احمد خان ”اختر“
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
احمد خان "اختر" ميمڻ
۲۳ اپريل ۱۹۱۵ع مطابق ۷ جمادي الثاني ۱۳۳۳ هجري تي ڳوٺ بولا خان شورو، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو
عبدالرحيم ميمڻ هو، سندس تخلص ”اختر“ هو، جنهنڪري احمد خان "اختر" جي
نالي سان مشهوري ماڻيائين. هي حاجي حافظ حامد جو ڏوهٽو ۽ محمد هاشم مخلص جو ڀاڻيجو
هو، اهو ئي سبب هو جو شاعري جي ڏات کيس ورثي ۾ مليل هئي. قرآن شريف جي تعليم بعد
ٿوري گهڻي انگريزي ۽ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، تپيداري جي امتحان ۾ ويٺو جتان
ڪاميابي بعد ۱ جولاءِ ۱۹۳۶ع ۾ روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڀرتي ٿيو، محمد خان غني سان نيازمندي ۽ حافظ
عبدالله "بسمل" جي مهربانين جي مدنظر شاعري ڪرڻ جو شرف نصيب ٿيس، ۱۹۳۰ع کان باقاعده شاعري جي شروعات ڪيائين.
تاريخ ۲۴ جنوري ۱۹۳۹ع تي سندس پهريون غزل ”مسلمان“
اخبار ۾ شايع ٿيو. جنهن بعد مختلف اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي. ۱۹۵۶ع کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڪافيون مسلسل
نشر ٿيڻ لڳيون.۷ جولاءِ ۱۹۶۴ع تي روينيو کاتي مان سپروائيزر جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ بعد ٽنڊو محمد خان ۾
اسٽامپ وينڊري ڪري پيٽ پالڻ لڳو. سندس سمورو ناناڻو خاندان ”ٽکڙ“ جي سرزمين سان
وابسته هو، ان زرخيز سرزمين جي ڇڪ شاعري کي سندس روح جي وندر بڻائي ڇڏيو. بيت،
ڏور، دوها، ڏوهيڙا، هنر، وائي، ڪافي، مدح، مناجات، خطبا، مثنوي، مولود، قطعا، غزل،
رباعي، لوڪ گيت، نظم سميت نثر جي وڏي انگ جي صورت ۾ سندس ۲۵ کن ڪتابن جيترو مواد هو، جيڪو ان وقت جي مالي مشڪلاتن ۽ سندس حياتي جي وفا
نه ڪرڻ تي ڪنهن به مجموعي جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿي نه سگهيو. سندس اهڙي ناياب علمي
۽ ادبي خزاني جي هن وقت ڪا به خبر چار ناهي ته اهو ڪهڙي هنڌ ۽ ڪهڙي دز جي هيٺيان
دٻيل آهي. احمد خان اختر جو ڪلام صاف سنڌي محاورن ۽ اصطلاحن سان ڀرپور، لذيذ ۽
شائسته زبان جو حامل آهي. سندس فن ڪلاسيڪي هيئت اختيار ڪيل آهي. ان ۾ معنوي انداز
۾ زندگي جا ڪيترائي تجربا ۽ مسئلا بيان ٿيل آهن. سندس ڪلام ۾ ڪافيون ۽ بيت نهايت
ئي بهترين طريقي سان استادانه رنگ ۾ رنگيل آهن. جنهن تي کوجنا ڪري ان کي ڇپائي
پڌرو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سندس تصنيفن ۾ سُڻ سڏڙا سيڪڙياتن (شاعري)، واڪا ولهيءَ
وس (شاعري)، سڪ سسئي سُور (شاعري)، گلشن اختر (شاعري)، وهلو وارث ور (شاعري)،
نوراني نور (شاعري)، ڏنم ڏکن ڏس (شاعري) هيڻن هوت حمايتي (شاعري) ڪيهون ۽ ڪارون
(شاعري)، برڪتي بحر (شاعري)، جيجل جي جهوري (شاعري) شامل آهن، سنڌي ٻولي جو هي
ناليوارو شاعر ۽ نثر نويس ٽي بي جي موذي مرض سبب ۲۸ ڊسمبر ۱۹۷۲ع تي ڪراچي جي ٽي بي اسپتال ۾
لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ٽنڊي محمد خان جي نصيرآباد محلي ۾ "مولو جي مۡقام"
۾ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو.
احمد خان اختر جو چونڊ ڪلام هيٺ
ڏجي ٿو:
ڪافي
کنيم درد دل جو، حياتي ٿي پوري!
ھِتي ٿِي ڏکن جي، سکن تي
عُبوري!
جنھين ساريون راتيون، ڪري روح رھاڻيون،
ٻڌايون طرح طرح جون ٿي ڪھاڻيون،
انھن اڄ ڏياري، مون کي سيج
سوري!
ڪيم ڇو وفا، بيوفائن سان ھردم،
ڦري جي مون کان، منھن مٽي ويائي
يڪدم،
نه ويجھا وسن اڄ، پسند تن ڪئي
دوري!
نباھي مون آخر، ڪئي اڄ پڇاڙي،
خدا جي توڪل تي، ھُئڙِيمِ جا
ڀاڙي،
مٿم ٿي مدامي، نظر تنھن جي
نُوري!
ڪيو جيئن ڦوڙائي، مون ”اختر“
ويچارو،
سگھو تيئن ٿي ساجن، سندم سڪ
سھارو،
لنگھي لطف سان لڪَ، پسان ھُت
حضوري!
************************************************
ڪافي
عشق جي منزل اوکي ناھي، عشق ئي
ڪر استاد،
ميان! جنھن کان رھين تون شاد!
عشق ئي ڪر استاد.
ٻاروتڻ جا ٻولَ تون، ڪر يگانه
ياد!
ڄمندي نا ٿئي ڄام ڪو، بِرھُه
ٻَڌِي بُنياد!
ڏُک سواءِ سک نا سري، اَيءَ
اَزَلَ ايجاد!
عشق جي ئي احسان سان ”اختر“ ٿيو
آباد!
**************************************************
وائي
ڪڍ قيدياڻي قيد مان،
لاهه هي ظلم زنجير!
حاڪم ٿي هيڻيءّ مٿان، حملا ڪر مّ
ھمير!
جوڙّ نه تنهنجي جيس ڪا، آهيان
عمر امير!
ڇڏ ته ڇانگون ڇوڙيان، موٽي، مۡلڪ ملير!
'اختر' پّت پرهي ٿيان، کيت سان
شل کنڊ-کير!
***********************************************
ڪافي
ويٺي وقت وئوم، سخت سُئوم؛
آهه پُڇاڻو پرينءَ جو.
وقت وڃايم ويسلي، روئڻ رت
رهئوم.
ماڻڪ مون نه ميڙيا، ڪَٺو ڪچ
ڪئوم.
هئي هئي هاڻ هَڄي هـِنيون، جيئڻ
جاڙ ٿئوم.
ڍول َ ڍڪين تون ڍَٻيون، ’اختر‘ عرض اهوم.
No comments:
راءِ ڏيندا