; سنڌي شخصيتون: ساگر سڪندر پُسيو

11 April, 2024

ساگر سڪندر پُسيو

ساگر سڪندر پُسيو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



ساگر سڪندر پُسيو نه رڳو هڪ سريلو سنجيده شاعر آهي پر طنز و مزاح توڙي مزاحيه شاعري ۽ ان ۾ به خاص طور پيروڊي تي کيس خاص ملڪو حاصل آهي. سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي ميدان جو انتهائي سرگرم تخليقڪار آهي، جنهن جو پنهنجو اسلوب آهي، پنهنجي واٽ اٿس، دوست هن کي سڪۡو پسيو به سڏيندا آهن پر نئين ٽهيءّ جي هن نوجوان شاعر ساگر سڪندر علي پُسيو جو اصل نالو محمد عرس پُسيو ۽ سندس والد جو نالو گل محمد پُسيو آهي.


ساگر سڪندر جو جنم ۱۱ جنوري ۱۹۸۳ع تي ڳوٺ گل محمد پُسيو لڳ نائون ميل بس اسٽاپ تعلقي بُلڙي شاهه ڪريم ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاء اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان پاس ڪيائين، شاعري جي شروعات هاء اسڪول جي دور کان يعني ۱۹۹۳-۱۹۹۴ع کان ڪيائين، پر پوء ڪجه وقت لکڻ ڇڏي ڏنائين، وري لکڻ جو باقائده آغاز ۲۰۰۵ع کان ڪيائين. شاعري جي شعبي ۾ سندس استاد، نئين ٽهيءّ جو ڀلوڙ شاعر عاشق علي ڳاهو آهي. بيتن جي گهڻي سکيا وري سنڌ ڪنهه مشق شاعر سائين آسي زميني کان ورتائين. پيروڊي ۽ طنز مزاح ۾ سندس ڀرجهلو ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ سائين رحمت الله ماڃوٺي آھي. شاعري ۾ نثري نظم، غزل، نظم، بيت، ٽيڙو، چندن، پنج ڪڙا، پنجوڙ، ترائيل، وائي ۽ ٻين کوڙ صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهيو آھي. انهن ئي صنفن جي حوالي سان اڻڳڻيون پيروڊيون به لکي چڪو آهي. ۲۰۰۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهي چڪو آهي. تمام سُٺو شاعر آهي، طنز و مزاح جي شعبي تي عۡبور حاصل اٿس، في البديهه رنگ ۾ به رنگجي ويندو آهي. سنجيده رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري توڙي مزاحيه شاعري سان گڏوگڏ لاتعداد شاعرن جي شاعري جون پيروڊيون به سرجيون اٿس، جنهن پيروڊيز جي بدولت کيس سموري سنڌ ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي آهي، پنهنجي مزاج ۾ ڪيتريون ئي دلرۡبائيون رکي ٿو. يارن جو يار به آهي ته وري سهپ ۽ برداشت جو مادو به سرس اٿس. سندس تخليقون کوڙ سارن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سان سلهاڙيل آهي.

ساگر سڪندر پۡسيو جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

راند ھڪڙي ڪَري ٿو ڏِسان وقت سان،

زندَگي داءُ تي اڄ رَکي بخت سان.

موت جو ڊپ نه ڏي مونکي جلاد تون،

مون آ جھيڙيو سدا سخت کان سخت سان.

ديس خاطر ٿڏي مون ڇڏي آڇ ھر،

ڪون منھنجي پئي تاج سان تخت سان.

راحتون ويون ملي روح کي ان مھل،

مان مليس جو وڃي با خدا مست سان.

جيءُ منھنجو جَڙي ھو ائين آ وَئي،

جيئن چولو ڀريو ٿو وڃي ڀرت سان.

**********************************************

نثري نظم

"مستقبل"

جوتشي هٿ ڏسندي ئي چيو

تنهنجي نصيب جو ڊوميسائل

ڪنهن ٻئي جي نالي تي ٺھي چڪو آھي،

تون پنهنجي ٻني مان نڪرندڙ گئس ۽ تيل جي حق تان،

تڏهن دستبردار ٿيو هئين

جڏهن تو پنهنجو ووٽ

ويڪائو وڏيري کي ڏنو هو

هر اهو ڏوھ

جيڪو تو ڪيو ئي ناهي

ان جي سزا،

تو لاء

اڳ ئي ڪورٽن ۾ مقرر ٿي چڪي آھي

تون

جيڪو به اَنُ پوکيندين،

اهو

سرڪاري گدامن مان غائب ٿي ويندو

۽ توکي

اَنُ خراب ٿي وڃڻ جي رپورٽ ڏئي

سدائين بکيو رکيو ويندو،

تنهنجي زندگي جي لڪير ڏاڍي ڊگھي آھي

پر تنهنجو موت

انتهائي ڀيانڪ آھي،

تنهنجو لانگ بوٽن سان چٿيل لاش

ڪنهن جھنگ مان دريافت ڪيو ويندو،

جنهن تي

 غدار هجڻ جو ليبل لڳل هوندو.

*********************************************

مزاحيه بيت

چونڊن تائين چڪار، جن پنھنجو پيٽ ڪيو،

تن جي ٻيھر سار، لھبي ايندڙ اليڪشن ۾.

****************************

جلسن مٿي جلسا، ڀتن مٿي ڀت،

ووٽر تنھنجا ھٿ، ٻڏندا رھن ٻوڙ ۾.

***************************

هڪڙو کاء ٻيو کڻ، ٽيون جلسو وڃي تاڻ،

چونڊن جي پڄاڻ، پڇندئي به ڪونه پيٽ جو.

***********************************************

مزاحيه غزل

ھاڻ ٿڪجي پيو ھان اڏائي مکيون.

ٺوڙه منھنجي ڇڏن ٿيون تپائي مکيون.

ڌوپجي ئي نٿو سيء ۾ منھن مونکان،

نيٺ وينديون قبضو ڄمائي مکيون.

پاچڪا مون ڀري ڳچ آھن رکيا،

ڪو وٺي مان ڇڏيان سڀ کپائي مکيون.

جي نه پئسو ھجي ڪر رکان ھڪ مزور،

جيڪو منھن تان پيو بس اڏائي مکيون.

چانه پاپا لسي سڀ ته جھينگي ويون،

يار آيون ڪٿان ھي الائي مکيون.




ساگر سڪندر علي پُسيو

اعظم ڀٽي

نئين ٽهيءّ جو نوجوان شاعر ساگر سڪندر پُسيو جو اصل نالو محمد عرس ۽ سندس والد جو نالو گل محمد پۡسيو آهي. ساگر سڪندر جو جنم ۱۱ جنوري ۱۹۸۳ع تي ڳوٺ گل محمد پۡسيو لڳ نائون ميل بس اسٽاپ تعلقي بُلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار مان پاس ڪيائين، شاعري جي شروعات هاء اسڪول جي دور کان يعني ۱۹۹۳-۱۹۹۴ع کان ڪيائين، پر پوءِ ڪجھ وقت لکڻ ڇڏي ڏنائين، وري لکڻ جو باقائده آغاز ۲۰۰۵ع کان ڪيائين. شاعري جي شعبي ۾ سندس استاد، نئين ٽهيءّ جو ڀلوڙ شاعر عاشق علي ڳاهو آهي، بيتن جي گهڻي سکيا وري سنڌ ڪنھ مشق شاعر سائين آسي زميني کان ورتائين، پيروڊي ۽ طنز مزاح ۾ ڀرجهلو ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ سائين رحمت الله ماڃوٺي آھي، شاعري ۾ نثري نظم، غزل، نظم، بيت، ٽيڙو، چندن، پنج ڪڙا، پنجوڙ، ترائيل، وائي ۽ ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهيو آھي. ۲۰۰۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهي چڪو آهي. تمام سُٺو شاعر آهي، طنز و مزاح جي شعبي تي عۡبور حاصل اٿس، مزاحيه شاعري سان گڏوگڏ لاتعداد شاعرن جي شاعري جون پيروڊيون به سرجيون اٿس، جنهن مان کيس تمام گهڻي مڃتا ملي، پنهنجي مزاج ۾ ڪيتريون ئي دلرۡبائيون رکي ٿو، يارن جو يار به آهي ته وري سهپ ۽ برداشت جو مادو به سرس اٿس. سندس تخليقون کوڙ سارن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سان سلهاڙيل آهي.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا