; سنڌي شخصيتون: شفق ناز گلفام

12 April, 2024

شفق ناز گلفام

شفق ناز گلفام

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



شفق ناز گلفام، نامياري اديب غلام محمد ميمڻ "شھزادو گلفام" جي ڌيءۡ آھي. شهزادو گلفام جيڪو ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ فلمي/ ثقافتي صحافت جو مشھور نالو ھو. جنھن ريڊيو تي "گامو جا گفتا" مسلسل ڇه سال ھلائي شھرت ماڻي. ٽنڊي محمد خان سان واسطو رکندڙ لاتعداد اهڙا نامور نالا آهن، جن بابت اسانکي ڪا به ڄاڻ يا معلومات نه آهي. ان لحاظ کان مردن کي ڇڏي ڪري وري عورتن جي معلومات به ناپيد پئي رهي آهي ته اهي عورتون ڪي علمي، ادبي خاندان سان نه صرف تعلق رکن ٿيون پر پاڻ به علمي ۽ ادبي شمع جلائينديون رهنديون آهن. انهن گمنام نالن مان شفق ناز گلفام به هڪ آهي.


شفق ناز گلفام ٽنڊو محمد خان جي مشهور شخصيت گل محمد ميمڻ جي سڳي ڀائيٽي آهي، جيڪو ٽنڊي محمد خان جي ميرن جي عروج ۽ زوال جو اکين ڏٺو شاهد هو. پهرين ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جي خاندان مان پونئرن جو مينيجر هو پر بعد ۾ مير اعجاز ٽالپر وارن جو مينيجر ۽ وفادار رهيو. شهزادو گلفام مشهور اديب، فلمن جو اسڪرپٽ رائٽر ۽ ادب جو وڏو نالو هو. گل محمد ميمڻ ۽ نور احمد عرف نوري ميمڻ سندس ڀاءُ هئا. شهزادي گلفام جي ڌيءۡ شفق ناز گلفام گل محمد ۽ نور احمد ميمڻ جي ڀائٽي آهي. توڙي جو شهزادو گلفام ٽنڊي محمد خان ۾ گھٽ عرصو رهائش پذير رهيو پر سندس ٻه ڀائر ٽنڊو محمد خان جي ميرن جي پاڙي ۾ رهندا هئا، جيڪي محمد خان "غني" جي سالي جا فرزند ۽ نامياري بزرگ شاعر "تاج" ٽکڙائي جا سڳا ماسات هئا. شفق ناز گلفام جي ڏاڏي بچُل ميمڻ ۽ محمد خان "غني" جي زال سڳيون ڀيڻون هيون. ان حساب سان شفق ناز گلفام جو تعلق ٻه طرفو ادبي خاندان سان رهيو آهي. هڪ طرف سندس والد ته ٻي طرف محمد خان "غني" جي خاندان جي فرد آهي، انهن جو علمي ۽ ادبي اثر شفق ناز گلفام مٿان فطري هو. انڪري ٽکڙ جي سرزمين سان تعلق رکندڙ خاندان جي نياڻي اديب هجي شاعري نه ڪري اهو ممڪن نه آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته شفق ناز جي اردو شاعري ئي مقبول آهي. سندس سنڌي شاعري عام نظرن کان اڃا تائين اوجهل رهندي منظر عام تي نه آئي آهي. شهزادي گلفام جي نياڻي شفق ناز گلفام ۲۴ فيبروري ۱۹۷۲ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڄامشوري مان حاصل ڪيائين، گريجوئيشن ۽ ماسٽر ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين، انهيءَ کانسواءِ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد علامه اقبال يونيورسٽي ۾ ملازمت شروع ڪري عملي زندگي جو آغاز ڪيائين، هن وقت تعليم کاتي ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر ڪم ڪري رهي آهي. ڪراچي جي مقامي اخبارن مثال طور: ايمان اخبار، وقت اخبار ۾ ڪيترائي آرٽيڪل لکي ۽ اردو شاعري شايع ڪرائي اٿس. ڪاليج جي بزم تمثيل اسٽيج ڊرامي جي ڪميٽي جي سرواڻ آهي ۽ هدايتڪاري جا فرائض به سرانجام ڏيندي رهندي آهي، انهن خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا اٿس. هڪ ڊرامو "پريت" نالي جيڪو خير محمد جي هدايتڪاري ۾ ۽ نومي ٽيلي فلم "خوشي" ۾ شهزادي گلفام جو لکيل گيت جيڪو ميڊم نور جهان ڳايو هو، اهو به ان ۾ شامل ڪيو ويو هو. ٻئي سنڌ ٽي وي تي به نشر ٿي چڪا آهن. شفق ناز گلفام کي نثر لکڻ تي به عۡبور حاصل آهي. حالات حاضره کان وٺي شارٽ اسٽوريز به لکندي رهندي آهي، پنهنجو يو ٽيوب چينل به اٿس، جتي پنهنجون وڊيوز اپلوڊ ڪندي آهي. ان يۡو ٽيوب چينل جو نالو "بنت گلفام" آهي. جنهن تي شفق ناز پنهنجي شاعري پڻ وڊيوز جي صورت ۾ اپلوڊ ڪندي رهندي آهي.(ا.ڀ)

شفق ناز گلفام جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

نظم

"عورت"

عظيم هون وفادار هون،

رحم دل مين تابعدار هون.

پهر بهي جلائي جاتي هون

بن پوچهي بياهي جاتي هون

بوجهه اٽھائون گھر بهر ڪا

پهر بهي مين بوجه سمجهي جاتي هون

پهر بهي جلائي جاتي هون

بهائي چاچا تايا ماما

سب ڪي ڀرپائي مين ڪرتي هون

شان سي گناه وه ڪرتي هين

وني اور ڪاري مين بنائي جاتي هون

بن پوچهي بياهي جاتي هون

نه ملي جهيز تو جلائي جاتي هون

نه پيدا ڪرون بيٽا

تو منحوس ڪهلاتي هون

نڪلون جو ڪام ڪاج ڪو

تو آواره ڪهلاتي هون

داغ داغ ڪرتي هو

ميرا دامن مل مل ڪي

آواز جو اٽهاني جائون

تو تيزاب ۾ نهلائي جاتي هون

مين پهر بهي جلائي جاتي هون

ڪب عورت ڪو انسان سمجهو گي

ڪب اس ڪو جيني تم دو گي

رحمدل هون تابعدار هون مين

پهر بهي جلائي جاتي هون

عظيم هون وفادار هون

مين پهر بهي جلائي جاتي هون

مين پهر بهي جلائي جاتي هون.

************************************************

نظم

بي بسي ڪي انتها

زندگي رنگ بدل رهي هي

اورمين بهي بس ديک رهي هون،

هر شي رنگ سي بي رنگ هو رهي هي

اور مين بي بس ديک رهي هون

دن مانگي دعا رات مانگي دعا

هر دعا بي اثر هو رهي هي

اور مين بي بس ديک رهي هون

ڪس ني مٺي ڪي هي

بند زندگي ڪي ريت بچاني ڪو

مٺي سي ريت ڦسل رهي هي

اور مين بي بس ديک رهي هون

ڪي ڪيا حيلي وسيلي ڪيي

ڪيا ڪيا منت مراد

پر رب ڪي رضا ڪچهه اور هي

اور مين بي بس ديک رهي هون.

No comments:

راءِ ڏيندا