; سنڌي شخصيتون: نثاراحمد ”ناز“

13 April, 2024

نثاراحمد ”ناز“

نثاراحمد ”ناز“

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي نامياي شاعر نثاراحمد ”ناز“ سمون جو جنم ۱۲ جنوري ۱۹۶۱ع تي هوسڙي ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو محمد يعقوب سمون آهي. سندس والدين روزگار سانگي هوسڙي مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي بهراڻي پاڙي ۾ رهائش پذير ٿيا، جتي هي هن وقت به رهائش پذير آهن. نثار ناز جي تعليم ايم اي اڪنامڪس آهي. ۱۹۷۶ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعري ۾ سندس استاد شوڪت ڌماچ آهي. لڳ ڀڳ ۱۰۰ کان وڌيڪ شاعري جا اسم چتر ڪاري جي روپ ۾ انٽرنيٽ تي موجود اٿس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ۱۹۸۳ع کان ميمبر آهي، ٽنڊو محمد خان جي اڪثر ادبي ۽ سماجي تقريبن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو رهيو آهي. ٽن کان وڌيڪ ٽيلي فلمز ۾ بحيثيت اداڪار ڪم ڪيو اٿس. ان کان علاوه مختلف ميوزڪ ڪمپنين جي گيتن ۾ ماڊلنگ، ڪي ٽي اين جي هڪڙي ڊرامي ۾ مهمان اداڪار جي حيثيت سان اداڪاري به ڪري چُڪو آهي. شوقيه طور، مهراڻ ٽي وي جي ڪجهه سهرن ۾ به حصو ورتائين. انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وڏي سنڌي فورم ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ جو سرپرست اعلى رهيو.


جنوري ۲۰۱۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو سيڪريٽري، جڏهن ته انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ان کانسواء ٽنڊي محمد خان ۾ مهراڻ ادبي سٿ، لطيفي ادبي فورم، محمد خان غني ادبي تنظيم سان پڻ سلهاڙيل رهيو. ٽنڊي محمد خان ۾ سورٺ لائبريري، سنڌي ادبي سنگت لائبريري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو لائبريري (نورالاسلام هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان) جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو آهي. ۲۰۱۴ع ۾ سندس شعري مجموعو “توسان ڪهڙيون ريسون” ڇپجي پڌرو ٿيو. تعليمي حوالي سان مختلف اسڪولن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. سۡٺو فوٽوگرافر به آهي، مختلف علمي، ادبي، ثقافتي سرگرمين ۾ پنهنجي فوٽوگرافي جي شوق کي پورو ڪرڻ خاطر، اهي سرگرميون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪندو رهندو آهي. شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪيل اٿس پر هن وقت وائي جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، وائي جي صنف تي سندس هڪ مجموعو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي. (ا. ڀ)

نثار احمد "ناز" جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

جنم جنم کان واسِي سنڌ جا، مڪان مَڪِينَ اسين سمورا،

پڪيون اميدون ساهه سنڌ ۾ پڪا يقين اسين سمورا.

پري پري کان جيڪي پڌرا لکن ۾ ماڻهو سرس سُهڻا،

سنڌي سمورا پُٽَ نياڻيون، سدا حَسِينَ اسين سمورا.

سِڌو قلندرَ درَ اسان تي اُڀو اُڀو هو موت سائين،

ٿيون گوادر ۾ به رت سان، رُڳو رنگينَ اسين سمورا.

الا مَ شالَ سنڌِي ته سنڌ جا، جيان نه سڏجون ريڊ انڊين،

زمين پنهنجي هوندي، سُوندي، بنا زَمينَ اسين سمورا.

جٿي ڪٿي ٿا پيارَ پوکيون گُلاب وانگر “ناز” سنڌ ۾،

قدم قدم تي چاهتن جا، بڻِي اَمِينَ اسين سمورا.

***********************************************

غزل

چاهتن جو سفر شال جاري رهي،

۽ بهارن گُذر شال جاري رهي!

پيار پلجي سدا نينهن ڳنڍجي سدا،

هي قصو سر بسر شال جاري رهي!

آ جنين پيار پهريون ڪيو دوستو،

تن تي مولا مهر شال جاري رهي!

هر جنم ۾ امر چاهه جو سلسلو،

ڄام شورا شهر! شال جاري رهي!

ڪا ته محفل مچي من جي مِيران نچي،

ڪاش ان جو اثر شال جاري رهي!

سُونهن وارن مٿان ڀل ته سرجي پئي،

شاعري سڀ سُندر شال جاري رهي!

“ناز” مُرڪي ملڻ جِي ڀَري ڀاڪُرين،

اي پرين تُنهنجي پَرِ شال جاري رهي!

***********************************************

وائي

اوهان سان اک کي مِلائجي،

جهانِ سارو سجائجي.

تو حُسن آڏو اڇي ڪَڇي،

سرڙو پنهنجو نَمائجي!

جهانِ سارو سجائجي.

گُلابُ خوشبو تُنهنجي مٿان،

عطر عنبيرِ ڇَٽائجي!

جهانِ سارو سجائجي.

گهورَ توتان ٿيڻَ وارن ۾،

نالو پيارا لِکائجي!

جهانِ سارو سجائجي.

مرڻ جيئڻ محبوب سائين،

ناتو رشتو نِڀائجي!

جهانِ سارو سجائجي.

مَڌُر “ناز” ڌُنَ ڪا ڇيڙي،

غزل به دلڪش ٻُڌائجي!

جهانِ سارو سجائجي.

************************************************

وائي

نه توکي سَرِي، نه مُونکي سَرِي دُنيا!

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.

توکان، مُونکان، هئه زور، زورا ور،

زاريِ، زاريِ، يارَ، ذَرِي دُنيا!

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.

پلپل، دوکا، دانَ ڪري، درد ڀَري،

کوٽِي، کوٽِي، ڪانه کَرِي دُنيا!

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.

چند ڏِينهَنِ جِي چانڊوڪِيءَ جيان،

چنچل، چنچل، چاههَ چَرِي دُنيا!

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.

اندر، ساڙَ سَڙولِي، ساڙَ سَڙولِي،

آ، ظاهر “ ناز”، هِي ته هَرِي دُنيا!

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.

هِيءَ دردن ڀَرِي دُنيا.



نثار احمد ناز

ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

هۡن جي مزاج جا ڪيترا ئي مختلف رنگ آهن، جن رنگن لاءِ وٽس عجيب احساس ۽ ڪيفيتون آهن، هۡو انهن ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ڪڏهن شاعري جو سهارو ٿو وٺي، ڪڏهن فوٽوگرافي مان فن پارا ٿو جوڙي ته ڪڏهن ڪمپوزنگ جي ڪرت سان ٿو نڀائي ته ڪڏهن وري سندس اندر جو اداڪار مختلف قسم جا ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، پر هۡو رهي هميشه متحرڪ ٿو، سندس انهن سڀني احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪندڙ سڃاڻپ وري به شاعر واري ئي رهي آهي. نثار احمد ناز ۱۲ جنوري ۱۹۶۱ع تي حيدرآباد ضلعي جي مشهور ماڳ هوسڙي ۾ محمد يعقوب سمون جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد روزگار خاطر لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي بهراڻي پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. نثار ناز شروعاتي تعليم کان وٺي اڪنامڪس ۾ ماسٽر ڪرڻ تائين سموري تعليم ٽنڊو محمد خان مان ئي حاصل ڪئي، زندگيءَ جي مشڪل سفر ۾ هن محنت ۽ مشقت جا ڪيترا ئي مرحلا طئه ڪيا. قومي بچت ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتان وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي، ملازمت کان وجود کي واندو ڪيائين. ادب سان چاھ کيس ٻالڪپڻ کان ئي رهيو. سال ۱۹۷۸ع ۾ شاعريءَ سان لنئون لڳس. شاعريءَ جي شروعاتي سکيا استاد شوڪت ڌماچ کان ورتائين، سيپٽمبر ۱۹۸۳ع کان سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي، شاخ ٽنڊو محمد خان جو ۲۰۱۲ع ۾ سيڪريٽري چونڊيو ويو، شاخ کي انتهائي متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، ڪيترا ئي علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايائين، جتي به رهيو، اۡتي سندس دل ڪتابن سان ئي لڳل رهي. اهو ئي سبب آهي جو ساس جي پليٽ فارم تان سنڌي ادبي سنگت لائبريري ٽنڊو محمد خان جو بنياد وڌائين، ان کان اڳي ٽنڊو محمد خان جي مشهور ڪۡتب خاني “سورٺ لائبريري” جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو، بعد ۾ نورالاسلام هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ لائبريري قائم ڪيائين، وري اۡتان فارغ ٿيو ته گاجاموري تي قائم ڪيل هڪ پرائيويٽ تعليمي اداري ۾ به لائبريري جو قيام عمل ۾ آندائين. سال ۲۰۱۷ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر منتخب ٿيو. جنوري ۲۰۱۴ع ۾ سندس شاعري جو مجموعو “تو سان ڪهڙيون ريسون” ڇپجي پڌرو ٿيو. هن وقت سنڌي ادبي سنگت لائبري ٽنڊو محمد خان جي لائبريري ڪميٽي جو ميمبر آهي، سۡٺي شاعر سان گڏ فوٽوگرافي جي ڪرت سان عشق اٿس، سنڌ ۾ ڪٿي به علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۾ ڪوٺ مليس ته ڪيميرا سميت پهچي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو آهي ۽ انهن پروگرامن جو تصويري احوال سوشل ميڊيا تي سموري دنيا سان ونڊ ڪندو رهندو آهي، انڪري ئي هر طبقو منعقد ڪيل تقريبن ۾ سندس شرڪت کي لازمي سمجهندو آهي، شال سندس ڏات کي ڪڏهن ڏهاڳ نه ملي ۽ سندس مثبت شوق جي تڪميل جا سمورا پنڌ سجايا ٿين.

ٻارھن جنوري تي ھن شاعر جو جنم ڏڻ آھي. ان ڪري کيس دل جي گهراين سان جنم ڏڻ جون دلي واڌايون!!

 

(عظم ڀٽي جي فيسبڪ وال تان ۱۳ جنوري ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا