; سنڌي شخصيتون: اسحاق مڱريو

09 July, 2024

اسحاق مڱريو

اسحاق مڱريو

خلق جي ڄاڻڻ واري حق جو قلمبردار- “واريءَ منجهه وڃايا تنهنجا پيرا مون“

حسن مجتبيٰ



اسحاق مڱريو، جڏهن به هن جو نالو منهنجي آڏو آيو ته هن لاءِ ٽي لفظ منهنجي ذهن تي تري آيا، بي ڊپو، سچو ۽ تحقيقي. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ شاهه لطيف ڀٽائي سرڪار (مان رڳو سرڪار سائين کي ئي مڃان) جي سر رام ڪلي جي کاهوڙين کي کڻي ڳولبو ته صحيح معنيٰ ۾ انهن ٿورڙن ڳاڻ ڳڻين انسانن ۾ جن جو ڳاڻيٽو سون ۾ هو، تن ۾ اسحاق مڱريو به هڪ هو. سچو پچو سيلاني مسافر، بي ريا ليکڪ سنڌ جو کاهوڙي صحافي. هو حر هو، هو نه فقط پير پاڳاري جو حر هو پر هو دوستي ۾ به حر هو، محبت توڙي عاشقي ۾ به. صحافت به هو حر هو، آئون هن لاءِ مرد حُر ته نه چوندس جو عورتون به وڏيون حرياڻيون آهن، ڪي تاريخي ڪردار حرياڻيون اسحاق جي پنهنجي خاندان ۾ به هيون، جن ۾ سندس پڦي سان ته اسان به مليا هئاسين. مرد حُر جهڙو عجيب ۽ فضول لفظ بس آصف زرداري ۽ کيس اهڙو لقب ڏيندڙ کي ئي سونهين ٿو.


مونکي ياد ناهي ته اسحاق سان پهرين ملاقات ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي. جي وسري نه ٿو ته اها ملاقات به هن سان پهريون ڀيرو ڊاڪٽر کاٽائو ئي ڪرائي، ڊاڪٽر کاٽائو سڄي ملڪ جي سٺن ماڻهن کي ملائڻ ۾ هڪڙي پل آهي، ڊاڪٽر مبارڪ علي کان وٺي منهنجي دوست ۽ اڄ جي دور جي وڏي ليکڪ محمد حنيف تائين. سو مان ڀانيان ٿو ته اسحاق سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن کان آهي، جڏهن هو اڃان صحافي نه بڻيو هو. شايد سوشلسٽ پارٽي ۾ هو. عابد حسين منٽو ۽ سي آر اسلم واري. سانگهڙ جي ڪامريڊ حسن عسڪري واري پارٽي، مون لاءِ سانگهڙ معنيٰ اسحاق مڱريو.

سانگهڙ سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڏاڍي پراڻي آ. ننڍي هوندي پنهنجي شهر کانپوءِ جيڪو پهريون شهر ڏٺو هو اهو سانگهڙ هو. جتي مان پنجهٺ جي جنگ کان ڪجهه سال پوءِ ويو هوس، جو اتي منهنجو چاچو نوڪري ڪندو هو، مان ۽ منهنجو سئوٽ اونهاري جي گرمين ۾ ويا هئاسين. انهن ڏينهن جي ئي منهنجي ننڍپڻ واري سانگهڙ جي يادگيري ۾ اتي جو عظيم هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد به آهي جيڪو اتي نوابشاه مان ڪيس هلائڻ ايندو هو ۽ هن پنهنجي واڪس ويگن، واڪسي صابڻ داني ڪار ۾ اسان کي، معنيٰ منهنجي بابا، منهنجي سئوٽ ۽ مونکي ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ شهدادپور ريلوي اسٽيشن تائين لفٽ به ڏني هئي. مونکي قاضي فيض محمد جو وڪيلاڻو لباس ۽ نيري رنگ واري واڪسي ڪار اڄ به ياد آهي. هڪ عجيب دلبر درويش انسان هو.

اتي سانگهڙ ۾ منهنجي چاچي جي ڪٽنب جي سڪ واري دوستي هڪ حرياڻي امان جندو سان ٿي هئي، جيڪا حرن جي انگريزن خلاف ويڙهاند، پير پاڳاري ۽ هن جي حرن ۽ حرياڻين جا قصا ٻڌائيندي هئي. پير پاڳاري لاءِ ڪافي ڏندڪٿائون اسان غير حرن ۾ هُليل هونديون هيون ته هو برقعي يا پردي ۾ ٻاهر نڪرندو آ، ورلي ڪو حرن کي ديدار ڪرائيندو آ، پوءِ هن جي ديدار مهل حر عورتون پنهنجا ڳهه ڳٺا ڏانهنس اڇلائينديون آهن.

حرن ۽ سندن پير بابت اهي ڏندڪٿائون يا حرياڻي امان جندو يا پوءِ گهڻن سالن پڄاڻان اچي اسحاق دور ڪيون ۽ مون ۽ منهنجي تڏهن ساٿي صحافي نفيسه شاه پنهنجين اکين سان به حقيقتون ڏٺيون. جڏهن اسان (مان، نفيسه شاه ۽ اسان جو دوست فوٽوگرافر جمشيد مسعود) اسحاق ساڻ گڏ هڪڙي ستاويهين رجبي حرن حرياڻين جي عيد تي پير ڳوٺ وياسين. تڏهن هاڻوڪي کان اڳئين لاجواب شخصيت پير پاڳاري سان به انٽرويو ڪيو هو سين.

ان ڏينهن اسان اسحاق سان سانگهڙ کان پيرڳوٺ ڏانهن جمڙائو ڏيئي نارا ويلي وايا چونڊڪو سفر ڪيو هو (اسان سان پيارو ڀڪشو يعني بخشڻ مهراڻوي به گڏ هو) انهي حر بيلٽ کان جتي رستي ۾ انهي ٿاڻي ۽ پوليس ڪئمپ بنگلي جا آثار به هئا، جتي حرن سندن مٿان ظلم ڪندڙ پوليس انسپيڪٽر غلام رسول شاه کي قتل ڪيو هو.

شام ناري جي واريءَ ۾ لهي رهي هئي. جيئن شيخ اياز چيو “واري منجهه وڃايا تنهنجا پيرا مون، شام لٿي آهي”. ۽ اسان اتان ڊسمبر جي انهن آخري ڏيهاڙن واري انهي شام لهندڙ سورج جو نظارو ڪري رهيا هئاسون. حرن تي انگريزن جي ظلم ۽ ان خلاف مزاحمت وارن کنڊرن واري ڊٺل ڏاڪڻ تان. مونکي اتي لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ۾ ناري ۾، ننڍپڻ ۾ سانگهڙ ۾ ملندڙ قاضي فيض محمد ياد آيو، جنهن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته سيد غلام رسول شاه جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو.

جڏهن پير ڳوٺ پهتاسين ته آڌي رات وهامي چڪي هئي پر شهر ۾ ميلو لڳل هو چنڊ رات وارو. مون اسحاق سان سنڌ ۾ ڪئين سفر ڪيا هئا. سندس گهر ڳوٺ سريوال کان وٺي جهمپير ۾ اعظم گوپانگ جي پڌر تي رات لڙي لهندڙ چانڊوڪين ۾ ڪچهرين کان وٺي خطرناڪ اسٽورين پويان عمر ڪوٽ، ٺٽي تائين. هڪڙو ڀيرو هو مونکي سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جي ان پٽي ۾ اسٽوري ڪرڻ وٺي ويو هو، جتي هارين جا وڏيرن هيٺ بيگار ڪئمپ هئا. هن مونکي اتان جي ڪجهه ماڻهن سان تعارف ڪرايو هو ته هي هڪ اتر جو ننڍڙو زميندار آهي جيڪو سندس زمينن تان ڀڄي آيل هارين جي تلاش ۾ آيو آهي.

منهنجي شادي کانپوءِ لاڏائو شڪاري قبيلي بابت اسٽوري پويان سانگهڙ جي ميدانن ۾، جتي هڪڙي شڪاري عورت سان ملاقات ٿي. جيڪا پنهنجي گهر ۾ ئي ڀنگ پوکيندي هئي، هر سال لاهوت ويندي هئي، چرس پيئندي هئي ۽ ڏيهاڙي جي ڊائري به لکندي هئي. مونسان منهنجي جيون ساٿياڻي سيما به گڏ هئي، جنهن کي ڏسي هن چيو هو، “توکي پٽ جو اولاد ٿيندو”. ڪي مهينا پوءِ هن جي ڊاڪٽر به هن جي الٽرا سائونڊ رپورٽ کيس ڏيکاريندي اها ڳالهه ٻڌائي هئي.

اسحاق پنهنجي دور جي انهن نوجوانن مان هو جيڪي نظرياتي توڻي افسانوي ادب جا پڙهندڙ هئا. هن ۽ هن جي سانگهڙ جي هڪڙي دوست جي جڏهن اڃان ڪالهوڪو سوويت يونين هو، سندن اسڪالرشپ ماسڪو جي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويئي هئي. پر پوءِ ستت ئي اڳوڻو سوويت يونين يا عرف عام ۾ روس ٽُٽي ويو. روس ٽٽڻ کانپوءِ ڪئين سياسي بيروزگار ٿي ويا. پر ٻن قسمن جا نوجوان فارغ ٿيا، هڪڙا اهي جن اين جي اوز ڏانهن رخ ڪيو. ٻيا اهي جن صحافت ڏانهن. اسحاق شروعاتي طور صحافت ڏانهن. جي روس گهڻو پهرين ٽُٽي ها ته اسحاق جهڙا سٺا صحافي اڃان پهرين سنڌي صحافت کي ملن ها. اڻويهه سئو اسي جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روسي مداخلت کان پهرين توڻي پوءِ اين جي اوز ملڪ پاڪستان ۾ ڏيهي توڻي پرڏيهي کلڻ شروع ٿيون هيون. منهنجو هڪڙو ڏاهو دوست اين جي اوز لاءِ تڏهن چوندو هو ته اهي ٽين دنيا جي ذهين پر ڪنگلن نوجوانن کي امير ڪرڻ جو طريقو آهن.

اسحاق اين جي اوز کان به گهڻو اڳ ماحوليات ۽ ماحولياتي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو علم پنهنجي سر کنيو هو. پوءِ اهو ٿر، توڻي سانگهڙ ۾ تلور جو شڪار هجي، يا هن ناري ۽ سامونڊي پٽي ۾ عرب شڪارين جون سنڌ جي پکي پکڻ، ماڻهن توڻي وڻ ٽڻ سان اره زورائين خلاف آواز اٿاريو دليل سان ۽ انگن اکرن سان. سنڌ ۾ مادر فطرت جا هاڃا هجن يا ماڻهو جا هٿرادو، اسحاق انهن کي عام تائين پهچايو. هو سنڌي توڻي ملڪي صحافت ۾ آڱرين تي مس ڳڻڻ جيترن تحقيقاتي صحافين مان هڪ ناميارو صحافي هو. هن جي تحقيقاتي صحافت جو دائرو ته ڏسو سنڌ ۾ پيار جي نشانيون موڪليندڙ عاشقن کان وٺي، موسمن جون اڳڪٿيون ڪندڙ لوڪ ڏاهن، ڌراڙن، پيروڍن، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي کان وٺي ناري جي تباهي، چوٽياريون ڊيم ۾ ڪرپشن کان وٺي ايل بي او ڊي ڪرپشن کان وٺي افغانستان ۾ ڏوڏي جي پوک، هيروئين جي فيڪٽرين تائين. پنهنجي هڪڙي اسٽوري ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگردي ۾ گهربل اسامه بن لادن لاءِ هن قبائلي علائقي مان لکيو، “هتي هڪ چوڻي مشهور آهي ته هڪڙي عرب عيوض ويهه ارب جو سودو ڪو مهانگو نه آهي “.

اسحاق صحافت ۾ نه ڪو رولاڪ هو، نه ڪو سامي جوڳي، نه وري ڪو مشنري هو، هو بنهه “عام جي ڄاڻڻ” واري حق جو قلمبردار صحافي هو. هو جڏهن اسٽوري تي نڪرندو هو ته پنهنجا نظريا عقيدا گهر رکي ايندو هو. قلم واري هٿيار کانپوءِ هن وٽ هڪ ٻيو هٿيار سندس سگهارو حس مزاح ۽ ٽهڪ هئا.

جڏهن مان خلق اخبار جو ايڊيٽر ٿيس ته هو مون سان ملڻ آيو ته مون کيس خلق ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هو ان ڪٽ جو حصو هو جيڪا اسان اتي خلق ۾ ٺاهي هئي “خلق انويسٽيگيشن ٽيم”. اسحاق، مومن بلو، حسن درس ۽ عزيز جان بلوچ ڪٽ جي ٽيم جا ميمبر هئا. هونئن ته ڪوبه خلق جي عملي مان خبر جي تحقيقي نوعيت جي هجي مقامي نمائندن ته ڇا خلق جي آفيس جي عملي مان ٽپ يا خبر ڪٽ ۾ ڏيئي سگهندو هو ۽ اسان انهن کي اڳتي رپورٽر بڻجڻ جي همت افزائي ڪندا هئاسين. ڪٽ جي خبر ڇانڊيل ڇڻيل انتهائي تحقيق ٿيل، اخبار جي پهرين صفحي جي هيٺين اڌ تي تڏهن پنج ڪالمي لڳندي هئي. جيئن نفيسه شاه نيوزلائين وارن ڏينهن لاءِ چيو ته اتي مزو نوي سيڪڙو، ڪم ڏه سيڪڙو هو، خلق ۾ پڻ اسان وٽ ڏينهن ۾ ائين هو.

اسحاق “خلق” اخبار لاءِ ڪئين تحقيقي اسٽوريون ڪيون. انهن ۾ هڪڙي اسٽوري هن اڇڙي ٿر ۾ انڊيا کان هيروئين ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل جي اسمگلنگ بابت ڪئي هئي، جنهن کي مقامي اسمگلر ڪارو سون چوندا آهن، انهي ڪاري سون جي اسمگلنگ ۾ اڇڙي ٿر توڻي ملڪ جا ڪيترا با اثر شامل هئا. ان ڏينهن جڏهن اسحاق جي اها خبر ڇپي خلق اخبار هٿو هٿ وڪامي ويئي هئي، جڏهن اخبار جون اتي ڪاپيون ختم ٿي ويون ته اها خبر فوٽو ڪاپي ٿي وڪاڻي هئي. ڪيترن مقامي ماڻهن اهي فوٽو ڪاپيون به مهانگي اگهه وڪيون هيون. ائين اسحاق سانگهڙ ۾ زميندار مريد حسين مري جي هارين جي خانگي جيلن تي به اسٽوري ڪئي هئي، جنهن تي اسحاق کي ۽ شڪيل پٺاڻ کي قتل جون ڌمڪيون به مليون هيون. هن لال ڏني مڱريي جي قبضي ۾ قيد ڪيل هارين جي بازيابي تي به اسٽوري ڪئي هئي. اسحاق اهو به ٻڌايو هو ته لال مڱريي تي لال نالو ڪيئن پيو. اسحاق پاڻ سان گڏ تحقيقاتي رپورٽرن جي هڪ ٽيم تيار ڪئي، انهن ۾ عزيز جان بلوچ ۽ صادق ابڙو شامل هئا. افسوس سنڌ جا اهي اورچ انسان ۽ کاهوڙي صحافي هاڻ هن دنيا ۾ نه آهن. نه مومن بلي جهڙو سنڌ ۾ پنهنجي نسل جو بهترين دماغ آهي. اسحاق مڱريو انڊين آرٽ فلمن ۾ صحافين واري سندن ڪلهي لٽڪايل ٽوٽ بئگ کان به گهڻو اڳ اها بيگڙي کنئي هئي. منهنجي دوست اشفاق چواڻي بيگڙي وارو. .

هو جيڪڏهن چاهي ها ته هو به حر جماعت ۾ ڪيترن ٻين ماڻهن وانگر پنهنجو گهر ڀري پئي سگهيو. هو سانگهڙ جو هو، ڄام صادق علي جي سنڌ تي حڪومت مان هو ڪجهه حاصل ڪري پئي سگهيو. پر هو سچ جو ساٿاري هو، ڄام جي اوڻويهه سئو نوي وارين چونڊن ۾ ڌانڌلين تي کيس به ڌمڪيون مليون هيون، شايد گرفتار به ٿيو هو. سانگهڙ جي هڪ دوست ٻڌايو ته بابري مسجد واري واقعي وارن ڏينهن ۾ جڏهن سانگهڙ جهڙي شهر ۾ به هڪ ڀيرو ردعمل جي آڙ ۾ شهر ۾ هڪ ميڙ ۾، ابن شاه ٿيوري هيٺ سانحو ايوڌيا ڀارت ۾ ٿئي ته ملبو سنڌ جي هندن تي ڪيرايو وڃي، جڏهن هڪڙو ڪٺ ملو اسٽيج تي چڙهي اهڙي چوچڙي دکائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته اسحاق وڃي اسٽيج تي کيس جهليو هو ته ميان تعارف ته ڪراءِ ته تون آهين ڪير جو هن شهر جو سک سانت ڦٽائڻ نڪتو آهين.

اهو مکي جو مور مري ويو. حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن واي پاڙي جي هڪڙي جاءِ ۾ رهندڙ اسحاق، امداد سومري، امر لغاري، سندس پيارن پٽن صالح ۽ حسن سان منهنجا جيڪي ڏينهن ۽ راتيون گذريا، جتي دلبر اي جي چانڊيو ۽ ارشاد لغاري به اڪثر اچي نڪرندا هئا. اتي اسان ڪيتريون راتيون ڪچهريون ۽ بحث ڪندي اڇا صبح ڪري ڇڏيا. ٻيو جيڪي سفر هن سان گڏ ڪيا هئا مون لاءِ وڏي وٿ هئا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

اسحاق مڱريو

جنهن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو

استاد لغاري

سڌي نموني ڳالھ ڪرڻ ۽ سهڻي نموني ڳالھ ڪرڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. سڌي نموني ڳالھ ڪرڻ سان مخالفت وڌندي آهي. ساڳي ڳالھ سهڻي نموني ڪرڻ سان مفاهمت ٿيندي آهي. سهڻي نموني ڳالھ ڪرڻ جو ڏانءُ اسحاق مڱريي وٽ واھ جو هو! پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو هن جو جنم سال ۱۹۵۵ع آهي ۽ منهنجو سال ۱۹۵۶ع آهي. اسان ٻئي ڄڻا سانگھڙ شهر جي اجنبي رستن تي، اجنبي طريقي سان روان دوان رهياسين.

زهر ملتا رها، زهر پِيتــــي رهـــــي،

روز مرتي رهي، روز جِيتي رهي،

زندگي ڀي همين آزمـاتـــي رهــــي،

اور هم ڀي اُسي آزماتــــي رهــــي.

اجنبي شهر ڪي اجنبي راستــي. .

اسحاق پنهنجي لاءِ صحافت جو خاردار رستو چونڊيو ۽ مون پنهنجي لاءِ ادب جو رستو. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پبلڪ لائبريري کان وٺي، پريس ڪلب سانگھڙ تائين، سنڌي ادبي سنگت کان وٺي، نيشنل پريس ڪلب سانگھڙ تائين، اسان ٻنهيءَ جو مُکا ميلو ٿيندو رهندو هو. هتي ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي جي ڳالھ ڪريان ٿو، ته سانگھڙ شهر ۾ ٻه حليم هوٽل هوندا هئا. هڪ حليم هوٽل جناح روڊ تي، وساڻ گهٽيءَ جي ڀر سان ۽ ٻيو حليم هوٽل باکوڙو روڊ تي، پادري گرجا گھر ويجھو هوندو هو. حُر هوٽل انهن کان علاوه هو. باکوڙي روڊ واري حليم هوٽل ويجھو چوپائي مال جي پِڙِي لڳندي هئي، جنهن ۾ اسحاق مڱريو پرچيون ڪٽيندو هو. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت ان وقت ٿي هئي. پاڻ پڙهيو لکيو ماڻهو هو، جو هُن اڳتي کان اڳتي وڌڻ جي جستجو جاري رکي. ڪامريڊ بادل ٿريءَ جي صحبت ۾ رهي، هُن صحافت جا گُر سِکيا ۽ عاجز منگيءَ جي سنگت ۾ رهي، هُن علمي، ادبي، تواريخي ۽ ثقافتي سپنا اُڻيا. جاگيرداري نظام جي خلاف جڏهن شڪيل پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾، انساني حقن جي هلچل شروع ٿي، نجي جيل ٽٽڻ شروع ٿيا، تڏهن اسحاق مڱريو ڏتڙيل هارين جي حقن لاءِ نشانبر ٿي بيٺو. کپري ۾ ڪنهن جابر جاگيردار جو نجي جيل ٽُٽو، هيڪاندا هاري کپري ٿاڻي تي بي يارو مددگار پيل هئا، ته اسحاق مڱريو کپري پهچي ويو. شير محمد لاشاريءَ جي دڪان تان مون ڏانهن نياپو آيو ته، “استاد لغاري جتي به هجي پهچي وڃي” ته آئون بروقت پهچي ويس. ڪٻرِي گودڙي ڪُلھن ۾ پاتل، سڀ کان پهريان ڊي ايس پي سان ملاقات ٿي. ان کان پوءِ پوليس اسٽيشن کپري آياسين. صوبيدار صاحب کي چيائين: “هنن هارين کي ماني کارائي آهي؟” ته صوبيدار پريشان ٿي ويو. ٿوري ئي دير ۾ بريانيءَ جون پڪل ديڳون پهچي ويون.

اسحاق مڱريي جون لکيل تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ ادبي اسٽوريون اخبارن ۾ اينديون هيون، ته اهي بنيادي ڄاڻ سان ڀرپور هونديون هيون. هڪ لڱا “مائي ڄامان جون جوڙايل مسجدون، مسافر خانا، کوٽايل کوھ ۽ ڪڙيا” عنوان سان اسٽوري لکيائين، ته لاجواب ڪري ڇڏيائين. اسان کي ايئن لڳو، ڄڻ اسين ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دور مان گذري رهيا هجون. روپلي ڪولھيءَ تي قلم کنيائين، ته ڪارونجھر جون ڪاترون، انهن جا ڪاريگر ۽ قِسم به بيان ڪري ڇڏيائين. دنبوري تي لکيائين، ته شاھ جي زماني کان وٺي، هاڻوڪي دور جي ڪاريگر منٺار فقير جوڻيجي تائين، دنبوري جو سمورو سفر سهيڙي ڇڏيائين. صحافت ايئن ڪبي آهي، جيئن اسحاق مڱريو ڪندو هو. سال ۲۰۱۹ع ۾، ڀٽ شاھ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي، ايڇ ٽي سورلي هال ۾، بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايل ٽن ننڍڙن ننڍڙن ڪتابن سان گڏ، منهنجن ترتيب ڏنل چئن شاھ جي رسالن جي مهورت به ٿي. مهورت ڪارن ۾ سيد وقار حسين شاھ لطيفي، يوسف شاهين، سيد قلندر شاھ لڪياري، اڪبر لغاري، تاج بلوچ، تاج جويو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مشڪور ڦلڪارو ۽ آئون ناچيز شامل ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌ جي هڪ وڏي اخبار خبر شايع ڪئي ته، “ثقافت کاتي جي شايع ڪيل ٽن ننڍڙن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي. ” منهنجن ترتيب ڏنل شاھ جي رسالن جو ذڪر ئي نه ڪيائين. البت اسحاق مڱريي صحافت جي سچن اصولن جي پاسداري ڪندي لکيو، “ثقافت کاتي جي ٽن ڪتابن سان گڏ، استاد لغاريءَ جي ترتيب ڏنل چئن شاهڪار شاھ جي رسالن جي مهورت به ڪئي وئي. ” اسحاق مڱريي پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته “جيڪڏهن اسحاق مڱريي کان اڳ ۾، منهنجا سَو ورهيه پورا ٿي ويا، ته هُو منهنجي لاءِ هڪ اهڙي اسٽوري لکندو، جو تاريخ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو. ” پر افسوس! ڪنهن ڪاتب ان جي ابتڙ ازل جي لڪير ڇڪي ڇڏي. اڄ اسحاق مڱريي جي ياد ۾ منهنجو قلم روان دوان آهي، سڀاڻي منهنجي ياد ۾ ڪنهن جو قلم ڪجھ لکندو الاءِ نه؟ ڪائي خبر ڪانهي!

گُل ٽِڙن ٿا، ڇڻِي وڃڻ جي لئي، مُدعاءِ صبا، خدا معلوم،

مَوجِ خواب تيروان آهيون، انتها آ، نه ابتدا معلوم،

آئِي ٿي ياد جِي ڀِني ڀِني خوشبُو، شعر ٿيا ٿي “اياز” جا معلوم. (شيخ اياز)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

اسحاق مڱريو

ماحول ۽ مسڪين دوست صحافي

ذوالفقار ھاليپوٽو

پنھنجي اولاد سان گڏ پنھنجي ڪم وسيلي جنم ڏنل پروفيشنل صحافتي اولاد کي به ڇورو ڇنو ڪري ويو. ھو عيد کان هڪ ڏينھن اڳ موڪلائي ويو. ھن جي اھا مرڪ سگنيچر موڪلائي وئي، جنھن جي ڪري ھو مشھور ھو. ھيل ان مرڪ سان ته ھن کي عيد تي ڀاڪر پائڻا ھئا. “فادرز ڊي” تي ۽ عيد تي ته ھن کي گھر اچڻو ھو تندرست ۽ صحتياب ٿي. ھن جي صحتياب ٿي حيدرآباد اچڻ تي هن جي آجيان ڪرڻي ھئي. پر ھو ھن دنيا ۾ جوڙيل پنھنجي عارضي گھر موٽڻ بدران سامين جي سفر تي پنھنجي مستقل گھر ڏانھن روانو ٿي ويو.

“اُھائي آجيان ٿي ھئي،

اُھا ئي الوداع ٿي وئي.

ادي ھي آجيان ڪھڙي،

وئي جا موڪلاڻي ٿي” (حسن درس )

درد کي به سوايو ٿيڻو ھو شايد. عجيب اتفاق ڏسو ته عشق جي لازوال شاعر، سنڌ جي رومانوي اينٿراپالاجسٽ حسن درس جي درد ڀرئي وڇوڙي واري ڏينهن تي ئي سنڌ جي ڪلچرل اينٿراپالجسٽ ۽ تحقيقي صحافت جو وڏو نالو اسحاق مڱريو اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آھي.

مون ٽي ڏھاڪا ھن کي ڏٺو غور سان ڏٺو. وقت پوڙھو ٿيندو ويو، پر ھن جي تحقيقي تنقيدي اک، ھن جو خبر، ماڳ، ڪردار کي ڳولھڻ جو عقابي جذبو، ھن جي قلم جي تلواري تکي نب، ھن جي طرزِ تحرير، ٻولي، سڀ ڪجھ سندس لکيل آخري فيچر تائين جوان رھيو. ھو multitasking روح ھو، ان ڪري اڳ ھر ھڪ ھن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي پنھنجي پنھنجي پسند جي recipe تحت اھو ئي لقب ڏئي رھيو آھي.

ھو بنيادي طور فيچر اسٽوري رائيٽر ھو. جيتوڻڪ ھن ڪو فيچر رائيٽنگ تي نه ڪا ڊگري ورتي ھئي، نه ئي ھن کي ان ڄاڻ ۾ دلچسپي ھئي ته فيچر رائيٽنگ جديد دنيا ۾ نان فڪشن صحافتي تخليق جو اھم مورچو آھي پر ھو genetically جينياتي طور ڄائي ڄم کان ان شاندار صلاحيت تي دسترس رکندڙ ھو. فيچر رائيٽنگ معنيٰ ته ڪنھن ھڪ ڳالھ، ڪردار، سرگرمي، آبجيڪٽ کي کڻي تفصيلي تحقيقي اسٽوري ڪجي. ميڊيا جي باني کنڊن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان صنف کي خاص اھميت حاصل آھي، جنھن ۾ ناياب ٿيندڙ شين بابت تفصيل سان لکڻ ڪري پڙھندڙن جو خاص ڌيان ڇڪبو آھي. مثال طور اھا خبر آھي ته فلاڻي سياستدان، آرٽسٽ يا رانديگر فلاڻي علائقي ۾ محل ورتو آھي، پر فيچر اھو آھي ته ان گھر جي ٻاھريان لڳل فلاڻو وڻ ھيترا سال پراڻو آھي، يا ان محل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺي يا فانوس فلاڻي صدي جو آھي. يا ان محل جي رڌڻي ۾ پيل برتن ڪٿان جا آھن، وغيره وغيره.

اسحاق ان خاص صحافتي بيٽ بابت ڪا ڊگري نه ھوندي به ان جو بادشاھ ڪاريگر ھو. ھن سنڌ جي ھر ھڪ ڪنڊ مان گمنام تاريخي ماڳن، مڪانن، شخصيتن، آبجيڪٽس جي اھڙي ڪرانالاجي پيش ڪئي جو سنڌي صحافت ۾ ھن فيچر رائيٽنگ کي عاليشان درجي تائين پھچائي ڇڏيو. ھن ۾ بنيادي طور nature loving روح ھو، ان ڪري چرند پرند، ماحوليات، آبي جيوت، قدرتي وسيلا ھن جي لکڻين جو ترجيحي پاسو ھو. ھو سيلاني ھو. ھن جي طبيعت ۾ کوجنا جي عجيب بي چيني ھئي. الائي ڇا پيو ڳولھيندو ھو؟ ڄڻ ڪي ڳجھا راز، ھن کي حسن درس جي ھنن الھامي سٽن به اطمينان نه ڏنو:

“ھن پٽ کي وڇائي ويڙي سگھان ٿو آئون

ھر خيال جي خدائي کيڙي سگھان ٿو آئون“

ھو انھن سٽن تي مڌ پيئندي جھومندي به سوچيندو رھيو ته اڃا منزل اڳيان آھي. ھن کي ھڪ ئي ماڳ مڪان، ماڻھوءَ، خيال بابت ڏھ ڀيرا سڏبو ته ڏھ ئي ڀيرا ائين سنجيدگي ۽ تحقيقي اک سان پنھنجا نوٽس ائين مرتب ڪندو ھو، ڄڻ پھريون دفعو آيو ھجي. اھا “اک الٽي ڌار” دل ھن کي ھر موضوع تي فيچر رائيٽنگ جو بادشاھ ڪري ڇڏيو ھو.

سمنڊ جو پائڻ، درياھ، مھاڻا، منڇر، تمر جا ٻيلا، ڪچي جي اقتصاديات، ڍنڍون، ڍورا، ڇر، آبي جيوت، طوفان، سيلاب، تاريخي ماڳ، گم ٿي ويل ماڻھو – هن جي صحافتي منفرد نگاهه ۽ قلم کان ڪهڙي شئي هئي، جيڪا رهجي وئي هجي!… لڳندو ھو ڄڻ ھو ته پاڻ کي پيو ڳولھي پنھنجي ئي اسٽوري ۾. ھو رومي جي چوڻي “تون جنھن کي ڳولھين پيو، دراصل اهو ئي توکي به ڳولھي پيو” جو عڪس ھو. هو جيڪو ڳولھڻ ويندو ھو، اتي پاڻ وڃائي ايندو ھو. پوءِ ان ھنڌ ڪو ٻيو ويندو ھو ته پري کان پچار پوندي ھئي ته اسحاق ھتان اسٽوري ڪري ويو آھي. اسحاق ڪيترن ئي نسلن جو استاد ھو. سنڌ ۾ environmental journalism جي بانين مان هو. ھن جي بيٽ سنڌي اخبار ھئي، تنھن ڪري ھن جا موضوع کڻي جيڪي نوجوان اردو انگريزي پريس ۾ ويا ۽ ماحولياتي مامرن تي لکندي لکندي اڌ دنيا گھمي آيا. ھو بنيادي طور فطرت سان پيار ڪندڙ شخص هو. ھن جي اندر ۾ ھڪ دوربين ھئي، جيڪا ننڍين ننڍين خوبصورتين کي محسوس ڪندي ۽ لقائن کي فوڪس ڪري ڏيکاريندي هئي. نه صرف فوڪس ڪندي هئي پر هو تيز شاعراڻي نگاهه وارو صحافي Beauty کي Beautify به ڪندو هو. ھن گمنام ڪردارن کي مڃتا ڏياري. ھن زبردست انٽرويوز ڪيا، ھن فيلڊ اسٽوريز ڪيون. ھن جي درياھ سان ياري ھئي. ھن جي ندين جي وھڪرن سان شناسائي ھئي. ھن جي مھاڻن جي ڄار سان دوستي ھئي. ھن جي من اندر ۾ دريائي ٻيلن جا گھاٽا وڻ ھئا. ھن جي اندر ۾ منڇر ۽ ڪينجھر سان نينھن جا ناتا ھئا.

“سونھن نوري ھئي ذات ڇا نام ڇا

عشق ڪينجھر ھيو ڄار ڇا ڄام ڇا” (ساجد سومرو)

ھو گهڻو ڪري هر پروگرام اٽينڊ ڪندو ھو. ھو ڪڏھن ڪڏھن پروگرامن ۾ ميزبانن سان اھڙي ڪندو ھو، جو لڳندو ھو ته هو جنهن اخبار ۾ ڪم ڪري ٿو، ان ۾ پروگرام بابت کلون لاهي ڇڏيندو، وري ٻئي ڏينھن ڏسبو ته سموري پروگرام جي تفصيلي سنجيده رپورٽنگ. ھن ڪڏھن به ڪنھن به ايونٽ/سرگرمي بابت پنھنجي ذاتي راءِ کي ڪوريج جي ميرٽ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو. اھو ئي ھن جو پيشه ورانا اخلاقي پاسو ھو. ھن ايتري ته ساک ٺاھي جو خبر نه به ھلي ته به ھر ڪو اھو ئي چوندو ھو ته ڊيسڪ وارن گڙٻڙ ڪئي ھوندي، باقي اسحاق ضرور تفصيلي خبر فائيل ڪئي ھوندي. ھن ناليواري صحافي مرحوم فقير محمد لاشاري جي ايڊيٽرشپ ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي روزاني اخبار “جاڳو” ۾ ڇپجندڙ شاندار فيچر اسٽوريز ۾ نالو ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾، ھو جتي به ھو، ھن جون اسٽوريز ۽ فيچرز اخبار جي سڃاڻپ بڻجي ويا. ھن نوي واري ڏھاڪي کان وٺي زندگي جي آخري اسٽوري تائين سنڌ جي سياست، سماجيات، معيشت جي سمورن رنگن کي صحافي جي اک سان ڏٺو.

ھن جي بيباڪي، بھادري پويان قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ۽ ھاري تحريڪ جي تربيت ھئي. ھن جي استادن ۽ دوستن ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، دادا علي بخش، ڪامريڊ بادل ٿري، سائين الهه ورايو اداسي، سائين رسول بخش ملاح ۽ ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل ھئا. ھو کلندي کلندي درد لڪائيندو ھو، پر نوجوان فرزند جي وڇوڙي ھن کي اندر مان کائي ڇڏيو ھو. تڏي تي جيڪي به دوست ساٿي سانگي احباب دعا لاءِ وڃي رھيا ھئا، انھن سان مرڪي ته ملي رھيو ھو پر ھن جي اندر جي درد جا اولڙا ھن جي اکين مان رڳو انھن وٽ ظاھر ھئا، جن جوان شھزاده وڃايا آھن. مون دعا مھل سندس اکين ۾ اوتجي آيل درد ان کان اڳ پنھنجي وڏي ڀيڻ تسنيم ھاليپوٽو جي اکين ۾ ڏٺو، جنھن ھڪ نوجوان شھزادو پٽ ھٿن سان لحد ۾ لاٿو ھو.

نيٺ ھر ھڪ جي پڄاڻي آھي. ھي انتھائي موڊي پر پيارو شخص، ماحول ۽ مسڪين دوست، جاکوڙي، سدائين مسڪرائيندڙ ۽ مرڪون ورھائيندڙ اسحاق مڱريو موڪلائي ويو. سندس وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳوار آھي.

“اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس

سج جي لھي وڃڻ کان وٺي

سج جي اڀري اچڻ تائين

سمنڊ ۾ غرق ٿيل ٻيڙن کان وٺي

اميد جي آخري ڳولا تائين

هڪ درياھ جي سُڪي وڃڻ کان وٺي

ٻي درياھ جي وهي اچڻ تائين

مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي” (اياز امر شيخ)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

اسحاق مڱريو

گودڙي ۾ گوھر رکندڙ

فاروق سومرو

ڪنھن فلمي ڪھاڻي وانگر ذھن فليش بيڪ ۾ ھليو ويو آھي ۽ انھن لفافن مان ئي ھڪ لفافي مان ھن وانگر ئي ھڪڙي منفرد ۽ يگاني خبر نڪري ٿي. عام رواجي احتجاج، گند جا ڍير، پاڻي جي کوٽ، انتظاميا خلاف شڪايت يا ڪنھن ذاتي مسئلي جي پريس ڪانفرنس بدران وڻن جي واڍي تي ڪا اسٽوري ھئي، جنھن ۾ ھن انھن جو درد پنھنجي لفظن ۾ بيان ڪري قتل عام جي شڪل ڏئي ڇڏي ھئي. نوي جي ڏهاڪي ۾ سيکڙاٽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندي مون انھيء اسٽوري کي ڪنھن رواجي خبر وانگر ٽريٽ ڪيو ھوندو پر جڏھن صحافت ۽ سماج ۾ سمجھ ڀريو ٿيس ته اسحاق سائين( مان کيس سدائين اسحاق سائين يا صاحب ٿي مخاطب ٿيندو ھئس) جو اھو تعارف مونکي سدائين ياد ڪرائيندو رھيو ته ھي ڪو عام رواجي صحافي يا قلم جو پورھيو ڪندڙ ناھي پر پنھنجي مٽي، ضمير ۽ فطرت سان جڙيل اھڙو قلمڪار آھي، جيڪو نه رڳو لفظن جي حرمت ۽ اھميت کي سمجھي ٿو پر گڏوگڏ پنھنجي قلم کي ان لا۽ استعمال به ڪري ٿو ۽ بي زبانن جي زبان بڻجي ٿو.

پندرنھن سال کن صحافت ڪندي اسحاق صاحب سان ڪڏھن به سڌي ريت ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو پر شناسائي ضروررھي. جڏھن سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽرشپ جي ذميواري ملي ته اسحاق صاحب انھن ھڪ ٻن ماڻھن منجھان ھو، جن کي گڏ کڻي ٽيم ٺاھڻ جو سوچي چڪو ھئس. پوء ايئن ئي ٿيو ته اسحاق سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ انھي نئين اخبار جو نيٽورڪ ٺاھڻ شروع ڪيو ۽ پوء اخبار جي جيڪا به ڪھاڻي آھي، انھي کان سڄي سنڌ نه ته به سنڌ ايڪسپريس جا ان وقت جا پڙھندڙ ۽ صحافت ۾ دلچسپي رکندڙ ضرور واقف ھوندا ۽ ان ۾ اسحاق صاحب جو وڏو ھٿ ھو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جڏھن به اسحاق صاحب کي ڪا اسائنمينٽ ڏيندو ھئس پوء بي فڪر ٿي ويھي رھندو ھئس. ياد ڪرائڻ جي به ضرورت نه هوندي ھئي. اسحاق صاحب پنھنجي صحافتي گودڙي مان اھڙا گوھر ڪڍي زماني آڏو رکيا، جن جي پرک زماني کي نه ھئي. پوء اھو سماجي اڳواڻ جمعو خان ٻٻر ھجي يا ڪاري کھي جا ملاح يا آرٽسٽ مانگي لال. سنڌ جو اھڙو ڪھڙو ھنڌ آھي، جنھن جو پنڌ ھن جي پيرن نه ڪيو ھجي. اڄ به واھي جا دوست شاھد آھن ته اسحاق انھن ڪجھ ماڻهن ۾ شامل ھو، جن واھي کان گورک تائين پنڌ سفر ڪري انھي ھنڌ کي رپورٽ ڪيو ھو. ھن ھر پنڌ مان ھر ھنڌ جون اھڙيون ڪھاڻيون ڳولي آنديون، جيڪي روزاني ھر ماڻھو جي اکين آڏو ھوندي به اوجھل ھونديون ھيون. جڏھن ھن جي قلم آھي ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون ته انھن ماڻھن کان به ڇرڪ نڪري ويندا ھئا، جيڪي انھي ڪھاڻي جي چؤطرف ھوندا ھئا تہ مار؛ اسان تہ انھي اک سان نه ڪڏھن ڏٺو ۽ نه ذھن اھو سمجھيو، جيڪو اسحاق جي قلم ڏيکاريو ۽ سمجھايو. ھو نج نبار ۽ فطرت سان عشق رکندڙ صحافي ھو، تنھن ڪري ھن جي صحافت جا موضوع به دريا، ٻيلا، زراعت، جھنگلي جيوت ۽ مٽي ھاڻا ماڻھو ھوندا ھئا. ايئن به ناھي ته ڪو سياست يا سماجيات تي ھن ڪم نه ڪيو پر ھن کي جيڪو مزو ۽ چس انھن شين کي رپورٽ ڪرڻ ۾ ايندو ھو، جيڪي فطرت جي ويجھو ۽ روايتي صحافت کان پري ھونديون ھيون. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اسحاق صاحب کي جڏھن ڪم ڪندي ڏسندو ھئس ته مونکي ايئن لڳندو ھو، ڄڻ ڪو الھڙ عاشق پھريون دفعو محبوبا سان ملاقات لا۽ پنڌ پيو ھجي. بي ڊپو به اھڙو جو جڏھن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ جي سلسلي ۾ تيزي آئي ته اخبار طرفان ھڪڙي تفصيلي اسٽوري جو سوچيوسين. ۽ اسحاق صاحب اھو ڪم پنھنجي ھٿ کنيو. کنڀيل ڪارڪنن جو تعداد، ڪڏھن کان گم اھن، انھن جي خاندان جي ڪيفيت ۽ حالت، ڪھڙي نظريي سان لاڳاپيل آھن. اسٽوري تي ڪم ڪندي شايد وڌيڪ ماڻھن جي خبر هئي، جيڪي گم ٿيل ھئا ۽ انھن جو ذڪر نه ٿيڻ برابر ھو. مونکي چڱي طرح ته ياد ناھي پر تقريبن پنجاھ کن سياسي ڪارڪن ھئا، جن کي کنڀيو ويو ھو. انھي کانپوء ڪجھ دوستن گڏجي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ھئي، جنھن جي اڳواڻي جامي چانڊيو، مھيش ڪمار، امداد چانڊيو ۽ ٻين دوستن ڪئي ۽ تقريبن سڀني سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي ھئي.

اسحاق سائين سان ٻه ڏهاڪا ايئن گذريا جيئن گھرڀاتي ھروقت گڏ ھجن. ھن سان تعلق رڳو صحافتي نه ھو. گھر آمھون سامھون ھجڻ ڪري به ڏينھن رات گڏ رھياسين. خاندان توڙي سماجي خوشين کي ٻنھي خاندانن گڏجي انجواءِ به ڪيو ته ڏکن ۾ ھڪٻئي کي آٿت ڏيڻ لا۽ ٻانھون کليل ھونديون ھيون.

جڏھن ڪجھ سال اڳ اسحاق صاحب جو نوجوان پٽ گذاري ويو تہ انھي جي جنازي نماز ۾ وڃڻ وقت سوچڻ لڳس ته ھڪ پيء کي نوجوان پٽ جي وفات تي ڪيئن ۽ ڇا ته دلاسو ڏجي! انسان زماني جو ھر بار مسڪرائي پنھنجي ڪلھي تي کڻي سگھي ٿو پر نوجوان پٽ جي مڙھ جو بار دنيا جي ھر بار کان ڳرو آھي ۽ انھي بار به شايد ھن کي جھوري وڌو ھو پر دنيا کي لکا نه ڏنائين ۽ اندر اندر ڳرندو رھيو، جنھن جي خبر دنيا کي سندس موڪلاڻي سان پئي. اسحاق صاحب پٽ جون تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو. مونکي ڳالھائڻ ۽ آٿت ڏيڻ جي ھمت نه پئي ٿي. ڪجھ دوست آيا، دعا گهريائون ۽ اسحاق صاحب ان وقت ھڪ جملو چيو، جيڪو اسحاق صاحب جي ھن دنيا مان موڪلاڻي بعد منھنجي ڪنن ۽ ذھن ۾ ٻري رھيو آھي. اسحاق صاحب چيو ھو ته اولاد اکين جو ڍئو ھوندو آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

اسحاق مڱريو

سنڌي صحافت جي ترقي پسند دور جو مهندار صحافي

گل حسن لاکو

نامياري صحافي ڪالم نگار، سڪيولر ۽ لبرل انسان اسحاق مڱريي جو وڇوڙو سنڌي صحافت ۽ سنڌي سماج لاءِ سندس ڪيل خدمتون هڪ دور طور ياد رکيون وينديون. هو سنڌي صحافت جو ٽرينڊ سيٽر آهي. سندس ۶۹ سالن جي زندگي ۽ ۳۲ سالن جي صحافتي زندگي سچ سان سلهاڙيل آهي. سندس علم، عمل ۽ پيار جو پورهيو سنڌي سماج جي امانت آهي. اسحاق مڱريي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست سياست جي شروعات ڪئي. انٽر سانگهڙ ڪاليج مان ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. صحافت سندس زندگيءَ جو اهم مورچو رهيو. صحافت جي شروعات ۱۹۹۲ع کان ڪيائين. پاڻ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين روزاني جاڳو اخبار ڪراچيءَ جو سانگهڙ جو عيوضي رهيو. ۱۹۹۵ع ۲۰۰۴ع تائين مختلف سنڌي اخبارن سان سلهاڙيل رهيو. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۷ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن ته ۲۰۰۷ع کان ۲۰۰۸ع تائين سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جو انچارج رهيو. اسحاق مڱريي روزاني عبرت اخبار حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، افيئر مئگزين ڪراچي ۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ فري لانس ڪالم نگار، ۽ فيچر رائيٽر طور به ڪم ڪيو. اسحاق مڱريو ۳۲ سالن جي صحافتي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ترقي پسند صحافت جو ٽرينڊ سيٽر رهيو آهي، جنهن سنڌي سماج ۽ صحافت کي پنهنجي ترقي پسند سوچ سان نوان لاڙا، نوان گس ۽ ڏَسَ ڏنا. اسحاق مڱريي سنڌي صحافت ۾ ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو. اسحاق مڱريو انهن ٿورن سنڌي صحافين مان هڪ هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو.

اسحاق مڱريو نج ٻهراڙيءَ جو ٻار هو، هو فطرت جي ويجهو رهيو، هو سنڌي سماج جي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، ماحولياتي، جاگرافيائي، جهنگلي جيوت، اينٿروپالاجي، ايڪولاجي ۽ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ جو عاشق ۽ مهندار هو. هو هارين جا ڏک ڄاڻندو هو، هو عوام جي اهنجن کي سمجهندو هو. هُن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو هاري تحريڪ کي ڏنو. اسحاق مڱريو ڌنارن جي ڪلامن ۽ پکين جي ٻولين کي سمجهندو هو، هو ڌنارن جي ڌڻن ۽ پکين جي ولر جو واهرو هو. هوُ ڪيٽي بندر، ڪاڇي، ٿر بر، لاڙ، اتر ۽ ڪوهستان سان ڪانب ٻڌي ڪچهري ڪندو هو ۽ انهن جي سورن ۽ سونهن کي پنهنجي قلم ذريعي پينٽ ڪندو هو. فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ اسحاق مڱريي ڪيترن ئي عالمي ماحولياتي تنظيمن، آئي يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف، يو اين ڊي پي ۽ ٻين ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جو سرگرم رڪن پڻ رهيو. اسحاق مڱريو انساني حقن جو پاسدار هو. هُن انساني حقن جي عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان گڏجي انساني حقن جي ويڙهه پڻ وڙهي. هارين جي نجي جيلن مان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. اسحاق مڱريو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رهيو ۽ ڪيترين ئي صحافتي تنطيمن جو سرگرم رُڪن به رهيو، هُن صحافين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ صدر پريس ڪلب طور ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي پروگرام پڻ ڪرايائين. اسحاق مڱريي جي سيڪيولر، ترقي پسند ۽ لبرل دوستن جو وڏو حلقو آهي ۽ اُهي سڀ اسان جا به مشترڪه دوست آهن. منهنجو ساڻس سانگهڙ کان حيدرآباد تائين جي سفر ۾ پل پل جو تعلق رهيو. ساڻس ڪيئي روح رچنديون رهيون. هو اڪثر اسان جي ٽنڊي آدم شهر ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، صحافتي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ساروڻيون جيڪي سندس وڇڙي وڃڻ کانپوءِ به اڄ تائين اسان جي ساهه جي سڳي ۾ ٻڌل آهن ۽ ٻڌل ئي رهنديون. حيدرآباد پريس ڪلب کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ ساڻس گڏ گهاريل پَل اڄ به منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. مختلف پروگرامن ۽ محفلن ۾ سندس مخصوص انداز، سندس لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جو مظهر آهن. سندس اِهي ساروڻيون سنگت کي سدا ياد رهنديون.

سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن تي ڪيل سندس ڪم سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهي. اسحاق مڱريي جو علم، عمل، قلم ۽ تحرڪ سنڌ جي مظلوم ماروئڙن، پورهيتن، هارين، عورتن، اقليتن، عام ماڻهن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ هڪ بلند سگهارو آواز هو، جنهن آواز کي بند ٿيڻ نه ڏبو ۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي اسان سنڌ جي سيڪيولر تهذيب يافته آواز کي عالمي امن، انسانيت، پيار پنهنجائپ ۽ جيئو ۽ جيئڻ واري پيغام کي اڳتي وڌائبو. سندس ڇڏيل اُن مشن کي اڳتي وڌائڻ اسان قومي فرض آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حُسناڪين کي ڏسندڙ اسحاق مڱريي جون حُسناڪ اکيون ٻوٽجي چڪيون آهن مگر سندس علم، عمل ۽ پيار جو ڪيل پورهيو ۽ ڇڏيل واٽ اسان وٽ موجود آهي. اسان کي سندس واٽ تي هلڻو آهي ۽ سندس مشن کي مڪمل ڪرڻو آهي. سندس ڇڏيل علمي، ادبي، قلمي ۽ صحافتي لکڻين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي کيس سدا ياد رکڻو آهي.

منهنجي ڪم کي ڏسجو، مونکي سدا ياد رکجو.

مارڪس جو چوڻ مطابق تاريخي هيڪڙائي “Unity of historical essence” به اجتماعيت لاءِ جاکوڙڻ آهي. اچو ته اسحاق مڱريي جي اُن جاکوڙ کي جاري رکون ۽ سنڌي سماج ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪريون.

ڇا تون وئين سو وئين، وري ورندين ڪونه

ڇا هي سنڌڙي تو نه، ساريندي سڏڪا ڀري.

سنڌ جي بيبياڪ، بهادر، جاکوڙي صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسحاق مڱريي سڄي حياتي محبتون ونڊيون ۽ ورهايون. هو يارن جو يار ملنسار ۽ محبتي انسان هو. هِن جي وڏي خوبي اِها هئي ته هِنَ ڪڏهن به، ڪنهن سان به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو.

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا

هٿان حيببن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



اسحاق صاحب!

ايسا تو نهين هوتا - هوتَ، نه ڪجن هيڏيون!

ادريس لغاري

ننڍپڻ کان وٺي اخبارون، آتم ڪٿائون، ناول، يادگيريون ۽ سياسي ادب پڙهڻ جي ڪري ڪيترائي ليکڪ، اديب، صحافي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، فنڪار، اداڪارائون، اداڪار، موسيقار وغيره منهنجي لاءِ اوپرا ۽ ڌاريا نه رهيا هئا ۽ نه آهن. اهڙي طرح منهنجي لاءِ سائين اسحاق مڱرئي جو تعارف ڪڏهن به اوپرو يا ڌاريو نه رهيو. بابا سائين ڪامريڊ هو، هر روز اخبار گهر ۾ ايندي هئي، تنهن ڪري ٽئين ڪلاس کان وٺي اڄ تائين ڪتاب ۽ اخبارون ساٿي آهن. اسحاق صاحب کي مون اخبارن ۾ پڙهيو ۽ ائين اسحاق صاحب جو سڀ کان پهرين اخبار ذريعي غائبانه تعارف ٿيو ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن کان سائينءَ سان تمام ويجهڙائي هئي.

گذريل پنجن چهن سالن کان وٺي اسان تقريبن روز گڏجي شام ڌاري قاسم آباد ۾ سينٽ بونا وينچر اسڪول لڳ پارڪ ۾ واڪ ڪندا هئاسين. آمريڪا اسهڻ کان اڳ فاروق سومرو صاحب به روز اتي واڪ ڪرڻ ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان ٽئي گڏجي به واڪ ڪندا هئاسين. مهيش ڪمار صاحب به اتي روز واڪ تي ايندو هو ۽ هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اشفاق لغاري ۽ راشد لغاري به اتي اچي ويندا هئا. واڪ ڪندي اسان دنيا جهان جي سڀني موضوعن تي پيا ڳالهائيندا هئاسين. سياست تي، مذهبن تي، پيغمبرن تي، ملڪي ۽ عالمي ليڊرن تي، ميرن پيرن تي، پيري مريدي تي، ٻوڏن تي، قومپرست ۽ ترقي پسند تحريڪن تي، سنڌي عوام جي سورن، دردن ۽ درمانن تي. سائين اسحاق نه صرف سڄي سنڌ گهمي هئي پر هُو پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر بنگلاديش ۽ ايران وغيره به گهمي آيو هو. هن وٽ ڪا وڏي لائبريري ته نه هئي، پر وري به هڪ ننڍڙي لائبريري ۾ پنهنجي پسند جا سڀئي ڪتاب موجود هوندا هئا. سياسي پارٽين اندر پيدا ٿيندڙ معاملن متعلق به چڱي معلومات رکندو هو. پيري مريدي جي پاڙن کان به واقف هو ۽ ان ڌنڌي کي سنڌي عوام لاءِ وڏو نقصان سمجهندو هو. ڪي به علمي، فڪري ۽ نظرياتي مونجهارا نه هئس. سائنس ۾ يقين رکندڙ هو. دنياداري جي چڱي پرک رکندو هو پر ڪڏهن به دنياداري ڪرڻ جا جتن نه ڪيا ۽ نه ئي ڪا اهڙي خواهش هئس ۽ ڪڏهن به پئسي جي پويان نه پيو. جيڪا جائز روزي هوندي هئي، ان تي پيو گذر ڪندو هو. ڪو پڇتاءُ ۽ ڪو افسوس نه هوندو هو. صحافت ۾ آيل ڪارين رڍن تي سخت تنقيد ڪندو هو. صحافت جي زوال تي بي انتها ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندو هو. آئون اڪثر چوندو هئس ته سائين توهان پنهنجيون يادگيريون لکو ۽ اسان جي عوام کي آگاهي ملندي ته اسان جي صحافت ۽ ميڊيا ۾ ڪهڙا ڪِيس ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن. هُو هر لحاظ کان هڪ عالمي سطح جو صحافي هو ۽ سندس هر اسٽوري ۾ اهي گهرجون پوريون ٿيل هونديون هيون. هُو واٽس ايپ تي ويهي خبرون ميڙي اسٽوريز نه ٺاهيندو هو. تنهن ڪري هُو اسٽوري ڪرڻ لاءِ پوري سنڌ ويندو هو ۽ واپسي تي ڪهاڻيون، ۽ داستان کڻي ايندو هو. لوڪ ڏاهپ جا قصا اچي بيان ڪندو هو. مقامي ڏندڪٿائون بيان ڪندي سرهائي محسوس ڪندو هو. نون ڪردارن جو تعارف اچي ڪرائيندو هو. مزيدار ۽ مٺيون ڳالهيون اچي ڪندو هو ۽ خبر جي روح تائين پهچڻ لاءِ هن کي سڀني رستن جي خبر هوندي هئي.

هو پهاڙن جيڏا حوصلا رکندڙ هو، پر هن جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ان ۾ وڏا زلزلا ۽ طوفان آيا، جن هن کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو، پر لوڪ کي لکا پوڻ نه ڏنائين. سڀ کان پهرين پنهنجي پياري ڀائٽي ۽ نياڻي عرفان مڱريي جي حادثاتي وفات جي صورت ۾ آنڌي آئي ۽ هن جي اکين جي آڏو سندس نياڻيءَ جو گهر اجڙي ويو. اڃا اهڙي حالت ۾ ئي هو ته مٿان ‘حسن’ هميشه لاءِ موڪلائڻ جي ڪئي. حسن هن جو نه صرف پيارو پٽ هو، پر هن جو هم خيال هو، يار هو، دوست هو، دلبر هو، محبوب هو، اميد هو، آسرو هو، ڏڍ هو، آٿت هو، حوصلو هو، ساٿي هو، هم پيالا هو، هم خواب هو، همت هو. اهو ائين هليو ويو، ڄڻ هو خواب هو. حسن ڇا موڪلايو! ڄڻ اسحاق صاحب پاڻ موڪلايو! پر وري به دنيا کي دوکو ڏئي ڪچهريون قائم ڪيو ويٺو هو. هُو مري چڪو هو، هو هي دنيا ڇڏي چڪو هو، هو زندهه هو پر هن حياتي کان موڪلائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ هو صرف درد ئي درد هو. اهو درد جيڪو آخر تائين ٻاهر آڻي نه سگهيو. ان درد کي به ڪنهن آٿت جي ضرورت هئي. هو وڏي آٿت ڏيندڙ هو پر هر ڪنهن کي آٿت ڏيندڙ کي به هڪ ڏينهن آٿت جي ضرورت پوي ٿي! بس هُو پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيندو رهيو. آخر ڪيستائين! هڪ ڏينهن، هڪ هفتو، هڪ مهينو سال ٻه سال! شايد پليجي صاحب به پنهنجي اهڙي ڪيفيت جو اظهار ڪندي آخري ڏينهن ۾ چيو هو ته، “روح چئي ٿو اڃان تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ کوڙ سارا ڪم رهيا پيا آهن، پر جسم هڪ طويل آرام چاهي ٿو ۽ تنهن ڪري روح ۽ جسم وچ ۾ ويڙهه هلي پئي. ڏسون جنگ ڪير ٿو کٽي!” روح نٿو ٿڪي، جسم ضرور ساڻو ٿي پئي ٿو. اسحاق صاحب جو روح هر وقت اسان ۽ دنيا جي آڏو تازو توانو لڳو پيو هوندو هو، پر اسان اهو وساري ويٺاسين ته هن وٽ هڪ جسم به هو، جنهن کي هڪ طويل آرام جي طلب هئي!

۲۰ جنوري تي پليجي صاحب جي سالگرهه تي گڏجي مڪلي وياسين. سفر ۾ پيارو دوست ۽ ليکڪ نويد سنديلو ۽ ڊاڪٽر اياز سمون گڏ هو. واپسي تي ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري گڏ آياسين ۽ رستي ۾ زبردست ڪچهري ٿي. ان کانپوءِ ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون. مارچ- اپريل ۾ سائين جي طبيعت خراب ٿي پئي. ان دوران سائينءَ سان فون تي ٻه ٽي دفعا ڪچهري ٿي. گهر آيو ۽ ملڻ ويس. ڏاڍي ڀلي ڪچهري ٿي. مون چيو توهان ته تيار لڳا پيا آهيو، پوءِ ڪا ‘محفل’ مچايون. ان تي وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته ڪالهه ڊاڪٽر ايشور به اها ڳالهه ڪري ويو آهي ته توهان تيار لڳا پيا آهيو. هلو ته هينئر ئي ڪا ‘محفل’ مچايون. وڏا ٽهڪ ڏناسين. روز رستي ۾ نظرون سائينءَ جون متلاشي هونديون هيون ۽ اميد هئي ته سائين اڄ يا سڀاڻي مڪمل صحتياب ٿي اچي گڏجي واڪ ڪندو. واڪ ڪندي ڪڏهن ڪڏهن سائينءَ جون ڪجهه خوشگوار ڳالهيون ياد اينديون هيون. سائين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي رنگ ۾ اچي اُردوءَ ۾ چوندو هو ته، ‘ايسا تو هوتا هي’. اسحاق صاحب جي طبعيت جي حوالي سان پليجي صاحب جي ورسي تي ادي فهميده ٻڌايو ته هاڻي بابا جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي. مون چيو، پوءِ سائين فون نٿو کڻي؟ چيائين ته بابا جي فون هن جي ڌيءَ وٽ آهي. ڳوٺ ۾ گهٽ سگنل هئڻ جي ڪري آئون گهڻو ڪري سوشل ميڊيا نه ڏسندو آهيان. آچر جي ڏينهن شام جون فون ڏٺم ته ڊاڪٽر اياز جون ٽي چار ڪالون لڳل هيون. واپس فون ڪيم ته چيائين تون ڪٿي آهين؟ ٻڌايم ڳوٺ آهيان. چيائين: سائين اسحاق گذاري ويو آهي ۽ اسان سانگهڙ لاءِ نڪرون پيا. آئون خاموش ٿي ويس. واٽس ايپ کوليم ته پياري اشفاق ۽ ٻين دوستن جا ميسج هئا. دل ڀرجي آئي، اکيون آليون ٿي ويون. من ۾ ماٺار ٿي وئي. ٻار ٿلهي تي کيڏي رهيا هئا، گهر جا ڀاتي رات جي مانيءَ جي تياري ڪري رهيا هئا. ٻاهر آيس ته عيد جون تياريون هيون ۽ وٺ پڪڙ هئي. سوچيم ته انهن مان ڪيترن کي خبر هوندي ته سنڌي صحافت جو هڪ وڏو نالو اڄ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي! خاموشي سان اڪيلو فصلن طرف هليو ويس. سر سبز ۽ ساوا فصل ۽ اتي انتهائي ڏک ۽ پنهنجائپ مان اسحاق صاحب کي ڏوراپو ڏيندي چيم: “اسحاق صاحب ايسا تو نهين هوتا”!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



سائين اسحاق

سندس رھجي ويل ڪچھري!

اشفاق لغاري

سائين، سُمي چئي ٿي، سائين کي منھنجي نظر لڳي آھي، مولا جي روزي تان سائين ڪلال پاران آندل ڌاڳو ٻڌندس، سائين ٺيڪ ٿي ويندو. سائين کليو ۽ چيائين ڀيڻون اھڙيون ٿينديون آھن. اديءَ جي دل ٿي چوي ته ڀلي. اسرا اسپتال حيدرآباد ۾ سائينءَ جي ٻانھن ۾ ھڪ ڌاڳي جو اضافو ٿي ويو. سائين اسحاق عقيدائي معاملن ۾ ڪيئن ھو، عقيدن ۾ ڪھڙي رنگ کي پنھنجو رنگ مڃيندو ھو، ڪائي خبر ناھي پر سائينءَ جي ٻانھن جي ڪرائيءَ ۾ سائي، ڳاڙھي ۽ ڪاري رنگ جا ڌاڳا ھئا، جيڪي ھن کي پيار ۽ سِڪ ۾ سُمي کانسواءِ بـ ڪنھن ٻڌا ھئا. آخري گھڙين ۾ سائينءَ جي ڳچي ۾ ڪارو ڌاڳو ٻڌل ھو، جيڪو شايد سائين جي ڳوٺ گل حسن سريوال سانگھڙ مان ڪنھن گھر ڀاتيءَ پڙھائي موڪليو ھو. سائين ٻئي جي دل رکڻ وارو ھو. ٻئي جي دل رکندي سائين پنھنجي پسند ۽ ناپسند کي ھڪڙي لمحي لاءِ پاسي تي رکي ويندو ھو. اھا ھن جي ذات جي وڏائي ۽ اھم سڃاڻپ ھئي. مُرڪ تـ سائين جي سگنيچر ھئي.

دل رکڻ جي معاملي ۾ سائين ٻارن سان ٻار ٿي ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن سائينءَ جي پوٽين حورين ۽ ماھنور مان ڪنھن ڊرائنگ ٺاھي ضد ڪيو ته اھا کپائڻي آھي. سائين بنا ڪنھن جھجھڪ جي سندس پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ ٻن ڄاڻ سڃاڻ وارن جي گھر جا دروازا ٺڙڪايا ۽ ٻارڙي جي تيار ڪيل فن جي قدردان جي تلاش ڪئي. سانگھڙ جي ھڪڙي مسيح خاتون سان ھيڻن ماڻھن کي حق ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندي سائين عورت دوست بڻيو. سائينءَ کي عام ماڻھن مان بيزاري تمام گھٽ ٿيندي ھئي. انھن جا مسئلا، ڪچھريون ۽ قصا ٻڌڻ جي سگھ تمام گھڻي ھئس. ڳالھير ڪير ڪيڏو بـ وڏو ھجي پر اسحاق مڱريي جو صحافتي جن بوتل ۾ لاھڻ لاءِ سِڪندو ئي رھيو ھوندو. سائينءَ کي ڳالھيون ڇاڻيءَ مان گذارڻ لاءِ پنھنجو پروڻ ھو، جنھن کي اڄوڪي ٻولي ۾ تنقيدي شعور ٿا چون. ڏوھاري ۽ ڪرپٽ سرگرمين ۾ ملوث سياست جا اھڙا ڪئين بدنامِ زمانـه ڪردار جن سان ڪير ويھڻ پسند نـ ڪندو ھو، سائين انھن کي بـ ملاقات جو وقت ڏيندو ھو. سائين تعلقات جي خشڪي کي صحافت جي موت سمجھندو ھو. انھن کي زندھ رکڻ لاءِ رابطي ۽ ميل ملاقات جو پاڻي ڏيندو ايندو ھو. سياستدانن ۽ مافيائن وٽ سدائين ايجنڊائون ھونديون آھن، سائين انھن جي ايجنڊا کان باخبر ضرور ٿيندو ھو پر انھن جي ايجنڊا تي ڪجھ لکي اھو ممڪن ئي ڪونھي. ايوان صدر ۾ ڪچھري زرداري سان ھجي، رھاڻ ڄام سان ھجي يا پليجي جي محفل ھجي، سائين انھن کي ٻڌي ايندو پر کيس ڪير ايجنڊا کڻائي، اھا اڻ ٿيڻي ھئي.

ايم ايڇ پنھور، رسول بخش پليجي، عطا محمد ڀنڀري، خورشيد قائمخاني، فيض محمد شيدي، محمد علي شاھ، عبدالواحد آريسر، انيس ھاشمي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي تي ايندڙ اڪيلي عورت فقيرياڻي سان سائينءَ جون ھر ملاقات دوران اڌ ۾ رھجي ويل ڪچھريون جاري رھيون. سائينءَ کي ٻڌڻ، سکڻ ۽ نئين سر سکڻ جو ڄڻ تـ جنون ھو. بٽئي، ھارپي جو نظام ۽ ٽيننسي ايڪٽ سائينءَ جا پسنديده موضوع ھئا.

سوئر کان وٺي پکين ۽ پکين کان وٺي مڇي جي شڪارين جون وڏيون خبرون ھئس. چئي: امين فھيم انڊس ھوٽل ۾ ھڪڙي ڪتاب جي مھورت ۾ آيل ھو. تقرير ۾ چيائين مون سياست ۾ صبر شڪار مان سکيو آھي. سوئر جي شڪار تي سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ ڊاڪيومينٽري ڪيائين. ڪيترن ئي مشھور شڪارين جا انٽرويوز شامل ھئا. انھيءَ ۾ پير آف راڻيپور سائين عبدالقادر شاھ جيلاني جو انٽرويو پڻ شامل ھو. پير جي انٽرويو ۽ ڊاڪيومينٽري جي نشر ٿيڻ جي وقت تي سائين کلندي ٻڌائيندو ھو ته ٽي وي وارن اھا ڊاڪيومينٽري رمضان شريف ۾ نشر ڪري پيرن جي مريدن کان فون تي مونکي ڏاڍيون گاريون کارايون. ائين حلال محنت حرام ٿي وئي.چئي: ھڪڙو دفعو ٿر وياسين کيکڙي ۾ ويھڻ لاءِ بيٺا ھئاسين. ويھڻ لاءِ جڳھ نظر نـ پئي اچي. مڪمل ڀريل ھو. کيکڙي وارو چئي ويھو، چيوسين جاءِ ڪانھي، ڪٿي ويھون. کيکڙي واري چيو پھريون دفعو ٿا چڙھو ڇا؟ کيکڙي ۾ چڙھندا، ھلندو، لوڏن ۾ جاءِ پاڻھي ٺھي ويندي.سنڌ ٽي وي جي نشريات ھلڻ کان اڳ بدين ۾ رڪارڊنگ پئي ڪئي. چئي ھڪڙو سول ڪپڙن ۾ ھمراھ آيو. اچي ٻانھن ۾ ھٿ وڌائين. ڪنھن جي اجازت سان وڊيو رڪارڊ پيا ڪريو؟ توھان کي خبر ناھي انڊيا پاڪستان جي سرحد وارو ھي حساس ضلعو آھي؟ انھي ھمراھ ايس ايس پي بدين حوالي ڪيو، جيڪو جوڻيجو ھو. سڃاڻو نڪتو ۽ ٻڌايائين تـ اھو ھمراھ آئي ايس آئي جو اھلڪار ھو.

گڏھ تي افغانستان وڃڻ جو قصو ھجي، بلوچن سان دوستي ۽ اڳتي ھلي انھن جي خفيـ سرگرمين جو انڪشاف ھجي. سي ايس ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ عبداللھ بروھي جي ڪٿا ھجي، دوستن جي عشق ۾ ناڪامين جا قصا ھجن. سائينءَ کان پنھنجا پروفائل لکرائڻ جي خواھشمندن جون خبرون ھجن سائين ٻڌائيندو ھو ۽ ھي حقير انھن ۾ جيئاپو ڳوليندو ھو.راڳ بابت ڄاڻڻ جو سائين کي شوق ٿيو استاد امير علي ۽ سائين ذوالفقار قريشي سان وڏيون نشستون ڪيائين. انھن سان ڳالھين ڳالھين ۾ ھڪڙي باجي ساز ۽ طبلي نواز جو ذڪر نڪتو جنھن جون پڇائون ڪرائي وڃي سري گھاٽ ۾ کيس ڳولي لڌائين. استاد کي ڪاوڙ ھجي تـ اسان سري گھاٽ وارن کي ڪير سٺو ئي ڪونـ ٿو سمجھي تـ اسانجي ڳالھ ڪيئن ٻڌندو.حمل ڍنڍ ڪٿي واقع آھي، ڪوھ سليمان جو انھي سان ڪھڙو تعلق آھي. منڇر ۽ حمل ڍنڍ جو لاڳاپو ڪيئن آھي. منڇر ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس رھندڙ ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو “پاڻي مٿي جھوپڙا مُورک اڃ مرن” ڪيئن بڻيو؟ شڪور ڍنڍ نوحو ڪيئن بڻي، بقار ڍنڍ چوٽياريون ڊيم ڪيئن ٿي، مکي ڪھڙو علائقو آھي. سنڌ ۾ ڪھڙن ڪھڙن صاحب حيثيت ماڻھن جون پنھنجون رکون آھن؟

ھندوستان جي دلت تحريڪ ڇا آھي، برطانيا جو ھپي ڪلچر ڪيئن آھي، افغانستان جو معاملو ڪيئن آھي، ايٽمي ھٿيارن جي ڊوڙ ڇا آھي. ورلڊ سوشل فورم جا موضوع ڪٿان ٿا اچن، کان وٺي محمد خان لنڊ ۽ رڻ شاخ تائين جي قصن جون ڪڙيون سائين اسحاق ائين ملائيندو ھو، ڄڻ اِجھو اُتان اٿي آيو ھجي.ڊائو اسپتال ڪراچي جي نگھداشت واري وارڊ ۾ سورنھن جون تي سائين اسحاق ڪچھري اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ويو آھي. سندس شفقت ڀري ياد ھر محفل ۾ گلاس ڳوڙھن سان ڀريو وڃي. سائين اسحاق کي ھڪڙي ڪنھن لفظ ۾ سمائجي تـ ٿيندو “ڍوليا”. ڳالھ کي وڌائجي تـ ٿيندو “سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو”. سائين، جيڪي چار گھڙيون توسان گھاريون اٿم ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم، تنھنجون ڳالھيون پيو ڳائيندس، انھي رمز ۾ روح ريجھائيندس. ڪينجھر تي ڪچھري رھيل آھي، توھان جو بيئر مون لڪائي رکيو آھي. ٻيھار ملبو ٽيھار ملبو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين اسحاق مڱريو

سنڌي صحافت جو برجستو ڪردار اسان کان وڇڙي ويو.

محمد سليمان وساڻ

اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ۶ جولاءِ ۱۹۶۶ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري انٽر سانگهڙ ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. بعد ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اسحاق پنھنجي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان پنھنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ترقي پسند سياست ۾ حصو ورتو ۽ هارين جي حقن واري جدوجھد ۾ بہ سرگرم رهيو. جنھن کانپوءِ صحافت ڏانھن سندس ڌيان ويو ۽ هن ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۶ع تائين ”جاڳو“ اخبار ۾ سانگهڙ جي عيوضيءَ طور ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ۱۹۹۶ع کان ۱۹۹۹ع تائين روزاني سنڌ ۾ ۽ ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۴ع تائين ڪاوش ميڊيا نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪيو. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۷ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن تہ ۲۰۰۷ع کان ۲۰۰۸ع دوران سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جي انچارج طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. اسحاق مڱرئي روزاني عبرت ۽ افيئر مئگزين ۾ فري لانس ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور بہ ڪم ڪيو آهي. هو انھن ٿورن سنڌي صحافين مان آهي جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عالمي پائي جون رپورٽون ۽ فيچر لکيا آهن. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. اسحاق مڱرئي حر تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنهنجي قلم وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو.

 

(محمد سليمان وساڻ جي ۱۶ جون ۲۰۲۴ع تي رکيل فسيبڪ پوسٽ)


 

اسحاق مڱريو

سنڌي صحافت جو وھائو تارو

حميد سومرو

شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافي سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌو جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھين شخص کي سنڌ شناسي جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو، پر اسحاق مڱريو جي صحافتي سٿ جي خيال ۾ سندس تاريخي ڪم اھي اسٽوريون آهن جيڪي لاڙ پٽ ۾ ۱۹۹۹ع جي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ايل بي او ڊي جي نالي جي ابتي وھڻ جي تباھي ۽ بربادي تي لکيون ويون. اسحاق مڱريو سان منھنجي پھرين ملاقات جوھي ۾ ٿي جڏھن ھو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل حرن جي لوڙھن جي سلسلي ۾ اسٽوري ڪري رھيو ھو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪيئي سال اڳ پير پاڳاري صبغت اللہ جي اڳواڻي ۾ انگريز والار خلاف حرن بغاوت ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ رياستي بربريت ھيٺ حرن کي دھشتگرد قرار ڏيئي کين خاندانن سميت سنڌ جي مختلف کليل جيلن ۾ واڙيو ويو ھو. حرن جو اھڙو ئي ھڪ لوڙھو حر ڪئمپ جي نالي سان جوھيءَ شھر جي اتر ۾ چند ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آھي. حرن جا لوڙھا سنڌ جي ھڪ اونداھي ۽ بربريت جي عھد جي علامت آھن تنھن سان اسحاق مڱريو جي انسيت جو ھڪ ڪارڻ سندس خاندان جو حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ به ھو. ان بعد ھن جي جوھي اچڻ، واھي پانڌي وڃڻ ۽ گورک پنڌ جو ڏس پيو. تنھن وقت گورک جبل جو پنڌ، اٺ، گڏھ، موٽرسائيڪل يا وري پنڌ ذريعي ڪبو ھو. واھي پانڌي مان ھو واھي پانڌي جي سنگت سان گڏجي گورک لاءِ اسھيو. واھي پانڌي کان گورک جبل جي پاڙ جنھن کي مقامي ماڻھو “پنجٽيھ” سڏين، تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪيائين جڏھن ته چاڙھيءَ لاھيءَ تي مشتمل اٺ ڪلاڪ اڻانگو پنڌ پيادل سر ڪيائين. اھو ۱۹۹۷ع ۾ جون مھيني جو ڏينھن ھو. گورک چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ کاول لڪ استعمال ٿيندو ھو ليڪن اسحاق مڱريو گورک جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ چُوڪڙيءَ جهڙي انتھائي اڻانگي لڪ ذريعي گورک چوٽي تي پھتو. چُوڪڙيءَ جي معنيٰ سنھڙو ۽ اڻانگو آھي. ھڪ ڀيري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوھي جو نالو ٻڌي ڏسڻ آيو. جڏھن ته ھڪ ڀيرو منھنجي لکيل ڪتاب “سنڌ جا سياسي ڪردار” جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سنگت سان جوھي اچي نڪتو. گورک وڃڻ لاءِ سندس پنڌ پيا ٿيندا ھئا ۽ سندس جوھي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. جوھي ۾ اسحاق مڱريو جون اسٽوريون دلچسپي سان پڙھيون ۽ بحث ھيٺ آنديون وينديون ھيون. جوھي ۾ ھر ساڃاھ وند سان اسحاق مڱرئي جي ڏيٺ ويٺ ھوندي ھئي، ليڪن اڳتي ھلي خبر پئي ته جوھي جيان سنڌ جي ھر شھر ۽ وڏي ڳوٺ، وسنديءَ ۾ سندس اچڻ وڃڻ ۽ سلام عليڪ ھئي، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو ۽ جھڏي کان ڪشمور، ننگر پارڪر کان اوٻاوڙو تائين ھر ھنڌ کيس ڄاتو ويندو ھو. ھُو ننگر پارڪر ۾ مسڪين جھان خان کوسو سان وڃي ملندو ھو ته ماٿيلي ۾ مانڌل شر سان به سندس اچڻ وڃڻ ھو. سنڌ جي ھر علائقي جا سياسي، سماجي، ادبي ڪردار سندس ھٿ تريءَ تي پيل ھوندا ھئا. سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند لڏي جي ڪارڪنن سان سندس ڪچھريون رھنديون ھيون. ھڪ ڀيري ڪچھري ۾ ٻڌايائين ته جھڏي، نئون ڪوٽ ۾ زرعي پاڻي جي اڻاٺ سبب جڏھن زميندارن جو اوج نه رھيو ۽ اھي بدحال ٿي ويا، پر سندن ڪپڙو لٽو ۽ ظاھري شان شوڪت برقرار رھي. انھيءَ حال ۾ اتان جا زميندار گهران نڪرڻ وقت ڏند کوٽيندي نڪرندا ھئا ڄڻ ڪجھ چڱو چوکو کائي ٻاھر نڪتا ھجن. ائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ ذات جي ماڻھوءَ جي الڳ الڳ نفسيات جو کيس بخوبي اندازو به ھوندو ھو.

اسحاق مڱرئي جو جنم ۱۹۶۶ع ۾ سانگهڙ جهول روڊ تي موجود بس اسٽاپ اڇي مسيت لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ٿيو. حرن جي تاريخ سان لاڳاپيل سانگهڙ ۾ تنھن وقت قومپرست سياست ھئي ته ترقي پسند تحريڪ جا ڪارڪن به موجود ھئا جن جا اسٽڊِي سرڪل ھلندڙ ھئا. سانگهڙ واسي سوشلسٽ پارٽي جي اڳواڻ حسن عسڪري جو نالو ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي حلقن ۾ پنھنجي سڃاڻ رکندو ھو، جتي اسحاق جو اچڻ وڃڻ ۽ اسٽڊِي سرڪل سميت مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ عام ھو. اتان اسحاق مڱرئي جي سياست، صحافت جي ور چڙھي ته ھن وري ڪڏھن پٺتي ورائي نه ڏٺو ۽ پوءِ ھن جي سڃاڻ ھڪ صحافي واري ٿي وئي. روزاني جاڳو، روزاني ڪاوش، روزاني سنڌ، روزاني سنڌ ايڪسپريس سان سندس خاص تعلق رھيو. انھيءَ دوران سنڌ جي شھرن، وسندين، اتان جي مامرن سميت، سنڌ، دنيا جھان جي مامرن تي اسٽوريون ڪيائين. رشيد راڄڙ جي ادارت ۾ نڪرندڙ سنڌ اخبار ۾ ھن صحافي سميت ھڪ بي لوث ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ائين جڏھن سنڌ ايڪسپريس نڪتي ته ھن جي صحافتي سرگرمين کي چار چنڊ لڳي ويا. انھيءَ محنت جي نتيجي ۾ اسحاق مڱريو سنڌ جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ جي سياسي سماجي معاملن جي باري ۾ معلومات لاءِ ھڪ حوالو بڻجي سامھون آيو. ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۲۲ع جون ٻوڏون ھجن، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ ھجي، ان جو ڊيلٽا ۽ ٻيٽ ھجن، ٿر جو ڏڪار ھجي، ڪڇ، بدين جو ۲۰۰۲ع وارو زلزلو ھجي اسحاق مڱريو اسٽوري ڪرڻ لاءِ اتي پھچي ويندو ھو. ھڪ وقت ته اھڙو به آيو ته سنڌ ۾ ڪٿي ڪو سياسي سماجي مامرو ٿي پوي ھن کي جاءِ واردات تي وڃڻ جي ضرورت به نه پوندي ھئي. کيس خبر ھئي ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وٽ ٽوڙي بند کي جيڪڏھن گهارو لڳندو ته اھو بيگاري واھ جو الھندو ڪنارو ڏيئي ڪيئن ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ وھايو ويندو ۽ ان جا ڪھڙا اثر ٿيندا. ائين نئين گاج جيڪڏھن ۲۰ فوٽ وھي آئي ته اھو پاڻي ڪيتري وقت ۾ منڇر پھچندو ۽ ايتري پاڻي کي برداشت ڪرڻ جي ايف پي بند ۾ سگھ آھي يا نه آھي. ۲۰۲۲ع ۾ چوماسي جي ٻوڏ کانپوءِ جنھن طريقي سان برساتي ٻوڏ جي پاڻي جھڏي شھر جون ھيٺانھون ٻوڙي ڇڏيو، ٺيڙھي کان ٻانڌي سميت ساھتِيه پرڳڻي ۾ پاڻي ھيٺانھين ۾ بيھي ويو ۽ ان جي نڪرڻ جي ڪا سبيل ئي ڪانه پئي ٿي ته ان باري ۾ به وٽس سموري ٽوپوگرافي، جاگرافي معلوم ھئي جيڪا ڪچھرين ۾ ھو ونڊ ڪندو رھندو ھو. جڏھن به اليڪشن ٿيندي ھئي ته ھن کي ھر تعلقي سطح تي موجود وڏيرڪي ۽ برادرين جي اتحادن جي پوري ڄاڻ ھوندي ھئي ۽ ائين کيس نتيجن جي سڌ ٿي ويندي ھئي جيڪي اڪثر صحيح ثابت ٿيندا ھئا. سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ جتي ھو ھڪ برجستو جاکوڙي صحافي ٿي اڀريو اتي ھو حيدرآباد جي ھر ادبي سياسي ڪچھري جو اھم حصو ھوندو ھو جتي مختلف معاملن ۾ سندس راءِ ڏاڍي وزندار ھوندي ھئي. سندس صحافتي زندگي جو آخري پڙاءُ سنڌ ايڪسپريس اخبار ھئي. بدقسمتي سان انھيءَ اخبار ۾ ئي ھن جي ڪل وقتي صحافت جز وقتي صحافت ۾ تبديل ٿي ويئي، جيڪا آخر وقت تائين جاري رھي. جتي ھن جو ڪم مختلف مامرن تي صرف مضمون لکڻ تائين رھجي ويو ليڪن ان دوران به ھن جيڪو لکيو اھو ڪمال جو لکيو. اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي عھد ۾ لاتعداد پروفائل به لکيا ته سنڌ سميت ملڪ جي سياسي مامرن تي به خوب لکيو ۽ گهڻي تعداد ۾ اسٽوريون به ڪيون جنھن دوران ڪڏھن لکا به ڪونه ڏنائين ته سندس ذات ڪيتري پيڙا مان گذري رھي آھي. سنڌ جو ايڏو وڏو صحافي جنھن سنڌي صحافت کي نوان اسلوب ڏنا جنھن کي سڀ ڪو سڃاڻندو ھو ان جي زندگي ھڪ کليل ڪتاب، “جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي”، جيان ھئي. اڀري سڀري حال ۾ خوش رھڻ وارو، پنھنجي دنيا ۾ مگن اسحاق مڱرئي کي پھريون وڏو گهاءُ ۲۰۲۱ع ۾ تڏھن لڳو جڏھن سندس نوجوان نياڻي جي ور جو سانگهڙ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو، ٿوري عرصي ۾ گهاءُ مٿان گهاءُ سندس نوجوان پٽ حسن جو ڪينسر وگهي موت ھو. جنھن جي گهر واريءَ ۽ نياڻي جي پالنا ۽ تعليم جي ذميواري به سندس ڪلھن تي اچي پئي. نوجوان ناٺي ۽ نوجوان پٽ جي موت جو غم لڪائي چپن تي مرڪ سجائي ھو لکندو رھيو، پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا خيال ۽ تجربا ونڊ ڪندو رھيو ۽ جيئندو به رھيو ليڪن غم لڪائڻ کيس اندران کوکلو ڪري ڇڏيو جيڪو ئي سندس موذي مرض بڻجي ساڻس جهيڙيندو رھيو ۽ پوءِ سندس اسپتالن جا چڪر، اسريٰ کان آغا خان جا پنڌ شروع ٿيا، ليڪن سندس مرض سڃاپجڻ ۾ نه پئي آيو. ۱۶ جون جي اڀاڳي ڏينھن کان ڪي ڏينھن اڳ سندس گهر ملڻ ويس. سندس ھڏي جي ٽي بي جو علاج ھلي رھيو ھو، ليڪن سندس رپورٽون ۽ طبيعت نه سڌرڻ ٻيو قصو ٻڌائي رھيون ھيون. سندس علاج منجھان به لڳو پئي ته سندس مرض جي پڪي تشخيص شايد اڃان نه ٿي سگهي آھي. ملاقات ۾ مون کيس ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي چيو ته اسحاق سائين، مرض توکي کٽ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي، ليڪن تنھنجي چپن جي مُرڪ ۽ حوصلو ٻڌائي ٿو ته توکي اڃان زندہ رھڻو آھي. جنھن جي جواب ۾ صرف مسڪرائي ھٿ کي جوابي زور ڏنائين. اسحاق مڱريو سان آخري مکاميل تي پھريون رد عمل سندس مسڪرائي ملڻ ھو جيڪا سندس غير معمولي ۽ انوکي خاصيت ھئي. سندس مرڪ ۾ سندس ڳاڙھا چپ ۽ ڳاڙھا ڳل ڏاڍو ٺھندا ھئا. ۱۶ ۽ ۱۷ جون واري رات جڏھن عيد جي آمد ٿي رھي ھئي، ڳوٺ گل حسن سريوال جي مسجد جي ڀرسان احاطي ۾ آڌي رات جو سندس جنازي نماز ٿي چڪي ۽ سندس منھن ڏيکارڻ جي ويلا آئي ته ھن جي مُک، ڳاڙھن چپن ۽ ڳٽن تي اھائي پُرسڪونيت سجيل ھئي جيڪا سندس شخصيت جي سڃاڻپ ھئي. سانگهڙ جهول روڊ تي اڇي مسيت واري اسٽاپ وٽان اتر طرف ڳوٺ گل حسن سريوال ڳوٺ منجھ ۶۹ سال اڳ ھڪ شخص جنم ورتو، سياسي ڪارڪن بڻيو، پڙھڻ سان گڏ ڪڙھيو، سموري سنڌ گهميو، سنڌي صحافت جو ھڪ وڏو نالو بڻجي سنڌ جي صحافتي دنيا جو وھائو تارو بڻجي الوپ ٿي ويو، جنھن جي زندگي لطيف جي ھن بيت جي تشريح بڻجي سنڌ جي پولارن ۾ ھميشه گونجار ڪندي رھندي.

“نڪو کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ،

اھي جن اھڃاڻ، آءُ نه جيئندي ان ري.”

***

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۲ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا