غلام نبي ”شاعر“ خاصخيلي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
غلام نبي "شاعر"
خاصخيلي ۱۰ اپريل ۱۹۵۲ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو محمد جمن خاصخيلي آهي.
سندس ادبي نالو ”شاعر“ خاصخيلي آهي. پرائمري تعليم ۱۹۶۳ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪري، ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ ۽ ۱۹۷۰ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مان انٽر جو امتحان
پاس ڪيائين.
ٻالڪپڻ کان علم ۽ ادب سان وڏو
چاهه هئس. اداره گلشن ادب ۽ نشاط ادب جي پليٽ فارمن تان علمي ۽ ادبي سرگرمين جي
شروعات ڪيائين. ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۰ع تائين يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ، پاڪستان اسٽيل ملز، ميونسپل ڪميٽي ۾
نوڪريون ڪيائين، جنهن بعد تعليم کاتي ۾ استاد طور مقرر ٿيو. جتان ۲۰۱۳ع ۾ ريٽائرمينٽ وٺي وري علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۱۳ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو
محمد خان جو باقاعده ميمبر بڻيو. بعد ۾ شاخ جو خزانچي ۽ مختلف وقتن تي شاخ جي
ڪاروباري ڪميٽي ۽ چونڊ ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. ۲۰۲۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي ڪائونسلر چونڊيو ويو. ۲۰۱۳ع ۾ چوسٽي جي صنف کان شاعري جي شروعات ڪيائين. جنهن بعد قطعا، حمد، نعت،
منقبت، قصيدي سميت بهترين غزل پڻ سرجيائين. بهترين شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سٺو نثر
نگار ۽ راڳي پڻ آهي. سندس شاعري تي فارسي جو پڻ گهڻو اثر آهي. سندس تخليقون مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌي ٻولي جي ڀلوڙ شاعرن احمد خان اختر ۽ حسن
درس سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي رهي ۽ سندن ڪيتري ئي شاعري کيس برزبان ياد آهي.
هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان
چيپٽر جي پليٽ فارمن تان علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
غلام نبي ”شاعر“ خاصخيلي جو
چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
غزل
تماشي کي ڏسڻ جي لاءِ سڄو سنسار
بيٺو هو!
منهنجي سنگسار لاءِ پٿر کڻيو
دلدار بيٺو هو.
ڪيا وعده وچن جنهن ٿي حياتي گڏ
گذارڻ جا،
زماني سان ملي سو اڄ اسان کـان
ڌار بيٺو هو.
ڏئي سوغات غم جي آ ويو جيڪو
هتان هاڻي،
ڏٺم جو غور سان ان کي منهنجو
غمخوار بيٺو هو.
لــڳو تالو ٿيو دَر بند مئخاني
جو اي ساقي!
مگر هڪ جام جي خاطر اڃان مئخوار
بيٺو هو.
جهُڪڻ باطل اڳيان يارو! مناسب
ناهي مردن کي،
چڙهي ڪو دار تي اهڙو ڪيو اظهار
بيٺو هو.
بلاول ئي نه هو هڪڙُ رڳو هن ديس
۾ وَرنه،
گهِڙڻ گهاڻي اندر هرڪو هتي تيار
بيٺو هو.
ڦري هر وقت ٿو منظر نگاهن ۾
قيامت جو،
جهليو ڪشڪول پنهنجي ماءَ سان گڏ
ٻار بيٺو هو.
ڪيان ساراهه ڇا تنهنجي سخا جي
اي سخي حاتم!
صبح کان شام تائين در جهليو
پينار بيٺو هو.
خُوديءَ کي پاڻ مان پنهنجي ڪيان
مِسمار ڪيئن آخر!؟
“اڳيان منهنجي هئڻ منهنجو بڻيو
ديوار بيٺو هو”.
لڳو سرمست ٿي شايد اوهان جي شهر
۾ “شاعر”،
هڻي نعرو انالحق جو سَرِ بازار
بيٺو هو!
***********************************************
غزل
اوهان سان پرين پيچ پائي ڏسون،
زمين آسمان سان ملائي ڏسون.
چون ٿا محال آهي پنهنجو ملڻ،
چڱو ڀاڳ ٿا آزمائي ڏسون.
رکي تنهنجي تصوير دل ۾ مٺا!
زماني کان توکي لِڪائي ڏسون.
سُکن سان ٿو سڀڪو نڀائي مگر،
ڏکن سان به يارو! نڀائي ڏسون.
ڀلا غير سان ڇو لڳايون وڃين،
کڻي پاڻ سان دل لڳائي ڏسون.
اچي ٿو نه موٽي جتان ڪو وري،
وڃي پاڻ کي اُت وڃائي ڏسون.
پڙهي شعر تنهنجا چوي دل ٿي
“شاعر”،
غزل گيت تنهنجو ڪو ڳائي ڏسون.
*************************************************
غزل
اُهو وقت وسري ڀلا ڇو اسان کي؟
ڪڏهن پيار تو ڀي ڪيو هو اسان
کي.
ملي ڪو نه پتو ٿو اسان کي،
وڃي هاڻ ڳولي اچو ڪو اسان کي.
متان دل بهلجي پوي ڪا اسان جي،
ٻڌايو! ڪو نغمون لتا جو اسان
کي.
حقيقت اسان جي اسان ئي ته
ڄاڻون،
فسانو بنايو مگر تو اسان کي.
وسارڻ ۾ جنهن کي لڳو هو زمانو،
وري ياد آيو الئه ڇو اسان کي.
ستمگر مقابل ٿيو آ اسان جي،
ڏيو حرف ڪوئي دعا جو اسان کي.
ڏجي ڏوهه غيرن کي “ شاعر” ڀلا
ڇو؟
اسان ئي ڪيو هو تماشو اسان کي.
اچي ٿو نه موٽي جتان ڪو وري،
وڃي پاڻ کي اُت وڃائي ڏسون.
پڙهي شعر تنهنجا چوي دل ٿي “
شاعر”،
غزل گيت تنهنجو ڪو ڳائي ڏسون.
************************************************
غزل
جو رهي ٿو حجاب ۾ اڪثر،
ٿو اچي روز خواب ۾ اڪثر.
عڪس تنهنجو پرين! ڏٺو آ مون،
ناز پرور! گلاب ۾ اڪثر.
روز تلقين ٿو ڪري واعظ،
ٿا رهون احتساب ۾ اڪثر.
جهُور پيريءَ ۾ ڇا ڀلا ٿيندي؟
هر خطا آ، شباب ۾ اڪثر.
ذڪرِ غلمان حُور ڇو آخر!؟
شيخ صاحب! خطاب ۾ اڪثر.
بي سبب بي رُخي! خبر ناهي،
ڇا چئون ڇو چئون جناب ۾ اڪثر!
ڪير ڪنهنجو نه آ زماني ۾،
مون پڙهيو آ، ڪتاب ۾ اڪثر.
ڪو به جي ظلم ٿو ڪري “شاعر”!،
سو جئي ٿو، عذاب ۾ اڪثر.
No comments:
راءِ ڏيندا