; سنڌي شخصيتون: مير غلام الله خان ٽالپر (دوئم)

10 April, 2024

مير غلام الله خان ٽالپر (دوئم)

مير غلام الله خان ٽالپر (دوئم)

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان نه رڳو سنڌ جو قديم شهر آهي پر تاريخي لحاظ کان ان جي پنهنجي علمي ۽ ادبي اهميت ۽ افاديت پڻ آهي، جيئن ته ٽنڊو محمد خان شهر، مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر پاران ۱۷۹۱ع ۾ ٻَڌايل آهي، عام راءِ اها آهي ته ميرن جو صرف سياست ۾ حصو رهيو آهي، ان جي برعڪس شاهواڻي ٽالپرن جو علم ۽ ادب ۾ پڻ هڪ بهترين مقام رهيو آهي. 


ماضي جي علمي ادبي تاريخ ۾ آنريبل مير الهه بخش ٽالپر، مير غلام الله ٽالپر دوئم اهڙا فرد آهن جن جون علمي ۽ ادبي حوالي سان منفرد خدمتون آهن، اهي بهترين شاعر پڻ هئا، نه رڳو شاعر پر علم ادب دوست هئڻ ڪري اديبن ۽ شاعرن کي وظيفا به ڏيندا هئا، ٽنڊو محمد خان جي ٽالپرن مان هڪ مير فتح خان ٽالپر جو نالو به سنڌي ۽ فارسي شاعري ۾ ملي ٿو. جن جو ڪلام ڪتابن ۾ شايع ٿيل پروڙجي ٿو، مير غلام علي خان ٽالپر توڙي جو شاعري نه ڪئي پر سندس علم ۽ ادب سان چاهه جي تاريخ ميسر آهي، وٽس شاندار قسم جي لائبريري پڻ هئي. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي لائبريري به مير غلام علي خان ٽالپر خريد ڪئي هئي، ان مير غلام علي خان ٽالپر جي چوڻ تي “ علمي خزانو ” نالي ڪتاب غلام محمد شاهواڻي ترجمون ڪيو، جيڪو مثنوي رومي جو نثر ۾ ترجمون هو، جنهن جا ٽي جُلد مرتب ٿي سگهيا. آنريبل مير الهه بخش ٽالپر، مير غلام الله ٽالپر ( دوئم)، سردار بهادر حاجي حسين بخش ٽالپر، مير غلام علي ٽالپر اديبن، شاعرن توڙي صحافين کي وظيفا پڻ ڏيندا هئا. ان حد تائين جو مير عنايت علي خان ٽالپر پڻ ان روايت کي ڪنهن قدر جيئرو رکيو. ان سموري پسمنظر ۾ شاهواڻي ٽالپرن مان علمي، ادبي مواد جي لحاظ کان مٿانهون نالو مير غلام الله خان ٽالپر ( دوئم) جو نظر اچي ٿو، توڙي جو هُن ۳۷ سالن جي مختصر ڄمار ماڻي ۽ ان مان ڪافي عرصو گمنامي جي گوشي ۾ به گذاريائين. سنڌي ٻولي جي نامياري اديب زيب ڀٽي موجب سندس اڻڇپيل ڪلام جا ڇهه مجموعا هئا، جن مان “عاشقن جون آهون” ۽ “ دل جو داغ ” زيب ڀٽي جي به نظر مان نڪتا هئا. “ دل جو داغ “ نالي شعري مجموعي جو ڪٿي وري “ دل جو چراغ ” نالو آيل آهي، اهو به عين ممڪن آهي ته اهي ٻئي الڳ الڳ ڪتاب به هُجن. مير غلام الله خان ٽالپر ( دوئم ) جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته مير غلام الله ٽالپر ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۰۷ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو. ٽنڊو محمد خان جي ٽالپرن جي شاهواڻي سردار بهادر مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر جو فرزند هو، سندس پرورش سندس والد جي نظرداريءَ هيٺ ٿي، جنهنڪري ٻالڪپڻ کان ئي بااخلاق، باشعور، بيباڪ، باهمت ۽ دلير شخصيت جو مالڪ هو. ابتدائي سنڌي تعليم ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين، ۱۹۱۴ع ۾ سنڌي ٻاراڻو درجو پڙهڻ ويٺو، ٽنڊي محمد خان جي اسڪول ۾ مسٽر عبدالرحيم خان ولد غلام محمد خان نظاماڻي وٽ چار درجا سنڌي جا پاس ڪيائين. سندس ٻه سال وڌيڪ اِنهيءَ اسڪول ۾ ضايع ٿيا، هڪڙي سال ناپاس ٿيو ۽ هڪڙو سال امتحان ڪونه ڏنائين، ڇاڪاڻ جو هڪ وبا اچي ڦهلي، جنهنڪري سندس مائٽ جاگيرن تي لڏي هليا ويا. ۱۹۲۰ع ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ بورڊنگ ۾ رهڻ لڳو، ڇهه سال اُنهي اسڪول ۾ تعليم پئي ورتائين. مير غلام الله ٽالپر ڇهين درجي انگريزي ۾ ناپاس ٿيو، تنهنڪري حيدرآباد هاءِ اسڪول مان پڙهڻ ڇڏي، ۱۹۲۷ع ۾ وڃي ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڇهين درجي ۾ ٻه مهينا پڙهيو ته علامه دائود پوٽي مهرباني ڪري ڇهين درجي جو امتحان وٺي پاس ڪري ستين درجي ۾ داخل ڪرايس. مير غلام الله ٽالپر هڪ ماستر سان نماز نه پڙهڻ ۽ صبح جو ڊرل نه ڪرڻ ڪري وڙهيو، جنهنڪري سنڌ مدرسو به ڇڏي، بعد ۾ ۱۹۲۷ع ۾ علي ڳڙهه وڃي داخل ٿيو جتي ستين درجي کان تعليم وٺڻ لڳو. مير غلام الله ٽالپر بورڊنگ هائوس ۾ هڪ شاگرد تي رات جو سُتي پاڻي جو مٽ وڃي مٿان وڌو، جنهنڪري بورڊ نگ هائوس مان ماستر کيس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وڃي ٻاهر هڪ پروفيسر معين الحق سان گڏ رهيو جتي خُوب پڙهائي ڪرڻ لڳو. باقي امتحان ۾ هڪ مهينو اچي بچيو هو ته لواري شريف جي بزرگ خاندان مان ٻه صاحبزادا تعليم جي خيال سان اچي نڪتا جيڪي سندن مهمان ٿيا. کين ڪاليج ۾ جاءِ ڪانه ملي سگهي، تنهنڪري واپس وري ڳوٺ ڏانهن ٿي ويا. انهن مان هڪ پير محفوظ کيس چيو ته “غلام الله! تو هِت چڱا ملڪ گهمي ڏٺا هوندا ڇو نه اسان کي گهمائي پوءِ واپس ڪرين.” مير غلام الله ٽالپر جواب ڏنو ته ”ڀلي!“. پوءِ مير غلام الله ٽالپر پيرن صاحبن کي وٺي آگرو، لکنو، ٽُڊِلا ۽ دهلي جا شهر گهُمايا. مغل شهنشاهن جا سڀ يادگار کين ڏيکاريائين. قطب مينار، فتح پروسڪري، تاج محل، جامع مسجد ۽ موتي مسجد وغيره. مير غلام الله ٽالپر کي، پير صاحبن کي گهمائڻ ۾ ٻارهن ڏينهن لڳي ويا، باقي هڪ ڏينهن اچي امتحان ۾ بچيو هو ته علي ڳڙهه پهتو جتي مير غلام علي خان ٽالپر به ساڻس گڏ پڙهندو، جنهن چيس ته ”ڀُل ته وڏي ڪئي اٿئي جو پويان ڏينهن گهمڻ نه وڃين ها جو اِهي ڏينهن ڪمن جي يادگيري جا سٺا آهن. هاڻي شايد امتحان ۾ پاس مشڪل ٿيندين.“ پندرهن ڏينهن امتحان ڏيئي ٻئي ڳوٺ آيا. ٻن مهينن کان پوءِ خبر آئي ته مير غلام علي خان پهريون نمبر پاس ٿيو، مير غلام الله ٽالپر ناپاس ٿيو. مير غلام علي خان وڃي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، ۱۹۲۹ع ۾ مير غلام الله ٽالپر، ڪمشنر مسٽر گبسن جي مهرباني سان وڃي گرامر هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ داخل ٿيو. ڇو جو اهو اسڪول خاص يورپين لاءِ هو، جتي مير غلام الله ٽالپر کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاگرد سنڌي ڪونه هو. ماستر ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون سڀ انگريز هئا. چار مهينا تعليم وٺڻ بعد هڪ انگريز انجنيئر جي ڌيءُ نالي "ڊيزيءَ" سان سندس محبت جا پيچ اڙيا، مير صاحب به سندس محبت ۾ صفا گرفتار ٿي پيو. اسڪول جو سمورو وقت پڙهائي بجاءِ محبت ۽ مستيءَ ۾ گذارڻ لڳو. محبت جي ان سفر ۾ ڪجهه مهينن بعد ان ڇوڪريءَ جو خاندان بمبئي منتقل ٿي ويو. جنهن مير صاحب جو جيءُ جهوري وڌو ۽ هو ٻه ڏينهن بستري تي داخل هو. دل ٽٽڻ جي ڪري سندس زندگيءَ جي مزن جا رنگ ئي اُڏامي ويا. پوءِ سمورو وقت غمگين پيو گذاريندو هو. هوڏانهن ڳوٺ ۾ ميرن وڏن سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻَڌي ڇڏيا هئا. حالت اها هئي جو ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۲۹ع تي سندس شادي ٿيڻي هئي، پر کيس ڪو به اُلڪو نه هو، آخرڪار سندس چاچو مير بنده علي خان ٽالپر کيس وٺڻ لاءِ شاديءَ جي رات ڪراچي اچي پهتو. جنهن رات شادي ٿيڻي هئي ان ڏينهن جو کيس ڇهين وڳي گاڏيءَ ۾ چاڙهي، ڏهين وڳي حيدرآباد آندائون ۽ نورائي جاگير وٽ اڳواٽ سرگس بيٺل هئي، جتان سڌا موٽر وسيلي ٽنڊي محمد خان پهتا ۽ اُنهيءَ رات پنجين وڳي مهل مير غلام الله ٽالپر لانئون لڌو. شادي بعد ٻه مهينا ٽنڊي محمد خان رهي. وري پير محمد محفوظ سان گڏ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ علي ڳڙهه ويو، ٻئي ڄڻا ساڳئي پروفيسر سان گڏ وڃي رهيا. وري به پڙهائي ڇُٽي، هي پئي گهُمندا رهيا، هڪ پروفيسر جي ڌيءَ سان پير محفوظ جا نيڻ اٽڪي پيا. اُن جي ساليءَ سان وڃي مير غلام الله ٽالپر جا پيچ اڙيا. پوءِ ته باقي پڙهائيءَ جو باقي نالو وڃي بچيو، هنن پئي زندگيءَ جو لطف ماڻيو. هوڏانهن هر روز مٿن ڪاليج ۾ هڪ ٻه رپيا ڏنڊ جا پيا پوندا هئا. ان دؤران هر مهيني ڊيزيءَ جا خط به کيس ايندا رهيا مير صاحب به جواب ڏيندو رهيو. اها خط ڪتابت پنجن سالن تائين هلي. نيٺ پنجن سالن بعد خط پَٽ اچڻ بند ٿي ويا. مير صاحب عشق جا به وڏا امتحان پاس ڪيا! ڊيزيءَ جي عشق کانپوءِ مير صاحب جي هٿن مان سوين آيون ويون مگر ڊيزيءَ جهڙي محبت جو سُڪون ڪنهن مان به نه مليس. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به ڊيزيءَ کي وساري نه سگهيو. خير علي ڳڙهه ۾ امتحان ڏئي واپس ڳوٺ موٽيا. مير صاحب ۱۹۳۱ع ۾ زرعي ڪاليج پوني پڙهڻ ويو، جتان ۱۹۳۳ع ۾ زراعت ۾ ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪري واپس ڳوٺ موٽيو ۽ سندس والد حڪم ڪَيَس ته هاڻي وڃي ددُيري جاگير سنڀال، جتي وڃڻ سان وڃي بنگلو ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. ددُيري جاگير جي پيدائش ٻيڻي ڪيائين ۽ ماڻهن سان چڱي اُٿ ويهه ڪري بهترين ماحول جوڙيائين. ميونسپالٽيءَ جو اڳي ئي ٽي سال ميمبر رهيو هو، ددُيري جاگير سنڀالڻ جي ٻن سالن بعد ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ لاءِ اميدوار بيٺو ۽ ڪاميابيءَ سان چونڊجي ويو، ٽي سال ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. جڏهن ٽي سال پورا ٿيا ته سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ۽ ڪراچي اسمبلي ٿي، جنهن لاءِ گوني تعلقي مان اميدوار بيٺو ۽ سندس مقابلي ۾ سيد قبول محمد شاهه بيٺو، جنهن کان هڪ هزار ووٽن تان کٽيائين. ۱۹۳۷ع ۾ ايم. ايل. اي جو خطاب ماڻيائين، پوءِ جاگير تي وڃڻ ڇڏي، ڪُل وقت سياست ۾ بهرو ورتائين، چار سال اسيمبليون اٽينڊ ڪيائين. سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ اندر ٽي وزارتون ڊٺيون، جن ۾ مير غلام الله ٽالپر پنهنجو قيمتي ووٽ ڏنو. مير صاحب جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ ان وقت آيو، جڏهن ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ سيٺ محمد ميمڻ ۽ سيٺ محمد جعفر پخاليءَ جا خُون ٿي پيا، ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع تي انهن خُونن جي ڪيس ۾ مير صاحب گرفتار ٿيو، سياسي مخالفت سبب ان ڪيس ۾ سرهندي پيرن ۽ سعيدپور جي سيدن فوتين جي وارثن جي کُلي مدد ڪئي. خميسي نالي فريادي جي فرياد تي قلم ۳۰۲ تحت ڪليڪٽر حيدرآباد مسٽر اُڌارام مِنيرام ميرچنداڻي جي حڪم تي ٽنڊي سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر محمد اسحاق ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مسٽر رامناٿ کيس ٿاڻي تي گُهرائي گرفتار ڪيو. ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع تي سيشن جج حيدرآباد مسٽر جي. ڊي ڪپاڊيا پنجاهه هزارن جو ڪچو ضامن منظور ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيو ته حيدرآباد اندر ئي رهي. ٻئي ڏينهن تي سرڪاري وڪيل مرزا سڪندر بيگ کي نوٽيس ڏيئي گهرايو ويو، جنهن ڪورٽ ۾ سيشن جج کي صاف اکرن ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن مير غلام الله جو ضامن کڻندا ته ڪيس بابت ڪابه ثابتي اصل ڪانه ملندي ۽ جي هي آزاد هوندو ته ڪوبه شاهدي ڪونه ڏيندو. ان جي نتيجي ۾ مير صاحب جو ضامن رد ٿيو، کيس وري ٽنڊو محمد خان ۾ قيد ڪيو ويو. اٺن ڏينهن جي جانچ بعد کيس سينٽرل جيل حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جتي کيس پهرين بي ڪلاس ۾ ۽ وري ڏهن ڏينهن بعد اي ڪلاس ۾ رکيو ويو. جيل ۾ قيد رهندي خيال ڪيائين ته اهڙي ڪا تجويز ڳولي ڪڍجي، جو هي وقت ڪنهن مشغولي ۾ رڌل رهجي. سندس طبيعت ته اڳيئي عشق ڏانهن مائل هئي، تنهن نيٺ شعر چوڻ شروع ڪيا ۽ آخر هڪ نوٽ بڪ تي پنهنجا شعر لکڻ لڳو. خُون جي ڪيس ۾ مٿس پڪيون شاهديون نه بيهڻ ڪري هو ڪيس مان نيٺ باعزت آزاد ٿي ويو. هو سنڌي، اردو، انگريزيءَ، فارسي جو ماهر هو. هڪ بهترين سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو ناميارو شاعر پڻ رهيو. شاعري ۾ پنهنجو تخلص “غلام الله” ڪتب آندائين. سياست ته سندس خانداني ورثو هئي، ملڪ جو اڳوڻو گهرو وزير، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر، سنڌ جو نامور سياسي اڳواڻ مير غلام علي خان ٽالپر، هڪ دفعو پيرزاده عبد الستار جي وزارت ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مظفر قزلباش جي ڪابينه ۾ اوڀر پاڪستان جو وزير رهندڙ مير علي نواز خان ٽالپر سندس سڳا سئوٽ هئا. سندس والد ٽنڊو محمد خان ميونسپالٽيءَ جو پهريون صدر، انگريز دؤر جو برک سياستدان، بلوچ قوم جو سردار، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر ٿي رهيو، تنهن کيس مختلف عهدن جي لائق بنائڻ واري تربيت ڏني، سندس شاعريءَ ان وقت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهندي هئي. سندس ڪافين ۾ وڏو سوز سمايل هو، جن ۾ ڪافي رَس چَس، فن ۽ فڪر جي پُختگي ملي ٿي. ڪافين سان گڏ بيت، ڏوهيڙا ( سُر حسينيءَ ۾)، سهرا، راڳ (جيڪي اسڪولي ٻار مهمانن اڳيان ڳائيندا هئا)، قصا، ليلى' ۽ مجنون جو قصو (منظوم خط ۾) سرجيائين. مٿي ڄاڻايل سندس شاعري جي ٻن مجموعن مان سندس لڳ ڀڳ ۱۰۹ ڪافين جو پتو پوي ٿو، جنهن مان اندازو آهي ته ڪافي سندس پسنديده صنف هئي. سنڌ جو هي ناميارو شاعر سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوه زندگيءَ جي آخري پساهن تائين ٽنڊو محمد خان ميونسپالٽيءَ جو صدر پڻ رهيو، ميونسپالٽي جي صدر واري عرصي دؤران هي ٽنڊو محمد خان جو پهريون شخص هو، جنهن ٽنڊو محمد خان ۾ “بچاءُ ڪميٽي” جو بنياد پڻ رکيو، ان بچاءَ ڪميٽي جو چيئرمين به پاڻ هو، شهر جا چونڊ معزز ماڻهو ان ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا، شهر ۾ امن امان قائم رکڻ، غُنڊاگردي ۽ چوري چڪاري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مير صاحب پاڻ، بچاءُ ڪميٽي جا ميمبر ۽ سندن ساٿي رات جو سڄي شهر کي پهرو ڏيندا هئا. جيڪڏهن اُهي رات جو شهر ۾ ڪنهن کي اڪيلو ڏسندا هئا ته کيس پڪڙي آڻي مير صاحب وٽ پيش ڪندا هئا، هڪ دفعي ته هڪ نئين آيل صوبيدار کي به سوگهو ڪري آڻي مير صاحب اڳيان پيش ڪيائون. پروفيسر زيب ڀٽي جو چاچو مرحوم حاميد ڀٽي به ان بچاءُ ڪميٽي جو ميمبر رهيو، جنهن جي روايت سان زيب ڀٽي لکي ٿو ته “ مير غلام الله وڏي همت وارو شخص هو، سندس بهادريءَ جي پرک لهڻ لاءِ هڪ ڀيري بچاءُ ڪميٽيءَ جي ڪِن ميمبرن ٽنڊو محمد خان شهر جي نئين پُل وٽ هڪ مُئل نانگ رستي تي رکي ڇڏيو ته جيئن مير صاحب اُتان لنگهندو ته ڊڄندو، ڪميٽي جا اهي ميمبر وڻن جي اوٽ ۾ لِڪي بيهي رهيا، جڏهن مير صاحب نانگ جي ويجهو آيو ته ٿورو هٽي بيهي، نانگ کي پير سان ٿُڏو هڻي اڳيان وڌي ويو ۽ ميمبرن کي ڏسي کِلي چيائين ته “ڏاڍا ڏنگا آهيو”. سندس وقت ۾ شهر اندر غنڊاگرديءَ بلڪل بند هئي، ايتريقدر جو سندس نوڪر به شهر ۾ ڪنهن سان وڙهي ايندا هئا ته انهن کي دٻائي چوندو هو ته اوهين منهنجي زور تي وڙهي آيا هوندا. پوءِ ٻنهي ڌُرين کي رُوبرو گهُرائي، ڏوهاري نوڪرن کي سزائون به ڏيندو هو، ته جيئن وري سندس نالي جي زور تي ڪير ڪنهن سان مستيءَ نه ڪري، سندس اهڙا سماجي ڀلائي وارا ڪم اڄ به ان دؤر جا بُزرگ سُٺن لفظن سان ڳائين ٿا. سندس وقت ۾ هڪ اخبار پڻ شايع ٿيندي هئي، ان اخبار جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر پڻ هو. سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب غلام محمد شاهواڻي سندس گهاٽو دوست هو. مير صاحب کي شاعريءَ سان انتها درجي جو چاهه هو، ان حد تائين جو اڪثر سندس سلوار تي پينسل سان شعر لکيل هوندا هئا، سندس شاعريءَ جو مجموعو “ عاشق جون آهون“ ۱۹۴۳ع ۾ ڇپيو. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”دل جو چراغ “( ۱۹۴۴ع) اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود هو. سندس ٻيو ڪتاب ”فري ورس“ ۱۹۸۱ع ۾ ڇپيو ( جيڪو پڻ هن وقت ناياب آهي ). سندس شاعري جي هاڻي ڪا خبر ناهي، شاهواڻي ٽالپرن جي ڪيترن ئي فردن سان ملي مون ان مواد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي پر هر هنڌان ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيا. جنهن مان مونکي اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهو سمورو مواد شايد ضايع ٿي چڪو آهي، بقول پروفيسر زيب ڀٽي جي ته اهو سمورو مواد مير علي نواز خان ٽالپر ( اول )، مير رسول بخش خان ٽالپر يا احمد خان وساڻ وارن وٽ موجود هو. ( الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو). باقي هڪ ڳالهه جي حيرانيءَ ضرور آهي ته ايتريون ساريون ڪافيون لکڻ جي باوجود سنڌ جو هي نامور شاعر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نظرن کان ڪيئن اوجهل رهيو، جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس مرتب ڪيل ڪافين جي ٽنهي جُلدن ۾ مير صاحب کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آندو آهي. خبر ناهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ائين ئي آنريبل مير الهه بخش شاهواڻي ٽالپر “معروف” کي پڻ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وساري ڇڏيو، باقي مير فتح محمد خان ٽالپر جون ڇهه ڪافيون جُلد ٻئي ۾ شامل ڪيون اٿس. ڪيترن ئي اکين کان اوجهل سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سياستدان مير غلام الله ٽالپر ( دوئم) ۱۲ ڊسمبر ۱۹۴۴ع بمطابق ۲۵ ذوالحج ۱۳۶۳ هجري تي ۳۷ سالن جي جوانيءَ واري عُمر ۾ وفات ڪري ويو. کيس ٽنڊو محمد خان جي پُراڻي بس اسٽاپ لڳ سندس اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

مير غلام الله خان ٽالپر جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافيون:

۱. جاليان ڪيئن جيڏيون، هوتن ريءَ هتي،

ناهي مون کي آرام، سرتيون ويٺي ستي.

جن پريت سندس پڪا قول ڪيم،

پيارن پرين سان، اقرار ٻول ڪيم،

وساري ڪيئن ويهان، سانگي لعل سندم،

ڪاهي وينديس مان، جانب آهي جتي.....

“غلام الله” ويا ڏير اُچاٽ ڪري،

ور وريءَ ڪيئن وهي، موڳي ماٺ ڪري،

جگر جان ۽ دل، ويا ڪاٽ ڪري،

جتي جانب آهه، وينديس ڪاهي اُتي.....

۲. ونگ زلفن جا، پيا زنجير مثل،

چڻنگون چشمن جون لڳيون تير مثل،

ماندو منڙو ٿيو، مردي ظهير مثل،

وڃائي محبت سڪ پياس، دل جي وندر.....

“غلام الله” مٿان، وساءِ نه تير وري،

بنا يار ديدار، ويندس مفت مري،

جند جان جسم ويئي آهه ساري ڳري،

فقط ملڻ سندي آهه آس دل جي اندر.....

۳. محبوب دل ديواني ڌتاري هليو ويو،

پٿر دل پلڪ ۾، پگهاري هليو ويو،

کڻي نيڻ نوري، کسيائين دل زوري،

نشي جي ڪٽوري، پياري هليو ويو.....

هنيائين نيزا ڀالا، دل ۾ يار نرالا،

ڪٽڪي ۽ ڪشالا، ڏياري هليو ويو.....

پائي پيچ جاني، ڪئي دل مستاني،

تائين زندگاني، رئاري هليو ويو.....

“غلام الله” اڙائي، قابو دل ڪڙائي،

محبوب ڪئي چڙهائي، نهاري هليو ويو.....

حوالا :

۱. ٽماهي مهراڻ، ۳ ۽ ۴ / ۱۹۶۳ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

۲. ماهوار نئين زندگي ڪراچي، مارچ ۱۹۶۸ع

۳. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، قافيون ( جلد ٻيو )، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، ۱۹۸۷ع

۴. ٽماهي مهراڻ، جولاءِ – ڊسمبر ۲۰۰۲ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد

۵. کتري، حڪيم محمد يوسف، “ٽنڊو محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر جو تنقيدي جائزو”، لطيفي طبي اڪيڊمي، ٽنڊو محمد خان، جون ۲۰۱۱ع

۶. “ڪاوش دنيا” مئگزين، روزاني ڪاوش، ۲۹ جولاءِ ۲۰۱۸ع

No comments:

راءِ ڏيندا