شفق ناز گلفام
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
شفق ناز گلفام، نامياري اديب
غلام محمد ميمڻ "شھزادو گلفام" جي ڌيءۡ آھي. شهزادو گلفام جيڪو ريڊيو
براڊ ڪاسٽنگ ۽ فلمي/ ثقافتي صحافت جو مشھور نالو ھو. جنھن ريڊيو تي "گامو جا
گفتا" مسلسل ڇه سال ھلائي شھرت ماڻي. ٽنڊي محمد خان سان واسطو رکندڙ لاتعداد
اهڙا نامور نالا آهن، جن بابت اسانکي ڪا به ڄاڻ يا معلومات نه آهي. ان لحاظ کان
مردن کي ڇڏي ڪري وري عورتن جي معلومات به ناپيد پئي رهي آهي ته اهي عورتون ڪي علمي،
ادبي خاندان سان نه صرف تعلق رکن ٿيون پر پاڻ به علمي ۽ ادبي شمع جلائينديون
رهنديون آهن. انهن گمنام نالن مان شفق ناز گلفام به هڪ آهي.
