; سنڌي شخصيتون: حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label حسيب ناياب منگي،. Show all posts

29 June, 2026

مولانا محمد صالح عاجز

مولانا محمد صالح عاجز

سنڌ جو هڪ قابل ۽ ڏاهو انسان

حسيب ناياب منگي



اڄ هڪ عظيم شخص کي ياد ڪندي خوشي به محسوس ٿي رهيو آهي ته ڏک واري ڪيفيت به طاري اٿم. جنهن کي نه صرف تاريخ سان دلچسپي هئي، پر علم ۽ ادب جي ڄاڻ به هئي. هو صحافت ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. سياست ۾ به خاص دلچسپي رکندڙ هو. پنهنجي دور جي وڏن وڏن عالمن، اديبن، صحافين ۽ سياستدانن جي صحبت کيس نصيب ٿي هئي، پر افسوس جو مفلسي هن جي آڏو ڦرندي رهي، هو جنهن مقام جو ماڻهو هو تيڏيون ئي سختيون برداشت ڪندو رھيو. محمد صالح “عاجز” جو نالو اسان جي علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياست ۾ دلچسپي رکندڙن ساٿين جي لاءِ نئون نه هوندو. مون کي پڪ آهي ته قدر شناس ماڻهو اهو ڄاڻندا هوندا ته هو نه صرف علم ۽ ادب جو ڄاڻو هو، پر خوددار ۽ سچو انسان به هو. پنهنجي اصولن تي قائم رهندي هن پنهنجي ڄمار گذاري هئي.

14 July, 2024

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حسيب ناياب منگي



سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀري شڪارپور پنهنجي اوج ۽ اقبال، واپار ۽ تعليم، صحافت ۽ سياست جهڙن شعبن ۾ ايترو ته ناماچار حاصل ڪيو جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ايتري مشهور ٿي جو پرڏيهي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ سندس حسن وجمال ۽ اوج توڙي عروج، واپار توڙي تعليم جو تذڪرو پئي ڪيو. اها الله پاڪ جي خاص مَهر چئجي يا بزرگن جي دعائن يا تعليمات جو ثمر جو شڪارپور جي هر گهر ۾ علم جي روشنيءَ جا ڪرڻا منور ٿيا ۽ شعور شڪارپوري شعور حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. هر شخص پنهنجي پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف پنهنجون لياقتون نروار ڪرڻ لڳا پر شڪارپور جو نانءَ کي بلند ۽ بالا ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪندو رهيو. شاعر، اديب، صحافي، استاد، واپاري، سياستدان، سماجي اڳواڻ، ۽ ڪامورا ته ڇڏيو پر ڪاٺيءَ ۽ جاين جا ڪاريگر به پنهنجي حيثيت مڃرائي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. شڪارپور روشن دماغن وارن جو شهر آهي، وسيع ڪردار جا مالڪ ۽ علم جا ساگر شڪارپور جي خمير مٽيءَ جي پيدائش آهن. انهن منجهان ئي هڪ ناميارو ليکڪ، صحافي، شاعر ۽ سياستدان، پاڪستان جي قيام جو اکين ڏٺو شاهد، وسيع مطالعي ۽ نيڪ ڪردار جو مالڪ حافظ خير محمد ”اوحدي“ به هڪ ٿي گذريو آهي جيڪو سُخن کان سياست تائين ڪامياب شخص ليکيو ويو.