; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد قاسم ملاح

13 April, 2024

حاجي محمد قاسم ملاح

حاجي محمد قاسم ملاح

لاڙ خطي جو يگانو ڪردار

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان شهر کي بلڪل ويجهو 'ٽنڊو سائينداد' نالي قديم وسندي آهي، ٽنڊي سائينداد جي داخلي رستي جي کاٻي پاسي هڪ قبرستان آهي، جنهن قبرستان ۾ هڪ اڻ مڪمل مقبرو تعمير ٿيل آهي، جنهن جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان بند پيل ٿو ڏسجي، توڙي جو منهنجي علم ۾ هو ته اهو مقبرو ڪنهن جو آهي پر ملاح برادري جي هڪ فرد جي تدفين ۾ شرڪت دوران مونکان هڪ دوست سوال ڪيو ته اهو مقبرو ڪهڙي بزرگ يا اولياءّ جو آهي، مون کيس وٺي وڃي مقبري تي بيهاريو ۽ ڪجھ فوٽو ڪڍڻ بعد کيس سموري روئداد کان آگاھ ڪندي ٻۡڌايم ته هي مذهبي نوعيت واري سوچ جي مناسبت سان ڪنهن به پۡهتل درويش، ڪاني ڪرامت واري بزرگ يا اولياءّ جو مقبرو ناهي، پر هي مقبرو هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو پنهنجي ذاتي سوچ جي حوالي سان پنهنجو پاڻ کي ڪجھ به نه سمجهڻ جي باوجود پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻو ڳرو شخص هو، توڙي جو حاجي هئڻ سان گڏوگڏ ترقي پسنديءّ جي لحاظ کان هۡو وڏو ماڻهو هو پر مذهبي سوچ جي عڪاسي جي لحاظ سان هو کاٻي ڌۡر واري سوچ رکندڙ شخص طور مشهور هو. سندس دل جا دروازا ۽ سوچ جي پکيڙ تمام گهڻي وسيع هئي، بدني بيهڪ ۾ سنهڙو، قد جو ڊگهو، لباس ۽ طبعيت ۾ صفا سادو ۽ وات جو بلڪل ڇۡوٽ هو.


حاضر دماغ به حد درجي جو هو ۽ لفظ سندس دماغ جي حۡڪم تي دل جو رستو پار ڪري، زبان مان واهڙ جيان وهندا هئا. هۡو پنهنجي سوچ، عمل، عقيدن ۽ نظرين ۾ بلڪل منفرد شخص هو، هۡو ڪيترين ئي روايتن جو منحرف هو ته وري ڪيترين ئي منفرد روايتن جو بانيڪار به هو. مۡرشدي ۽ مريدي به ڄڻ ته سندس لاءِ وڏي چڙ هئي، پر خبر ناهي سندس هن مقبري جي اڏاوت جا رنگ مستقبل ۾ ڪهڙا کيڏ کيڏائيندا، ان ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته متان اسانجا ايندڙ نسل مٿس چادرون چاڙهي، باسۡون باسڻ جي روايت جا پيڪر نه بڻجي پون. اهو مقبرو ڪنهن به سيد، مير، پير يا ڪنهن ڪاني ڪرامت جي صاحب جو نه پر حاجي محمد قاسم ملاح جو آهي. جنهن ۾ پاڻ پنهنجي گهر واريءّ سميت مدفون آهي. اهو مقبرو سندس فرزند مفتون ملاح جوڙايو هو، ان جي پۡٺيان ڪهڙا سبب ۽ مقصد لڪل آهن اهو ته قدرت ئي بهتر ڄاڻي ٿي ۽ ٻي خبر مفتون ملاح کي ئي آهي. آئون بس ائين ئي چئي سگهان ٿو ته مفتون ملاح، مون سان خۡود اعتراف ڪيو هو ته بابا جو شاندار مقبرو جوڙائيندس ۽ اۡتي چندي جي هڪ پيتي به ٺهرائيندس.

بس نيتن جو دارومدار عملن تي ئي آهي پر مقبري ڌڻي حاجي محمد قاسم ملاح ٽنڊي محمد خان جي قديم وسنديءّ ٽنڊو سائينداد ۾ ۱۹۳۰ع ڌاري پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو خميسو خان ملاح هو، هو نه رڳو ٽنڊو محمد خان پر لاڙ واري خطي جو معروف شخص ٿي گذريو، ۱۹۵۰ع ۾ روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ڀرتي ٿيو ۽ ۱۹۷۲ع ۾ نوڪري کي خيرباد ڪيائين، نظرياتي طور شروع ۾ ڪميونسٽ پارٽي سان وابسته رهيو، جنهن دوران ناليواري ڪميونسٽ اڳواڻ عزيز سلام بخاري سان سندس تمام گهاٽي دوستي رهي. ان بعد عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو، عوامي تحريڪ جي جوڙجڪ ۾ سندس رهائشگاھ صلاح مشورن جو مرڪز بڻيل رهي، هۡو عوامي تحريڪ جو مرڪزي خزانچي به رهيو، سندس لاڳاپو عوامي تحريڪ سان ان حد تائين هو جو عوامي تحريڪ جي آئين “صۡبح ٿيندو” جي پڌرائي به ٽنڊو سائينداد (ٽنڊو محمد خان) ۾ سندس ئي رهائشگاھ تي ٿي، جنهن ۾ شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو سميت سياست جي دنيا جا وڏا نالا شريڪ هئا. جنهن بعد هۡو وري عوامي نيشنل پارٽي سان به سلهاڙيل رهيو، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر پنجاب ۽ سرحد (خيبر پختونخواھ) ۾ پارٽي ڪنوينشن ۽ اهم گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو. شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو، عزيز سلام بخاري، محمد خان مگسي، غلام نبي بهراڻِي، اسماعيل راهو، اسلم راهو سميت سنڌ جي کوڙ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن سان سندس لاڳاپا تمام گهاٽا رهيا. شهيد فاضل راهو ۽ هۡو ڄڻ ته هڪ ئي خاندان جا فرد هئا. جڏهن شهيد فاضل راهو، “نيلامي بند ڪريو” تحريڪ جي شروعات ٽنڊو محمد خان مان ڪئي هئي ته ان وقت حاجي محمد قاسم ملاح، رئيس محمد خان مگسي ۽ غلام نبي بهراڻي ۽ ٻين فاضل راهو جي هر قسم جي اخلاقي مدد سان گڏ مالي مدد ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتو هو. شهيد فاضل راهو زندگيءّ جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن ڊيري فارم کوليو هو ته حاجي قاسم ملاح سندس خاص صلاحڪار جي حيثيت ۾ ساڻس هر وقت گڏ هوندو، ڊسمبر ۱۹۸۶ع ڌاري جڏهن فاضل راهو ۽ حاجي قاسم ملاح، مينهن جي خريداري لاءِ حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته گنجي ٽڪر وٽ فوجين جي چيڪنگ دوران فاضل راهو جي گاڏي پويان ڪرڻ جي معاملي ۽ تعارف ڪرائڻ واري ڳالھ تان فوجين سان ڏي وٺ ٿي پئي، حاجي قاسم ملاح، فاضل راهو کي چيو ته “سائين ضد نه ڪريو، تعارف ڪرائي جان ڇڏايو. “فاضل وراڻيس ته “ماٺ ڪري ويھ، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ” حاجي قاسم ملاح وراڻي ڏنس ته سائين سڀ بلڪل ٺيڪ ڪونهي، پويان منهنجي سۡٿڻ کي هٿ لاهي ڏسو. ” ان ڳالھ تي فاضل راهو کان کل ڇڏائي وئي، جڏهن کين حيدرآباد شهر ۾ هيڊڪوارٽر تي آڻي، کين هٿيارن جي ڇانوّ ۾ بيهاريو ويو ۽ اۡتي ان وقت جي ايس ڊي ايم کي سڏايو ويو، جنهن سان ڳالهين ٻولين بعد فاضل راهو کي ايس ڊي ايم مخاطب ٿيندي چيو ته سائين توهانکي تڪليف ٿي، هاڻي توهان ڀلي وڃو. فاضل راهو ۽ حاجي قاسم ملاح گاڏي ۾ ويهي نڪتا ته حاجي قاسم ملاح، فاضل راهو کي چيو ته “هاڻي سڀ کان پهرين گهر هلي مونکي ڪپڙن جو ڪو وڳو ڏيو ته آئون پنهنجا ڪپڙا مٽايان. ” جنهن تي فاضل راهو کان وري ٽهڪ ڇڏائي ويو. اهو سمورو قصو اسماعيل راهي پنهنجي جيل ڊائري “جيل جا ڏينهن جيل جون راتيون “جلد پهرين ۾ صفحي نمبر ۲۲۰ کان ۲۲۲ تي بيان ڪيو آهي. خبر ناهي اها سموري ماجرا حقيقي هئي يا حاجي قاسم ملاح جي طنز و مزاح واري مزاج جو حصو هئي. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن حقيقت ۾ ائين هجي ها ته گنجي ٽڪر کان وٺي فوجي هيڊڪوارٽر تائين ۽ اۡتان کان واپسي تائين، وقت جا آقا عسڪريت جا عۡقاب بڻيل اهلڪار خبر ناهي ته حاجي قاسم ملاح سان ڪهڙو حشر ڪن ها. اسماعيل راهو، پنهنجي ساڳي جيل ڊائري جي صفحي نمبر ۳۱۰ تي ۸ ڊسمبر ۲۰۰۱ع جي ڊائريءّ جي حوالي سان لکي ٿو ته “حاجي قاسم ملاح جي پوزيشن هلڻ ۽ اچڻ جهڙي ڪونه هئي پر پنهنجو پاڻ کي کڻائي اچي پهتو هو، مون کيس چيو، توهانجي صحت ٺيڪ ڪونه آهي، پوءِ هيتري تڪليف ڇو ڪيئي? پنهنجو اهڙو تعلق آهي جو انهن رسمي ڳالهين جي ته ڪابه ضرورت ڪونهي. چيائين، اها ڳالھ نه آهي پر مونکي تمام گهڻي سڪ لڳي هئي ۽ پوءِ حياتي الله ڄاڻي گهڻا ڏينهن آهي، خبر ناهي اوهين ڪڏهن آزاد ٿيو، آئون اوسيتائين انتظار ڪري نٿي سگهيس. ” حاجي قاسم ملاح کي شهيد فاضل راهو جي فرزندن سان محبت به هئي ته هۡو وري سندن محبتن جو به نوازيل هو، هۡو انهن تي حۡڪم هلائڻ به ڄاڻندو هو ته حۡڪم وٺي ان تي عمل پيرا رھڻ جي فن کان به بخۡوبي واقف هو. حاجي قاسم ملاح انهن ماڻهن مان هو، جيڪي دوستيون نڀائي ڄاڻندا هئا، سندس ذات سان سلهاڙيل دوستيءّ جي نڀاءۡ جو هڪ شاندار مثال اهو آهي ته عزيز سلام بخاري، ڪميونسٽ پارٽي ۾ ساڻس گڏ هو ۽ سندس گهاٽو دوست به هو، جڏهن ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان شديد وٺ پڪڙ ٿي عزيز سلام بخاري مسلسل ۳۸ سال ٽنڊي سائينداد ۾ روپوشي سبب حاجي قاسم ملاح جي گهر ۾ رهيل هو، جتي هۡو حافظ سائين جي نالي سان مشهور هو، هڪ ڀيري عزيز سلام بخاري شديد بيمار ٿي پيو ته حاجي قاسم ملاح سندس علاج لاءِ پنهنجي دوست ڊاڪٽر عظيم بلوچ کي وٺي آيو، جنهن حاجي قاسم کان پۡڇيو ته هي ڪير آهي، حاجي قاسم ملاح جواب ڏنس ته “هي منهنجو پيء آهي”، ڊاڪٽر عظيم بلوچ چيس ته “تنهنجو پيء ته خميسو ملاح هو”، حاجي قاسم ملاح چيس ته “ها بابا خميسو مري ويو، هاڻي هن کي پيءۡ ڪيو اٿم. ” بس پوءِ سموري گهر ۾ ٽهڪن جي فضا برپا ٿي وئي. کيس پنهنجي حلقي جي دوستن تي سمورين حۡجتن جا اختيار حاصل هوندا هئا، هۡو دوستن سان حجتون ڪرڻ، حۡجتون برداشت ڪرڻ جو به ماهر هو ته وري وڏي آواز ۾ ڳالهائي رعب به ڄمائيندو هو، ڪنهن وقت وري صفا غلامن جيان ٻانهون ٻڌي يا هٿ جوڙيو به بيٺو هوندو هو. هۡن جي مزاج ۾ طنز و مزاح، ڀوڳ ۽ چرچا به شامل هئا، ان حد تائين جو ڪڏهن ڪڏهن سندس گۡفتگۡو مان گارين جون ڳٺڙيون پيون کۡلنديون هۡيون ۽ آسپاس جو ماحول ٽهڪن ۽ مۡرڪن سان مهڪي اۡٿندو هو، منجهس سهپ، برداشت ۽ درگۡذر جو مادو به ڪجھ سرس هو، هڪ ڀيري ڪنهن گاڏي جي ٽڪر ۾ سندس ڄنگھ ڀڄي پئي، ملاح بردري جي ماڻهن جي وڏي انگ اچي گاڏي کي ورايو ۽ ڊرائيور تي ھلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته زخمي حالت ۾ روڊ تي پيل حاجي قاسم ملاح، سمورن ماڻهن کي گاريون ڏئي، ڊرائيور کي گاڏي سميت موڪل ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. منهنجي چاچي مرحوم علي احمد ڀٽي سان سندس رفاقت واري رشتي سبب سندس کوڙ ساريون يادگيريون قلمبند ڪرڻ جهڙيون آهن، جيڪي هتي بيان ڪرڻ سان طوالت جو باعث بڻجنديون. بحرحال هو هڪ اهڙو شخص هو، جيڪو هر ڪنهن لاءِ قابل قبول به نه هو ته وري هڪ وڏي اڪثريت سندس محفل جي گهۡرجائو به رهندي هئي. شادين مۡرادين ۾ هۡو پۡوئي پۡونجي واري روايت جو تمام گهڻو مخالف هو، هۡن پنهنجي ذاتي ڪاڄن ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان پۡوئو نه ورتو، پر سندس گهاٽي واسطي واري حلقي ۾ جڏهن هۡو شريڪ ٿيندو هو ته پۡوئي تي ويٺلن کي “بندي وارا ڪنڃر” ڪري سڏيندو هو. پيرسنيءّ ۾ به پنهنجن دوستن جي ڏۡک سۡک ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو، جنهن جو مثال اسماعيل راهو جي توسط سان مٿي اچي چڪو آهي.

حاجي قاسم ملاح ۲ جۡون ۲۰۰۲ع ۾ وفات ڪئي. کيس ٽنڊي سائينداد (ٽنڊو محمد خان) ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو. سندس قبر مٿان سندس فرزند مفتون ملاح پڪو مقبرو اڏايو آهي، جيڪو ڪيترن ئي سالن پۡڄاڻان اڻ مڪمل آهي. ان مقبري ۾ حاجي قاسم ملاح ۽ سندس پهرين گهر واريءّ جون ٻه ڪچيون قبرون آهن جن تي ڪو ڪتبو وغيره به لڳل ناهي. حاجي قاسم ملاح جون ٻه شاديون ٿيل هۡيون، هڪ مائٽن مان ۽ ٻي وري ٻي ڌارين مان، سندس ٻي شادي جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ ۽ منفرد آهي، جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ سان تمام گهڻي طوالت ٿيندي، دلچسپ ڳالھ اها آهي ته هۡو نه رڳو پنهنجي والده سان غير روايتي حۡجتون ڪندو هو پر پنهنجي ٻي گهر واريءّ کي ماسي ڪري پۡڪاريندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس پهرين گهر واريءّ مان ٿيل اولاد ان کي ماسي سڏيندو هو، ان ئي ريت حاجي قاسم به گهرواريءّ کي ماسي سڏڻ جو عادي بڻجي ويو هو. کيس ٻنهي گهروارين مان ويهن ٻارن جو اولاد ٿيو، جن مان پنج ٻار ٻالڪپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا. باقي ڏهن پۡٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد وڌي وڏو ٿيو. سندس پۡٽن ۾ مفتون ملاح، مشتاق عرف ڪارو ملاح، منصور ملاح، مقصود ملاح، جاويد ملاح، مسرور ملاح، حيدر عباس عرف ارباب ملاح، عبداللطيف ملاح، عبدالعزيز ملاح، عبدالعظيم ملاح شامل آهن. حاجي محمد قاسم ملاح جو سياسي ۽ سماجي ڪردار لاڙ واري خطي ۾ وڏي اهميت جو حامل رهيو، هۡن ٽنڊي محمد خان شهر ۾ پنهنجي دوستن جي حلقي ۽ سرڪاري سرپرستيءّ سان شهر جي مۡکيه رستن ۽ چوڪن تي وڏي تعداد ۾ بيت الخلاءّ تعمير ڪرايا، ان کان علاوه ٽنڊي محمد خان شهر جي ڦۡليلي پار واري پاسي روڊن ۽ رستن جي تعمير لاءِ اهم بنيادي ۽ عملي ڪردار ادا ڪيو. حاجي قاسم ملاح پنهنجي وفات سان پنهنجي ڪردار، اهميت، واسطن ۽ تعلقاتن کي به ڄڻ ويراڳ ڏئي ويو، سندس وڇوڙي پۡڄاڻان سندس اولاد ڄڻ ته ڪنهن اڻڄاتل سفر جو راهي ئي رهيو آهي پر شهيد فاضل راهو جو اولاد اڄ به سندس اولاد سان ان ئي رشتي جيان سلهاڙيل آهي، جيڪو رشتو شهيد فاضل راهو ۽ حاجي قاسم ملاح جو هو. مون تازو ئي حاجي قاسم ملاح جي وڏي فرزند مفتون ملاح کان، حاجي قاسم ملاح جي اڻ مڪمل مقبري بابت پۡڇا ڪئي، جنهن جي جواب ۾ هۡن ورندي ڏني ته اسماعيل راهو ۽ اسلم راهو وارا چون ٿا ته حاجي قاسم ملاح تي اسانجو ۽ اسان تي اۡن جو به ڪو حق ٿئي ٿو، تنهنڪري مقبري جي وڌيڪ تعمير ۽ تڪميل اسان ڪرائينداسين.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا