڳ الڳ ايم اي جون ڊگريون حاصل
ڪري تعليم کاتي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. تعليمي خدمتن سان گڏوگڏ ادبي خدمتن ۾ به پنهنجو
پاڻ ملهايائين. بهترين نثرنويس، ڪهاڻيڪار ۽ ڀلوڙ شاعر هئن سان گڏ سُٺا لباس پهرڻ،
سُٺا کاڌا کائڻ ۽ سيروسياحت سندس پسنديده مشغلا رهيا.
پاڪستان جي چئني صوبن سميت
بنگلاديش، ايران، سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ جا سير وسفر ڪري اتان جي ماحول، رهڻي ڪهڻي،
ريتن رسمن بابت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين. ٽنڊو محمد خان جي
بوائز ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپل هئڻ وقت ڪاليج اندر علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي
خۡوب هٿي وٺرايائين. اتان ئي سرڪاري ملازمت مان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. علم جي اُڃ
اجهائڻ خاطر ڪجهه ڪتاب لکيائين، جن مان سندس ٻه ڪتاب ”سنڌي ادب جي سڳنڌ " ۽
”سنڌي ادب جي سرهاڻ“ ايم.اي سنڌي جي ڪورس ۾ شامل رهيا. ان کانسواءِ ”مورتي“، ”سرهندي
خاندان جي تاريخ“، ”وارن جي سنوار تائين“، "سۡر ڏهر"، "پۡڇا
ڳاڇا" ۽ هڪ شاعري جو مجموعو لکيل اٿس. سندس لکيل "سرهندي خاندان جي
تاريخ" ۽ سندس شعري مجموعو ڇپجي نه سگهيا ۽ مبينه طور گۡم ٿي ويا. باقي سندس
ٻيا ڇپيل ڪتاب هن وقت اڻلڀ آهن. ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت، سگا، اداره گلشن
ادب ۽ اداره روشن ادب جي بانيڪارن ۾ شامل هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو
ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري رهيو. پروفيسر زيب ڀٽي گهڻو عرصو دماغي بيماري ۾ مبتلا رهڻ
بعد ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۳ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي. سندس شاندار لائبريري سندس خواجه پاڙي واري
گهر ۾ قائم ٿيل هئي، هن لائبريري ۾ قلمي نسخن سميت ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود
هو، جنهن مان ڪيترائي نوجوان لاڀ حاصل ڪندا هئا. سندس عادت هئي ته هۡو ڪنهن کي به
ڪتاب ٻاهر کڻي وڃڻ نه ڏيندو، سندس چوڻ هوندو هو ته منهنجي لائبريري ۾ ويهي مطالعو
ڪريو. زيب ڀٽي پنهنجي حياتي جي آخري حصي ۾ بيماري سبب پنهنجي ذاتي لائبريري جو کوڙ
ذخيرو مخدوم بلاول سائنس ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي "شهيد شاهه عنايت
لائبريري" کي عطيي طور ڏئي ڇڏيو، باقي سندس استعمال ۾ ڪجهه ڪتاب وڃي رهيا،
جيڪي به سندس وفات بعد سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري ضايع ٿي ويا.
زيب ڀٽي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي
ٿو:
نظم
نيڻ نرمل، تون،
چهرو ڪومل، اجنتا ۽ ايلوار،
سرير شيتل، جي غارن ۽ غفائن،
چال چنچل، جي ديوي_!
محسوس ڪيم، دجلو دريا،
ويجهو ويهي، نيل ندي،
بدن جو ڇهاءُ، گنگا، جمنا،
ڪومل بدن، سنڌوءَ جي،
چنچل پون، جل ٿل ۾،
من تنهنجو، ڌوتل پوتل،
من منهنجو، گل بدن،
پاڳل پاڳل، مٽيءَ جو گهڙيل،
آهي ازل کان، چاهت جو جُڙيل،
تنهنجو،
گهايل گهايل.
تنهنجي سيتليا، تون پايل،
تنهنجي سندرتا، تون جهنڪار،
جڳ جڳ کان، تنهنجي پير ۾،
جوت جلائي، جنم جنم جي،
مون کي، پايان پڪار!
اونداهيءَ ۾، تون سر سنگيت،
روشنيءَ جي، منهنجو گيت!!
ڏِسَ ڏيکاري. منهنجو ميت!!
*************************************************
ٽيڙو
وڇڙيا ورندا ڪيئينءَ،
ويرون اينديون وينديون،
وڇڙيا ورندا اِيئينءَ.
*************************
ورهن وڇوڙا ويندا وسري،
نيٺ ته ملنداسين،
نينهن سمورا ايندا نسِري.
*************************
ڪاڪ ڪڪوريل راج محل،
جسم جرڪي جيئن،
چهرو تنهنجو تاج محل.
************************
پيڻ تي اچان زهر پي وڃان،
تولئه پرين،
پل ۾ مران، پل ۾ جيئان.
*************************
اهو تنهنجو حُسن ۽ اَدا،
مرگهه نيڻا ۽ شرابي،
پل به مون کان ٿي نه جدا.
*************************
تو بن ڪيئن جيون گهاريان،
ڏياٽيون ٻاري،
تولئه ويٺو جيون جوت جياريان.
*************************
پن ڇڻ پڄاڻان تون موٽي
ويندينءَ،
تولئه نيڻ وڇائي وهندس،
لهرن وانگر تون وَر وَر ڏيئي
ايندينءَ.
************************
رم جهم رُت سانوڻ جي آئي،
اکيون ميگهه ملهار،
ويا وڇوڙا، آس ملڻ جي آئي.
************************
ساوڻ رُت جهڙا تنهنجا رنگ،
ڪاڪل ڪاري گهٽا،
من ۾ اُڀريا منهنجا امنگ.
************************
ڪينجهر ڪناري سونو روپو جَل،
ڇوليون ڇلڪيون،
پاڻيءَ پلٽيو ڳاڙهو رَت اُجل.
************************
تولاءِ لکان ويٺو پنهنجا گيت،
پريم جي گيت،
تو لاءِ لکان ويٺو منهنجا گيت،
ميت
*************************
سيني اندر سِنڌو، من اندر
مهراڻ،
لهرن لک لباس،
ڇوليون ٿيون ڇلڪن، سونهن اندر
سرهاڻ.
*************************
ٽُٽَل چوڙين جا ٽُڪر، ميڙي هٿن
۾،
مُٺ ڀيڙي ڇڏي تو،
ڄڻ رَت رڱيل لاش، ويڙهي ڪفن ۾.
No comments:
راءِ ڏيندا