شنگرفي حڪيم
حسين ڪپري
تن طبيب ته گهڻا ٿي گذريا پر حڪيم
سائين ڏني سنياسي جي ڳالهه ڪجهه اور آهي. سندس باري ۾ ايتريون ڳالهيون مشهور آهن
جيتريون محلاتي سازشن جي باري ۾ به ڪونهن.
هو وڏو نبض شناس ۽ قابل حڪيم
آهي. هن وٽ لاعلاج مريض به شفاياب ٿين ٿا ۽ موت کان سواءِ هر مرض جو علاج ڪري ٿو،
انهيءَ ڪري کيس شفاءُ الملڪ جو لقب به مليل آهي.
هو هڪ اشراف، دل جو صاف ۽ سادو
شخص آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو سندس سادگيءَ جو ناجائز فائدو به وٺي ويندا
آهن.
هڪڙو پوليس جو رٽائرڊ صوبيدار،
جنهن وٽ پيسو جام ۽ طاقت گهٽ هئي، سو اچي سندس خوشامد کي لڳو. صبح جو گلدستو پيش ڪري،
شام جو ڪليجي ترايو اچي، جمعي تي عربستان جون کجورون پيو کارائي.
سندس خدمتن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. حڪيم
صاحب کيس دوا ڏني. ڪجهه عرصي کان پوءِ خبر آئي، هو ظالم پاڙي ۾ رهندڙ پهلوان جي
زال ڀڄائي ويو!
قد ۾ ڇوٽڙو، بت ۾ گهاٽو ۽ بلوري
اکين وارو حڪيم سائين ڏنو هونئن ته جتي ڪٿي هردلعزيز شخصيت آهي پر جيتري عزت سري
گهاٽ جي طوائفن کان مليس اوتري ٻيو ڪير نٿو ڏيئي سگهي.
عزت ملي به ڇو نه. طوائفن جي
شهزادي زمرد بانو بيگم جنهن تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتلي واري ”توبهه شڪن“ نالو
رکيو هو ۽ جنهن جي اڳيان وڏا وڏا عابد زاهد به پاڻي پاڻي ٿي ويندا هئا، سا گولي
غلام سندس گهر جي هئي.
سفيد کير جهڙو رنگ، ڊگهو قد ۽ مٿي
تي ٻانڌڻي پوتي، پهرين نظر ۾ ائين لڳندو هو ته سوڙهي چولي کي ڦاڙي سندس بدن ڪيڏي
مهل به ٻاهر نڪري ايندو!
چون ٿا هن جي ماءُ ڪٽاري بيگم
کي هڪ ٻئي پويان جڏهن چار پٽ ڄاوا ته اچي حڪيم سائين ڏني جو در جهلي ويهي رهي.
پهرين ته هن انڪار ڪيو، مگر مائي اٿي ئي نه. نيٺ حڪيم سچا موتي ماري، چانديءَ جي
ورقن ۾ ويڙهي دوا کيس ڏني، جنهن کان پوءِ ڌيءَ ڄائي.
انهيءَ ڇوڪريءَ جڏهن سورهين سال
۾ پير پاتو ته هر مهيني جي سائي سومار تي حڪيم صاحب جي حاضري ڀرڻ ايندي هئي. ايندي
شرط جهڪي سلام ڪندي هئي ۽ ايستائين بيٺي هوندي هئي جيستائين کيس ويهڻ جو نه چوندو
هو!
اهو سلسلو ايستائين جاري رهيو
جيستائين جنرل ضيا، هيرا منڊي کان وٺي سري گهاٽ تائين، سڀني تفريحي جاين تي بندش
وجهي ڇڏي!
تنهن زماني جون طوائفون ڏاڍيون
مهذب هيون، عزت کي فضيلت سان فروخت ڪنديون هيون.
لهجي کي نرم، جذبات کي گرم ۽
کيسن کي خالي ڪري ڄاڻنديون هيون.
سندن اصول هو ته ويندڙ گراڪ کان
رپيو خرچي به نه گهرنديون هيون. باقي جيڪڏهن ڪو پنهنجي مرضيءَ سان چندي جي پيتيءَ
۾ رقم وجهندو هو ته ان کي نه روڪينديون هيون.
اها پيتي پير صاحب جي امانت
هئي، جنهن جي ڪمائي هر مهيني مني آرڊر ذريعي ملتان موڪلينديون هيون. ڪمائي ملتان
ويندي هئي، برڪتون هتي پونديون هيون!
سائين ڏني جو جيترا ڏينهن سري
گهاٽ ۾ شفاخانو هو، رنڊين وارو حڪيم سڏبو هو.
پوءِ گاڏي کاتي ۾ اچي دواخانو
کوليائين. اتي ڪجهه ڪتاب لکيائين جن مان ”شنگرفي تحريرون“ ايڏو مشهور ٿيو جو مٿس
نالو ئي شنگرفي حڪيم پئجي ويو!
جيئن هڪڙي سڪي جا ٻه پاسا ٿيندا
آهن تيئن هن جي زندگيءَ جا به صرف ٻه پاسا آهن. هڪ پاسي ديسي حڪمت جا نسخا آهن ۽ ٻئي
پاسي لکڻ پڙهڻ! اڃا تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آ ته هو طبيب سٺو آ يا اديب سٺو آ.
جهڙو آهيس دوائن ۾ اثر تيز، تهڙو
اٿس تحريرن ۾ تيزاب، جي ڪو لاپرواهي سان پڙهي ته سڙي پوي.
تنهنڪري پڙهندڙ کي سندس ڪتاب،
”شنگرفي تحريرون“ جا پنا ڇنڊي ڦوڪي، احتياط سان اٿلائڻا پون ٿا. ان مان جيتري
دوائن جي خبر پوي ٿي تنهن کان وڌيڪ سندس شخصيت جو پتو پوي ٿو.
هڪ سڄاڻ پڙهندڙ کي ادب جي
مطالعي دوران خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي ليکڪ مان ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي. ڇو ته
هر رائٽر جي لکڻين جو پنهنجو ذائقو، خوشبو ۽ اثر هوندو آهي. ڪي لکڻيون ماکي لار
وانگر وهي پونديون آهن، ڪي ڏسڻ ۾ سهڻيون پر اندران ٽوهه ڪسارا لڳنديون آهن ۽ ڪي
وري پڙهندڙ کي ڳرندڙ برف وانگر پاڻي پاڻي ڪري ڇڏينديون آهن.
مثال، جيئن نسيم کرل جون ڪهاڻيون
ڪنهن گهاڙوءَ جي گهڙيل ڳهڻي جيئن دل کي موهي وجهن ٿيون، امر جليل جون ڪهاڻيون اتي
پهچائي ڇڏين ٿيون جتي ماڻهو ڪجهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي ۽ جمال ابڙي جون ڪي ڪهاڻيون
اهڙو رئارين ٿيون جو لهو اچي وڃي لڙڪن ۾!
مگر حڪيم صاحب جي تحريرن جو اثر
صفا ٻئي نموني جو آهي ۽ ان جو اندازو ماڻهن جي رد عمل مان پوي ٿي.
جيڪي ويجها يار دوست آهن سي ڪيسو
ڦل جهڙا تبصرا ڪن ٿا، جيڪي ٿورا پري جا آهن سي ڪافوري ڪمينٽس ڏين ٿا ۽ مخالف وري
لپين آڇين لوڻ جي اصول تحت دل ساڙڻ واريون ٽيڪا ٽپڻيون لکن ٿا.
حڪيم کي اهي پڇاڙي وارا تبصرا،
بي سرا، ڀت ۾ ڪمال پٽ وانگر لڳن ٿا...
حڪيم صاحب جو ڪتاب تحقيق وارو،
دليلن سان ڀرپور ۽ مثالن سان سمجهايل آهي.
ان جي شروعات ئي عالمانه انداز
۾ ٿئي ٿي، ”يوناني علاج جي طريقي جو باني بقراط آهي جنهن جو قول هو، فطرت ئي سڀ
کان وڏي طبيب آهي.
بقراط هزارين سال پراڻو آهي مگر
بيماريون ته ان کان به اڳي هيون، ظاهر آهي ته علاج به هوندا.“
اهو دليل ڏيڻ کان پوءِ اڳتي
فرمائين ٿا، يوناني علاج جو طريقو دراصل حضرت آدم جي زماني کان هلندو اچي.
ان کان پوءِ، يوناني ۽ ڊاڪٽري
علاج ۾ فرق ٻڌائيندي لکن ٿا، ڊاڪٽر بايو ڪيمسٽري تي انحصار ڪندا آهن ۽ اسان جي نظر
۾ مادو اهم آهي.
هنن جي عمارت جو بڻياد ڪيمسٽري
تي بيٺل آهي ۽ اسان جو فزڪس تي!“
اهي علمي ڳالهيون پنهنجي جاءِ
تي مگر عملي طرح طب جي ڌنڌي ۾ سندس ڪاميابي جو پهريون راز اهو آهي ته اڪثر ڪري
دوائن ۾ فولاد، پاري ۽ ٽامي جهڙا ڳرا ڌاتو استعمال ڪندو آهي.
ان کان سواءِ جنهن شيءِ کيس سڀني
کان وڌيڪ مشهور ڪيو سو آهي دوائن ۾ شنگرف جو استعمال. انهيءَ سان مريضن کي ايترو
جلدي ۽ مڪمل فائدو ٿيندو آهي جو کيس شهنشاهه شنگرف به سڏيو ويندو آهي.
ڪتاب ۾ ٻين مختلف شين جي ذڪر
سان گڏ هن پنهنجي تعليم جو احوال به تفصيل سان ڏنو آهي.
صفحي نمبر ۱۱۲ تي رقم طراز آهي،
”حڪيم احسن خان احسن، هن ناچيز جو محسن، استاد ۽ مرشد هو.
هو رياست جوڌپور جي مهاراجا جو
طبيب هو ۽ شاهي محل ۾ ٿيندڙ سڀني ورداتن جو اکيون ڏٺو شاهد.
شاهي حڪيم کي بادشاهه جي خواب
گاهه کان وٺي زنان خاني تائين پهچ هوندي هئي. اهو وڏي ذميداري وارو عهدو هو، جنهن
۾ راز واريون ڳالهيون لڪائڻيون هيون پر هو ڦاٽل دهل هو.
ڪجهه سالن اندر ئي بيگمات تان اڳڙي
کڻڻ جي الزام تحت درٻار مان نيڪالي مليس. پوءِ گهمندو ڦرندو سنڌ آيو ۽ ٺٽي ۾ سڪونت
اختيار ڪيائين جتي هن خاڪسار کانئس طب جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي...“
تعليم جو احوال ڏيڻ کان پوءِ
منطقي طور ته کيس اڳتي جي زندگيءَ جو احوال لکڻ گهربو هو. پر هو اڳتي وڃڻ جي بدران
وري پوئتي وڃي، ساڳئي صفحي تي پنهنجي بڻ بڻياد بابت لکي ٿو، ”راقم الحروف جي شجري
۽ حسب نسب بابت ڪو به مستند رڪارڊ ناهي، صرف روايتون آهن.
باقي سندم روحاني والد حڪيم
غياث الدين قريشي جو شجرو افغانستان، سمرقند کان ٿيندو عربستان مان وڃيو نڪري.
قريشي صاحب کي ڪو اولاد نه هو،
وارث جي تلاش هئي.
هن احقر جي باري ۾ ڪي چون ٿا،
خانابدوش گُرگلن جي لڏي مان ڪري پيو هو.
ڪن جو خيال آهي ته قلندر جي
ميلي ۾ وڃايل ٻار طور هٿ آيو ۽ ڪي ٻڌائين ٿا يتيم خاني مان گود ورتو ويو.
ڪجهه به هجي، جيئن به حڪيم صاحب
کي هٿ آيس، هن سڳي پيءُ وانگر پيار ڏنو، پڙهايو مگر افسوس جلدي گذاري ويو.
ڪتاب پڙهي عظيم حڪيم اڪمل خان
جو پوٽو، حڪيم ساجد خان پراڻي دهلي مان هاسيڪار ساڻس ملڻ آيو.
اها جون مهيني جي گرم ٽپهري
هئي، سائين ڏنو گهر جي دالان ۾ پاڻ کي ونجڻي سان هوا هڻي رهيو.
دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٻڌي گنجي گوڏ ۾
ٻاهر آيو ته اجنبي شخص پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ سندس پيرن تي ڪري پيو. چي؛ ”حضور، مون
کي پنهنجي شاگردي ۾ وٺي ڇڏيو.“
مهمان کي سندس شاگرد رتني ڪولهي
اٿاريو. رتنو سادو ماڻهو هو سڄو ڏينهن حمام دستن ۾ جڙيون ٻوٽيون گهوٽيندو، راسوڙا ڳائيندو
۽ مانيون پچائيندو هو.
نشي پتي جو مخالف ۽ سڀني شونقن
قمامن کان پري صفا صوفي قسم جو ماڻهو هو.
جيتوڻيڪ اڻپڙهيل هو پر مٿس
استاد جو وڏو اثر هو.
اڪثر چوندو هو، ”پنهنجو هڪڙو
شگف (شغف) آهي استاد جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻيو آهي هي مڇگلو...“ اهو مشغلو هو ٺڪر جي
سلفي جا تماڪ جي ڳوٿري ۾ کڻي هلندو هو.
جتي ٻاڙ لڳندي هئي سلفي دکائي نڪ
جي ٻنهي ڦونٽين مان دونهين جون ڌارون پيو ڪڍندو هو!
دسترخوان وڇاڻو ته مهمان حڪيم، ڪولهي
جي هٿ جي ٺهيل ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اهو ڏسي ميزبان جا تيور بدلجي
ويا. دهلي کان آيل همراهه ڪاوڙ ۾ بکئي پيٽ ئي رات واري گاڏي تي چڙهي واپس روانو ٿي
ويو!
ڪتاب لکئي ڪئين سال گذري ويا
مگر سندس تحريرون جيتريون پراڻيون ٿين پيون اوترو سڪل کارڪ وانگر وڌيڪ مٺيون لڳن ٿيون.
کارڪ سٺي ميوات آهي پر پنهنجي
شاديءَ جون کارڪون کائڻ کان پوءِ حڪيم جو اهڙو روح کڄاڻو جو هاڻي ڀلجي به انهن جو
نالو نٿو کڻي.
پر سنڌي ٻولي وسيع آهي سو ان
جاءِ تي ٻيا اهڙا لفظ ۽ تشبيهون ملي وڃن ٿيون جنهن سان پنهنجو اظهار ڪري سگهجي ٿو.
مثال، ائين چئي سگهجي ٿو ته
جيئن وقت گذري ٿو تيئن اهي تحريرون ڪشمش وانگر مٺڙيون، سهڻيون لڳن ٿيون.
ڪتاب ۾ پراڻا درد ڇو منتر ڪري ڀڄائڻ،
پوشيده بيمارين جو تير بهدف علاج ڪرڻ ۽ وڃايل جوانيءَ کي واپس موٽائڻ جا ڏس پتا ۽
فارمولا درج ٿيل آهن.
هونئن ته جيڪي به سٺيون شيون
آهن سي هڪ دفعو هٿ مان نڪري وڃن ته پوءِ وري واپس نٿيون ملن پر مصنف جي ڪيل دعوائن
موجب جواني شرطيه طور واپس اچي وڃي ٿي!
اڃا تائين ساڻس ڪنهن شرط ڪونه لڳائي
آهي ۽ نه ئي انهن دوائن جي زور تي ڪو جهونو ڪاڪو، چڪر ڏنڊو جوان ٿي سگهيو آهي.
حڪيم صاحب اهي تحريرون واندڪائي
جي وقت ۾ پنهنجي دواخاني تي لکيون، جيڪو پاساريءَ جو دڪان پڻ آهي. دڪان ۾ زمين کان
ڇت تائين ڪاٺ جون الماريون رکيل آهن جن ۾ ننڍا خانا ٺهيل آهن.
هر خاني تي جڙين ٻوٽين جا نالا،
گوماندر، مٺي ڪاٺي، هنڱ ۽ جاڻ کان وٺي نر ڦوٽن تائين لکيل آهن.
نر ڦوٽن کي اشراف خاندانن جون
سيبتيون مايون گهرن ۾ وڏا ڦوٽا سڏين ٿيون.
ان کان سواءِ دڪان تي عرق،
شربت، ناريل جو پاڻي ۽ سُرهاڻ وغيره به ملندي آهي.
پاسارڪي ڌنڌي ۾ ڄٽ ماڻهو گهڙي
ته ڪنهن جي صحت جو نقصان ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري تجربيڪار قسم جا ماڻهو ان ۾ اچن ٿا.
انهن ۾ به اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي پنهنجي استاد سان گڏ سون ٺاهڻ جي
بار بار ناڪام ڪوششن دوران ٽامو مارڻ ۽ جڙي ٻوٽيون سڃاڻڻ سکي وڃن ٿا.
چون ٿا، اصلي سڃاڻپ ته حڪيم
لقمان کي هئي جنهن سان جڙيون ٻوٽيون ڳالهائينديون هيون. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪهڙي گفتگو ٿيندي
هئي سا ته خبر ڪانهي پر روايتن موجب هن وٽ هر مرض جو علاج هو، سواءِ وهم جي!
اهو علاج نه هئڻ جو ڪو واضح سبب
ته ڄاڻايل ڪونهي پر شايد هو جسماني بيمارين جو طبيب هو سو نفسياتي مريضن ۾ هٿ نه
وجهندو هو.
جيئن هوشيار اسٽامپ وينڊر
درخواستون لکي لکي پڇاڙيءَ جو وڪيل بنجي ويندا آهن، تيئن ڪي تجربيڪار پاساري وري
دوائون وڪڻندي وڪڻندي حڪيم ٿي ويندا آهن.
پر سائين ڏنو سنياسي ائين ناهي،
هو طبيب به خانداني آهي ته اديب به خانداني. سندس بزرگن جون لکيل چوپڙيون رديءَ جي
گاڏن تي وڪامندي هن گناهگار اکين پاڻ ڏٺيون آهن. بي قدريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
”شنگرفي تحريرون“ بنيادي طرح ته
دوائن بابت هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي پر ان ۾ بيمارين جا جتي احوال ڏنل آهن اصل طبي ڪمال
اتي ٿيل آهن.
مثال، هڪڙي ماڻهو کي اولاد ڪونه
ٿيندو هو. هن جي زندگي ڪٽيل پتنگ وانگر ڊانوا ڊول هئي. پوءِ کيس الائي ڪنهن مت ڏني
جو حڪيم صاحب کان دوا وٺي ويو. پر کيس علاج تي ويساهه ڪونه هو، سو ٿوري وقت کان
پوءِ ولايت هليو ويو.
ٻارهين مهيني ڪمائي واپس وريو
ته گهر ۾ پٽ جو پينگهو پي جهليو. هاڻي سڀ لاولد ماڻهو سوچين پيا ته اها دوا مرد
کائي يا عورت!
انهيءَ مبهم معاملي کي اتي ڇڏي،
ڳالهه کي اڳتي کڻجي ته سندس تحريرن ۾ ادبي چاشني سان گڏ پڇاڙي جو جيڪو تشنگي ۽
تجسس جو احساس اڀري ٿو سو جاسوسي ڪهاڻين مان آيو، جيڪي هن ننڍي هوندي پڙهيون هيون.
ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ خبر
پوي ٿي ته دنيا جا ڊاڪٽر هميشه بيمارين ۽ دوائن جي ڳالهه ڪندا آهن پر هي حڪيم مريض
جي ويساهه جي به ڳالهه ڪري ٿو.
طب جي علم ۾ عجيب غريب نموني ۽ ڌڪي
تي علاج ڪرڻ جي هڪ پوري تاريخ آهي. پراڻي يورپ ۾ اڌ مٿي جو سور لاهڻ لاءِ مٿي ۾
سوراخ ڪيو ويندو هو، سيني جي سور لاءِ چين ۾ پيرن ۾ سيون هنيون وينديون هيون يا دم
جي مريض جو علاج دونهين سان ٿيندو هو!
غلط طريقي سان علاج ڪرڻ جي شڪايت
لطيف هيئن درج ڪرائي آهي، ”ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن، سور هنيين کي سامهون!“
آخر ۾ اها ڳالهه ٻڌائڻ به ضروري
آهي ته هن ڪتاب جا ڪجهه پويان پنا ائين نڪتل آهن جيئن مولانا ابو الڪلام آزاد جي ڪتاب
”انڊيا کي آزادي ملي“ جا پڇاڙي وارا صفحا غائب هئا.
مولانا صاحب واري سنسرشده حصي ۾
ته ڌماڪيدار قسم جون ڳالهيون هيون جي ان وقت ظاهر ٿين ها ته سياسي افراتفري پکڙي
ها پر حڪيم صاحب واري نڪتل صفحن ۾ سندس علم جو نچوڙ هو، يعني ان ۾ صرف پٽ پيدا ڪرڻ
جا نسخا لکيل هئا!
اهو مواد ان ڪري خارج ڪيو ويو
جو مصنف کي اچي کٽڪا ٿيا ته جي نام نهاد غيرتي ماڻهن اهو چيپٽر پڙهي ورتو ته رڳو پٽ
پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندا جنهن سان آبادي جو تناسب بگڙي ويندو! هر طرف مڙسالا مڇون وٽيو
پيا هلندا، مائي ته ڪا نظر ايندي ڪا نه!
حڪيم صاحب جون طب ۽ ادب جي شعبي
تي ته اڳي ئي مهربانيون آهن پر ڪتاب جا پڇاڙي وارا پنا ڪڍي، سماج تي به هن اهڙو
احسان ڪيو آهي جنهن کي لاهي نٿو سگهجي. پر ڳائي سگهجي ٿو.
(ڪتاب: دلبر هن ديس ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا