حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ
(شاعر ۽ اديب - جنم ڏينهن جي
نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۴۰)
ساجد رند
حيدر بخش ’عزيز ‘گوپانگ ۱۴ جولاءِ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي
ڪنڊياري ۾ محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پاڻ پرائمري کان ڪـاليـج تائيـن
سانگهڙ ۾ پڙھي ۱۹۸۶ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾) ســنـڌ
يـونيـورسـٽيءَ مـان ڪيائين.