; سنڌي شخصيتون: نوشاد علي ڀٽي

13 April, 2024

نوشاد علي ڀٽي

نوشاد علي ڀٽي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نوشاد علي ڀٽي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۸۳ع تي ٽنڊو محمد خان جي پُراڻي بس اسٽاپ لڳ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام حيدر ڀٽي آهي. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۹ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ، ۲۰۰۱ع ۾ مخدوم بلاول انٽرميڊيئٽ سائنس ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر پاس ڪري، ۲۰۰۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي انگلش ڪيائين. شاعريءَ جي شوق سبب ۲۰۰۰ع کان نظير ٽکڙائي جي شاگردي ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي، نثار ناز ۽ رفيق آس لغاري کان شاعريءَ جي اصلاح ڪرائيندو رهيو. ۲۰۰۳ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نصير مرزا جي معرفت پنهنجو نظم پڙهڻ جو موقعو مليس. ۲۰۰۸ع ۾ تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ٿيو، ۲۰۱۱ع ۾ بي ايڊ ۽ ۲۰۱۳ ايم ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين، غزل ۽ نظم جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي سٿ، بزم رُوح رهاڻ، علامه آءِ آءِ قاضي ادبي فورم، ينگ رائٽرس فورم سان سلهاڙيل رهيو آهي. ۲۰۰۷ع ۾ فوجي فائونڊيشن ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۽ ۲۰۰۹ کان ۲۰۱۱ع تائين عاصم هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هن وقت گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجا تدريسي فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ۲۰۱۲ع ۾ شادي ڪيائين، کيس ٻن پۡٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. (ا.ڀ)


نوشاد علي ڀٽي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

آءُ ظالم مٿان سنگ باري ڪريون،

ختم ڌرتي تان سڀئي ڏوهاري ڪريون.

چنڊ تي پُهچي وئي آ دنيا ڏسو،

پاڻ اڄ ڀي پيا ڪارو ڪاري ڪريون.

سچ ۽ سُونهن جو ساٿ گڏجي ڏيون،

درس اهڙو ته گهر گهر ۾ جاري ڪريون.

دشمنِ سنڌ سان جهيڙينداسين سڀئي،

اچ ته اڄ کان ئي ان جي تياري ڪريون.

سنڌ راڻي جيئن دنيا ۾ نالو ڪري،

اِهڙي پيدا وري ڪا ته ناري ڪريون.

ختم اونداهه ڌرتي تان ڪريون اچو،

روشنين سان ته هر جاءِ ڏياري ڪريون.

تن ۽ ڌن لُٽائي وطن لائي پو،

سنڌ جي باغ جي آبياري ڪريون.

آگ آهي لڳائي ڪنهن نمرود ڏس،

اڄ ته گڏجي وري ڪا بهاري ڪريون.

ديس ساري ۾ دوکو ۽ دولاب آ،

رسم “نوشاد” جاري ڪا نِياري ڪريون.

************************************************

غزل

جهان سارا تنهنجي اندر جي آهن جي نهارين ها،

وري ها انقلابن جا لکين سج ڪي اُڀارين ها.

اسان کي راهه ۾ رولي او رهبر ! ويو هلئين ڪيڏانهن؟

هُئين جي تون سچو رهبر ته راهن ۾ ئي گهارين ها.

ڪُٺا تو ڪالهه ڀي سنڌي ۽ گولي اڄ ڀي جاري آ،

آهين جي تون اسان مان پو ته ائين هرگز نه مارين ها.

وري ڌرتي مٿان اونداهه جو ديرو لڳل آ ڏس،

ڀٽائي جيئن وري ڪي ڏات جا ڏيئا تون ٻارين ها.

هٿن ۾ تون ئي هٿڙا سڀئي ساٿي سنڀاري پو،

ائين ظلمت جي دريا مان سڀئي ساٿي اُڪارين ها.

مري هڪ ڏينهن وڃڻو آ هتي پل يا ڪو پل آهيون،

جي توکي هو مِليو جيوَن ته ڌرتي لائي گهارين ها.

روايت تو يزيدي ڇو وري منڪر آ دهرائي،

پِيالا پِرت جا پُر ڪي پياسن کي پيارين ها.

هجي ها تو ۾ جي ساڃاهه سڄڻ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي،

ائين “نوشاد” کي هرگز نه جلدي ۾ وسارين ها.

***********************************************

غزل

حق ڳالهه چوڻ گهرجي،

ڪنهن کان نه ڊڄڻ گهرجي.

ڏس وقت پُڪاري پيو،

سُوري کي چُمڻ گهرجي.

ها هوت به ايندو پر،

ڪجهه اڳتي وڌڻ گهرجي.

ظالم سان جهيڙيندي،

پوئتي نه هٽڻ گهرجي.

ڏِس دنيا بدلجي پَئي،

تبديلي اچڻ گهرجي.

ڪم ظرف سان ڪو احوال،

هرگز نه سلڻ گهرجي.

سِر ڪَٽجي ڀلي ڪَٽجي،

ڪنڌ ڪِين نه جهڪڻ گهرجي.

هر حال ۾ حق پنهنجو،

“ نوشاد ” وٺڻ گهرجي.

***********************************************

غزل

سج لهي پيو جبلن پويان،

ڊروڙين ڇو ٿو پاڇن پويان.

ڏاڍا آهين ڏاڍو تون پر،

ڏينهن به ٿيندا راتِن پويان.

ڪيڏو سهڻو منظر آ ڏس،

چنڊ پيو اُڀري چونئرن پويان.

نچ نچ ساٿي قلندر جيئن تون،

ميار ناهي مستن پويان.

ڦُڙ ڦڙ ڦڙ ڦڙ مينهن پيو ۽،

انڊلٺ اُڀري ڪڪرن پويان.

جوڳين پيو هٿ ڏيکارين،

ناهي قسمت لِيڪن پويان.

هِي سازندو ٻيجل ناهي،

ڏياچ نه سِر ڏي سازن پويان.

ڪين نه بڻياسين مرهم پنهنجو،

انڌَن اونڌنَ ويڄن پويان.

انگ اُگهاڙو ٻار ڏسي پيو،

اُوچا ڪپڙا شيشن پويان.

لولهيون لنگڙيون جت تعبيرون،

پاڻ اڃان ڀي خوابن پويان.

عجب آ يارو ! وقت اچي ويو،

شِينهن هلن پيا گدڙن پويان.

اندر جا هي ڪارا ماڻهو،

اڇن اُجرن ڪپڙن پويان.

وقت وڃائي يار ڇڏيوسين،

انڌن ٻوڙن گونگن پويان.

عزت غيرت سڀ وئي ڏس،

ڪارن ڪارن ڌنڌن پويان.

اکر الف “نوشاد” نه پڙهيئي،

عمر وڃايئي ورقن پويان.

No comments:

راءِ ڏيندا