; سنڌي شخصيتون: محمد ارشد سومرو

13 April, 2024

محمد ارشد سومرو

محمد ارشد سومرو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نئين ٽهيءّ جو ليکڪ ۽ شاعر محمد ارشد سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومرو تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ۱ آگسٽ ۱۹۷۸ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد يوسف "معتصم" سومرو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ٿي گذريو. ارشد سومرو والدين جو اڪيلو پۡٽ ۽ پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءۡ آهي. هن پرائمري جا پنج درجا، قرآن شريف سميت ڪجهه عربي جي تعليم مدرسي جامعيه تعليمات اسلام ڏتا واهه ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي. ۱۹۸۷ع ۾ ڇهون درجو گورنمينٽ ھاء اسڪول بلڙي شاھ ڪريم مان ۽ ستون ۽ اٺون درجو پنهنجي ڳوٺ جنھاڻ سومري ۾ پڙهي، ۱۹۹۲ع ۾ مئٽرڪ صوفي شاھ عنايت شھيد جي نگري جهوڪ شريف جي هاء اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر جي تعليم ۱۹۹۴ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪيائين. مالي مشڪلاتن سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. ٻاراڻي وهيءّ کان علم ۽ ادب سان چاهه هئس، ۲۰۱۰ ع ۾ والد جي وفات بعد سندس والد ڪتابن جي الماري مان کوڙ سارا ادبي ڪتاب مليس، جيڪي پڙهڻ جو چاهه وڌيڪ پروان چڙهيس. ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجي والد ۽ سنڌ جي ناميار شاعر ابراهيم منشي کان متاثر ٿي، نوجوان شاعر تاج محمد لاشاري (تاج سنڌي) جي اتساهه ڏيارڻ تي لکڻ جي شروعات ڪيائين. غزل، نظم، وائي، چوسٽي، گيت، نعت ٽيڙو جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، شاعري جي حوالي سان سکيا جي مرحلي مان گذري رهيو آهي. ڪھاڻيون به لکي رهيو آهي. سندس تخليقون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي رهيون آهن. هن وقت سرڪاري ملازمت سميت زمينداري جي ڪرت سان سلهاڙيل آهي. (ا ڀ)


محمد ارشد سومري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

پڙهڻ لائي کــــوليو جڏهن رســالو ھو،

جـــنهن ۾ لکيل تنهنجو پيارو نالو ھو.

ڪھاڻي ھئي يا حقيقت ھئي پر وري،

 جــــنهن ۾ پنهنجي عشق جو حوالو ھو.

پڙھند پڙھندي اکــــڙيون ٿي ويون نم،

ڏکويل دل جو ڪيو پيار ۾ ازالــــــو ھو.

ٿو احــــساس اھڙو تون سان مـلڻ لائــي،

ڇو ته موسم به سھڻو ۽ جھـــــڙالو ھو.

ماري وڌو مون کي پياري تنهنجو مرڪڻ،

ڇــــو ته تنهنجو انداز اھڙو نرالو ھـــــو.

چنڊ ستل ھو "ارشد" تارا پي چمـــــڪيا،

رات ڪاريء ۾ تنهنجي حسن جواجالو ھو.

************************************************

غزل

اڳواڻ ٿيا سڀ پنهنجا ڀانڊا ڀرڻ وارا

گڏ ٿيا سيلفي تي پاڻ سينگارڻ وارا.

ڪوٽ سان گڏ ڪاٽن پائي ڪوڙا،

دلاسا ٿا ڏين ڪوڙ تان قربان ٿيڻ وارا.

واعدا ڪري ڪڏھن وفا نه ڪئي،

غريبن جو ڇا ملي ويا مال ميڙڻ وارا.

چمچا چوڌاري سرڪار کان اڳتي ٿيا،

ڀاڳ ڀلا ٿيا گڏجي ويا حرام کائڻ وارا.

دجالي دور ٿيو شروع ڪريو ھاڻ،

الله کي ياد گڏجي ويا گمراھ ڪرڻ وارا.

جن جا پيٽ وڏا بڀ تن جا ڪونه ڀربا،

خۡود خدا ڏيندو، نه ٿيو ٻين کان پنڻ وارا.

ھمٿ نه ھار "ارشد" صبر ڪر تون،

ايندا ضرو ر مظلومن جا لڙڪ اگھڻ وارا.

************************************************

غزل

ويڳاڻو ٿيو ويٺو آهي ڏس غريب جو ٻار،

رک مٿي تي ھٿ شفقت وارو تون او يار.

ڪيئن ٿيندي عيد منهنجي، نه آ ڪو حال،

ڪر شڪر خدا جو سخا جي نظر سان نھار.

مالڪ ٿيو تنهنجي مٿان مھربان ڪھڙو،

ڪري قرب يتيمن سان لھو ڪا سھڻي سار.

پرک ڪر تون پاڙي وارن جي سھڻا سخي،

ڏيندين ڪڻ ڪري، ڏيندو مڻ ھۡو آ وڏو ڏاتار.

 تاريخ ڪمائي تاريخ کائي تن ڪھڙي عيد،

کڻي وکر اچي گهر اڻپورو باقي ڪري اْڌار.

درد سڀ ٿي ويندا دور "ارشد" ھرڪنھن جا،

دعائون ڪندو قبول کليل آھي خدا جي دربار.

************************************************

غزل

منهنجــــي دل جي اظهار کي ته سمجهه،

اکين جو اکين سان پيار کي ته سمجهه.

مرڪي چھرو ٿي لڪائين ڇو ڀلا تون،

ڏنو آهي قرب تنهن ونھنوار کي ته سمجهه.

تنهنجي خاموشي ۾ آ ڪو پيغام لڪيل،

اچي وڃي ڪوطوفان ماٺار کي ته سمجهه.

 غيرن جي ڳالهين ڇو آهين لڳيل او سھڻي،

تون آهين دلبر پنهنجي دلدار کي ته سمجهه.

تنهنجي خاطر مون ڪئي آهي ھي شاعري،

منهنجــــي لکيـــل ھـــن اشعار کــــي ته سمجهه.

ڪنهن کي پيو ڳولي "ارشد" ھن کان پڇ،

سومرو ڪھڙي ڏي ٿـــو معيار کي ته سمجهه.

No comments:

راءِ ڏيندا