محمد ارشد سومرو
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
نئين ٽهيءّ جو ليکڪ ۽ شاعر محمد
ارشد سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومرو تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ۱ آگسٽ ۱۹۷۸ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جو
نالو محمد يوسف "معتصم" سومرو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر
۽ ڪهاڻيڪار ٿي گذريو. ارشد سومرو والدين جو اڪيلو پۡٽ ۽ پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءۡ
آهي. هن پرائمري جا پنج درجا، قرآن شريف سميت ڪجهه عربي جي تعليم مدرسي جامعيه
تعليمات اسلام ڏتا واهه ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي. ۱۹۸۷ع ۾ ڇهون درجو گورنمينٽ ھاء اسڪول بلڙي شاھ ڪريم مان ۽ ستون ۽ اٺون درجو
پنهنجي ڳوٺ جنھاڻ سومري ۾ پڙهي، ۱۹۹۲ع ۾
مئٽرڪ صوفي شاھ عنايت شھيد جي نگري جهوڪ شريف جي هاء اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر
جي تعليم ۱۹۹۴ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر
گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪيائين. مالي مشڪلاتن سبب وڌيڪ
تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. ٻاراڻي وهيءّ کان علم ۽ ادب سان چاهه هئس، ۲۰۱۰ ع ۾ والد جي وفات بعد سندس والد ڪتابن جي الماري مان کوڙ سارا ادبي ڪتاب
مليس، جيڪي پڙهڻ جو چاهه وڌيڪ پروان چڙهيس. ۲۰۱۵ع ۾ پنهنجي والد ۽ سنڌ جي ناميار شاعر ابراهيم منشي کان متاثر ٿي، نوجوان
شاعر تاج محمد لاشاري (تاج سنڌي) جي اتساهه ڏيارڻ تي لکڻ جي شروعات ڪيائين. غزل،
نظم، وائي، چوسٽي، گيت، نعت ٽيڙو جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، شاعري جي حوالي
سان سکيا جي مرحلي مان گذري رهيو آهي. ڪھاڻيون به لکي رهيو آهي. سندس تخليقون
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي رهيون آهن. هن وقت سرڪاري ملازمت سميت زمينداري جي
ڪرت سان سلهاڙيل آهي. (ا ڀ)
