; سنڌي شخصيتون: ساز ملاڪاتياري

11 April, 2024

ساز ملاڪاتياري

ساز ملاڪاتياري

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



ساز ملاڪاتياري چئجي يا ساز ڪاظمي چئجي، ٻئي سندس ادبي نالا آهن، پهرين ساز ملاڪاتياري جي نالي سان لکيائين، پوء ادبي دنيا ۾ ساز ڪاظمي بنجي ويو. سندس اصل نالو سيد علي احمد شاهه ۽ سندس والد جو نالو شاهنواز شاهه آهي. سندس جنم ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو.


شروعاتي تعليم ملاڪاتيار مان ئي حاصل ڪيائين. ۱۹۶۲ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان اڳ ۱۹۶۸ع ۾ صحافتي زندگي جو آغاز ڪندي، روزاني عبرت اخبار جو ملاڪاتيار ۾ رپورٽر مقرر ٿيو هو. ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيائين. روزاني هنڱوراڻا سنڌ ۾ ”سچ ۾ مچ“ جي عنوان سان سلسليوار ڪالم لکيائين. بعد ۾ صحافت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري فقط شاعري طرف ڌيان ڏيڻ لڳو. مسڪين ملاڪاتياري سان گڏ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مشعول رهيو، ”اداره حُب الوطن“ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ملاڪاتيار ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان گرلس اسڪول جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري گرلس اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. سندس زندگي جو وڏو علمي ۽ ادبي عرصو ٽکڙ ۾ گذريو، جتي اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني، شبير هاتف، نظير ٽکڙائي، سوز ٽکڙائي، تاج ٽکڙائي، داغ ٽکڙائي، سعيد ٽکڙائي ۽ ٻين شاعرن جي همعصري ۾ شاعري جا سبق حاصل ڪيائين، نعتيه شاعري سان گڏ اردو شاعري سميت سنڌي شاعري جي مختلف صنفن عزل، نظم، وائي، ڪافي، گيت تي طبع آزمائي ڪيائين، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شروعات کان وٺي شاعري گنگنائي ڳائيندو رهيو. ان منفرد گائيڪي واري انداز جي حوالي سان سُٺي شهرت ماڻيائين. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”دل دنبورو جن“ اڻڇپيل حالت ۾ سندس پونئرن وٽ موجود آهي. جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي. هن ساز ڪاظمي ۽ ساز ملاڪاتياري جي نالي سان ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو. پر گهڻي شهرت ساز ملاڪاتياري جي نالي سان مليس. سنڌي ٻولي جو سرموڙ شاعر امداد حسيني، مسڪين ملاڪاتياري، گدا ملاڪاتياري ۽ ساز ملاڪاتياري کي ملاڪاتيار جو "ادبي ٽيڙو" سڏيندو هو. سندس شاعري درسي ڪتابن ۾ به شامل رهي آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ۲۰۱۳ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس هڪ لک روپيا وظيفو پڻ ڏنو ويو هو. ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد ۲۵ آگسٽ ۲۰۱۶ع بروز خميس تي لاڏاڻو ڪري ويو، کيس سوين آلين اکين سان ملاڪاتيار ۾ سندس ابائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم کي هڪ پُٽ جو اولاد سيد شاهنواز شاهه نالي آهي، جيڪو پڻ ملاڪاتيار جو نوجوان صحافي ۽ متحرڪ قومپرست ڪارڪن رهيو آهي پر هن وقت سياست توڙي صحافتي دنيا کان ڪناره ڪش ۽ پنهنجي پيٽ گۡذر ۾ مصروف آهي. (ا.ڀ)

ساز ملاڪاتياري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

وائي

پاءِ کنوڻ جو هَس بادل، وَس وَس بادل وَس!

مون ڏي وانگي ڪونه منجهانِ وريو،

الا مارن ڇو ڪئي بَس بادل!

الا سانگيئڙن نه ڪا سار لڌي،

ڏِج جهانگيئڙن کي جَس بادل!

الا تاڃيءَ پيٽي پٽ مارو،

جن جي ريهاڻين ۾ رَس بادل!

الا ’ساز‘ وطن ۾ ساهه ڏيان،

پوءِ ته ڪالهي ڪَس بادل!

*************************************************

نظم

ڇّڙّ اۡتر ۾

ڪڪرائين اجرڪ اوڍي

آڌيءّ ويلي

اوسيئڙي ۾ آس اۡسڙڪي

نرمل جسم

ٿڙ ٿڙ ٿڙڪي

دل جيئن ڌڙڪي

چانڊوڪيءّ جو

هانءۡ تهائين هۡڙڪي!

************************************************

نظم

دوستو ڇا لکان?

ڪالهه جان اڄ مان،

پل جيان پل مران.

مال تي مست هو،

حال تي مست مان،

چئو رئان يا کلان?

وقت ئي ويسلائي،

ڪڍي ويو وري،

ٻانهون ٻئي ٺونٺ کان

جي لکان،

ڪيئن لکان?

************************************************

نظم

"مون پنهنجو وير ورائي ورتو"

موتي ۽ داڻي جهڙي وينگس،

ٻانگ مهل جو،

بنگلي جو دروازو کولي، نڪري آئي،

سۡڏڪي، سۡڏڪي، روئي چيائين،

سۡوئر وڏيرو،

منهنجو ڪانڌ ڪۡهائي،

لاش درياه ۾ لوڙهائي،

مونکي رات کڻائي آيو،

هن بنگلي ۾،

ٻه ٽي شيشا ڏوڪي،

سۡوئر جهڙيون مۡڇون مروٽي،

مونکي پڪڙي، ڀاڪر پائي،

مونکي چئي ٿو:

"مۡڙسهين مون مارائي ڇڏيو!

ٻيو سڀ ڪم لهرائي ڇڏيو!

هاڻي منهنجي ٿيءّ پياري!

پيءّ پياري، جيءۡ پياري!"

بوتل کڻندي، ٺڪاءۡ ڪرائي مانس،

مغز ڌاري!

وٽجي سٽجي، پٽ تي ڪريو،

وري نه اۡٿيو،

وري نه اۡٿندو!

مون پنهنجو وير ورائي ورتو!

هن بنگلي ۾ .............

هن بنگلي ۾،

مونکي رات کڻائي آيو،

منهنجو ڪانڌ ڪۡهائي،

لاش درياه ۾ لوڙهائي،

سۡوئر وڏيرو!

سۡوئر وڏيرو!

No comments:

راءِ ڏيندا