; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار علي ڀٽو - ۳

13 April, 2024

ذوالفقار علي ڀٽو - ۳

ذوالفقار علي ڀٽو - ۳

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

هڪ ڪرشماتي شخصيت، هڪ سحرانگيز ماڻهو

ڊاڪٽر علي رضا قاضي



اها ۴ اپريل ۱۹۷۹ جي اڀاڳي رات هئي، جڏهن ملڪ جي محبوب اڳواڻ، دنيا جي ڪرشماتي شخصيت ذوالفقار علي ڀٽي کي تخت دار تي لڙڪايو ويو. ان سڄي عمل ۾ ڪجهه منٽ لڳا، جلد ئي هن جي جسد خاڪيءَ کي ڳڙهي خدا بخش ڏانهن نيو ويو، جيئن هن جي جسم کي تڪڙو تدفين ڪئي وڃي. بظاهر اهو ظالماڻو عمل هو، ساڳي ريت هڪ شاندار حياتيءَ جي پڄاڻي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي خواهشون لڪل هيون. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ شخص جو عدالتي قتل نه هو، پر عوام جي امنگن کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.


ذوالفقار علي ڀٽي کي جولاءِ ۵، ۱۹۷۷ تي اقتدار تان لاٿو ويو هو. هن جو عروج ۽ زوال به ڏسڻ وٽان آهي، هڪ ڪرشماتي شخصيت، سحرانگيز ماڻهو، جنهن جي مرڻ کانپوءِ به هن جي شخصيت جا پاسا ٺيڪ طرح نروار نه ٿي سگهيا آهن! ملڪ اندر هن وقت به سندس ڪروڙين مداح آهن، جن کي پڪ آهي ته هو جمهوريت جو دفاع ڪندي سولي تي چڙهي ويو. هنن کي يقين آهي ته ڀٽي وٽ آڻ مڃي، جان بچائڻ جا سوين گس هئا، پر پاڻ موت جي ڏکئي پيچري جي چونڊ ڪئي. سندس نقاد هن کي هڪ سول آمر سڏين ٿا، جنهن جمهوريت کي سول آمريت هيٺ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پڻ ڪئي هئي.

ڀٽي صاحب جي مرتيي کان بعد هن جي حياتيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. يقين سان ايندڙ وقت ۾ هن مٿان اڃا گهڻي تحقيق ٿيندي. سال ۲۰۰۷ ڊسمبر جي مهيني ۾ هن جي پنڪي (شهيد محترمه بينظير ڀٽو) جي المناڪ وڇوڙي کانپوءِ سندس ڏندڪٿائي شخصيت هڪ نئون ۽ وسيع روپ اختيار ڪيو. اسان ان ڀٽي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جيڪو ۱۹۷۰ جي سال ۾ اٽالين صحافڻ اوريانا فلاسي کي انٽرويو ڏيندي ايترو ته جذباتي ٿي ويو، هن کي پاڻ تي ضبط نه رهيو، هو مجيب الرحمان ۽ اندرا گانڌيءَ لاءِ اڻ وڻندڙ لفظن جو استعمال ڪري ويٺو. ڀٽي صاحب جي ان گفتگو، اوريانا فلاسيءَ کي حيران ۽ ششدر ڪري ڇڏيو. انٽرويو پورو ٿيو، اوريانا فلاسي هلي وئي؛ پويان ڀٽي کي احساس ٿيو، هن اٽليءَ ۾ موجود سفارڪارن کي چيو ته “فلاسيءَ کي ڳولهي پيغام ڏيو ته انٽرويو واپس وٺي.” اها ڳالهه هن جي اندر ۾ ويٺل هڪ معصوم انسان جيان هئي، جيڪو ڪنهن کي ڏکوئڻ نه چاهيندو آهي. فلاسيءَ جي انٽرويو ۾ ڀٽو اهو ئي ظاهر ٿيو، جيڪا حقيقي طور هن جي شخصيت هئي. هن جي حياتيءَ جا اهي پهلو، جيڪي اڳتي هلي آمريڪي اسڪالر اسٽينلي وولپرٽ جي ڪتاب Zulfi Bhutto of Pakistan ۾ نروار ٿيا. وولپرٽ ان کان اڳ ننڍي کنڊ جي ٻن وڏين شخصيتن جناح ۽ گانڌي تي ڪم ڪري چڪو آهي. شهيد ڀٽو تي تحقيق لاءِ وولپرٽ کي هن جي خاندان طرفان ان جي لائبرري ۽ ضروري دستاويزن تائين رسائيءَ سميت هر قسم جون سهولتون ڏنيون ويون، نتيجي ۾ وولپرٽ جو مطالعو ڀٽي جي ڪردار بابت حقيقي تحقيق آهي. وولپرٽ جو تجزيو ٻڌائي ٿو ته اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀٽي جو پاڪستان پهچڻ ۽ پوءِ هڪ پختي سياستدان ٿيڻ تائين اڻ کٽ عنصرن جو شامل هجڻ آهي.

۱۹۵۰ جي شروعات ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو تعارف هڪ اهڙي روشن خيال قانون جي پروفيسر جو هو، جيڪو عملي حياتيءَ ۾ قانون جي نفاذ لاءِ مسلسل جهدوجهد ۾ آهي. ۱۹۵۸ ۾ هن کي ملڪ جي قانون جي وزير جي وزارت ملي، اسڪندر مرزا جي سرپرستيءَ ۾ هو خوش هو، اهو سڀ ڄاڻيندي ته جمهوريت لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ نه پيو ٿئي، ڪجهه وقت اندر ئي جڏهن ايوب خان طرفان سڪندر مرزا کي هٽايو ته هن به پنهنجو وفاداريون تبديل ڪري ورتيون. اسڪندر مرزا جي باري ۾ جڏهن هن جي پٽ همايون مرزا سوانح عمري لکي ته ان ۾ هن لکيو ته، “منهنجي بابا (اسڪندر مرزا) پهرين ملاقات ۾ ئي ڀٽي جي تعريف ڪندي چيو ته ڪابينا ۾ نوجوان وڪيل جي وزير طور شموليت ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي.” جواب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي، اسڪندر مرزا جي مهرباني مڃي ۽ هن ڏانهن هڪ نياپو موڪليائين ته “تاريخ لکندي ته اسڪندر مرزا نهايت وڏو ماڻهو هو، پاڪستان جي باني محمد علي جناح کان به وڏو انسان..... آڪٽوبر ۱۹۵۸ ۾ مرزا پنهنجي گهرواري ناهيد سان برطانيا طرف جلاوطن ڪيو ويو. ڀٽي وري ڪڏهن به اسڪندر مرزا جي ڳالهه نه ڪئي، هو ايوب خان سان ڳنڍجي ويو هو. پورا اٺ سال هو مختلف وزارتن جنهن ۾ واپار، صنعت ۽ قدرتي وسيلن جون وزارتون شامل آهن جو وزير رهيو. ان وچ ۾ هن ڪڏهن به پوئتي نه نهاريو، هن جي من ۾ اڳتي وڌڻ جي شديد خواهش پروان چڙهي رهي هئي.

سال ۱۹۶۰ ۾ ڀُٽي سوويت يونين سان توانائيءَ جي هڪ معاهدو ڪيو. هي اهو قدم هو، جنهن جي هر پاسي کان تعريف ڪئي وئي. ۱۹۶۳ ۾ جي شروعات ۾ هو محمد علي بوگره جي موت کانپوءِ ايوب خان حڪومت ۾ پرڏيهي وزير ٿي ويو، ساڳي وقت تي ڪنوينشن مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. هن تجويز ڏني ته ايوب خان تاحيات صدارت جي پدَ تي فائز رهي. ڀٽي جي زندگيءَ تي تحقيق ڪندڙ هن جي ان وقت کي طاقت جي حوالي سان بهترين دؤر قرار ڏين ٿا، جڏهن ته هن جا مخالف اڄ به ان عرصي کي سٺو نه ٿا سمجهن، جنهن ۾ هو آمريت نواز سياستدانن جي پهرين صف ۾ بيٺو هو....... ۽ پوءِ ڪجهه ئي وقت ۾، جهڙي ريت وولپرٽ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ڀٽو ڳالهين کي سمجهڻ لڳو ته هو نجي محفلن ته ڪٿي سرِ عام پڻ ايوب خان جي مٿان تنقيد ڪندو هو. تاشقند ۾ جنوري ۱۹۶۶ جي رات دير سان سيڪريٽري خارجه عزيز احمد، ڀُٽي کي چيو `The bastard is dead` جنهن تي ڀٽي هن کان پڇيو ڪير؟ ڄڻ هو پڇندو هجي ’ايوب خان‘ پر عزيز احمد جو اشارو ڀارتي وزير اعظم لال بهادر شاستري طرف هو. وولپرٽ جي مطابق ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور اعتماد سان ۱۹۷۱ ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن هن پوري ڪوشش ڪري ۹۳ هزار قيدي فوجين کي هندستاني جيلن مان آزاد ڪرايو، هي ملڪ تي ڏکيا ڏينهن هئا. پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هو. ڀٽي جي اڳيان تمام گهڻيون تلخ حقيقتون ۽ مسئلا هئا، جن کي حل ڪرڻ لاءِ هن کي گهڻو ڪم ڪرڻو هو. ان کان اڳ ماڻهن جي اڪثريت سمجهي رهي هئي ته پاڪستان ۾ تباهي جي سببن ۾ هو به شامل هو. اهو تنقيدي خيال، ڀٽو، پاڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. جڏهن به ملڪ ٽٽڻ جي ڳالهه نڪتي هن مجيب سميت سڀني کي ان جو ذميدار قرار ڏنو. بنگال ۾ ويڙهه، ماڻهن جي مرڻ جو هن کي افسوس ٿيو، نتيجي ۾ هن فيصلو ڪيو ته اولهه پاڪستان ۾ قيد مجيب الرحمان کي آزاد ڪجي، پنڊيءَ جي چڪلاله ايئرپورٽ تي جڏهن جهاز مجيب الرحمان کي کڻي اڏامڻ لڳو ته هن هيٺ ڪنڌ ڪري ڀڻڪو ڪيو: “بلبل اڏامي وئي.”

ڪتاب Zulfikar Ali Bhutto and Pakistan، ۱۹۶۷-۱۹۷۷ ۾ رفيع رضا لکيو ته “سال ۱۹۶۷ کان ذوالفقار ڀٽي، جي اي رحيم، معراج محمد خان، عبدالحفيظ پيرزادي ۽ ٻين سان ملي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو. اهو نومبر جو مهينو هو، ڀٽو، هڪ سال کان مٿي عرصو حڪومت کان ٻاهر رهندو پئي آيو، ايوب خان هن کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو. جولاءِ ۱۹۶۶ کان نومبر ۱۹۶۷ تائين هڪ گهٻرايل ڀٽو، اسان جي اڳيان هو. هن جي مطابق ايوب خان تاشقند معاهدي ۾ ملڪ سان غداري ڪئي هئي. ان وچ ۾ ايوب خان مسلسل پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ واڙي رهيو، هو. هو ڀٽي جي معاملي ۾ ائين ڪري سگهي پيو. آخرڪار ائين ٿيو، نومبر ۱۹۶۸ ۾ ڀٽي کي ٽن مهينن جي جيل ياترا ڪرڻي پئي، پر ان جي وچ تي هو پارٽيءَ کي مضبوط ڪري چڪو هو.” هڪ اهڙي پارٽي، جيڪا ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي هئي. هن جي اڳواڻ سان ماڻهو بيحد پيار ڪري رهيا هئا، سياسي وابستگي عقيدت جون حدون ڇهي رهيون هيون ته هن کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو. مارشلا جي ذريعي جمهوري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ڀٽي کي جيل ۾ وڌو ويو. قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو. سپريم ڪورٽ ۾ شنوايون ٿيون، هن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.`If I am assassinated` ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽي جو لکيل آهي، جنهن جي باري ۾ هندستاني صحافي پران چوپڙا لکيو ته “هن هڪ شاندار ذهن سان تاريخ سان مڪالمو ڪيو ۽ ترقي پذير دنيا جي دلچسپ ملڪن مان هڪ جي باري ۾ هو پنهنجي منفرد تجربن جو اظهار ڪيو آهي.” هو ڪهڙي ريت پاڪستان جي سياست ۾ آيو، ڪنهن جي مدد سان آيو، آخر ۾ ڪنهن هن کي رستي جو ڪنڊو سمجهي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين هن جي شخصيت جيان ‘معمو’ بڻيل آهي. سال ۲۰۱۱ ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ، ڀٽي جي خون سان انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي هئي، جنهن لاءِ ڪجهه وقت اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جون شنوايون شروع ٿيون، آخرڪار فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته “اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، ڀٽو جي ٽرائل ۾ بنيادي حقن تي عمل نه ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جيچيف جسٽس محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ۹ رڪني بينچ جي اها متفقه راءِ آهي ته ذوالفقار ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، جيستائين غلطيون تسليم نه ڪنداسين پاڻ کي درست نه ٿا ڪري سگهون.”

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

بحري باز جهرڪين ‘هٿان’ جهپجي ويو!

امر رائيسنگه راجپوت

اڄوڪي ڏينهن تي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي اُميدن جو ڏيئو اُجهاڻو هو. هر طرف اونداهي ڇائنجي ويئي هُئي ڇوته پِنڪيءَ جو پيءُ پنڊيءَ جي پاور فُل ماڻهن هٿان مارجي ويو هو. اُن ڏينهن لاڙڪاڻي کان وٺي لاهور تائين هر ماڻهوءَ جي اک آلي هُئي. هر ماڻهوءَ کي هن سياسي ناحق قتل تي نه رڳو افسوس هو پر ڪاوڙ به هُئي. اڄوڪي ڏينهن تي اُھو مور ماراڻو هو جنهن جي سُونهن ڏسي دُنيا سرهي ٿيندي هُئي. جنهن جي اُٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز جي سموري دُنيا ديواني هُئي. جنهن جي هڪڙي ساحرانه جهلڪ پَسي ستن ڏينهن جي بُکايلن جي بُک ختم ٿي ويندي هُئي ۽ اٺن پهرن جا اُڃايل هن جي اکين جي تلائن مان اُميدن جُون تڪون ڏيندا هُئا. ماڻهو هُن جي چهري مان ڍؤ ڪندا هُئا ڇو ته اُهو ماڻهن جي دلين جو ديوتا هو. هُن ڄاتو ٿي ته پورهيت عوام جي دُکن جو درمان ڪئين ڪجي؟ ڪيئن جنتا جي جِيءَ ۾ جاءِ جوڙجي؟ هُو پاڪستان جو واحد سياسي اڳواڻ هو جنهن عوام کي طاقت جو اصل سرچشمو ڪري مڃيو. هُو هارين جي حقن لاءِ لڙيو هو ته نارين سان به نياءُ ڪيائين. هُو اقليتن جي اُميدن جو سج هو ته اڪثريت جو به وڏو خيال رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. هُن مزدور يونين بحال ڪري اُنهن جي مسئلن جو حل ڪڍيو. اڄوڪي اڀاڳي ڏينهن تي اُهو شينهن گيدي گدڙن هٿان ماراڻو هو جنهن جي گرجدار آواز تي اقوام متحده جي ايوان جُون گگن ڀيدي ديوارون ڌُڏي ۽ لُڏي وينديون هُيون. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي اڀاڳي اسر ويل اهو باز جهرڪين هٿان جهپجي ويو هو، جنهن جي اُوچين اُڏارن جو آواز ٻُڌي دُنيا دنگ رهجي ويندي هُئي. هُو عوام جي دلين جي ترجماني ڪرڻ وارو دلير رهنما هو. هُن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي عوام کي اَٽي، لٽي ۽ اَجهي جو نه رڳو نعرو ڏنو پر اَٽو، لٽو ۽ اَجهو مهيا به ڪري ڏنو. هُو عوام جي اُهنجن کي پنهنجا اُهنج سمجهندو هو. هُن جي سياسي تاريخ جيڏي تابناڪ هُئي، ايڏي ئي ڪربناڪ به هُئي. هُن جتي جيل سَٺا، اُتي ڦاسيءَ تي جهولي ويو. هُن عوام جي مفادن تي ڪوبه سمجهوتو ڪرڻ نٿي چاهيو. هُن چاهيو ٿي ته مُنهنجو مُلڪ دُنيا ۾ اوچو ڳاٽ کڻي جيئي. هُن چاهيو ٿي ته منهنجي عوام جو عزتِ نفس ڪڏھن به مجروح نه ٿئي. هُن جو خواب هو ته اسين آئي ايم ايف کان ڪابه خيرات نه گُهرون. هُن ڪوششون ڪيون ته اسان جو مُلڪ پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ دُنيا ۾ عزت ۽ آبرُو جي نگاه سان ڏٺو وڃي. ان ڪري هُن ڪڏھن آڻ نه مڃي. هُن غُلاميءَ کي گار سمجهي پنهنجي آن بان ۽ شان خاطر ڦاهيءَ جي ڦَندي کي مُرڪي قبول ڪيو. هُو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده جاويد آھي.

۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي ڳڙھي خُدا بخش جي گڙنگ سياستدان سر شاهنواز ڀُٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ راڻو هو. هُو نه رڳو برِ صغير جو بُردبار اڳواڻ هو پر سموري دنيا جو عظيم ليڊر هيو جنهن مسلم دُنيا جي اڳواڻن کي گڏ ڪري اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي مغرب جي مُنهن ۾ سَر وجهي ڇڏيا هُئا. اُن اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ۳۲ اسلامي مُلڪن جو سربراهه چونڊيو ويو هو. هن پاڪستان کي خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري وڏي جدوجهد ڪندي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪڙو مثال قائم ڪري ڇڏيو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اڻٿڪ ڪوششون ورتيون. هن ملڪ ۾ روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ڪيا. هُن پاڪستان کي دُنيا جي منڊين سان ڳنڍڻ جي لاءِ قاسم پورٽ ۽ اسٽيل مِل جھڙا ميگا پراجيڪٽ قائم ڪرايا. هُن زراعت ۾ تمام وڏو انقلاب آندو. هُن ۵ مرلا جھڙيون عوام دوست اسڪيمون آڻي غريبن جي خُوب مدد ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو مُلڪ کي ھلائڻ لاءِ ۱۹۷۳ع جو آئين ڏنو، پنهنجن شاندار پرڏيهي پاليسين ذريعي ذوالفقار علي ڀٽو ٻاھرين ملڪن سان دوستاڻا ناتا قائم ڪيا، پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ جو بُنياد به شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو یونیورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا، لاس اينجلس ۾ ۱۹۴۷ع کان ۱۹۴۹ع تائين زير تعليم رهيو، هُن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، بارڪلي مان ۱۹۵۰ع ۾ بي۔اي جي ڊگري ورتي ۽ يونيورسٽي آف آڪسفورڊ، برطانيا مان ايم۔اي جي ڊگري ۱۹۵۳ع ۾ حاصل ڪري ورتي. ساڳي سال هُن لنڪنز اِن، لنڊن مان بار ايٽ لا ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو تمام گهڻ پڙھيو ۽ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ نظريو هو جيڪو قيامت تائين عوام جي دلين ۾ زنده جاويد رھندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون مُلڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هُن مُلڪ کي ائٽمي پروگرام ڏيئي سدا لاءِ تحفظ فراهم ڪيو. اڄُ دُنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسڻ جي جُرئت نٿي ڪري سگهي اهو سمورو ڪريڊيٽ مُلڪ جي پهرين چُونڊيل وزيراعظم ڏانهن وڃي ٿو، پر افسوس اهو آھي جو مُلڪ دُشمن عناصرن کان اهڙو هيرو برداشت نه ٿيو. اڄ جيڪڏھن ڀُٽو زنده هُجي ها ته پاڪستان دُنيا ۾ شايد سُپر پاور هُجي ها ڇو ته هُن جيڪو اسلامي بلاڪ ٺاهي جيڪي ڪوششون وريتون پئي ان حساب سان پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه پئي سگهيو. ڀُٽي جو اهو قدم آمريڪا جي اک ۾ ڪٽر وانگي کُٽڪي پيو هو. قائد عوام جي موت جو اصل ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو. بهرحال جيئن به هُجي مُلڪ هڪڙي عظيم ليڊر کان محروم بڻجي ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

ذوالفقار علي ڀٽو

جي ڦاهي به عدالتي معاملن ۾ مداخلت جو نتيجو هئي

ايڊيٽوريل

اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۴۵ هين ورسي آهي جنهن کي ضياء الحق جي ڪاري مارشل لائي دور ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاهي ڏني وئي هئي. جيتوڻيڪ ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي کي پهرين ڏينهن کان ”عدالتي قتل“ قرار ڏنو ويو هو پر هن سال قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس واري دور ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ قانوني ۽ آئيني طور تسليم ڪيو آهي ته عدالت ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄوڪي ورسي ان اعتراف جي حوالي سان يادگار آهي.

اهو به اتفاق آهي ته اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته ان موقعي تي سپريم ڪورٽ اندر عدالتي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي نشاندهي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي فل ڪورٽ قائم ڪري ٻڌڻي شروع ڪئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته عدالتي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت جو سڀ کان وڏو ڪيس خود ذوالفقار علي ڀٽي جو آهي. ان کان اڳ به ملڪي تاريخ ۾ عدالتي معاملن اندر ٻاهرين مداخلت ٿيندي رهي آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو کي به هڪڙن سياسي ۽ سامراجي مفادن تحت ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڦاهي ڏني وئي ۽ ان ۾ عالمي توڙي ملڪي طاقتن جو هٿ هو. پ پ جي ۲۰۰۸ واري حڪومت ۾ جڏهن آصف زرداري صدر بڻيو هو ته ان پنهنجي ان صدارتي دور ۾ ڀٽو جو ريفرنس ڪيس ٻيهر کولڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن تي هن سال ۲۰۲۴ ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ٻڌايو ته اتفاق سان ان وقت به آصف زرداري ئي صدارتي عهدي تي براجمان آهي.

سو اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي وري ملهائي پئي وڃي ته هُو هاڻي عدالت طرفان به ان قتل ڪيس مان سرخرو ٿي چُڪو آهي تنهن ڪري پ پ وارن اهو مطالبو ڪيو هو ته هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور به ”شهيد“ جو لقب ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ثابت ٿي ويو آهي ته اهو عدالتي قتل هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

ذوالفقار علي ڀٽو

پنڊي وارن تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجو!

تحرير: عبدالوهاب منشي

سال ۲۰۰۷ع ۾ بي نظير ڀٽو جي شهادت جي صبح، اسان ٻئي پيءُ پٽ ڊائيننگ ٽيبل تي غمگين حالت ۾ ناشتي لاءِ ويٺا هياسين ته پاپا چيو ته ”سندس پيءُ جو لاش به پنڊي مان آيو هو ۽ بي نظير جو لاش به پنڊي مان موڪلڻ، سنڌ لاءِ ڪو پيغام ته ناهي! اهو چئي پوءِ هو ڏکايل انداز ۾ ڪجهه دير خاموش رهي وري چوڻ لڳو ته ”ان جي ڀٽي صاحب کي به خبر هئي ته بي نظير کي به.....!

توکي خبر آهي ته وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن مري ريسٽ هائوس ۾ رهيو هو ته هن ريل گاڏي ذريعي سڄي ملڪ جو دورو ڪيو. ماڻهن سان مليو عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو. ٽرين جڏهن حيدرآباد پهتي ته گاڏي جي دروازي تي بيهي ڀٽي صاحب وڏي واڪي منشي او منشي ڪري سڏ ڪندي چيو ته اندر اچ.

مان تمام گهڻي رش سبب بوگين جي وچ مان گذرندو سندس وٽ پهچي ويس. مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، حسين شاهه بخاري، راڻو خان ڀٽو سوڌو وڏي ليڊرشپ اندر ويٺل هئي. ڀٽي کي ۷۰ ڪلفٽن پهچڻو هو. اتي هڪ هڪ ڄڻي سان مخاطب ٿي ڀٽو صاحب چوندو رهيو ته ضياءَ الحق ۽ سامراج مون کي مارڻ جو ارادو رکن ٿا. تنهن تي اتي موجود جتوئي کان وٺي ڪري ممتاز ڀٽو کيس چوڻ لڳا ته صاحب اوهان کي ڪجهه نه ٿيندو، ڀٽو صاحب شايد ان خوش فهمي جو شڪار رهيو...

پر پٽ! ڀٽي جي لاش ثابت ڪيو ته سنڌ مان جيڪو به پنڊي ويندو سو اتان زنده نه موٽندو، بي بي جي شهادت به اسان کي سيکاريو ته، سنڌيو ڪڏهن به پنڊي وارن تي ڀروسو نه ڪجو. هاڻي مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ان ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟

پر پٽ! ڀٽي جي لاش ثابت ڪيو ته سنڌ مان جيڪو به پنڊي ويندو سو اتان زنده نه موٽندو، بي بي جي شهادت به اسان کي سيکاريو ته، سنڌيو ڪڏهن به پنڊي وارن تي ڀروسو نه ڪجو. هاڻي مان پنهنجي مرحوم والد شهاب الدين منشي جي ان ڳالهه کي وصيت سمجهان يا نصيحت؟

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

مور نه مرڻو آ

تحرير: ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري

پاڪستان ۾ شهيدن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد بينظير ڀٽو، شهيد شهناز انصاري تائين سوين هزارين اڳواڻن ڪارڪنن قربانيون ڏئي ملڪ قوم ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو ويو آهي، پر ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جيڪي مختصر عرصي ۾ عوام، ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ اهم فيصلا ڪري قومن کي نئين زندگي ارپي انهن کي آسمان تي کڻي وڃي پهچائيندا آهن، اهي هميشه ماڻهن جي دلين ۾ بهار جي وڻندڙ موسم جيان وسندا ۽ گلابن جي خوشبو جيان مهڪندا رهندا آهن، اهڙا ماڻهو تاريخ جي ورقن ۾ بار بار پڙهيا ۽ تعريف ڪيا ويندا آهن، پ پ پ جي اڳوڻو چيئرمين ۽ ملڪ جو جمهوري وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مان هڪ آهي، جنهن موت ته قبول ڪيو پر ملڪ، جمهوريت، ۽ قوم جي خلاف ڪو به فيصلو قبول نه ڪيو نه وري ڪنهن وقت جي فرعون جي بعيت ڪرڻ کي بهتر سمجهيو.

۴ اپريل تاريخ جو اهڙو بدنصيب ڏهاڙو آهي، جنهن ڏهاڙي تي پاڪستان جي محسن، قوم جي رهبر ۽ مسلمانن جي عالمي هيرو کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي ملڪ کي سخت نقصان ڏنو. ۵ جولاءِ تي ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق پاڪستان ۾ جمهوريت تي راتاهو هڻي پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي هئي، آمر ضياءُ الحق ۵ جولاءِ رات جي انڌيري ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري آئين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ بعد مارشل لا مڙهي ڇڏي، کيس اهڙي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني وئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽم قوت جي تحفي سان نوازيو، عوام کي ڳالهائڻ لاءِ زبان ڏني، گهڻي ڇڪتاڻ ۽ خون خرابي کان پوءِ قاديانين کي پارليامينٽ مان ئي ٻه ڏهائي ۳ اڪثريت سان غير مسلم قرار ڏياريو.

لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي اسلامي ملڪن جو بلاڪ جوڙڻ پئي گهريو، ورلڊ بئنڪ پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ پئي گهري، عوام جي دلين جي ڌڙڪن ۽ جمهوري وزيراعظم کي اسلام اباد واري گهر تي لانگ بوٽ وارن قبضو ڪري ورتو، رات جي انڌيري ۾ ڇا وهيو واپرايو سڀ بيخبر هئا، صبح جو ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته هاڻي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت نه پر مارشل لا آهي، ضياءُ الحق ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي، عوام جي پيرن هيٺاڻ ڄڻ زمين نڪري وئي، ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ چور دروازي کان نه پر عوام جي ووٽ ذريعي وزيراعظم بڻيو هو، اهڙي عوامي حڪومت کي ائين چورن جيان رات جي انڌيري ۾ ختم ڪيو ويو اهو بدنصيب ڏهاڙو هو جنهن ڏينهن عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.

پاڪستان جي ترقي تي لت هڻي ملڪ ۽ قوم کي پوئتي ڌڪيو ويو، پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇو ختم ڪئي وئي ان جي پٺيان هڪ مائينڊ سيٽ هو، اهڙو مائينڊ سيٽ جيڪو نه پيو چاهي ته عوام خوشحال ٿئي، پاڪستان سڄو پڙهيو لکيو بڻجي، قوم جا غريب ٻارڙا سڪول وڃن هارين کي حق ملن، مظلومن سان انصاف ٿئي، پاڪستان اسلامي دنيا جي ڪمان نه ڪري، فلسطين، ڪشمير، چيچنيا ۽ بوسنيا جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي، سعودي عرب سان ملي ڪري دنيا تي راڄ ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي، فوجي ڊڪٽيٽر مارشل لا مڙهڻ بعد ملڪ ۾ ۹۰ ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ ۽ بيرڪن ۾ واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو پر بيرڪن ۾ ۱۱ سالن تائين وڃڻ جو دڳ ئي نه ورتو، ملڪ ۾ سندس ئي حڪم هلندو هو، ضياءُ الحق عوام جي ڪوڙي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي نظام نافذ ڪرڻ جو راڳ الاپيو.

هن چيو ته اسلامي نظام لاڳو ٿيڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، پر سندس اهو فريب به ناڪام ثابت ٿيو، قوم کيس سمجهي ويئي ته هي فراڊي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ اهڙا بهانا ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ اسلامي نظام ته اچي نه سگهيو پر ملڪ ۾ فرقيواريت جو ٻج ڇٽي ويو، جنهن بعد قوم ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي، لسانيت کي هوا ڏئي قومن کي پاڻ آمهون سامهون بيهاري ڇڏيو، سندس سامهون ڪير سوال ڪرڻ جي جرائت نه ڪندو هو، اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل ضياءُ الحق عوام تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، ملڪ ۾ ڪلاشن ڪوف جو ڪلچر عام ڪيو، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي هوا ڏني، هيروئن ۽ منشيات کي عام ڪيو، نوجوان نسلن کي تباهي طرف ڌڪيو، مخالفت ڪندڙن کي ڦٽڪا هڻائڻ شروع ڪيا، سڀ کان وڌيڪ ڦٽڪا پ پ جي ڪارڪنن، همدردن، عهديدارن کي هنيا ويا، جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ توڙي آمريت جي مخالفت ڪندڙن جي لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائي وئي، ايستائين جو صحافين کي به بخش نه ڪيو ويو، اخبارن ۾ قئنچي استعمال ٿيڻ لڳي، پسند جون خبرون لڳرايون ويون، ڪيترن ئي اخبارن کي تالا هنيا ويا، صحافين کي جيل جي سلاخين پويان ويهاريو ويو، صحافين جي اڳواڻي ڪندڙ منهاج برنا کي ساٿين سميت جيل ياترا ڪرائي وئي، حق سچ ذريعي قلم جي نوڪ سان لکندڙ صحافين، اديبن ۽ شاعرن جي حقن تي پڻ ڌاڙا هنيا ويا.

عدليه تي بندش هنئي وئي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ پڻ ٿي هئي جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي پر جيل ۾ رهڻ پسند ڪيو، سنڌ جي ڪيترن ئي بهادر سڏائيندڙ سياستدانن ضياءَ الحق جو ساٿ ڏنو، پر ڪيترائي اهڙا سياستدان به هئا جن سندس حمايت ته پري جي ڳالهه اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪيو، عوامي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو، کيس هٿ ٺوڪيا شاهد بيهاري سزا ٻڌائي وئي، پر جيل ۾ قيد ذولفي کان وقت جو آمر ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق ائين پيو ڊڄي جيئن پڃري ۾ قيد شينهن کان گدڙ ڊڄندو هجي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نيٺ ۴ اپريل تي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو، ائين ملڪ هڪ محسن اڳوڻ، قوم جي ليڊر ۽ غريبن جي حقيقي سرواڻ کان خالي ٿي ويو، شهيد ڀٽو جو وڇوڙو وڏو خال هو جيڪو هن وقت تائين ڀرجي ناهي سگهيو، شهيد ڀٽو جو فڪر، فلسفو، سوچ، عڪاسي اسان کي سبق ڏئي ٿي ته اسان ملڪ جي خدمت ڪيون، غريبن جي ڳالهه ڪيون، هارين کي سندن حق ڏيون، ظالم سان ويڙه ڪيون، جمهوريت مخالفن کي جمهوري طريقي سان شڪست ڏيون، پ پ پ جو اهو ئي منشور آهي، شهيد ڀٽو جو اهو ئي مقصد هو، شهيد ڀٽو کي شهيد ڪرائيندڙ آمر جي عمر به ٿوري وڃي بچي نيٺ پنجاب ۾ جهاز حادثي ۾ موت جي ور چاڙهيو ويو، ائين ملڪ مان هڪ ڪاري باب جي پڄاڻي ٿي وئي، عوام سک جو ساهه کنيو، ۽ جمهوريت بينظير ڀٽو جي روپ ۾ ٻيهر زنده ٿيڻ شروع ٿي وئي، هاڻي پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده آهي، جنهن مان اميدون آهن ته هو شهيد نانا ۽ شهيد امڙ جي فڪر فلسفي ۽ مشن کي اڳتي وڌائيندي قوم جي بهتر مستقبل لاءِ فيصلا ڪندو، عوام کي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان واري نعري کي عملي جامو پهرائي عوامي جي دلين تي ڦهليل مايوسي ختم ڪري سندن درن تي خوشيون کڻي ايندو، باقي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زنده آهي ۽ قيامت تائين زنده رهندو، اڄ سنڌ ۾ ۱۷ سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ ملڪ جو صدر پيپلزپارٽي جو آصف علي زرداري آهي، سنڌ جا سمورا ميئر پيپلز پارٽي جا آهن، ايندڙ دور ۾ بلاول ڀٽو زرداري پ پ جو وزير اعظم بڻجي شهيدن جي مالڪي ڪندو ۽ خوابن جي تعبير بڻجندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

تاريخ جو ٽرائل سدائين شفاف ھوندو آھي

شرجيل انعام ميمڻ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۴۵ ھين ورسي اڄ اسان اُن موقعي تي ملھائي رھيا آھيون، جڏھن سندس عدالتي قتل جي حوالي سان ھڪ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ھڪ تاريخ ساز فيصلو ٻڌائيندي اھو قرار ڏنو آھي ته شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ ٽرائل شفاف نه ھو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ان ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اھي ريمارڪس به ڏنا ته اُن وقت عدليه ڊپ ۽ خوف ۾ شھيد ڀٽو کي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. چيف جسٽس آف پاڪستان اھو به چيو ته عدليه ۾ خوداحتسابي ٿيڻ گھرجي. عدليه ماضي جي غلطين کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ اڳتي نه ٿي وڌي سگھي. صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي ۹ رڪني بينچ جي گڏيل فيصلي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي ريمارڪس کانپوءِ اھا ڳالھه ثابت ٿي وئي آھي ته شھيد ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو ھو ۽ کيس ھڪ اھڙي ڏوھه جي سزا ڏني وئي، جيڪو ھُن ڪڏھن به نه ڪيو ھو.

اُن سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اھا ڳالھه به درست ثابت ٿي وئي آھي ته جيڪا ھُن دار جي تختي تي بيھي چئي ھُئي ته ”اي خدا، منھنجي مدد فرماءِ، آئون بي قصور آھيان.“ اسان جي مذھب اسلام موجب جنھن شخص کي بيگناھه قتل ڪيو وڃي اھو شھيد ھوندو آھي. اڄ ۴۵ ھين ورسي جي موقعي تي اُھي سمورا ماڻھو به حق تي ليکيا ويندا، جيڪي شروع کان ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان گڏ لفظ ”شھيد“ ڳالھائيندا ۽ لکندا آيا آھن ۽ پاڪستان جي سڀني کان وڏي عدالت به اُن تي تصديق جي مُھر لڳائي ڇڏي آھي ته ”ڀٽو شھيد آھي.“

اُن ڳالھه جو ڪريڊٽ صدر آصف علي زرداري کي وڃي ٿو، جنھن پنھنجي اڳوڻي صدارتي دور ۲۰۱۱ع ۾ آئين جي آرٽيڪل ۱۸۶ تحت شھيد ڀٽو جي ڦاسي جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي راءِ ڄاڻڻ لاءِ ھڪ ريفرنس داخل ڪيو ھو، جنھن جي ڪري عدليه پنھنجي غلطي جو اعتراف ڪيو ۽ تاريخ اُن فيصلي کي تسليم ڪيو ته شھيد ڀٽو کي ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو نه ئي ڪالعدم ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي اُن کي تبديل ڪرڻ جو ڪو قانوني طريقيڪار موجود آھي پر اُن فيصلي سان دُنيا کي اندازو ٿي ويو آھي ته شھيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيڏي وڏي ڀيانڪ غلطي ھُئي، جنھن جو نتيجو پاڪستان ڀوڳي رھيو آھي. شھيد ڀٽو ھڪ ڀيري چيو ھو ته ”تاريخ ۾ بدلي يا انتقام جھڙي ڪا شئي ضرور ھوندي آھي.“ ھاڻي جيڪو ڪجھه پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي، ھي شايد تاريخ جو انتقام آھي، جيڪڏھن شھيد ڀٽو کي ڦاسي نه ڏني وڃي ھا ته اڄ پاڪستان جون حالتون ايئن نه ھجن ھا. شھيد ڀٽو پنھنجي ڪتاب، ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو،“ ۾ ھڪ جاءِ تي لکيو آھي ته ”جيڪڏھن مون کي قتل ڪيو ويو ته ھماليه رت جا ڳوڙھا روئيندو.“ اُن وقت شھيد ڀٽو جي مخالفن اھي بيان ڏنا ھُئا ته ”جبل ڪڏھن به ناھن روئيندا.“ ھي بيان اخبارن ۾ شايع به ٿيا ھُئا. پر تاريخ ڏٺو ته رڳو ھماليه ئي نه قراقرم، ھندوڪش ۽ سليمان جي جبلن جي سلسلن جي جھولي ۾ واقع پوري سنڌو ماٿري يعني پورو پاڪستان، دھشتگردي، رتوڇاڻ ۽ بدامني جو شڪار آھي ۽ ھر پاسي ماتمي صدائون گونجي رھيون آھن. سنڌ وادي جا سمورا پھاڙي سلسلا روئي رھيا آھن، اُن بدامني جي ڪري پاڪستان جي معيشت تباھه ٿي چُڪي آھي، ھر پاسي غربت، مفلسي ۽ بيروزگاري آھي.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اُن صورتحال کان پاڪستان کي بچائڻ چاھي پيو، بس اھوئي سندس ”ڏوھ“ ھو. شھيد ڀٽو پاڪستان کي ھڪ خودمختيار ۽ جمھوري رياست بڻائڻ چاھي پيو، سندس سياست جو محور اھو ھو ته پاڪستان عالمي طاقتن جي مفادن جو اوزار نه بڻجي، ڇاڪاڻ ته اھو تباھي جو رستو آھي. پاڪستان اڻ ڌري پاليسي تي عمل ڪندي ڪنھن عالمي دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ پنھنجي قومي مفادن موجب، پنھنجا فيصلا پاڻ ڪري ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن پاڪستان ۾ حڪومتن جي تشڪيل جمھوريت جي فيصلن سان ٿئي ۽ جمھوريت جو اصل روح مساوات آھي. شھيد ڀٽو جو فلسفو اھو ھو ته پيڙھيل ۽ مظلوم طبقن کي حق ڏيارڻ کانسواءِ ھڪ حقيقي جمھوري معاشرو قائم نه ٿو ٿي سگھي.

شھيد ڀٽو جو اھو ئي ”گناھ“ ھو ته ھُن پاڪستان جي غير جمھوري اشرافيه جي سامراج نواز پاليسين جي تباھي کان ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ اُنھن ڪوششن ۾ ھُن عوام کي پاڻ سان گڏايو. شھيد ڀٽو جو ”قصور“ اھو ھو ته ھـُو عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏيندو ھو. موت جي ڪال ڪوٺڙي ۾پنھنجي سڀني کان پياري ڌي شھيد محترمه بينظير ڀٽو کي لکيل خط ۾ ھُن چيو ته ”زندگي ڪامل محبت آھي، فطرت ھي گر خوبصورتي سان عشق ڪيو ويندو آھي، مون کي اھو چوڻ ۾ ڪا به ھٻڪ نه ٿي ٿئي ته منھنجو سڀني کان وڌيڪ جذباتي عشق يا جسم ۾ ڪنبڻيون پيدا ڪرڻ واري رومانس عوام سان رھيو.“ شھيد ڀٽو پنھنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ غريب عوام جي حقن لاءِ پنھنجي زندگي جي پرواھه نه ڪئي. ھُن اُن مقصد جي حاصلات لاءِ ملڪي ۽ عالمي استحصالي قوتن کي للڪاريو. اھوئي ڪارڻ ھو ته ھُو نه رڳو پاڪستان پر ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا جي عوام جو به ليڊر بڻجي ويو. شھيد ڀٽو استحصالي قوتن جي لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳو ٿي چُڪو ھو، اُن لاءِ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع جو سانحو برپا ڪيو ويو. شھيد ڀٽو اھو موت اُن لاءِ قبول ڪيو هيو ته ”ھُن تاريخ جي ھٿان مرڻ بدران آمر جي ھٿان مرڻ پسند ڪيو.” صدارتي ريفرنس جي فيصلي سان شھيد ڀٽو تاريخ ۾ امر ٿي ويو آھي. ھُو تاريخ ۾ اڄ به زنده آھي ۽ ھُن پنھنجي قاتلن کي تاريخ جي عدالت ۾ آڻي بيھاريو آھي، تاريخ جو ٽرائل سدائين شفاف ٿيندو آھي.

اُن ڳالھه جي جاچ ٿيڻ گھرجي ته عدالت تي دٻاءُ ڪنھن وڌو ۽ عدالت کي ڪنھن جو ڊپ ۽ خوف ھو؟ اُنھن ماڻھن يا اُنھن قوتن کي بي نقاب ڪرڻ ضروري آھي ته جيئن تباھي جي اُن عمل کي روڪي سگھجي، جنھن کي جاري رکڻ لاءِ استحصالي قوتن شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ فيئر ٽرائل ٿيڻ نه ڏنو ۽ کيس ڦاسي ڏني وئي.

ھاڻي جيتوڻيڪ عدالت اھو قرار ڏئي ڇڏيو آھي ته شھيد ڀٽو سان انصاف نه ٿيو، اُن جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي انتقام بدران شھيد ڀٽو جي اُن فلسفي تي ڪاربند آھي ته پرامن جمھوري عمل ذريعي ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ شھيد ڀٽو جي مشن کي پورو ڪيو وڃي. شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي خط ۾ شھيد ڀٽو اھو به لکيو ھو ته ”آئون پنھنجي ٻارن خاطر ۽ سڄي دُنيا جي ٻارن خاطر مسئلي جي آخري حل کان اڳ مفاھمت جو خواھشمند آھي.“ جنھن آخري حل جي ڳالھه شھيد ڀٽو ڪئي آھي، اھو پرامن جمھوري جدوجھد بدران لڙائي وارو رستو آھي. اُن آخري حل کان بچڻ لاءِ لازمي طور تي اُنھن قوتن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، جيڪي جمھوري عمل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون يا سياست ۾ مداخلت ڪري تاريخ جي ڌارا کي روڪڻ جي خطرناڪ راند کيڏن ٿيون. ھي اُھي ئي قوتون آھن، جن شھيد ڀٽو جي ڪيس ۾ شفاف ٽرائل ٿيڻ نه ڏنو.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


ذوالفقار علي ڀٽو

فوجي آمريت جو مقتول

حيدر جاويد سيد

۴ اپريل ۱۹۷۹ع جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جي چند سياهه ترين ڏينهن مان هڪ آهي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن عالمي سامراجي قوتن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي توسط سان هڪ چونڊيل وزير اعظم ۽ ۱۹۷۳ع جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ چاڙهايو هو. ۴۵ سال گذري وڃڻ باوجود پاڪستان ۾ آباد مختلف قوميتن جا زمين زادا ان وقت جي ان غيرمعمولي سياستدان کي ناهن وساري سگهيا، جنهن پاڪستاني سياست جي نئين دور جو بنياد رکيو ۽ عوام کي اظهار راءِ سان گڏوگڏ پنهنجي ووٽ جي ذريعي قيادت کي چونڊڻ جو حق ڏياريو. اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو انسان هو، ڪامل ولي يا آسماني اوتار هرگز نه هو. اجتماعي شعور واري ان جي سامراج دشمن ۽ عوام دوست سياست سان ڪو کڻي لکين اختلاف ڪري پر ان حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي ته اهو ڀٽو ئي هو، جنهن ملڪ جي زمين زادن کي بالا دست طبقن ۽ عالمي سامراج خلاف نعرهء مستانه بلند ڪرڻ جو حوصلو ڏنو.

اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير جي حيثيت ۾ شامل ٿي هو عملي سياست جي ميدان ۾ آيو. ان کانپوءِ ايوب خان جي ڪابينا ۾ مختلف وزارتن ۾ صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي معاملي جي وزير واري منصب تي فائز ٿيو ۽ اها ئي وزارت ان جي لاءِ عالمي شهرت، لياقت ۽ دانش جي اعتراف جا دروازا کولي وئي. اهو پڻ صحيح آهي ته ڀٽو صاحب ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل رهيو پر ڇا صرف ان ليڪي کي ڪُٽڻ جو ثواب ضروري آهي يا اهو ڏسڻو آهي ته پنهنجي دور جي معروضي حالتن جي بنياد تي جڏهن ايوب خان کان هو جدا ٿيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان هڪ ترقي پسند جماعت جو بنياد رکيو، اهو قابل ذڪر آهي؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته سياست ارتقائي عمل جو حصو آهي. ڀٽو ان عمل ۾ اسريو ۽ پوءِ هڪ مرحلي تي هن زمين زادن سان گڏ بيهڻ جو شعوري فيصلو ڪيو. ان فيصلي جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. اسان جا دوست ان تي اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جي ذميواري مڙهين ٿا. انهن دوستن جو فڪري ۽ سياسي ابو جنرل ضياءُ الحق هن ملڪ تي ۱۱ سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو اقتدار تي قابض رهيو.

ڀٽي کان جنرل ضياءُ ۽ انهن جي ساٿارين (ان ۾ ان جي بي ٽيم جماعت اسلامي پڻ شامل آهي) جي نفرت ڪنهن کان به لڪل ناهي. جيڪي ماڻهو ڀٽي جي ڦاسيءَ واري ڏينهن حلوي جون ديڳيون ورهائي سگهن ٿا، انهن کي اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۾ ڀٽي جي ڪردار جي تر جيتري به ثابتي ملي وڃي ها ته اهي کيس قتل جي هڪ ننڍڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏيارڻ بدران غداريءَ جي ڪيس ۾ عبرت جو نشان بڻائين ها. عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڀٽي صاحب کان جنرل شاهي رجعت پسندن ۽ انهن جي عالمي سرپرست آمريڪا جي نفرت هر ڪنهن تي واضح ۽ پڌري آهي. وطن جي محبت جو نعرو بلند ڪندي ٽين دنيا جي استحصالي طبقن خلاف محڪومن کي متحد ڪرڻ ۽ مسلم دنيا جا وسيلا مسلم دنيا جي تعمير ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ جو تصور ڏيندڙ ڀٽو انسانيت، امن ۽ ترقيءَ جي دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان کٽڪندو هوندو. ڀٽي صاحب جي ‘ڏوهن’ جي فهرست تمام ڊگهي آهي. ۱۹۷۳ع جو آئين، ائٽمي پروگرام (ان ائٽمي پروگرام تي ڪجهه تحفظات به يقينن هئا ۽ آهن)، اسلامي دنيا جو اتحاد، مسلم دنيا جي وسيلن کي مسلمانن جي سماجي تعليمي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ جي سوچ، اسلامي بينڪ قائم ڪرڻ جي ڪوشش، پاڪستان جي اندر تعمير ۽ ترقي لاءِ نئين دور جو بنياد، سامراج دشمنيءَ تي ٻڌل عوامي سياست، سوويت يونين سان اڳوڻين پاڪستاني حڪومتن جي ابتڙ بهتر لاڳاپا رکڻ، خطي ۾ آمريڪي اجارا داري جي راند ۾ هڪ مهري جي طور شرڪت ڪرڻ کان انڪار ئي اهڙا ڏوهه آهن، جن جي ڪري جرنيل مافيا سان مقامي رجعت پسند ۽ انهن جا سرپرست اقتدار ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي سندس رت جا پياسا هئا.

اڄ ڪنهن کي ياد آهي ته ڀٽي صاحب جي اقتدار جي شروعاتي سالن ۾ عالمگير اسلامي انقلاب جي علمبردار جماعت اسلامي ان وقت جي آرمي چيف جنرل ٽڪا خان جي تصوير وارو پوسٽر ڇپرائي سڄي ملڪ ۾ ديوارن تي لڳرايو هو. پوسٽر تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو: “مٽ جائيگي مخلوق تو انصاف ڪروگي؟” اهو پوسٽر ڀٽي صاحب جي خلاف يو ڊي ايف جي سول نافرماني جي تحريڪ دوران رات وچ ۾ ديوارن تي لڳرايو ويو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڀٽي صاحب کان سياسي غلطيون پڻ ٿيون پر انهن غلطين جو تجزيو ٻي شيءِ آهي ۽ ڪردار ڪشي ٻي ڳالهه. پاڪستاني سياست جا اهي ۱۰، ۱۲ سال جن ۾ ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياست ۾ آيو، کيس اقتدار مليو ۽ پوءِ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، تمام اهم آهن. بدقسمتيءَ سان انهن ۱۰، ۱۲ سالن تي تحقيقي انداز ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي، البته جنرل ضياءُ جي ۱۱ سالن جي آمريت ۾ ان جي ڪردار ڪشيءَ جو هر هٿيار آزمايو ويو. جنهن ڀٽي صاحب کي جيترو وڌيڪ گٿو ڳالهايو، فوجي آمر جي درٻار ۾ ان ايڏو ئي وڏو منصب حاصل ڪيو.

انهن سمورين ڳالهين ۽ پروپيگنڊا جي باوجود ڀٽو صاحب اڄ به پنهنجي زماني جي شعور سان هن ڌرتيءَ جي فرزندن جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ ڌيان جوڳي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي ڀٽي صاحب جي سياسي فهم ۽ سامراج دشمنيءَ کي رهنما اصول بڻائي ٿي يا وقت جي سياست جي گهرجن موجب پارٽيءَ کي هڪ نجي ڪمپني وانگر هلايو وڃي ٿو؟

ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي، ان جي هڪ صاحبزادي کي زهر ڏيئي قتل ڪيو ويو، ٻئي کي اسٽيبلشمينٽ جي مهرن گهر ٻاهران گوليون هنيون. ان جي جوان حوصلي واري نياڻي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ جي ٻاهران ماري وئي. ان جي باوجود زمين زادن جي دلين ۾ ان جي محبت موجود آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته زمين زادا اهو سمجهن ٿا ته ڀٽو انهن مان هو ۽ ٻاهر وارن کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو. ڪاش پيپلز پارٽي ڀٽي جي فڪر جي حقيقي وارث بنجڻ جو ڪردار اپنائي سگهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ) ۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

پاڪستان جي سياسي تاريخ جي طلسماتي ۽ ڪرشماتي شخصيت

نياز مسرور بدوي

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اها امر طلسماتي ۽ ڪرشماتي شخصيت آهي، جنھن جو مقناطيسي سحر اڄ به سنڌ جي عوام تي پنھنجي نظرياتي اورچائيءَ جي سبب، سياسي شعور اڄ به حڪومت ڪري رهيو آهي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عوام دوستيءَ واري محبت اڄ به مظلوم عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿي. اڄ به سندس نظريو سج جيان روشن ۽ متحرڪ آهي. سندس ملڪي وفاداريءَ جو ڪو ڇيھه نه آهي، سندس ملڪي خدمتن ۽ خلق خدا جي پسماندگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن جيڪو عزم ڪيو هو، ان کي پوري ايمانداريءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس ذهانت جو سڏ عالمي دنيا تي تمام گهڻو اثر انداز رهيو. هن پنھنجي سياسي سمجهه سان عرب ملڪن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم تي گڏ ڪري، عالمي طاقتن کي چيليئنج ڪيو. سندس مضبوط موقف کي عالمي پذيرائي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ جي صلي ۾ کيس عالمي ليول جون دشمنيون به پلئه پيون، جن سان چابڪ دستيءَ سان منھن ڏنائين. پر مخالف سياستدانن جي سياسي اختلافن سبب سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ضياءُ الحق مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ ٽن مھينن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ واري وعدي تان مڪرجي ويو.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رت ۾ سياست ۽ خدمت جو جذبو وراثت ۾ وديعت ٿيل هو. سندس والد سر شاهنواز علي ڀٽو به سياست جي خاردار واديءَ جو واٽھڙو هو، انھيءَ ڪري ان شجر جي ڇانوري ۾ رهي، سياست جي خار زار واديءَ کي گل و گلزار ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي رت جو نذرانو ڏيڻ کان نه ڪيٻايو. سر نوائڻ جي بدران سر ڪپائڻ کي ترجيح ڏنائين.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، جڏهن سياست ۾ قدم رکيو ته، ان وقت سياستدان، وڏن ڪمرن ۾ ويھي سياست ڪندا هئا، پر پاڪستان ۾ شھيد ذوالفقار علي، سياست کي ڪمرن جي ڊرائنگ رومن مان ڪڍي، شھرن جي گهرگهٽين وستين واهڻن تائين پھچائي، اٻوجهه عوام کي سندن ووٽ جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ڪرايو.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۵۰ع علم سياسيات ۾ گريجوئيشن ۽ ۱۹۵۲ع ۾ اصول قانون ۾ ماسٽرس ڪئي، ۽ ساڳي سال لنڊن مان بئريسٽريءَ امتحان پاس. شھيد پھريون ايشيائي هو، جنھن کي انگلئنڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ڪيو ويو. پاڻ ڪجهه وقت مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهايو ۽ ٿورو وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت به ڪئي.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي سياسي ڪيريئر ۾ واپار جو وزير، دفاع جو وزير،اقليتي معاملن جو وزير، اطلاعات جو وزير، وزير خارجه کان علاوه ڪجهه ٻين کاتن جو وزير پڻ رهيو. ان کان پوءِ ان وقت جي صدر محمد ايوب خان سان ڪشمير جي معاملي تي اختلاف ٿي پيا، ان ڪري، پاڻ عوام ڏانھن رجوع ٿيو ۽ پنھنجي سياسي فھم جي ڪري، پاڪستان جي سياسي وايو منڊل کي پنھنجي حق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ووٽ جي وسيلي حق حاڪميت حاصل ڪيو. پنھنجي حڪومتي پھرئين دور ۾ تاريخ ساز ڪم ڪيا ۽ پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻايو ۽ ملڪي وقار ۾ اضافو ڪيو. ان کان علاوه عالمي ليول تي عرب دنيا کي پنھنجي تيل جي سگهه جو ادراڪ ڪرايو. ان سان گڏ ملڪ جي ترقيءَ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ سندس محنتن رنگ لائڻ شروع ڪيو هو ۽ ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هو. هن زميندارن جي ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ زرعي سڌارن جو اعلان ڪيو ۽ غريب هارين کي زمينون ورهائي ڏنيون. وڏن وڏن خانگي ادارن کي جيڪي مزدورن جو رت چوسيندا هئا، قومي ملڪيت ۾ وٺي مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ پروگرام رٿيا. بئنڪن کي پڻ قومي ملڪيت ۾ ورتو. پنھنجي خارجه پاليسين کي ملڪ جي بھتريءَ لاءِ ترتيب ڏنو. جنھن جا ڪافي ڏور رس فائدا ملڪ کي مليا.

۱۹۹۷ع جي عام چونڊن کي متنازع بڻائڻ جي لاءِ ڌانڌلين جا الزام مڙهي، نون ستارن جي جهنڊي هيٺ سياسي تحريڪ هلائي وئي، ان سياسي تحريڪ سبب ملڪ ۾ وڳوڙ ٿيا، جنھن جي نتيجي ۾ آمر قوتن، ان موقعي جو فائدو وٺندي، ملڪ جي جمھوريت تي شب خون ڪندي، پنھنجي طاقت مسلط ڪئي. پر چوڻ وارن چون ٿا ته انھن نون ستارن جي تحريڪ هلائيندڙن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وچ ٿيڻ وارو هو، پر ڪن غير جمھوري قوتن ان کي پسند نه ٿي ڪيو ۽ ۰۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي جنرل محمد ضياءُ الحق ملڪ تي مارشل لا مڙهي ڇڏي ۽ ملڪ اندر ڦاسي، ڪوڙا ۽ ڦٽڪن جي روايتن کي جنميو.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ذاتي عناد جي سبب نواب محمد احمد قصوريءَ جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان سان گڏ پنجن ٻين فردن کي به سوگهو ڪيو ويو، جيڪي بعد ۾ وعده معاف گواهه بڻجي، ڀٽي صاحب جي شھادت واري سازش ڪيس ۾ شامل رهيا. انھن مان هڪ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جو ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود به هو، جيڪو ان دور جي مشھور واپاري سيٺ عابد جو سالو هو. کيس واعده معاف شاهد بڻجڻ جي ڪري آزاد ڪيو ويو ۽ باقي چئن ڄڻن کي جن مان هڪ ٺڻو غلام حسين سپاهي هو ۽ ٻين چيو وڃي ٿو ته اهي ٽي ڄڻا ڪنھن سياسي تنظيم جا ماڻهو هئا.

اهو وعدي معاف وارو اصطلاح ۱۷۴۲ع ۾ برطانوي قانون دان چارلس متعارف ڪرايو هو، ان ڪري جو برطانوي عدالتن ۾ شاهدين ۽ پڪن پختن ثبوتن جي نه ملڻ سبب ملزم بچي ويندا هئا. ان ڪري ڏوهه ۾ شامل ماڻهو کي آزاديءَ جي لالچ ڏيئي شاهد بڻايو ويندو هو. ان وقت به ان قانون تي اعتراض ڪيا ويا هئا ۽ هاڻ به ان شاهديءَ کي معتبر خيال نه ڪيو ويندو آهي. ڇو ته ذاتي غرض جي لاءِ ڏوهاري ڪنھن به فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به بيان ڏئي سگهي. جسٽس ناصرالملڪ پنھنجي هڪ فيصلي ۾ لکيو آهي ته 'وعدي معاف گواهه جي بيان تي انحصار ڪري ڪنھن ملزم کي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي.' پر ڀٽي صاحب جي ڪيس ۾ ان وعدي معاف گواهه جي بنياد تي فيصلو لکيو ويو. اهو فيصلو به قانوندانن جي نظر ۾ صحيح نه هو، ڇو ته ان فيصلي ۾ ٽن ججن پنھنجو اختلافي نوٽ لکيو هو.

۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي هاءِ ڪورٽ شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو، ۰۶ فيبروري ۱۹۷۹ع تي سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توثيق ڪئي ۽ ۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع کيس راولپنڊي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.

 ڀٽو صاحب جي شھادت بابت فيض احمد فيض لکي ٿو ته :

دیا تھا صبح مسرت نے اک چراغ ہمیں،

اسی کو تم نے سر شام کھودیا لوگو۔

محسن نقوي قائد عوام کي هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

علی کی ذوالفقار تھا، وطن کا افتخار تھا،

وه زندگی کے گلستان میں بے خزاں بہار تھا،

وه راہنمائے مملکت، وطن کا تاجدار تھا،

سر عدو کے واسطے وه تیغ بے نیام تھا۔

آغا شورش ڪاشميري، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سخت مخالف هو، پر جڏهن پاڻ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ واري قانون تي صحي ڪئي ته سندس لاءِ شورش لکيو آهي ته :

ناموس مصطفی کے نگہه دار زنده باد،

میر امم کے غاثیه بردار زنده باد۔

نوے برس کا ایک قضیه کیا ہے طے،

بادھ گسار احمد مختار زنده باد۔

سر کرلیا ہے ختم نبوت کا معرکه،

زنده دلان لشکر احرار زنده باد۔

از بسکه ذوالفقار علی بۓ نعام ہے،

خنجر ہوا ہے قافله سالار زنده باد۔

بھٹو کا نام زنده جاوید ہوگیا،

شورش شکست کھا گئے اشرار زنده باد۔

وقت اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته شھيد ذوالقفار علي ڀٽي سان ناانصافي ٿي هئي. جنھن جو ازالو ممڪن نه آهي، پر ان جو ازالو ان ريت ڪري سگهجي ٿو ته ڪورٽ پنھنجا در حق ۽ انصاف کليل رکي ۽ ڪنھن جي ڪوڙي شاهديءَ تي يا وري ذاتي مفادحاصل ڪرڻ خاطر، وعدي معاف گواهه بڻيل شاهد جي شاهديءَ کي ايڏي اهميت نه ڏين جو انصاف جو ترازو، ناانصافيءَ جي طرف جهڪي وڃي.


 

ذوالفقار علي ڀٽو

هڪ سحرانگيز شخصيت

اسحاق سومرو

ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ليڊر آهي، جنهن کي صرف ۵۱ سالن جي عمر ۾ يعني ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون.هن پنهنجي ۵۱ سالن جي مختصر زندگيءَ ۾ جيتري مقبوليت ۽ شُهرت ماڻي ايتري مقبوليت شايد ئي دنيا جي ڪنهن ليڊر کي نصيب ٿي هجي.

ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽي جي ٻيو نمبر گهرواري لکي ٻائي عرف خورشيد بيگم مان ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي پيدا ٿيو. لکي ٻائي پونا هندستان جي هڪ عام گهراڻي جي عورت هئي ۽ هو هڪ غريب ماءُ جو عظيم پٽ هو. سندس والده کي ڀٽن جي جاگيردار قبيلي ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار ۽ سندس جو خيال ۽ اونو رهندو هو ۽ انهيءَ جي ئي ڪري هو هن ملڪ جي غريبن ۽ اٻوجهه عوام جو ليڊر بڻيو.

هن پنهنجي روايتي سنڌي جاگيرداريءَ واري طاقت جي سهاري اقتدار نه ماڻيو پر هو پنهنجي ئي طبقي جو غير روايتي فرد ثابت ٿيو، جنهن پنهنجي سياسي بصيرت سان جاگيرداري نظام ۾ انتشار پيدا ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ سندس جو ڦاسي تي چڙهڻ ۽ آمر حڪمران جي آڻ نه مڃڻ واري عمل کيس تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻائي ڇڏيو.

اڄ به ملڪ ۾ هڪ طرف ڀٽو دشمني ۽ ٻئي طرف ڀٽو دوستيءَ واري فضا آهي. ڀٽي جو خوف واري مرض يعني (ڀٽو فوبيا) جنهن ۾ ڀٽو جا مخالف مبتلا آهن. ٻئي طرف ڀٽو جو جنون يا) ڀٽو فيليا (ڀٽي جي عشق ۾ ديوانا آهن. پاڪستان جي سياست کي سمجهڻ لاءِ به ڀٽو کي ئي سمجهڻو پوندو، ان جي شخصيت ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ ان جي چوڌاري تاريخي ۽ سماجي پهلوئن کي به سمجهڻو پوندو ته ڀٽو ۽ سندس پارٽي اڄ به مقبول ڇو آهي؟ جو ملڪ جون فسطائي، بنياد پرست قوتون ان جون مخالف آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن صرف جاگيردار يا وڏيرو هو ته پوءِ اڄ به عام ماڻهو ۽ هاري کيس ڇو ٿا ياد ڪن ۽ ان سان پيار ڪن؟

انهيءَ لاءِ ته ڀٽي ماڻهن کي زبان ڏني، کين سندن عزت جو احساس ڏياريو، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دؤر حڪومت ۾ کليل ڪچهرين جو رواج وڌو. انهن کليل ڪچهرين ۾ ڀٽو انهيءَ عوام جي اڳيان انهن جاگيردارن ۽ ڪامورن کان پڇاڻو ڪندو هو، جنهن سان صدين کان پيڙيل هاريءَ کي خوشي ٿيندي هئي ته اسان جون بي عزتيون ڪندڙن کان بدلو وٺندڙ ڪو ته آهي، جيڪو انهن کي بي عزتو ڪري ٿو، جيڪا عوام لاءِ هڪ نفسياتي برتري هئي. ان سان کين نجات جو احساس پيدا ٿيو ۽ اُهي کليون ڪچهريون هڪ مقبول عام سياسي فورم هونديون هيون، جنهن ذريعي پهريون دفعو وري فڪري انقلاب شروع ٿيو ۽ ماڻهن اُهو علامتي نعرو هڻڻ شروع ڪيو ته ڀَتُ وڏيري جو ۽ ووٽ ڀٽي جو، جيڪو درحقيقت ان وقت جي جڙتو قوتن جي خلاف عوامي مزاحمت جو اظهار ۽ ڀٽي کي پنهنجي مزاحمت جي علامت بنائي ڇڏيو.

ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهڻ ۱۹۶۷ کان وٺي ۱۹۷۹ع تائين صرف ۱۲ سال مليا، جنهن ۾ هن عوام کي زبان ڏيڻ سان گڏ اقتدار به ماڻيو، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏني ۽ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کانپوءِ جي ۱۲ سالن جي مختصر عرصي ۾ عالمي قوتن، جنرلن ۽ ججن جي گڏيل سازشن ذريعي نه رڳو کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو، پر کيس سوليءَ تي چاڙهيو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جو ڄم ته سنڌ جي هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ ٿيو پر سندس والده جي غريب هجڻ واري احساس ۽ پيءُ جي تربيت کيس روايتي جاگيرداراڻي سياست کان پاسيرو رکيو ۽ هو پنهنجي طبقي جي هڪ باغي سياستدان جي حيثيت سان سامهون آيو.

هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته آئون دولت جو لالچي نه آهيان، مون قومي خزاني مان هڪ روپيو به غير ضروري خرچ نه ڪيو آهي، زرعي سڌارن ۾ منهنجي خاندان جي هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي آهي. مون وٽ ايٽم بم جي طاقت کان به وڌيڪ عوام جي طاقت آهي، مون جمهوريت ۽ سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ان لاءِ مون پنهنجي جاگيرداريءَ واري حيثيت کي ٿڏي ڇڏيو آهي. آئون سوشلسٽ آهيان، هڪ ايماندار سوشلسٽ جيڪو پنهنجي آخري ساهه تائين هتان جي غريبن لاءِ لڙندو. آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جون زندگيون به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، آئون قتل ٿيڻ کان هرگز نٿو ڊڄان ۽ ائين چوندي هن پنهنجي شرٽ جا بٽڻ کولي ڇڏيا ۽ للڪاريندي چيو ته اچو گوليون هلايو، آئون تيار آهيان، ماڻهن جي خاطر جيڪڏهن هڪڙو ڀٽو قتل به ٿي ويو ته هزارين ڀٽا پيدا ٿيندا ۽ آخرڪار هن جا اُهي لفظ ۽ تقريرون سچ ثابت ٿيون، هن نه رڳو پنهنجي جان قربان ڪئي پر سندس جو عوام سان ڪيل واعدو به پورو ٿيو، سندس اولاد به سندس پيروي ڪندي ۽ انهن ساڳين ئي قوتن سان ويڙهاند ڪندي ماريو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي اُها مقبوليت ۽ ارڏائي طاقتور اسٽيبلشمينٽ، فوجي جنرلن، مذهبي جماعتن ۽ ججن کان به برداشت نه ٿي سگهي جو کيس ۵ جولاءِ تي فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو. هن کي قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ وڌو ويو. سندس مٿان ڪيس ڪنهن ننڍي عدالت جي بجاءِ سڌو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو، انهيءَ دوران سندس جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندڙ جج جسٽس صمدانيءَ کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان هٽايو ويو ۽ جنرل ضياءُ الحق پنهنجي هڪ ويجهي دوست مولوي مشتاق کي ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس هلائڻ تي مقرر ڪرايو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي مولوي مشتاق سميت سڀني ججن ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي ته ڪيس هلائيندڙ بئنچ جي ٻن ججن کي جبري طور تي هٽايو ويو.

سپريم ڪورٽ جي انهيءَ بئنچ ۾ جنرل ضياءُ الحق جو حمايتي انوارالحق به شامل هو، جيڪو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس پڻ هو، جنهن کي عدالتي ڪارروائي هلائڻ جو ڪو به تجربو ۽ تربيت نه هئي، پر هو عدالتي سروس ۾ هڪ ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان داخل ٿيو هو، انوارالحق، جنرل ضياءُ الحق کي ڀٽي جي حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪرڻ ۽ سندس فوجي انقلاب کي صحيح ۽ جائز چئي ان کي نظريه ضرورت قرار ڏنو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف انهيءَ ڪيس ۾ جنرل ضياءُ الحق جو وڪيل ڳڙهي ياسين ڄائو سنڌي اي ڪي بروهي هو ۽ اٽارني جنرل شريف الدين پيرزادو هئا. جڏهن ته ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائيندڙ ۷ ججن مان ٽن غير پنجابي ججن جسٽس دراب پٽيل، جسٽس صفدر علي شاهه ۽ جسٽس حليم کيس بري قرار ڏنو

ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح حياتي لکندڙ آمريڪي پروفيسر اسٽينلي وولپرٽ “Zulfi Bhutto of Pakistan” ۾ لکيو آهي ته هن جڏهن ڀٽي کي ڦاسي جي سزا ڏيندڙ ۽ سندس حڪومت جي خاتمي کي جائز قرار ڏيندڙ ۽ تنهن وقت جي چيف جسٽس انوارالحق سان ملاقات ڪري پڇيو هو ته هن ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ۽ هن جي حڪومت خلاف فيصلو ڇو ڏنو هو ته هن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته هو هن جي اهليت ۽ قابليت لاءِ سندس استاد جسٽس ڪارنلس کان معلوم ڪري.

Stanley Wolpert جڏهن انتهائي ڪمزور ۽ بيمار جسٽس ڪارنلس سان فليٽيز هوٽل لاهور ۾ ملاقات ڪري معلومات ورتي ته هو انوارالحق جي طرفان ڀٽي کي ڏنل ڦاسيءَ واري سزا جي فيصلي کي ڪيئن ٿو ڏسي، جنهن تي ڪارنلس وراڻيو ته مون کي يقين آهي ته انهيءَ اهو فيصلو صحيح ڪيو ۽ هن والپرٽ کي پنهنجي متعلق ٻڌايو ته آئون ڪلڪتي ۾ پيدا ٿيس، ورهاڱي کانپوءِ مون کي منهنجي پنجابي دوستن لاهور ۾ اچي رهڻ ۽ وڪالت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ آئون هتي اچي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيس ۽ انهن پنجابين جي مهرباني سان ئي مون کي اُهو اهم عهدو نصيب ٿيو. هن کيس چيو ته سنڌين تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن نانگ ۽ سنڌي گڏ اچي وڃن ۽ توهان وٽ صرف هڪ ئي گولي هجي ته پهرين سنڌيءَ کي ماري ڇڏيو. هي هئا انوارالحق جي استاد ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي هڪ چيف جسٽس جا سنڌين متعلق خيال، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته سنڌين جي قيادت متعلق خيال ۽ فيصلا جيڪي هميشه سنڌي دشمنيءَ جي بنياد تي ڪيا ويا آهن. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو ته جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ٽن سنڌي همدرد سياستدانن سان مشورو ڪيو هو ۽ کانئن صلاح ورتي هئي ته مون ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي مشورو ڏيو ته ڀُٽي جي لاش کي ڪنهن اڻڄاڻايل هنڌ تي دفن ڪيو وڃي، سندس لاش کي سمنڊ حوالي ڪيو وڃي، يا وري وارثن جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي سندس ٻن دوستن کيس لاش مائٽن حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جڏهن ته سندس ٽئين گهڻ گهري دوست کيس صلاح ڏني هئي ته ڀُٽي جي لاش کي سنڌ کان ٻاهر پشاور ۾ دفنايو وڃي.

ملڪي ليول توڙي سنڌ ۾ به اڄ ڀٽو دوستي ۽ ڀٽو دشمني واري سياست آهي، ڀٽي جي قرباني ۽ سندس خاندان جون قربانيون ۽ عوام کي زبان ۽ سياسي شعور ۽ سگهه ڏيڻ واريون خوبيون پاڪستاني سياست جو محور آهن.

ذوالفقار علي ڀُٽي يقينن پنهنجي دؤر ۾ چڱن ڪمن سان گڏ غلطيون به ڪيون، جيڪي پڻ تاريخ جو حصو آهن، پر ڀٽو فيڪٽر اڄ به هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، جيستائين هيءُ ملڪ قائم آهي، تيستائين اُهو فيڪٽر موجود رهندو، جنهن ڀٽي کي جسماني طور تي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو پر اڄ به هن جي چاهيندڙن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

خدا بخش خدن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو۔

عنايت ميمڻ

لاهوري محلي ۾ ننڍڙي بازار آھي، جتي خدا بخش عرف خدن ميمڻ جو هوٽل هوندو هيو. هڪڙي پاسي هوٽل ته ٻئي پاسي مٺائي جو دوڪان هيو جيڪو هاڻي کير ۽ ڏهي جي دوڪان ۾ تبديل ٿي ويو آھي. باقي هوٽل جيڪو ان جو سوٽ امداد هلائيندو هيو ان جي چانھ مشهور هوندي هئي ماڻھو الائي ڪٿان ڪٿان سيڙجي چانھ پيئڻ ايندا هيا. اهو هوٽل هاڻي ان جي اولاد هلائي ٿي پر اتي اها رونق ناهي. اهو هوٽل هوٽل نه هيو ڄڻ هڪڙي اوطاق به هئي جتي اندر جو حال اچي اوربو هيو. هتي هن هوٽل تي ايوب جي دور ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور جا سياسي اثر رهيا وڏا بحث مباحثا ٿيندا هيا. ادبي سياسي سماجي ۽مذھبي ڪچهريون روز جو معمول بڻيل هيون۔ وڏا اسپيڪر لڳائي وڏن سيلن واري ريڊيو تي رڳو بي بي سي ٻڌبي هئي ايرئل جي ذريعي خبرون چٽيون پٽيون ٻڌڻ ۾ اينديو هيون۔ ملڪي حالتن جي باري ۾ پاڪستاني ريڊيو تي ماڻھون اعتبار ڪون ڪندا هيا ۽ هاڻي به ماڻھون اعتبار ڪون ٿا ڪن۔

خدن جو ذوالفقار علي ڀٽي سان عشق هيو ايوب جڏهن ڀٽي کي گرفتار ڪيو ت خدن ڏاڍو مايوس ٿي ويو هيو روز بي بي سي هلائي حال حوال وٺندو هيو۔ خدن وڏو محنتي ماڻھو هيو اڻ پڙھيو هيو هڪڙو هٿ ٺونٺ تائين ڪٽيل هيس پر ان جي باوجود محنت وارا ڪم ڪندو هيو۔ آئس ڪريم واري دٻي جي هينڊل کي هڪڙي هٿ سان هلائي آئس ڪريم ٺاهندو هيو ان هڪڙي هٿ سان ئي هو مائو ب ٺاهيندو هيو وڏي تئي ۽ باه جو ٿڪائيندڙ انتظار ڪري جڏهن کير کي مائي ۾ تبديل ڪندو هيو ت هن جا ٿڪ لهي ويندا هيا هو ان مائي جي ٿال کي کپائي ڪجه پيسا ڪمائي گذر سفر ڪندو هيو۔ ان ڏينهن جڏهن اوچتو اها خبر نشر ٿي ت ايوب ڀٽي کي آزاد ڪيو آھي ت هن جي خوشي جي انتھا ن رهي هن جي روز جو سرمايو هيو مائي جو ٿال جيڪو هن کپائڻ بجاء ڀٽي جي آزادي جي نالي تي ورهائي ڇڏيو اتي ئي ان هوٽل تي ڀٽي صاحب جا ملازم چانھ پيئڻ ايندا هيا انهن کي جڏهن اها خبرپئي ت انهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو. ڀٽو صاحب ٻئي ڏينهن تي خدن جي هوٽل تي آيو ۽ اچي خدن سان ڀاڪر پائي مليو هيو ۽ کيس خرچي ب ڏني هئائين. خدن جي خوشي جي انتها ن هئي هن اهي ڪپڙا ڪيتري عرصي تائين سانڍي رکيا هيا شايد ان ڪري ت انهن ڪپڙن ۾ ڀٽي صاحب جي ڀاڪر جي خوشبو هئي. اتي ئي ان پاڙي ۾ ڪجھ عرصي کانپوءِ ڀٽي صاحب پ پ پ جي هڪ آفس جو افتتاح ڪري خدن کي پارٽي ۾ شامل ڪري عهدو ب ڏنو هيو. ڪجھ عرصي کان پوءِ جڏهن خدن گذاري ويو ت ڀٽو صاحب تڏي تي آيو هيس۔ اڄ اها پارٽي ناهي ن ئي وري اهي ورڪر ۽ ليڊر آھن

اڄ اهو هوٽل ت آھي پر اهو خدن ڪونهي ۽ ن ئي اهو امداد آهي بحث مباحثا ب ناهن جو پاڪستان جي سياست ۾ پاڪيزگي رهي ناهي سياست رڳو ڪاروبار آھي گند آھي. هاڻي هوٽل تي وڏي آواز سان اسپيڪرن جو هنياء ڦاڙيندڙ آواز آھي جنهن ۾ فلمون هلن ٿيون هيرو ۽ ولن جي ويڙھ ۾ ماڻهون تماشائي ٿي پيا آھن۔ ماڻھن کي ڄڻ ھڪڙي پناه گاه ملي وئي آھي. هو هر فلم ۾ ولن کي مرندو ڏسي خوش ٿين ٿا. سياست ۾ عام ماڻھن جي دلچسپي شايد ان ڪري ناهي جو اتي هيرو مرن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا