حاجي محمد قاسم ملاح
لاڙ خطي جو يگانو ڪردار
اعظم ڀٽي
ٽنڊو محمد خان شهر
کي بلڪل ويجهو 'ٽنڊو سائينداد' نالي قديم وسندي آهي، ٽنڊي سائينداد جي داخلي رستي
جي کاٻي پاسي هڪ قبرستان آهي، جنهن قبرستان ۾ هڪ اڻ مڪمل مقبرو تعمير ٿيل آهي،
جنهن جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان بند پيل ٿو ڏسجي، توڙي جو منهنجي علم ۾ هو ته اهو
مقبرو ڪنهن جو آهي پر ملاح برادري جي هڪ فرد جي تدفين ۾ شرڪت دوران مونکان هڪ دوست
سوال ڪيو ته اهو مقبرو ڪهڙي بزرگ يا اولياءّ جو آهي، مون کيس وٺي وڃي مقبري تي
بيهاريو ۽ ڪجھ فوٽو ڪڍڻ بعد کيس سموري روئداد کان آگاھ ڪندي ٻۡڌايم ته هي مذهبي
نوعيت واري سوچ جي مناسبت سان ڪنهن به پۡهتل درويش، ڪاني ڪرامت واري بزرگ يا
اولياءّ جو مقبرو ناهي، پر هي مقبرو هڪ اهڙي شخص جو آهي، جيڪو پنهنجي ذاتي سوچ جي
حوالي سان پنهنجو پاڻ کي ڪجھ به نه سمجهڻ جي باوجود پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻو ڳرو
شخص هو، توڙي جو حاجي هئڻ سان گڏوگڏ ترقي پسنديءّ جي لحاظ کان هۡو وڏو ماڻهو هو پر
مذهبي سوچ جي عڪاسي جي لحاظ سان هو کاٻي ڌۡر واري سوچ رکندڙ شخص طور مشهور هو.
سندس دل جا دروازا ۽ سوچ جي پکيڙ تمام گهڻي وسيع هئي، بدني بيهڪ ۾ سنهڙو، قد جو
ڊگهو، لباس ۽ طبعيت ۾ صفا سادو ۽ وات جو بلڪل ڇۡوٽ هو.
