مسڪين ملاڪاتياري
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر
مسڪين ملاڪاتياري ۱۹۲۳ع ۾ ٽنڊو محمد خان لڳ سنڌو
درياءّ جي ڪنڌيءّ تي آباد شهر ملاڪاتيار ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد عثمان
پاٽولي ۽ سندس والد جو نالو سڪڻو خان پاٽولي هو. آخوند حاجي محمد طيب جي مدرسي ۾
قرآن شريف پڙهي، بعد ۾ ڳوٺ جي ئي اسڪول مان چئن درجن تائين تعليم حاصل ڪيائين.
غربت سبب دوڪانداري جي ڌنڌي کي لڳي ويو. شاعري جو ننڍپڻ کان شوق هئس. علمي صحبتن،
عالمن ۽ شاعرن جي دوستيءّ جي اثر سبب ۱۹۴۳ع ۾
والد جي وفات کانپوءِ باقاعده شاعري ڪيائين. ”ماهتاب ڪاتياري“ جي نالي سان پهريون
ڪتاب ڇپايائين، جيڪو ملاڪاتيار جي درويشن جي ڪرامتن جي قصيدن تي مشتمل هو. سو ڪتاب
هاڻي ناياب آهي. سندس ٻيو ڪتاب، سندس ئي شعري مجموعو ”سانوڻ ڪاڻ سڙان“ پڌرو ٿيو.
بهترين شاعري تي کيس ڪيترائي
ايوارد ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، ٽکڙ سان وابسته اعلي' پايي جي عالم علامه قاضي سيد
اسدالله شاهه سان سندس خاص تعلق رهيو. سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر امداد حسيني
ملاڪاتيار جي ٽن بهترين شاعرن کي ملاڪاتيار جو ادبي ٽيڙو سڏيو آهي، جن ۾
"مسڪين“ ملاڪاتياري، "گدا“ ملاڪاتياري ۽ ”ساز" ملاڪاتياري شامل
آهن. مسڪين ملاڪاتياري، ملاڪاتيار شهر ۾ ادب جي ڏيئي جي وٽ سوري، پاڻ ٻاري، ادبي
جوت کي جيئاريندو رهيو. ملاڪاتيار، ٽکڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ ان جي آسپاس ۾ ٿيندڙ
مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ مسڪين، ساز ۽ گدا جي شرڪت لازمي سمجهي ويندي هئي. اهو ئي
سبب آهي جو هۡڳ مشاعرن ۾ پنڌ به اچي پهچندا هئا. طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ وڌي
چڙهي حصو به وٺندا هئا. مسڪين ملاڪاتياري جي شاعري سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي،
هۡو روزاني عبرت اخبار جو مستقل شاعر هو. کيس پنهنجي شهر جي نيڪ نامي سان عشق هو،
غريب هوندي به غريبن جي مدد سان گڏ اجتماعي قومي خدمت جو جذبو سرس هئس. سنڌي ادبي
سنگت، ڏات ڏيپ مارڪو، علامه آء آء قاضي ادبي فورم سميت ڪافي علمي ۽ ادبي ادارن سان
سلهاڙيل رهيو. مسڪين ملاڪاتياري ۲۷ مارچ ۱۹۹۹ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ملاڪاتيار شهر ۾ آهي. (ا.ڀ)
مسڪين ملاڪاتياري جو چونڊ ڪلام
هيٺ ڏجي ٿو:
وائي
چنڊ چڙهيو ۽ تارن تانگهيو، ڪتين
موڙيا ڪّرۡ، الا!
آئي ڪانه پّهّر الا!
مارو منهنجا مالوندا سي گهارين
۾ گوندر الا!
ٻولي منهنجي ٻاروتڻ جي نانءۡ
سڄي نڌر الا!
راتيون جاڳي اوسيئڙي ۾ کولي
ڇڏيم در الا!
ڪاريون ڪاريون قهري راتيون زهر
هي پهر پهر الا!
ماٺ ڪري نه "مسڪين"
وهان مون ڏورن پيو ڏونگر الا!
************************************************
غزل
تون به آهين بيقرار، ۽ مان به
آهيان بيقرار،
تون نه رو، توکي ڏسي مان پڻ
ٿيان ٿو اشڪبار.
ڇا ڪريان ڪو وس نه آ، حيلو هلي
ٿو ڪونه ڪو،
دربدر تون ڀي آهين، دۡک مون مٿي
پڻ بيشمار.
شاخ تي بلبل ڏٺم، جنهن پڻ چيو
روئي مونکي،
هئا هتي گل-خار گڏ، گۡل ويا،
رهيا هت خار خار.
دادگر آهي ڪٿي، جو بيقراري دۡور
ٿئي،
دل جگر سينو سڙي ٿي پيو آ سڄو آ
داغدار.
دۡور ڪر هي درد و غم، ڇڏ هي رئڻ
راڙو، اۡٿي،
اڄ سڀان ايندو وري، ساڳو سمو ڪر
اعتبار.
ماٺ ڪر "مسڪين" هي
سارو زمانو زهر آ،
ڪو نه آ ڪنهن جو رهيو اڄ يار،
ڀائر، ڌار ڌار.
***********************************************
گيت
گهڙي وره ڏيکاءۡ الا،
او گهڙي وره ڏيکاءۡ!
تو بن پيارا هن دنيا ۾ آهن گهرا
گهاءۡ!
بار برهه جي بوج وڌايو، روح سڄو
هن راز رلايو،
ڪنهن پر ايندين دل جا دلبر سڪ
اچي سمجهاء!
تار ترڻ جي طاقت ناهي، بحر ۾
ڪير ٿو پيرڙو پائي،
تارۡن جا ويا طاق لڳي هي هيڏو
سمنڊ اٿاھ!
چنڊ ستارن سان ٿو اوريان، رات
اکين تي گهوريو گهوريان، پ
پره ڦۡٽيءّ سيئن پار پۡڇائي
ساجن ڪيم سماءۡ!
سور ستائن پور پچائن، هول هچارا
هينئڙو کائن،
قرب تنهنجي ۾ قربن وارا پيار نه
ڪو پڙلاءۡ!
************************************************
بيت
۱.
پيرين هٿين پدمڻي، جڙي زنجيرن،
ووء ووء ويچاريءّ کي، وڪوڙيو
ويرين،
هر پل هئي هيرن، سا لوه لوڏي
ٻانهئين!
۲. پيرين
هٿين پدمڻي، حسن به ڄڻ ته حور،
ستيءّ کي هن سومري، ساري ڏنا
سور،
پورن مٿي پور، ٿي مارئي ڪٽي محل
۾!
۳. پيرين
هٿين پدمڻي، سادي سياڻي،
عمر جي انصاف تي، روئي ٿي راڻي،
مارئي ٿو ماڻين، پر خوشي لۡٽئين کيت جي!
No comments:
راءِ ڏيندا