; سنڌي شخصيتون: حافظ خير محمد ”اوحدي“

14 July, 2024

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حسيب ناياب منگي



سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀري شڪارپور پنهنجي اوج ۽ اقبال، واپار ۽ تعليم، صحافت ۽ سياست جهڙن شعبن ۾ ايترو ته ناماچار حاصل ڪيو جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ايتري مشهور ٿي جو پرڏيهي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ سندس حسن وجمال ۽ اوج توڙي عروج، واپار توڙي تعليم جو تذڪرو پئي ڪيو. اها الله پاڪ جي خاص مَهر چئجي يا بزرگن جي دعائن يا تعليمات جو ثمر جو شڪارپور جي هر گهر ۾ علم جي روشنيءَ جا ڪرڻا منور ٿيا ۽ شعور شڪارپوري شعور حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. هر شخص پنهنجي پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف پنهنجون لياقتون نروار ڪرڻ لڳا پر شڪارپور جو نانءَ کي بلند ۽ بالا ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪندو رهيو. شاعر، اديب، صحافي، استاد، واپاري، سياستدان، سماجي اڳواڻ، ۽ ڪامورا ته ڇڏيو پر ڪاٺيءَ ۽ جاين جا ڪاريگر به پنهنجي حيثيت مڃرائي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. شڪارپور روشن دماغن وارن جو شهر آهي، وسيع ڪردار جا مالڪ ۽ علم جا ساگر شڪارپور جي خمير مٽيءَ جي پيدائش آهن. انهن منجهان ئي هڪ ناميارو ليکڪ، صحافي، شاعر ۽ سياستدان، پاڪستان جي قيام جو اکين ڏٺو شاهد، وسيع مطالعي ۽ نيڪ ڪردار جو مالڪ حافظ خير محمد ”اوحدي“ به هڪ ٿي گذريو آهي جيڪو سُخن کان سياست تائين ڪامياب شخص ليکيو ويو.


حافظ خير محمد ”اوحدي“ شڪارپور جي پيار ڀري ڌرتيءَ تي ۲۹ مارچ ۱۹۱۱ع (۱) تي محمد ابراهيم انصاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، والدين سندس تربيت ۾ ڪابه ڪَسر نه ڇڏي کيس عزت، احترام ۽ اخلاق جا سبق سيکاري ان لائق بڻايو ته زماني ۾ اٿي ويهي ته عزت ڀريو ڳالهائي ۽ سندس اخلاق جا چرچا عام ٿين، جڏهن ان لائق ٿيو ته ڪجهه پڙهي لکي سگهي ته کيس پوپٽي ٽنڊي جي پنجابي ڊکڻن واري مسجد ۾ قران شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتان قران شريف جو حافظ ٿي نڪتو اها رب پاڪ جي مٿس خاص رضا چئبي جو ڏهن ورهين جي مختصر عمر ۾ خدا جي ڪلام کي پنهنجي دل ۽ دماغ منجهه سمايائين. حافظ قادر بخش لاڙڪ لاڙڪاڻوي، مولانا عبدالباقي همايوني، مولانا محمد اسماعيل ڳڙهي ياسينوي ۽ مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي کان فارسي، عربي ۽ ٻيا علم حاصل ڪري ڪجهه وقت ” شڪارپور ۾ مولانا محمد هاشم دادو واري کان به علم جا ڪجهه سبق ورتائين جيڪو ميونسپل عربي وڪٽوريا جو هيد معلم هو “ (۲) ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري (۳) لکيو ته ” حافظ صاحب مولانا محمد صادق کڏي واري وٽان به ديني علوم حاصل ڪيا “حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي زندگيءَ جو خاص شوق طب جي تعليم حاصل ڪرڻ هو پر جڏهن مجبوريون رڪاوٽ بڻجي سندس آڏو اچي بيٺيس ته ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين.

تعليم دوران ئي سندس طبعيت شعروشاعريءَ ڏانهن مائل ٿي. اهڙي قسم جو اظهار پنهنجي زندگيءَ جا حالات لکندي هن طرح ٿو ڪري ” شعر چوڻ طالب علمي جي زماني ۾ شروع ڪيو هئم ۽ ان جي قواعد و ضوابط کان به باقاعده آگاهي حاصل ڪئي هئم. فارسيءَ ۾ گهڻو شعر چوندو هئس عربي ۽ اردو ۾ ٿورو، سنڌي ڏانهن طبعيت پوءِ مائل ٿي “ (۴)

حافظ صاحب جڏهن مولانا محمد ابراهيم وٽ شرح جامي پڙهندو هو تڏهن مولانا محمد ابراهيم ئي کيس علم و عروض جي تعليم به ڏني. سندس شاعري جو گهڻو حصو نعتيه ڪلام تي مشتمل آهي. ۱۹۶۸ع ۾ مولانا جاميءَ جي هڪ مصرع ” تنم فرسوده جان پاره زهجران يارسول الله “ ٻڌڻ کانپوءِ پنجاهه بندن تي هڪ فارسي قصيدو سرجيائين، تنهن مان نموني طور ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا

حبيب کبريا محبوب سبحان يا رسول الله

دليل مجتبيٰ برهان يزدان يارسول الله

ابوالقاسم محمد مصطفيٰ نور عليٰ نور

گرامي نام ذي اکرام ذي شبان يارسول الله

امام هردو قبله زيب مسجد زينت منبر

بناۓ دين حق مقصود ايمان يارسول الله

حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي عربي ۽ اردو شاعري جو نمونو ته ڪٿي ڇپيل نظر نه آيو آهي ۽ نه ئي سندس پوين وٽ محفوظ آهي ها مگر سنڌي ڪلام ڇپيل نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي حافظ صاحب جي شاعري متعلق لکي ٿو ته ” حافظ صاحب مرحوم جو غزل فن توڙي فڪر جي لحاظ کان نهايت معياري آهي، سندس غزل ۾ تغزل آهي، خيال جي قدرت آهي، انداز ِ بيان ۾ جدت ۽ انفراديت آهي. شعور جي پختگي ۽ نازڪ خيالي آهي، رواني، رنگيني ۽ دلڪشي آهي“ (۵) مرحوم انيس انصاري به سندس شاعري جي ساراه ڪندي لکيو هو ته ” سندس شاعري سپڪ سلوڻي ۽ سليس سوادي آهي وزنائتي به آهي ۽ وڙائتي به “ (۶) حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي نعتيه ڪلام ۾ هڪ سچو عاشق عرض ڪندي نظر اچي رهيو آهي ته يارسول الله صه! توهان جي خاص نظر جو طالب آهيان، مون مسڪين مٿان پنهنجي نظر ڪرم ڪندي منهنجي زندگيءَ کي سنواريو. حافظ صاحب جي نعتن ۾ آسان لفظن جي چونڊ ٿيل نّظر ايندي، حافظ مرحوم خوبصورت انداز سان پاڻ سڳورن صه جن جو شان بيان ڪيو آهي.

حافظ خير محمد ”اوحدي“ شاعر کان علاوه سٺو نثرنويس به هو، سيرت پاڪ صه، صحافت، سياست ۽ ٻين موضوعن تي مضمون لکيائين، گڏوگڏ نور شاهين جي شعري مجموعي ”رس م رسڻ گهوريو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب ”نعتيه شاعري“، فيض بخشاپوريءَ جي مجموعه ڪلام ۽ سيد سردار علي شاهه جي ”نعتيه ڪلام“ تي به طويل ۽ معياري مقدمه لکيائين، جيڪي سندس ذهانت، عروض جي ڄاڻ ۽ گهري مطالعي جي شاهدي کانسواءِ سندس نثر جي نفاست کي به ظاهر ڪن ٿا. شاعريءَ کان وڌيڪ سندس نثر کي ساراهيندي محترم اسحاق اثر لکيو ته ” اوحدي صاحب خوبصورت ترين نثر نويس هو ۽ سندس نثر جي اڳيان شاعري ڦڪي ۽ بي وقعت نظر ايندي “ (۷)

حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي قلم جو ڪمال اهو به هو ته هن ”ڪي ايم حافظ“ جي قلمي نالي سان روزانه مهراڻ اخبار جيڪا ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي ۾ مختلف شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود عروضي ڪچاين تي تنقيد جون پنجاهه قسطون لکي شايع ڪرايائين. جيڪي اگر ڪنهن وٽ محفوظ هجن ته انهن کي شايع ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي جنهن سان نون شاعرن کي سکن جو گهڻو موقعو ملندو.

حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي ڇپيل ڪتابن ۾ امام غزالي جو لکيل ڪتاب ”علم و عقل “ جو سنڌي ترجمو ۱۹۷۶ع ۾ سکر مان ڇپيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو لکيل ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جو اردو ترجمو جيڪو ۱۹۸۳ع ۾ اسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو جڏهن ته خداداد خان جي لکيل فارسي ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ جو سنڌي ترجمو ڪيائين جيڪو ۱۹۸۹ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ان کان علاوه ” سيرت اِبن هشام ۽ سڪينته الاوليا جو به ترجمو ڪيو هئائين“ (۸) جيڪي نه ته ڇپجي سگهيا نه پوين وٽ محفوظ رهيا، سندس ضايع ٿيل پورهئي تي جيترو افسوس ڪجي ٿورو آهي.

حافظ خير محمد ”اوحدي“ صحافت ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون، هو ۱۹۳۲ع ۾ هفتيوار الحنيف شڪارپور جو ايڊيٽر ٿيو، ان کان پوءِ هڪ اخبار روزانه اصلاح ڪراچي جي ايڊيٽري سنڀاليائين. ” جيڪب آباد ۾ ۱۹۳۶ع ۾ نعره تڪبير جي نالي سان هفتيوار اخبار جاري ڪيائين“ (۹)

جنوري ۱۹۴۵ع ۾ روزانه قرباني شڪارپور ۽ پوءِ روزانه ڪاروان حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿي رهيو، هن جيڪب آباد مان ٻه اخبارون ”انقلاب“ ۽ ”مسلم ليگ“ پڻ جاري ڪيون هيون جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. ان کان علاوه ”سنڌ زميندار سکر “، ”ايڪتا“، ۽ ”اطلاع“ جهڙين اخبارن جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. ”هفتيوار تنظيم شڪارپور“ سان وابستگي سندس حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ٿي.

علم ادب ۽صحافت کان علاوه سياست سان به سندس وابستگي رهي، حافظ خير محمد ”اوحدي“ کي ۱۹۴۶ع ڌاري سياست ۾ يوسف هارون آنڌو ۽ کيس اول سنڌ مسلم ليگ جو آفيس پبلسٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو بعد ۾ پاڻ مسلم ليگ جو آفيس سيڪريٽري ۽ اليڪشن سيڪريٽري مقرر ٿيو ۱۹۵۸ع تائين انهن عهدن تي رهندي نه صرف مسلم ليگ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيائين پر ڪيترن ئي سياستدانن سان سندس گهرا تعلقات به ٿي ويا. هو سياست ۽ سياستدانن جي ڪردارن کان باخبر هو سو وقت به وقت انهن متعلق لکندو رهندو هو. محترم فتاح ملڪ پنهنجي يادگيرين ۾ حافظ خير محمد ”اوحدي“ کي خراج پيش ڪيو آهي ۽ کيس ”پڪو مسلم ليگي، پاڪستان ۽ محمد علي جناح مٿان هر شيءِ قربان ڪندڙ“ (۱۰) ڪري لکيو آهي.

ايڪٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي هئي جنهن مان اقبال احمد، اعجاز احمد ۽ احسان احمد انصاري پٽ ڄاوا. حافظ صاحب علم عروض ۽ ابجد جو ماهر، اسلام، قرآن ۽ حديث جي علم سان سرشار، سنڌ جي صحافت توڙي سياست جي انسائيڪلوپيڊيا هو. جنهن به شهر ۾ رهيو اتي ٿيندڙ علمي ادبي ميڙن ۾ شرڪت ڪندو هو. حافظ خير محمد ”اوحدي“ ۲۸ جنوري ۱۹۸۲ع تي ستر ورهيه نون مهينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

هن هيٺ سندس اڻ ڇپيل ڪلام مان هڪ نعت پيش ڪجي ٿو.

(نعت رسول مقبول صه)

بيان ڪو ڇا ڪندو شان ِ محمد صه،

خــدا خـــود آ ثــــــنا خـــوان محمد صه.

سنــــدس عظمت تي برهان آهه قرآن،

منــــجهس مذڪور آ شان محمد صه.

مــــڪان ۽ لامــــــڪان ۾ ضوفگن آ،

شـــعاع ِ حسن تـــابـــــــــان محمد صه.

ٿـــيا سيراب اوســـــاٽيــــــل ازل جـــا،

وســـي هــــر دم خـــــمستان محمد صه.

مون کي بخشيائين پنهنجو درد الفت،

هي آهــــــي مون تي احسان محمد صه.

بـــلندي عرش جي تســـــليم ليـــڪــــن،

مٿــــــانــــهـــون آهــــه ايــــوان ِ محمد صه.

حوالا

(۱) سنڌي ميمڻ عبدالمجيد ؛ مقالو ”شڪارپور جا شاعر“ _ شڪارپور ماضي ۽ حال. مرتب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پبليڪيشن ڪاميٽي جشن شڪارپور، ڇاپو پهريون ۱۹۸۴ع ص _ ۲۴۶

(۲) انصاري انيس ؛ مضمون ” حافظ خير محمد ”اوحدي“ تحريڪ آزادي جو هڪ مخلص ڪارڪن “ ڪتاب انيس انصاري فن ۽ شخصيت ؛ ليکڪ اشتياق انصاري ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپو پهريون ۲۰۰۸ ص ۱۷۶

(۳) سومرو عبدالخالق راز ڊاڪٽر ؛ مضمون حافظ خير محمد ”اوحدي“، ٽه ماهي سنڌ مرتب انور جوکيو، سنڌ اسٽيڊي سينٽر حيدرآباد سيارو ۱۹۸۳ع ص ۲۶۶

(۴) اوحدي خير محمد حافظ ؛ ”زندگي جا حالات“ ڪتاب ماڻڪ موتي لال مرتب ايوب انصاري، محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد، ڇاپو پهريون ۱۹۷۷ع ص ۱۹

(۵) سنڌي ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ؛ مصنف ”گهڙيون گهاريم جن سين“ مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي. ڇاپو پهريون جنوري ۱۹۹۴ع ص ۹۲

(۶) ڏسو حوالو نمبر ۲، ص ۱۷۸

(۷) اثر اسحاق ؛ ”يادگيريون مرحوم حافظ خير محمد اوحدي“ ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جنوري ۱۹۸۸ع ص ۵۷

(۸) سنڌي ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ؛ مضمون ”شڪارپور جا نثرنويس“ ڪتاب _ شڪارپور صدين کان، مرتب ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، معاون _ ”نقش“ ناياب منگي، شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور، ڇاپو پهريون جنوري ۱۹۸۸ع ص ۱۴۷

(۹) اوحدي خير محمد حافظ؛ (مضمون) ”سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ “ ٽه ماهي سنڌ مرتب انور جوکيو، سنڌ اسٽيڊي سينٽر حيدرآباد سيارو ۱۹۸۳ع ص ۶۷

(۱۰) ملڪ فتاح ؛ مصنف ”جيڪي ياد پيوم“ نئين سنڌ اڪيدمي ڪراچي، ڇاپو پهريون ڊسمبر ۲۰۰۹ع ص ۱۴۹

 

(ماهوار راحت نئون ديرو جي مارچ ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا