; سنڌي شخصيتون: اميد علي شاهه “اُميدن ڀريو”

12 April, 2024

اميد علي شاهه “اُميدن ڀريو”

اميد علي شاهه “اُميدن ڀريو”

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



اميد علي شاهه جو شمار سنڌ جي بهترين ڪافي گو شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس خاندان جو سلسلو ملتان جي غوثيه بزرگن سان ملي ٿو. اميد علي شاهه جا وڏا سنڌ جي قديم ماڳ اگهاماڻي شهر ۾ رهندا هئا، جتي سندس وڏن جا مقبرا موجود آهن. اميد علي شاهه ٽنڊو محمد خان جي نصير آباد پاڙي ۾ اچي رهيو، هتي ئي زندگي جا ڏهاڙا گذاري، هتي ئي وفات ڪيائين ۽ هتي ئي مدفون ٿيو، کيس خانداني بزرگي واري سلسلي سبب اميد علي شاهه “ اميدن ڀريو” به سڏيو ويندو هو. سندس جنم ۱۷۸۵ع مطابق ۱۲۰۰ هجري ڌاري ٿيو.


سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ”ڪافيون“ جي جُلد پهرئين ۾ صفحي ۲۲۷ کان ۲۳۶ تائين اميد علي شاهه جون ۱۶ ۽ صفحي نمبر ۶۰۳ کان ۶۰۵ تي ۳ ٻيون ڪافيون شامل ڪيون آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بقول سندس نظر مان اميد علي شاهه جون ۵۰ کن ڪافيون نڪتيون، جنهن مان چونڊ ڪري ۱۹ ڪافيون هن شايع ڪيون، جنهن ۾ حقيقي عشق جا جوهر سمايل آهن. اميد علي شاهه پنهنجي ڪافين ۾ سنڌ جي رومانوي داستان سسئي جي عاجزيءَ کي خوب ڳايو آهي. ۱۸۶۸ع مطابق ۱۲۸۵ هجري ۾ وفات ڪيائين. هن بزرگ جي قبر ٽنڊو محمد خان شهر جي ڇيڙي تي ميرن جي بنگلي جي اُتر، اولهه ڪُنڊ وٽ نصيرآباد پاڙي ۾ آهي، سندس قبر کان ٿورو پرڀرو ڪجهه ٻيون به ٻيون قبرون پڻ آهن، ڪافي عرصو اڳي هن بزرگ جي قبر تي ڪيترائي ماڻهو مختلف قسمن جون باسون کڻي اچي پَڙ به چاڙهيندا هئا، جيڪو سلسلو ته هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، پر هن بزرگ جي قبر جا نشان به لٽجي ختم ٿي ويا، سندس قبر کان پرڀرو چارديواري ۾ بند ڪجهه قبرون هن وقت به موجود آهن پر ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ۽ زبون حالي جو شڪار آهن، روايت موجب ان چوديواري ۾ در وٽ سندس ڀاءُ غلام حسين شاهه، ان جي ڀر ۾ سندس فرزند حاجي نظر محمد شاهه جيڪو بنا اولاد جي ۱۳۳۰ هجري بمطابق ۱۹۱۱ع ۾ وفات ڪري ويو، ان سان لڳ پير مير علي شاهه ولد پير سمن شاهه جي قبر آهي. جڏهن ته هڪ ڪنهن معصوم ٻار جي قبر پڻ آهي. عام راءِ موجب اُميد علي شاهه جي قبر به ان چارديواري ۾ ڳڻائي وڃي ٿي پر ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته حقيقت ۾ ائين ناهي، اُميد علي شاهه جي قبر ان چارديواري کان اوريان هئي، جيڪا هاڻ لٽجي، ختم ٿي چُڪي آهي. هن بزرگ شاعر سان ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏندڪٿائون منسوب آهن. (ا.ڀ)

اميد علي شاهه جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافي

يار سڄڻ تنهنجي ماڻن ماري آهيان ، ڳالهين ڳاري آهيان.

ونحن اقرب ڏس ويجهو ٿي، پرين پرانهون پنڌ نه ڪوئي،

وٽ ويهي تو وساري آهيان.

ٻانهيون سائڻ گڏ ٿيون گهارن، تو جيئن ماڻن ساڻ نه مارن،

دۡور رهين ٿو شايد ڌاري آهيان.

دلبر تنهنجي دۡور رهڻ جا، سي ٿيا منهنجي سۡور سهڻ جا،

حيران ڪئي آءۡ هيڪاري آهيان.

واهه "اميد علي" وار ويجهائيءّ جو، گهوريو جانب جل جدائيءّ جو،

آءۡ ته فراق آزاري آهيان.

***********************************************

ڪافي

ساري سب ڄمار، منهنجي بس پنپور كان.

پياري پنهل سان پرت گهڻيري، سنجهي ايندا يا صبح سويري، سورن ڪئي آهي دل اڪيلي.

راحم رب غفار... منهنجي بس ...

سرتيون ساهيريون مون کي نه جهليو،

اوهين ته پنهنجي پان کي پليو، هوت ويو ٿم هٿان هليو،

ڪاهي منجهه قطار ... منهنجي بس .....

"اميد علي" چئي آس نہ لاهيان،

پاند پلو ويٺي پر لئي پايان،

هوت لئي هردم هنجڙون هاريان،

هوتن ڳۡڻ هزار ... منهنجي بس ...

************************************************

ڪافي

سمجهڻ ڳالهه دلبر ناهي سُّٿري ادا،

سَڌ سڀڪا نا ڪري هلڻ جي ادا!

۱. تَيُون جي پرين چاڙهيون، ڏيئي ٻارڻ منجهه ته ٻري

تَيُون تپن تئو تي، جيئن عاشق آڳ ٻري

۲. جيئن ڪمند پيڙي پرين ڳڙ ڪيو ڏيئي عاشق منجهه اري

تيئن رضامند راڻا پوءِ جيئن وڻي تيئن ڪري

۳. هڪ پرديس ٻي جدائي، ٽيوناٿئي جي پنڌ پري

چوي ”اميد علي“ اجهي پرين آيا، تن سان روئي لڳ تون ڳري.

*************************************************

ڪافي

هر بيان بره ري باطل،

دل سا بلڪل بات نه باسي.

۱. محبت ٻاجهون مئن نه مَنان اي مسئلي

وچ وجود ويکو ورق وصالي

يار رهيوسي رمزان والي رسالي

ڪنهن رنگ ڪيتي دل راسي

۲. هر علم اڪسير الحجاب

ڪِيريائي دا ڇوڙ ڪتاب

بسمل ساٿي پڙهه بره دا باب

وتين واصل بنان وسواسي

۳. ڪيا هي قرب قوس ڪدوري

شرفي پڙهدي صحيح سموري

پڙهه پڙهه ڪيتوني عمر پوري

رهه ڳئي پريم ڪنون جي پاسي

۴. هر علم حرف هڪوئي هڪ

اسانون نينهن نقطا پڙهايا نچ

سڻ ”اميد علي“ سخن سوايا سچ

سِڪ سلوڪ دي ساه ساسي

***********************************************

ڪافي

ڏاڍو برهه لڳو ٿي بانوري، بنان سڄڻ جي بنهن نه ڀرمي

۱. بانوري ڪي بيسرباني، چور چري ڪئي دل چشمن جي چئني

نئون اڙايو نينهن نت نت نيڻن، نسنگ نهوڙيو نا وري

ناز نيڻن جي آئي نظر ۾

۲. سرمون سوائي اکڙين نه سماوي، سي پرين آيا پاٻوهي پائي

گهنڊ گهونگهٽ ئي دل کي گهائي، گهاون تي ڪيائين گهاء وري

ويٺي گذاريان گهورن جي گهر ۾

۳. ڀرمي بنهين نه بيقراري، آتش عشق جي ڪئي او ٻاهري

صدقي شمع تون ٿي ساري، سبب تَهين ڪئي سانوري

سڄڻن گڏجي ڇڏي سائي سر ۾

۴. گهر انهين گهٽ گهيڙ نه ڪوئي، جوئي آيو سوگهو ٿيو سوئي

عرض اُڪنڊيءَ اٿئي اهو ئي، ”اُميد علي“ چئي آءُ وري.

No comments:

راءِ ڏيندا