; سنڌي شخصيتون: احمد خان ”اختر“ ، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label احمد خان ”اختر“ ، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label احمد خان ”اختر“ ، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

11 April, 2024

احمد خان ”اختر“

احمد خان ”اختر“

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



احمد خان "اختر" ميمڻ ۲۳ اپريل ۱۹۱۵ع مطابق ۷ جمادي الثاني ۱۳۳۳ هجري تي ڳوٺ بولا خان شورو، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو عبدالرحيم ميمڻ هو، سندس تخلص ”اختر“ هو، جنهنڪري احمد خان "اختر" جي نالي سان مشهوري ماڻيائين. هي حاجي حافظ حامد جو ڏوهٽو ۽ محمد هاشم مخلص جو ڀاڻيجو هو، اهو ئي سبب هو جو شاعري جي ڏات کيس ورثي ۾ مليل هئي. قرآن شريف جي تعليم بعد ٿوري گهڻي انگريزي ۽ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، تپيداري جي امتحان ۾ ويٺو جتان ڪاميابي بعد ۱ جولاءِ ۱۹۳۶ع ۾ روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڀرتي ٿيو، محمد خان غني سان نيازمندي ۽ حافظ عبدالله "بسمل" جي مهربانين جي مدنظر شاعري ڪرڻ جو شرف نصيب ٿيس، ۱۹۳۰ع کان باقاعده شاعري جي شروعات ڪيائين.