; سنڌي شخصيتون: حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

14 July, 2024

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

(شاعر ۽ اديب - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۴۰)

ساجد رند



حيدر بخش ’عزيز ‘گوپانگ ۱۴ جولاءِ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.

پاڻ پرائمري کان ڪـاليـج تائيـن سانگهڙ ۾ پڙھي ۱۹۸۶ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾) ســنـڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان ڪيائين.


پيشي جي لحاظ کان استاد طور ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ، پبلڪ اسڪول ميرپورخاص وغيره ۾ فرض سرانجام ڏنا، آغا خان اسڪول، سلطان آباد ۽ ڪائونٽي ڪئمبرج گرلس ڪاليج جو پرنسپال به رهيو ،هن وقت فاران آبادگار اسڪول، شيخ ڀرڪئي ۾ پرنسپال طور خدمتون ادا ڪري رهيو آهي.

عزيز گوپانگ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ به رهيو، جڏهن ته سرڪاري ليڪچررشپ ڇڏي علمي ادبي ڪم ۾ مشغول رهيو.

’عزيز ‘گوپانگ اسڪول جي زماني کان ئي شاعري ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ’گلن جهڙا ٻارڙا ‘ ۽ ’گل ڦل ‘کان علاوه مختلف اخباري صفحن ۾ شايع ٿيندا رهيا، جڏهن تہ ۱۹۸۰ع کان پوءِ هن ’مهراڻ ‘۽ ’نئين زندگيءَ ‘۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن بعد روزاني ”ڪاوش“ ۽ ”عبرت “ اخبار ۾ باقاعدگيءَ سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا.

عزيز گوپانگ ۱۹۹۶ع ۾ روزاني ”عبرت “ جي ادبي مخزن ’بختاور ‘ جو ايڊيٽر رهيو.

 حيدر بخش ’عزيز ‘گوپانگ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

(۱)Sindhica Concise English – Sindhi Dictionary,

(۲)Sindhica Pictorial Dictionary,

(۳) سنڌي- سنڌي-انگريزي لغت

(۴) وصال جا آخري ڏينهن (شاعري)

(۵) لشڪر دشمنان ۽ اڪيلي بينظير (چونڊ ڪالم)

(۶) عمر اوٺي اباڻن جا (سوانحي خاڪا)


 

عزيز گوپانگ

اسحاق سميجو

عزيز گوپانگ کي ڏسي مونکي لڳندو آهي ته هيءُ هڪ اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو پراڻن زمانن ۾ پيدا ٿيڻ کان رهجي ويو آهي... ۽ نئين زماني جي لباس ۾ پورو نه ايندي به، هو ان کي ڪڏهن ٻانهن کان ته ڪڏهن ٽنگن کان شاعريءَ جي قئنچيء سان ڪتري، ابتو سبتو پائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. مون جڏهن هيٺيون شعر لکيو هو، ته مونکي ارجن حاسد صاحب خط لکيو هو:

هاڻ پنھنجا پراڻا جو سپنا ڏسان، کل ۾ ٿو پوان،

ڄڻ وڏو ٻار پائي گهمي ٿو لٽا، ڪنھن ننڍي ٻار جا.

پر عزيز جي معاملي ۾ اهو قصو ابتڙ آهي. هن جي شاعري هن شعر وانگر آهي، جنهن آڏو زمانو ڪنھن ننڍي ٻار جي ڪپڙن وانگي آهي، هن جي طبيعت وري اهڙي ننڍي ٻار وانگي آهي، جنھن کي زماني جو لباس وڏو ٿي پيو آهي.

اهو به اتفاق ئي چئجي، جو عزيز سان منھنجي دوستي به هڪ شعر جي ڪري ٿي. نوي جي ڏهاڪي ۾ جامي ۽ عزيز عبرت پاران هڪ ننڍي سائيز جو خوبصورت پرچو "بختاور" ڪڍندا هيا. مون پرڀو وفا کان متاثر ٿي پنجڪڙا لکڻ شروع ڪيا هيا، جيڪي پهريون ڀيرو بختاور ۾ عزيز ئي ڇپيا. انهن ۾ هڪ پنجڪڙو هيو:

تو ته شادي ڪري ڇڏي ٻئي سان

سيء ماڻيئي نئين پيا سان گڏ...

اهو پنجڪڙو لکڻ عيوض عزيز مونکي گاڏي کاتي ۾ چائنيز هوٽل جي ڀر ۾ هڪ پٺاڻ جي هوٽل تي زبردست چانهه پياري هئي، ۽ اهو ئي ڏينھن اسان جي دوستيء جي سالگره جو ڏينھن به سڏي سگهجي ٿو.

عزيز جي خوبي ۽ خرابي ساڳي آهي، يعني بي پرواهيء ۾ ايوريسٽ.  توڙي جو هن کي لاپرواهه نٿو چئي سگهجي، جو اوهان تي ڪو ڏکيو وقت ايندو ته هن جي ننڊ ڦٽل هوندي. پر لڳندو آهي ته هن جي بي پرواهي ۽ لاپرواهي پاڻ ۾ رلي ملي، هڪ نئين حالت کي جنم ڏين ٿيون، جنھن جو نالو عزيز گوپانگ ئي رکڻ جڳائي. قابلن کان وڌيڪ قابل پر نوڪري نه ڪندو. تمام ڀلو شاعر، پر بحر وزن کي آڱوٺو ئي نه هڻندو. احساسن جو طوفان کڻي هلندو، پر عشق کلي نه ڪندو. (لڪي ڪندو ته خبر ئي نه پوندي.) مونکي ته عشق جي معاملي ۾ به هو پراڻن زمانن جو ماڻهو ئي لڳندو آهي، پر ان ۾ به مجنون سان ئي برميچي سگهجي ٿو، جو هي پنھنجي سست طبيعت سبب فقط رڻ ۾ بيهي بيهي، سڪي ڪاٺ ٿي وڃڻ جو ڪارنامو ئي ڪري سگهي ٿو، فرهاد وانگر نهر جي کوٽائي کانئس شايد ئي پڄي... ۽ محبت ۾ ونگار ته ٿيندي به ناهي.

خير، عزيز جو اڄ جنم ڏينهن آهي، سو کيس دل سان واڌايون.

 

(اسحاق سميجو جي ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)


 

عزيز گوپانگ

ڊاڪٽر فياض لطيف

عزيز نه رڳو پنهنجي مزاج ۽ سڀاء ۾ مڪمل شاعر ۽ نامڪمل/بي چين تخليقي پرش ڀاسندو آهي، پر هو پنهنجي تحرير ۽ تقرير ۾ به نج نبار ڪوتاڪار ئي محسوس ٿيندو آهي. هن جي نثر ۾ شاعري جي نرتڪي رقص ڪندي آهي ۽ شاعري ۾ نثر جون سموريون نزاڪتون سميٽجي، هن جي

ڪوتائن ۾ سحر پيدا ڪنديون آهن.

آءُ هن جو گهٽ، (هن جا ته انيڪ مشتاق آهن) هن جي نثر ۽ نظم جو مڪمل مشتاق آهيان، ڇو ته هو قلم کان وڌيڪ قلب ساڻ لکندو آهي، انهيءَ ڪري هن جون تحريرون دماغ کان وڌيڪ دل وارن کي رلائينديون به آهن ته، آٿت به آڇينديون آهن.

عزيز گوپانگ سان ذاتي شناسائي کان وڌيڪ ادبي ۽ تخليقي تعلقدار پراڻي آهي، انهيءَ ڪري هو مون کي سدائين عزيز رهيو آهي. هڪ ئي شهر ۾ رهندي، هن سان توڙي جو ملاقاتون گهٽ ۽ گهڻو ڪري اتفاقي ئي ٿينديون آهن، پر سندس تحريرن ۽ تخليقن سان اتفاقي نه، پر سدائين هڪ نه ٻي ڏينهن اڪنڊ ۽ اڪير وارو مکا ميلو ٿيندو رهندو آهي، پوء اهو ڪڏهن فيس بڪ ذريعي ته ڪڏهن ڪڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي توسط سان، پر ساڻس تعلق جي اها تند هميشه جڙيل ئي رهي آهي.

عزيز جي تخليقن ۾ جادو آهي يا جوت، اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر آءُ ذاتي طور تي پوري وثوق سان چئي سگهان ٿو ته، هن جي تخليقن کي پڙهي ماڻهو پاڻ کي ائين تازو توانو محسوس ڪري ٿو، جيئن ڪنهن صبح جي پھر ۾ سج جي ڪرڻن کي پسي، ڪنهن باغيچي ۾ ٽڙيل گل يا سڳنڌ سان معطر واء جي جهوٽي کي ماڻي، ماڻهوءَ جو من باغ بهار ٿي پوندو آهي.

اڄ هن نرالي ڪوي ۽ قربائتي دوست جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون دلي واڌايون ڏجن ٿيون. پيارا عزيز! شال سدا سرهو ۽ سلامت هجين.

 

(ڊاڪٽر فياض لطيف جي ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)


عزيز گوپانگ

جنم ڏينھن جون واڌايون.

علي آڪاش

اوهين ڪنھن جبل سان ملندا آهيو، انھيءَ جي اڏولتائي حسن، پاڻ ۾ ڄَمايل سختيءَ ۽ اسٿر سگهه کان متاثر ٿيندا آهيو. اوهين نديءَ سان ملندا آهيو، انھيءَ جي وهڪ ۽ ترنگ مان متاثر ٿيندا آهيو. اوهين ڪڏهن به اِهو ناهيو سوچيندا ته جبل جِي ۽ نديءَ جي ڄمار ڪيتري آهي. عزيز سان به اوهين تئين ئي ملندا آهيو. پر هُن جي ڄمار جو ڪاٿو ممڪن آهي، جيڪڏهن اوهين اُهي سڀ گهڙيون ڳڻي سگهو، جيڪي هُن شاعريءَ ۽ محبوبائن سان گڏ گذاريون آهن؛ يا تن تي سوچيندي سڦل ڪيون آهن.

ڳڻپ تان ياد آيو ته اوهين هُن کي آڱرين تي ڳڻنيدا ته اشهد آڱر تي بيهجي ويندا؛ ۽ آڱوٺي سان باقي ٽي آڱريون ڀِچائي، اشهد آڱر سان هُن ڏانهن اشاري سان اعلان ڪندا ته هُو هڪڙو ئي آهي. اوهان هن سان ڀريءَ محفل ۾ ملندا، تڏهن به هُو اوهان کي هڪڙو ئي ملندو. اوهان هُن سان اڪيلا ملندا ته پاڻ ُوساري ويھندا.

راڳ ۾ سُرن جو ساگر آهي، پر اُهو، مجموعي طرح، راڳ ئي سڏبو آهي. شاعريءَ ۾ انيڪ هيئتون ۽ “ڪائونٽ لَيس” خيال آهن، پر اُها رڳو ئي شاعري ئي سڏبي آهي. اِئين هُو به ڀلين  گهڻ پاسائون لڳندو هجي، پر هن جي سڀني پاسن کي سھيڙي هڪ جائتو ڪبو ته لکبو: “عزيز گوپانگ”؛ ۽ جيڪو اوهان جي سھيڙ کان رهجي ويو، سو هوندو: ”حيدر”، جنهن کي رڳو اُها ماءُ ئي سڃاڻي، جنھن هن کي ڄڻيو.

سائين محترم محمد صالح گوپانگ جي هٿ ۾ سدائين رومال هوندو هو. تنهن جو مطلب هو، هُن مٿان ڪيئي ذميواريون آهن. پر عزيز کي ڪنھن واٽ تان ايندي يا ويندي ڏسبو ته هُو هٿين خالي ڏسبو. تنھن جو مطلب آهي، هُن پنهنجيون سڀ ذميواريون اُڪلائي ڇڏيون آهن.

اکين تي عينڪ لڳڻ کان پوءِ ماڻهو پنھنجي اندر ۾ پري پري تائين ڏسي سگهندو آهي. عزيز به جڏهن کان عينڪ پائڻ شروع ڪئي آهي، تڏهن کان هُن جو نثرُ، پنھنجي تخليقي ورتاءَ ۽ سڀاءَ ۾ ، هڪ “هيپننگ” بڻجي پيو آهي. “هيپننگ” جيڪا پاڻ ڳڻائيندي يا مڃيندي ناهي، پر پنهنجي دؤر لاءِ “اِن اَويٽبل” بڻجي پوندي آهي.

اڄ عزيز گوپانگ جو جنم ڏهاڙو آهي، آئون کيس دل جي گھراين سان واڌايون پيش ٿو ڪريان.


 

عزيز گوپانگ

نظام الدين ڪاڪا

عزيز گوپانگ Aziz Gopang الائي ڇو مونکي ويچارو ۽ رحم جوڳو لڳندو آهي. تمام ٿور ڳالهائو وڌيڪ لکاري ۽ بهترين شاعر ۽ بهترين نثرنويس ۽ ماٺيڻو ماڻهو ڪتابن جو پڙهائو سندس خاموشي به ڳالهائيندي آهي. سندس شخصيت ۾ ڪشش ضرور آهي آخر ڪا ته ڳالهه هئي جو مون جهڙي انا پرست ماڻهوءَ هوائن جي شهر ۾ هن کي ڏٺو ته پنهنجي گاڏيءَ کي روڪي آواز ڏئي تعارف ڪرائي هن سان تصوير به ڪڍائي سندس ننڍو ڀاءُ منهنجو  ڪلاس ميٽ ۽ وڏو ڀاءُ آفيسر رهيا آهن پر آئون وري الائي ڇو پسند  عزيز کي ڪندو آهيان. هڪ اهڙو شخص جنهن کي گُوندي ۾ رکي بٽڻ بند ڪري ڇڏجي کي مون ڪنڊيارو کان وٺي سانگهڙ تائين ۽ سانگهڙ کان حيدرآباد تائين عزيز کي پڙهيو آهي پر ٻڌو  تمام گهٽ آهي ڇو ته هن جي ماٺ به ڳالهائيندي آهي مُرڪندي آهي ۽ خاموشي رحم جوڳي هوندي آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن تي کيس کي واڌايون ڏيندي سرهائي محسوس ڪريان ٿو.

نظام ڪاڪا

سادگيء ۾ سهڻو صفا ٺاٺ جهڙو تون،

خاموشيءَ ۾ مٺڙا وري ماٺ جهڙو تون.

گلابن جي وچ ۾ ماڪ ۾ ڀنل ۽ پُسيل

هالا جي هندورن جي ڪاٺ جهڙو تون.

لکڻيون تنهنجون سانڍڻ جهڙيون، سمجهڻ جهڙيون

پيٽاري جي پڙهائيءَ جهڙو ٻاٽ جهڙو تون.

گوپانگن جو نڪ تون آهين سيوهڻ جو لڪُ تون آهين،

 سنڌ جي ڳل تي ليڪي جهڙو گاٺ جهڙو تون.

No comments:

راءِ ڏيندا