; سنڌي شخصيتون: فتح محمد غوري

13 April, 2024

فتح محمد غوري

فتح محمد غوري

لاڏاڻو ڪري ويو - هڪ صديءَ جيتري عمر رکندڙ

اعظم ڀٽي



فتح محمد غوري ٽنڊو محمد خان جو بهترين علم، ادب دوست شخصيت جو مالڪ رهيو. هو ٽنڊو محمد خان جو تمام سلجهيل سماجي ورڪر پڻ هو/ علم جي ڦهلاءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيائين. سال ۱۹۶۳ع ۾ ٽنڊومحمد خان ۾ اسلاميه اسڪول جو بنياد رکيائين. جنهن جو افتتاح مير غلام علي خان ٽالپر ڪيو هو.


غوري برادري کي منظم ڪرڻ لاءِ انجمن برپا ڪري تمام بهترين قسم جا سجاڳي وارا پروگرام منعقد ڪرايائين، ۱۹۷۴ع ۾ ٽنڊومحمد خان مان هفتيوار اخبار “خضر” جاري ڪيائين. جيڪا اخبار سماجي مسئلن کي اُجاگر ڪرڻ سان گڏ غوري برادري جي ترجمان اخبار هُئي ۽ سموري مُلڪ ۾ جتي به غوري برادري جا ماڻهو رهندا هئا. انهن تائين اها اخبار پهچائي ويندي هئي. ۱۹۷۵ع ۾ ٽائون هال ٽنڊو محمد خان ۾ سموري ملڪ ۾ موجود غوري برادري جي سڄاڻ ماڻهن جو ڪنوينشن گهرايائين جيڪو مسلسل ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ غوري برادري کي درپيش مسئلن تي غور ويچار ڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.

سال ۱۹۸۸ع ۾ ٽنڊومحمد خان مان لڏي وڃي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. زندگيء جا ٻٽيھ سال ڪراچي ۾ پنهنجي اولاد سان بسر ڪرڻ بعد ۱۳ جون ۲۰۲۰ع تي ڪراچي ۾ ۱۰۴ سالن جي عۡمر ۾ پۡٽن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين جون خوشيون اکين سان ڏسڻ کانپوءِ ڪجھ وقت علالت ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڪراچي ۾ ئي سپرد خاڪ حوالي ڪيو ويو، سندس اولاد ۾ اٺ پۡٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. سندس پٽن جا نالا آصف غوري، ناصر غوري، تنظيم غوري، عشرت غوري، نصرت غوري، جاويد غوري، نسيم غوري آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا