; سنڌي شخصيتون: نوشاد علي ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label نوشاد علي ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label نوشاد علي ڀٽي، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

13 April, 2024

نوشاد علي ڀٽي

نوشاد علي ڀٽي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نوشاد علي ڀٽي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۸۳ع تي ٽنڊو محمد خان جي پُراڻي بس اسٽاپ لڳ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام حيدر ڀٽي آهي. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۹ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ، ۲۰۰۱ع ۾ مخدوم بلاول انٽرميڊيئٽ سائنس ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر پاس ڪري، ۲۰۰۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي انگلش ڪيائين. شاعريءَ جي شوق سبب ۲۰۰۰ع کان نظير ٽکڙائي جي شاگردي ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي، نثار ناز ۽ رفيق آس لغاري کان شاعريءَ جي اصلاح ڪرائيندو رهيو. ۲۰۰۳ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نصير مرزا جي معرفت پنهنجو نظم پڙهڻ جو موقعو مليس. ۲۰۰۸ع ۾ تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ٿيو، ۲۰۱۱ع ۾ بي ايڊ ۽ ۲۰۱۳ ايم ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين، غزل ۽ نظم جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي سٿ، بزم رُوح رهاڻ، علامه آءِ آءِ قاضي ادبي فورم، ينگ رائٽرس فورم سان سلهاڙيل رهيو آهي. ۲۰۰۷ع ۾ فوجي فائونڊيشن ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۽ ۲۰۰۹ کان ۲۰۱۱ع تائين عاصم هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ انگريزي استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هن وقت گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجا تدريسي فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ۲۰۱۲ع ۾ شادي ڪيائين، کيس ٻن پۡٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. (ا.ڀ)