; سنڌي شخصيتون: باغي فريد ملاڪاتياري

11 April, 2024

باغي فريد ملاڪاتياري

باغي فريد ملاڪاتياري

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نئين ٽهيءّ جي نوجوان ليکڪ ۽ شاعر باغي فريد ملاڪاتياري جو اصل نالو غلام فريد گامڙيو (ملاح) ۽ سندس والد جو نالو محمد عرس گامڙيو (ملاح) آهي. سندس جنم ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۸۵ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ سنڌو درياءّ جي ڪنڌيءّ تي سنڌ جي قديم وسنديءّ ملاڪاتيار ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ملاڪاتيار مان ئي حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جي تعليم ۲۰۰۵ع ۾ ملاڪاتيار جي هاء اسڪول مان حاصل ڪري، انٽر پرائيويٽ طور حيدرآباد مان پاس ڪيائين، والد جي بيماري ۽ وفات سبب گريجوئيشن اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. ۱۹۹۵ع ۾ يعني ٻاراڻي ٽهيءّ کان علم ۽ ادب سان چاهه هئس، ٻاراڻن رسالن ۾ پڻ ان عرصي ۾ لکيائين. ساز ملاڪاتياري جي اۡتساهڻ تي لکڻ جي شروعات ڪيائين، شروعاتي نثر طور سڀ کان پهرين ڪهاڻي لکيائين. شيخ اياز ۽ گدا ملاڪاتياري کي پنهنجو رُوحاني استاد تسليم ڪري ٿو.

شاعري جي شروعات ۲۰۰۵ع ۾ ڪيائين، شاعري جي باقاعده سکيا انعام ٽکڙائي ۽ بخشل ملاڪاتياري کان ورتائين. غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، وائي، هائيڪو، ترائيل، چوسٽا، بيت سرجيا اٿس. ان کان علاوه ڪالم، مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ٻه ناول ”آئون ازل کان صوفي آهيان“ ۽ ”اڙانگو پنڌ“ اڻڇپيل آهن. جڏهن ته هڪ ڪهاڻين جو ۽ ٻيو شاعري جو مجموعو پڻ اڻڇپيل اٿس. بنيادي طور انتهائي مسڪين ماڻهو آهي، پيٽ گۡذر خاطر، روزگار سانگي لڳ ڀڳ سڄي سنڌ جهاڳي اٿس. مسڪيني گهڻا امتحان به ورتا اٿس، پر ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو. فقيراڻي طبعيت جي باوجود سندس مزاج ۾ طنز و مزاح جا ڪيئي رنگ رچيل آهن. شاعريءّ سان دلي لڳاءۡ سبب ۲۱ فيبروري ۲۰۱۹ع تي سندس شاديءّ جي تقريب ۾ مۡشاعري جو اهتمام ڪيائين، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ڪيترن ئي شاعرن اچي شرڪت ڪئي هئي. سندس لکڻيون کوڙ سارن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن ۽ ڇپجنديون رهن ٿيون. (ا.ڀ)

باغي فريد ملاڪاتياري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

گيت

تنھنجي سڪ سڄڻ ھيڪاندي آ،

ھليا دل تولاء ماندي آ.

مونکي من ۾ رڳو سوچون آھن،

ھرپل تنھنجا ٿا خيال اچن،

ھڪڙي نہ گھڙي ڪا واندي آ.

محبوب تہ مرشد ھوندو آھي،

ھر سڏ تي پھچي ويندو آھي،

منھنجي جاء تنھنجي پيراندي آ.

ميراث تنھنجي محبت مون لئہ،

بس ڪافي ھيء دولت مون لئہ،

بيڪار ٻيو سون چاندي آ.

"باغي" مان دنيا کان آھيان ٿيو،

تنھنجي سونھن تي سر نمايان ٿو،

ھيء جان تہ ازل کان باندي آ.

***********************************************

غزل

تنھنجي ياد جي خوشبوء،

منھنجو من مھڪائي پيئي.

نغما ڪي ئي من ۾ وڄن ٿا،

راڳ نوان ڪي ٻڌائي پيئي.

تنھنجي سار ۾ سپنا سانڍي،

اکڙين ۾ سي لڪائي پيئي.

رات سياري جي الڪن ۾ ئي،

تنھا تنھا وھائي پيئي.

منھنجا او البيلا "باغي"

تنھنجا ڏس پڇائي پيئي.

***********************************************

غزل

مان نٿو ڄاڻان مگر توتي ٿيو وشواش آ،

جيء سان جوڙي ڇڏيو تو پيار جواحساس آ.

لوڪ ۾ ڀل ڳائجي پيو جو لکي مون آ ڇڏيو،

هي نئون نت ئي نرالو عشق جو اتهاس آ.

تون هجين سامهون سڄڻ ٻيو ڪين ٿوڪجهه ڀي کپي،

دل چريء کي تو سوا آيو نه ڪو ٻيو راس آ.

ڪامنا ماڻي وٺي هي پيار پنهنجو او پرين!

بس اڌوري ئي رهي هيء من اندر جي آس آ.

عشق کي رهبر ڪيو مون لوڪ ديوانو چيو،

 عشق مان مونکي ملي چاهت سندي جا چاس آ.

ناهي "باغي" هيڪلو هرڪو هتي مدھوش آ،

سونهن جو جنهن جنهن وتو آهي هتي ير واس آ.

**********************************************

مزاحيہ طرحي غزل

ٿڪي پيس مان ھر ھر ڀڄائي مکيون،

ويٺيون نڪ منھنجي تي ميلو مچائي مکيون.

چيو ڊاڪٽر جمال مونکي ھاڻ جھل دٻ،

ويون مال تنھنجي تي ھن مٺائي مکيون.

پچون بہ پٽيل ھي کايون وڃن ٿيون،

بنجر ڇپر سڀ ڇڏينديون پٽائي مکيون.

ڪنن ۾ ڪٽ ڪٽ ڪري بيزار ڪن،

بي سرا ھي گھڻا راڳ ڳائي مکيون.

ھڻان تيل ٽڪڻ تي تہ بہ ترڪيو اچن،

تر منھنجو ڇڏين ٿيون تپائي مکيون.

مکين جو سوچيان پيو ڊيلر ٿيان،

"ڪو وٺي مان ڇڏيندس کپائي مکيون".

چٽي منھنجو بدن چريون چاه ۾ ٿي،

نينھن باغيء سان ويٺيون لڳائي مکيون.

No comments:

راءِ ڏيندا