; سنڌي شخصيتون: غلام نبي مغل

15 July, 2024

غلام نبي مغل

غلام نبي مغل

اسان گل ورھايا – ۱۲ مارچ ۲۰۲۴. سنڌ جي ليجنڊ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار کي جيون جي اسي ورھيي جنم ڏينھن مناسبت سان ڀيٽا۔

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي ۽ ناول جي صنعف ۾ سائين غلام نبي مغل جو ڳاڻيٽو ھڪ منفرد ڊڪشن رکندڙ سينئير ۽ سگھاري تخليقڪار طور تي ٿئي ٿو جنھن روايتي اسلوب ۽ انداز کان ھٽي سنڌي ڪھاڻيء ۽ ناول نگاري ۾ نوان موضوع ۽ ڪردار ڏنا آھن. غلام نبي مغل جو جنم ۱۲۔مارچ ۱۹۴۴ حيدر آباد شھر ۾ ٿيو. بنيادي پرائمري تعليم کان يونيورسٽي تائين حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان حاصل ڪئي جڏھن ته عملي زندگي جي شروعات مختلف کاتن کان ڪندي رائيس ملز ۾ آڊيٽر بطور ڀرٿي ٿيو جتان خوراڪ کاتي ``Food Deptt`` ۾ پھريان ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بڻيو ۽ سنڌجي مختلف ضلعن ۾ رھندي ۽ ترقيون ماڻيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کان ڊائريڪٽر فوڊ جي اعلي انتظامي عھدي تي پھچي ھن سن ۲۰۰۴ ۾ نوڪري تان رٽائيرمينٽ ڪئي آھي۔


سائين غلام نبي مغل جي ادبي حوالي سان بنيادي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار واري آھي. ادب ۾ ھن لکڻ جي شروعات اردو ٻولي ۾ ڪھاڻين سان ڪئي ۽ فقط چوڏھن سالن جي عمر ۾ پھرين ڪھاڻي لکي ۽ پو۽ سندس ڪھاڻيون ان دٶر جي مشھور اردو ادبي مخزنن ``نيا راہي ۽ ``ادب لطيف۔لاہور``م باقاعدگي سان شايع ٿيڻ لڳيون جنھن بعد ھن سنڌ جي مھان ڪھاڻيڪار جمال ابڙو جي ڪلاسڪ ڪھاڻي ``بدمعاش``پڙھي کائنس ايترو متاثر ٿيو جو اردو کي ڇڏي سنڌي ۾ پنھنجي پھرين ڪھاڻي ``تر``جي عنوان سان لکي انھي وقت جي مشھور سنڌي رسالي ٽه ماھي ` روحر ھاڻ`کي ڏياري موڪلي جنھن جو ايڊيٽر نامور ڪھاڻيڪار مرحوم حميد سنڌي ھيو جيڪا سال ۱۹۶۱ جي شماري ۾ جڏھن شايع ٿي ته سنڌ جي ادبي منظر جي ھر پاسي مغل صاحب جي ھاڪ ٿي وئي. غلام نبي مغل سان ادبي دوستي کان اڳ صداحيات ليکڪ مرحوم طارق اشرف سائين جو ذاتي جگري دوست ھيو جنھن مغل صاحب سان ملي پنھنجو ذاتي نجي اشاعتي ادارو ``ادب نو ``جي نالي سان کوليو اڳتي ھلي طارق سن ۱۹۷۰ ڌارا سنڌي ادب کي تاريخي موڙ ڏيندڙ ماھوار ادبي رسالي `سھڻي` جي جڏھن شروعات ڪئي ته مغل صاحب سندس ٻانه ٻيلي بڻجي ساڻ ٿي بيٺو جنھن ۾ سائين مغل جي ڪھاڻين علاوه``يڪ نعرائي حيدري ``عنوان سانسنڌ جي سماجي سياسي ۽ ادبي حالتن تي مستل ڪالم به شايع ٿيندو رھيو.

سائين غلام نبي مغل جون ڪھاڻيون مھڙ ۾ روح رھاڻ. پو۽ مھراڻ ۽۔سھڻي. انڊيا جي رسالي ماھوار ڪونج سان گڏ ڪيترن ئي رسالن۾ شايع ٿيديون رھيون۔ھن کي ھي غيرمعمولي اعزاز به ادبي سفر جي شروعات ۾ حاصل رھيو ته ھن جي ٽه ماھي مھراڻ جي سن ۱۹۶۲ واري شماري ۾ ڇپيل ڪھاڻي ``شيشي جو گھر`` کي انگريزي ٻوليء ۾ حشو ڪولراماڻي جھڙي وڏي اديب پنھنجي چونڊ سنڏي ڪھاڻين واري انگريزي ۾ ڪيل ترجمي ڪتاب (Sindh Shot Storie) ان وقت جي ھند سنڌ جي چوٽي و ارن ليکڪن جي ڪھاڻين سان گڏ مغل صاحب جي ڪھاڻي به شامل ڪئي ۽ پو۽اھا ساڳي ڪھاڻي وري ڊرامائي تشڪيل سان ٽي ويء تي ٻه ڀيرا نشر ڪئي وئي. ڪھاڻين بعد مغل صاحب سھڻي رسالي علاوه اخبارن منجه ڪالم نگاري به ڪئي آھي جئين روزانه ھلال پاڪستان ۾ `اڇا اکر` ۽ نامور ليکڪ يوسف شاھين جي اخبار روزانه برسات ۾ وري `ڪارا اکر ` عنوانن سان جيڪي انتھائي غير معمولي نوعيت ۽ اھميت جوڳا ھوندا ھيا. ائين مغل صاحب تاثراتي مضمون. ادبي خاڪا. ۽ عالمي ادب مان ڪجه ترجما به ڪيا آھن.

سائين غلام نبي مغل جي لکيل ۽ شايع ٿيل مڪمل تخليقي ۽ ترجمي ڪتابن جو وچور ھن ريت آھي۔

۰۱. ڪھاڻي ڪتاب ``نئون شھر ``۔سال ۱۹۶۴. ۽ ۱۹۹۳

۲۔ ترجمو ناول ``عورت پيار ``سال ۱۹۶۵ع۔ مشھور نال نگار ميري لوئر جي ناول (women and the puppet) جو سنڌي ترجمو۔ (ھيل تائين ٽي ايڊيشن ڇپيل.

۳۔ ڪھاڻي ڪتاب ``رات جا نيڻ` سال ۱۹۶۸۔

۴۔ ڪھاڻي ڪتاب ``رات منھنجي روح ۾ ۔ سال ۱۹۷۹۔

۵۔ ڪھاڻ ڪتاب ``سٺ ستر اسي ``۔ سال ۱۹۸۹ (پنھنجين لکيل ٽيھن سالن جي ڪھاڻين مان چونڊ)

۶۔ پھريون تخليقي ناول ``اوڙاه سال ۱۹۹۴. نيو فيلڊس پبليڪشن حيدآباد/ ٻيو ڇاپو سال ۱۹۹۶. ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد

۷۔ ناول ``دونھاٽيل اتيون ۽ رولاڪ ``۔ سال ۱۹۹۶. نيو پبليڪيشن حيدرآباد۔

۸۔ ترجمو ناول ``قيدي`` ليکڪ ۽ دانشور فخر زمان جي پنجابي ناول ``بنديوان`` جو سنڌي ترجمو.

نوٽ: ھي ناول شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قيد ڏينھن تي قيد ڪھاڻي طور لکيل آھي جيڪو پھريان ماھوار سھڻي رسالي ۾ قسط وار ڇپيو ۽ پو۽ ڪتابي صورت ۾ آيو۔

۹۔ ناول ``مون کي ساه کڻڻ ڏيو ``سال ۲۰۰۴۔

نوٽ۔ ھي ناول سنڌ ۾ عورت کي ڪارو ڪاري ڪرڻ جھڙي ڌي رسم خلاف ھڪ اھم موضوعاتي نال آھي. ھن ناول بعد برک ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار محمد انور بلوچ به ``باک ڦٽيء جو سوجھرو ` نالي سان سال ۲۰۰۴ ۾ ناول لکيو آھي۔

۱۰۔ ناول ``وطن ۽ واويلا `` سال ۲۰۰۸۔

۱۱۔ ناول ``ھمئه منصور ھزار. ۔``سال ۲۰۱۳۔ صادقين پبليڪشن حيدرآباد.

سائين غلام نبي مغل صاحب کي مليل اھم اعزاز ۽ ايوارڊ

۱۔ ڪھاڻ ڪتاب ``رات منھنجي وح م`` تي انسٽي ٽيوٽ آف سنڌ الاجي پاران سال ۱۹۷۹ جو بھترين ڪھاڻي ڪتاب جو ادبي ايوارڊ.

۲۔ ناول `دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ `تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سال ۲۰۱۷ جو بھتين ناول جو ادبي ايوارڊ۔۔۔

مٿي ذڪر ڪيل ايوارڊن علاوه سائين مغل صاحب کي سنڌ ۽ ھنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بي شمار اعزاز، سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ايورڊ مليل آھن. پاڻ ھيل تائين اڻ ڳڻيل ادبي ڪانفرنسن۔پروگرامن ۽ مھورتي تقريبن جي صدارتون ڪري چڪا آھن جن مان سال ۱۹۹۲ ۾ سچل ادبي مرڪز پاران لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ ھڪ يادگار ڪھاڻي ڪانفرنس`` جي صدارت سائين غلام نبي مغل صاحب ڪئي ھئي ۽ مون کي سندس موجودگي ۾ پنجن ڪھاڻيڪارن سان گڏ پنھنجي ڪھاڻي `ھڪ ڪلارڪ جي زندگي`پڙھڻ جو اعزار حاصل ٿيو ھيون. اڄ به ياد اٿم ته سائين پنجي صدارتي خطاب ۾ مون جي ڪھاڻي کي پسند ڪندي ڪوڊ پڻ ڪيو ھو۔

ادبي تارخ ۾ سن ۱۹۶۰ کان ھيل تائين جيڪي به غير معمولي مڃتا ماڻيندڙ ليکڪ رھيا آھن سائين غل نبي مغل تن مان ھڪ ڳڻجي ٿو جنھن ڪھاڻين ۾ وڏي جرئت مندي ۽ دليري سان کلي ڪري فرد جي داخلي ۽ خارجي جنسي جبلتن خواھشن ۽ احساسن تي لکيو آھي جنھن سبب مٿس `فحش ادب سرجڻ جا الزم تراشيون به ڪيون ويون آھن پر اھي اڻڄاڻ انھي کان صدائين بي خبر رھيا آھن ته پنھنجي فڪري ڌارائن ۾ سائين مغل صاحب ھڪ ترقي پسند سوچ رکندڙ روشن خيال ۽ آدرشي ليکڪ رھندو آيو آھي جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس شھري طبقي جي ترجماني سان گڏ نج ڳوٺاڻي فطري ماحول کي بي پيش ڪيو آھي ته وري سنڌ جي سياسي تھذيبي ۽ سماجي تاريخي حالتن کان وڻي سنڌو درياء جي پاڻي جي کوٽ بقا ۽ ماڳ مڪانن جي مالڪي جھڙن اھم اشوز تي به لکي ھڪ سنڌ پرست سنڌ وطن پرست ۽ جينئيس ليکڪ طور جيڪا مھانتا ماڻي آھي سا گھٽ اديبن ۽ ليکڪن کي پلئه پوندي آھي.

اڄ ۱۲ مارچ جو ڏينھن آھي سائين غلام نبي مغل پنھنجي جيون جي اسي ورھيه جي بھار ماڻي رھيو آھي جنھن لا۽ ھي دلي دعا ڪجي ٿي ته ھو صدائين ائين جڳ جڳ جئيندو رھي ۽ سندس جنم ڏھاڙي تي اسين سڀ محبتن سان ٽمٽار گلابن ۽ رابيلن جي مٿس ورکا ڪندا رھون. آمين۔


 

غلام نبي مغل

ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط ۲۳۷)

ساجد رند

غلام نبي مغل ۱۲ مارچ ۱۹۴۴ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.

شروعاتي تعليم کانپوءِ مئٽرڪ نور محمد ھاء اسڪول حيدرآباد، بي اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، ايل ايل بي لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين، جنهن بعد سرڪاري نوڪري ۾ گھڙي، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جي عهدي تي پهتو.

پاڻ لکڻ جي شروعات ۱۴ سالن جي عمر ۾ اردو ڪھاڻيون لکڻ سان ڪيائين، ان وقت سندس ڪھاڻيون اردو مخزن ”ادب لطيف“ ۽ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي ”نيا راھي“ ۾ ڇپبيون ھيون.

۱۹۶۰ع ڌاري جمال ابڙي جي ڪھاڻي ”بدمعاش“ پڙھڻ کانپوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائين، سنڌي ۾ پھرين ڪھاڻي ”تر“ لکيائين، جيڪا حميد سنڌي جي رسالي ”روح رھاڻ“ ۾ ڇپي، سندس ٻي ڪهاڻي ”شيشي جو گھر“ مھراڻ ۱۹۶۲ع جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپي، جڏهن تہ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”نئون شھر“ ۱۹۶۴ع ۾ ويھن سالن جي عمر ۾ شايع ٿيو.

غلام نبي مغل جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن.

۱. عورت ۽ پيار (ناول ـ ترجمو)

۲. قيدي (ناول)

۳. مون کي ساھ کڻڻ ڏيو (ناول)

۴. اوڙاھ (ناول)

۵. دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ (ناول)

۶. وطن واويلا (ناول)

۷. رات جا نيڻ (ڪھاڻيون)

۸. رات منھنجي روح ۾ (ڪھاڻيون)

۹. سٺ، ستر، اسي (ڪھاڻيون)

۱۰. عورت ۽ پيار (ڪھاڻيون)

۱۱. نئون شھر (ڪھاڻيون)


 

غلام مغل جا ناول

تنقيدي ۽ تحقيقي اپٽار - موضوع ۽ مقصديت

هوش محمد ڀٽي

انگريزيءَ ۾ جڏهن چيو ويو ته Now, Novel is dead. تڏهن اهو بانور ڪرائڻ لاءِ چيو ويو “جيمس جوائس جي “يوليسيس کان بهتر ناول هاڻي ڪيئن ٿو اچي سگهي؟” پر مه، ائين نه هو نه وري آهي. ناول ته اڃا به جيئرو آهي. ان جملي کي ڄاڻ اچي هڪ صدي پوري ٿي آهي.

سراج جي ٻيئن ورسي جي تقريب کي غلام نبي مغل خطاب ڪندي چيو ته “ سراج مون کي چيو هو ته “تو جيڪو اوڙاهه ناول لکيو آهي، ڪاش! اهو مان لکان ها.” غلام مغل چيو ته “مون کي فخر آهي ته سراج ائين چيو هو.

محمد عثمان ڏيپلائي کان پوءِ سنڌي ۾ تاريخي ناول تي سراج ۽ غلام نبي مغل ڪم ڪيو آهي. سراج جو “پڙاڏو سوئي سڏ” ارغونن ۽ ترخانن جي دور جي تاريخي احاطي تي مشتمل آهي. سراج جي ناولن ۾ رومانس ڪجهه گهڻو ئي آهي. ان ئي موضوع تي غلام مغل جو اوڙاهه ناول به آهي. جيڪو غلام نبي مغل جو Debut ناول آهي. اوڙاهه ۾ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن کان ويندي اڄ ۲۰ سال اڳ جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي طائرانه نظر ڪئي وئي آهي.

اوڙاهه ناول ۾ حيدرآباد جون گهٽيون، پاڙا، روڊ رستا ۽ ان جي تاريخي بيهڪ جون ڳالهيون آهن. غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي حيدرآباد شهر کي پنهنجي تخليقن ۾ دلي طور موضوع بنايو آهي. مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “هينئڙو ڪچي تند جيان” حيدرآباد جي اجڙي ويل خوبصورت ۽ قدرتي حسن جي ڪهاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي جي لاءِ حيدرآباد هڪ ڪيفيت بڻجي وئي آهي.

غلام نبي مغل سنڌي ناول نگاريءَ جو اهو مسافر آهي. جنهن جي ادبي ڪيريئر تي ستن ناولن جي فهرست آهي. جن منجهه پنج اصلوڪا آهن، باقي ٻه ناول ترجمو ڪيا اٿس. هڪ فرنچ ناول ۽ ٻيو پنجابي “بنديوان” نالي سان ناول آهن. غلام نبي مغل جي ڪهاڻي جي ميدان ۾ به وڏي حصيداري آهي. سندس چار ڪهاڻي مجموعا اچي چڪا آهن. ۽ هو انهن تي ايوارڊ به ماڻي چڪو آهي.

غلام نبي مغل جي پهريتي ناول مڃتا ماڻي. سندس ناول جي موضوع جي سوشو پوليٽيڪل تاريخ ۽ وچولي طبقي جو نه اسرڻ آهي. پوري ناول ۾ سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ ۽ غلط مفروضن کي چٽيو ويو آهي.

غلام نبي مغل ذاتي طور ڪالمن ۽ ڪهاڻين کي گهٽ اهميت ڏيندو، ان ڳالهه ساڻس ملي ڪري سڌ پئي ۽ ان ڳالهه مون کي گهڻو متاثر به ڪيو. ناول جي شعبي ڏانهن غلام نبي مغل جي سنجيدگي هڪ خوشي ڏيندڙ احساس آهي.

سنڌي ۾ ائين ٿئي ٿو ته نثر پڙهندڙ جو وڏو ڪال آهي ۽ ٻيو تخليق ڪار جيڪو لکي ٿو اهو ڇپرائي به پاڻ ٿو. ٻاهرين دنيا ۾ ته ناول جا ڏهه ڏهه ايڊيٽر ويهن ٿا ۽ ناول جي سڀني پاسن کي ويهي ڇنڊين ڇاڻين ٿا. پوءِ ٿو ناول بازار ۾ اچي. سنڌي ناول اسان جو ان صورتحال مان گذري پيو. ان جاکوڙ سبب هڪ ته اهو آهي جڏهن پڙهيو نه ٿو وڃي ته تنقيد ڪير ڪندو؟ مختلف رايا ڪٿان ايندا! سو ان سبب سنڌ ۾ پختي ۽ پراڻي ناون نگار کان به پنهنجن ناولن ۾ کوڙ چڪون رهجي ويون آهن. جيڪي مون کي مطالعي وقت سامهون آيون آهن ۽ انهن بابت لکي رهيو آهيان.

پروفيسر نامديو تارا ميرچنداڻي چيو آهي ته “ آلوچنا هڪ ڪوڙي بادامي آهي. جيڪو لکي ٿو هن لاءِ به، جنهن بابت لکيو وڃي ٿو هن لاءِ به.”

سو سنڌ جا ليکڪ ۽ نقاد جيڪڏهن اهي ڪوڙيون باداميون کائڻ شروع ڪن ها ته ناول ۽ تنقيدي ادب هن پل گهڻو اڳتي هجن ها.

“اوڙاهه” ناول ۾ سنڌ جي ساڍا چار سو سالن جي سوشو-پوليٽيڪل تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سول سوسائٽي جو نه ٺهڻ ۽ سنڌ جي سورن ۽ ڏچن جا ڪارڻ ۽ حيدرآباد ۾ ۸۰ع ۽ ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي مهاجرن جي جهيڙن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. “وطن يا واويلا” ناول ۾ ان وقت سنڌ جي وڏن شهرن ۽ سنڌين کي جيڪو نقصان ٿيو، ان ۾ سگهاري طرح ناول جي صورت ۾ آندو ويو آهي. شهري سنڌ خاص ڪري حيدرآباد شهر جي تباهي جو، سنڌين سان ٿيل ويڌن ۽ قتل و غارت به ان ناول ۾ تاريخي طور محفوظ ٿي وئي آهي. غلام نبي مغل تاريخ سان گهيري دل رکندڙ ليکڪ آهي سا به پنهنجي وطن سنڌ جي تاريخ ۽ ان ۾ مفروضا ڪاري.

۲۰۰۴ع ۾ غلام نبي مغل جو ٽيون ناول “مون کي ساهه کڻڻ ڏيو” ڇپيو. اهو ناول ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي آهي. دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ” غلام نبي مغل جو ٻيون ناول آهي. جيڪو پڻ بهترين ناول آهي. غلام نبي مغل جا ناول “اوڙاهه ۽ “همئه منصور هزار” موضوعاتي طور يڪسانيت ۽ هڪجهڙائي جو شڪار آهن. ٻنهي ناول ۾ هڪ ئي ڳالهه سوشو-پوليٽيڪل تاريخ ۽ مڊل ڪلاس جو نه جڙڻ ۽ تاريخي غلطين جي ڄاڻ جيڪا ساڍا چار سو سال کان ۲۰۱۲ع تائين هلي اچي ٿي.

“اوڙاهه” ناول تي ان زماني ۾ فني پهلوئن تي تنقيد ڪئي وئي هئي پر “همئه منصور هزار” به فني لحاظ کان کوٽل ناول آهي.

برنارڊشا چيو آهي ته “قانون انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي ته انهيءَ بهاني توهان کي ڦاسي چاڙهيو وڃي.” ائين فن به تخليقڪار جي خيال کي ماري ڇڏي ٿو. بلڪل ائين ئي سائين غلام نبي ناول جي فني پاسن جي بنا پرواهه جي پنهنجي ڳالهه، سوچ اثرائتي نموني سان انهن ٻنهي ناولن جي صورت ۾ رکي ويو آهي.

فڪري نقطه نظر سان غلام نبي صاحب جون لکڻيون مضبوط ۽ ڪارائيتون آهن. اهي پڙهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙو نوجوان رومانويت جي تصورن مان نڪري اچي ٿو.

ڪارل مارڪس مڊل ڪلاس لاءِ چوي ٿو؛ انقلاب جي راهه ۾ سڀ کان وڏي روڪاوٽ مڊل ڪلاس طبقي جي آهي، ان جون نظرون آسمان تي ۽ پير گپ ۾ هوندا آهن.”

اها حقيقت آهي ته اسان جو وچولو طبقو لالچي ۽ فريبي آهي. ان وٽ وطن جي مفاد بجاءِ ڇسا مقصد يا ننڍا مقصد آهن. جيئن نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ بنگلو اڏڻ وغيره جيڪڏهن مڊل ڪلاس سهي معنيٰ ۾ جڙيل هجي ته انقلاب اچڻ ۾ دير نه ٿيندي ٻئي صورت ۾ اهو ئي ان جي روڪاوٽ آهي. وچولي طبقي جي بنياد تي مستقبل جون راهون متعين ٿينديون آهن. اسان کي تاريخي طور ته ناڪام بڻائيندي وچولي طبقي کي اسرڻ ۽ نسرڻ نه ڏنو ويو آهي. ان ۾ انهيءَ دؤر جي حڪومتن ۽ رياستي ادارن جو قصور آهي. جنهن کي غلام نبي مغل پنهنجي ٻنهي ناولن ۾ بحث هيٺ آندو آهي.

ارسطو چيو آهي ته؛ “بهترين سياسي فرد، وچولي طبقي جا شهري ئي ٺاهيندا آهن.” هي ٻئي ناول غلام نبي مغل صاحب جا تاريخي ناول آهن. جنهن ۾ هن سياسي قوتن جي نه اڀرڻ ۽ انهن جي محرڪن ۽ وڇولي طبقي جي ارتقا ۽ جوڙجڪ کي تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ-پيش ڪرڻ جي هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي قوم پنهنجي مختلف تاريخي دورن ۾ ڪيئن پئي منهن ڏنو آهي. ڌارين ڪهڙي حڪمت عملي سان سنڌين جي غلطين جو فائدو وٺي انهن تي حڪمراني پئي ڪئي اهو سڀ “همئه منصور هزار” ۾ آهي.

هن ناول ۾ پلاٽ، ڪردارنگاري ڪنهن قدر ڪمزور آهن پر منظرنگاري، مڪالما تاريخي حقيقتون بي باڪي سان بيان ٿيل آهن. غلام نبي مغل جا موضوع جتي حيدرآباد، تاريخي واقعا ۽ سول سوسائٽي آهن. اتي سندس طارق اشرف به هڪ الڳ موضوع آهي. غلام نبي صاحب سهڻي رسالي جي باني ايڊيٽرن منجهان آهي. پاڻ طارق اشرف کي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهي. اوڙاهه ناول جي ارپنا ۾ غلام نبي مغل لکيو آهي ته هيءَ ناول مون طارق اشرف جي چوڻ تي ئي لکڻ شروع ڪيو هو. اوڙاهه جيان همئه منصور هزار...! جي ارپنا به طارق اشرف کي ڪئي وئي آهي.

“همئه منصور هزار..!” ناول جو مک ڪردار عبدالرحمان خان آهي. جيڪو زمينداري ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي. ليکڪ ان کي ننڍو زميندار ڪري لکيو آهي. پر ناول ۾ ان جي موجودگي ننڍي ڪاروباري زميندار جي نه آهي. مک ڪردار پاڻ ئي چوي ٿو “منهنجا ڀائر فيوڊل لارڊس ۾ شمار ٿي سگهنٿا. پر آئون هڪ لوئر مڊل ڪلاس جو سنڌي آهيان.” زيب النساءِ جيڪا هن ناول جو ٻيو ڪردار آهي. مک ڪردار عبدالرحمان خان زيب جو مڙس آهي. ناول جي شروعات ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه سان ٿئي ٿي.

عبدالرحمان خان جيڪو پنهنجي سڀاءَ ۽ ڏيک ويک ۾ وڏيرو به آهي ته ڪاليج ۾ هيومن بيوهيور ۽ انٿروپالاجي تي ليڪچر به ڏي ٿو. ٻئي جيڪا اهم ڳالهه هن ڪردار سان لاڳو ٿئي ٿي اها سنڌ آهي. سنڌ جون ابتر حالتون ۽ پٺتي هجڻ هن کان برداشت نه ٿو ٿئي. ۽ هو خودڪشي ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ ان بابت پنهنجي ڊاڪٽر ۽ دوستن سان رابطو ڪري ٿو ۽ چيف سيڪريٽري کي فيڪس به ڪري ڇڏي ٿو.

وڏيري خان کي هزار ايڪڙ ٻني آهي پوءِ به هو ننڍو زميندار آهي. سنڌي سماج ۾ مڊل ڪلاس جي نه هجڻ تي وڏي ڳڻتي آهي ۽ هو رضاڪارانه طور مرڻ جو اعلان ڪري ٿو. هيءَ سڄو ناول سنڌ پرستي ۽ قومپرستيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهي. پر ان ۾ افسانوري يا دابي لحاظ کان نه پر ليڪچر ۽ مضمون واري طرز تي شين کي بيان ڪيو ويو آهي. وڏيري وٽ اڪثر نوجوان عورتون ۽ ڇوڪرا ايندا رهن ٿا. جن سان هو ڪچهري ڪري ٿو. چيٽاڀيٽي وارا امتحان پاس ڪندڙ افسرشاهي لڏو به خان جو مهمان ٿئي ٿو. ناول نگار انهن افسرن ۽ نوجوان کان سوال ڪرائي ۽ وڏيري خان جو ڪردار انهن سوالن جي جواب ۾ تاريخي ۽ زميني حقيقتن تان پردو کڻي ٿو. وڏيرو خان عورت جي سورنهن سينگارن تي ڳالهائي ٿو ته وقم جي وصف به ٻڌائي ٿو. صفحي ۵۰ تي ناول نگار لکي ٿو؛

“ڪاڪو چنو ڪٿي ڪنهن تاريخ ۾ نظر اچي ٿو جنهن محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو ۽ تاريخي دور ۾ چنن جي ڪنهن فرد ائين ئي سنڌ جي اوائلي غدارن منجهه پنهنجو نالو لکرايو.”

ناول نگار اهڙيون ڇرڪائيندڙ ۽ اڻ ڇهيل ڳالهيون ڪري ٿو جو پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي وڃي. مغل صاحب پوري تاريخ کي پڙهيو آهي، سمجهيو ۽ پوءِ هن “همئه منصور هزار...!” ۾ ان کي اٿلايو آهي. نوجوان نسل کي هي ناول ضرور پڙهڻ گهرجن. ناول نگار جي ڪن ڳالهين سان سهمت به ٿجي پر پڙهندڙ جي من ۾ اهو به سوال اٿي ٿو ته “راجا ڏاهر سنڌي اصل نه هو.” ناول نگار فلاڻو به سنڌي نه هو. فلاڻي جو تعلق فلاڻي ملڪ سان هو وغيره جهڙيون ڳالهه ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي پوءِ ڀلا ان صورت ۾ ڇا ٿئي؟

صفحي ۵۳ تي آهي ته “ارغون، ترخان ۽ مغلن جي متعصب ۽ سنڌ متعلق پوري ڄاڻ نه رکندڙ تاريخ نويس ٺٽي شهر لاءِ لکيو آهي ته ايترو وڏو شهر هو جو ان ۾ پنج سؤ مدرسا، يونيورسٽي ليول جا هئا. جت ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جا شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. اهي سڀ ڳالهيون Fantasies لڳن ٿيون.”

حقيقت ۾ مون کي به ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته پنج سؤ مدرسا سو به يونيورسٽي ليول جا، ڇا سنڌ ۾ هن وقت ۵۰۰ يونيورسٽيون آهن؟ مغل صاحب ڪوڙ تي ٻڌل تاريخي نقطن کي ڇني لاتو آهي. ناول ۾ ڪردارن جو لهجو منتقي ۽ جارحاڻو يا عقلي آهي.

ڪو به ناول تخليقڪار جي سوچ جو اولڙو هوندو آهي. غلام نبي مغل سنڌ جي هڙي حالت جيڪا پنهنجي پوري حياتي ۾ پئي ڏٺي آهي. انهن سڀني تجربن جوعڪس هي ناول آهي. ليکڪ لاءِ نه صرف حيدرآباد هڪ ڪيفيت آهي پر سنڌ به هن لاءِ هڪ نينهن آهي ڪيفيت آهي جنهن ۾ هو پوري طرح لهي وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ ۽ وطن پرستيءَ جي ڪيفيت ۾ وتل هن ناول جا ڪردار وڏيرو خان سنڌ کي هڪ عورت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳي ٿو ۽ هوءَ ڪمري ۾ اچي هن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿي؛

“تون مون کي سڃاڻين نه ٿو. آئون ڌرتيءَ ماءُ جو حصو آهيان. مون کي تون پنهنجي لاءِ ڌرتي ماءُ سمجهه. آئون سنڌ آهيان.” پيج-۶۶

 ۽ پوءِ وڏيرو خان پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ سڪ ۽ تڙپ ڏيکاري ٿو ۽ سنڌ پنهنجي اهنجن جو اظهار ڪري ٿي. ليکڪ ڪلهوڙن کي سنڌ جو حقيقي رهاڪو سمجهي ٿو. ۽ انهن بابت ۽ انهن جي غلط روين بابت هو لکي ٿو؛

“انهن ئي پنهنجي طاقت وڌائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، پليجن سان گڏجي سنڌ جي پهرين ڪامريڊ شاهه عنايت جهوڪ واري کي، مغل گورنر هٿان شهيد ڪرايو ۽ سنڌي عوام جي پهرين Socio-Economic تحريڪ کي ڏاڍ جي ذريعي ختم ڪرائي، سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي مذهبي تحريڪ کي به اڳتي وڌايو. پنهنجو بڻ بنياد سنڌ کان ٻاهر نبي ڪريم صلعم جي چاچي حضرت عباس رضه سان ڳنڍي سنڌ ۾ قبائلي ۽ نسلي برتريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيائون.” پيج-۸۸

“ٽالپر پاڻ کي بلوچ سڏايو يا مير يا امير جو لقب ماڻيو ۽ پنهنجو پاڻ کي برتر نسل ڄاڻائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي رسول ڪريم صلعم جي چاچي حضرت امير حمزه رضه سان وڃي ملايو. ٻروچن جون تاريخون پڙهڻ جهڙيون آهن. ڪي پاڻ کي امير حمزي سان ملائين ٿا ته ڪي بروهي يا بلوچ پاڻ کي حام بن نوح جي نسل مان پيدا ٿيل نمرود سان ملائين جيڪو پاڻ کي نمرود بلوص سڏائيندو هو.” مٿئين راءِ ليکڪ صفحي ۸۹ تي ٽالپرن بابت رکي ٿو.

ٽالپر دؤر ۽ حڪمرانن جون چڪون ڪيئن هنن سنڌ انگريزن حوالي ڪئي. ان جا محرڪ ۽ تاريخي نقطه نگاهه کي ليکڪ پرکي ٿو ڏاڍو پختگي سان حقيقت بياني ڪئي آهي. جئين هو هندن ۽ مسلمانن بابت لکي ٿو؛

“سنڌ يا هند ۾ اهو اصول اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته هت جا هندو توڙي مسلمان، نسلي طور برتر سڏائڻ لاءِ هندوستان کان ٻاهر جي نسلن سان ملائين ٿا ۽ شايد اهو سمجهن ٿا ته سنڌ هند کان بهتر نسل انساني نسل ايران، عرب يا وچ ايشيا ۾ رهندا هئا. ائين بلڪل نه هو. پيج-۹۰

اها حقيقت آهي ته اسان اصلوڪا سنڌي هجون يا ٻاهران آيل هتي جا مختلف ماڻهو اهي تاريخي طور احساس ڪمتري جو شڪار رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين کپي جو اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب کي ڏسي ٻين دنيا جي نسلن کي اهيو ڪم ڪرڻ کپي پر اسان ان مرض مان ڪڏهن جند ڇڏاينداسين، ڪا خبر نه آهي. هن ناول ۾ الائي ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن. جيڪي ڪوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن. ۴۰۰ صفحن تي مشتمل هن ناول جون اگر اهي حوالا ڏجن ته تجزيو تمام ڊگهو ٿي ويندو. ناول ۾ ليکڪ ڏکيا ادبي، سياسي، سماجي، تاريخي، فلسفي ۽ ٻين علمن سان لاڳاپيل اصطلاح انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا آهن. پڙهندڙ کي اهي اصطلاح ڪٿ منجهائي به وجهن ٿا ته ان مان ليکڪ جي علمي ادراڪ جو اندازو به ٿئي ٿو. اهي ڪنهن قدر قبول به ڪري وڃجن پر سنڌي ٻولي کي اردو انداز ۾ مذڪر مونث جو فرق نه ڪري لکڻ قبولي نه ٿو سگهجي، ان پاسي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

جيئن صفحي ۹۹ تي؛ “ڪامريڊ؛ پر سائين! اسان بحث conclude نه ڪئي.”

ليکڪ ناول ۾ هندن لاءِ لکيو آهي ته اهي هتان جا هئا ئي نه ۽ هنن ڌرتيءَ ماءُ کي ڏاڍي آساني سان پٺي ڏئي ڇڏي ويا. ڀيرومل آڏواڻي جا مثال به ڏنا اٿس. هندن بابت اها راءِ ڪافي ڇرڪائيندڙ به آهي ته اهي هتان جا هئا ئي نه..

ناول ۾ ليکڪ سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾ سنڌ ۾ سياسي ۽ تهذيبي سول سوسائٽي يا سماج جي بنياد بابت پنهنجي گهري تاريخي مطالعي ۽ سوچ سان نظر وڌي آهي. ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو ۽ ڪن انهن کي پوئتي ڪيو. ٽالپر ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ کي وڌ کان وڌ نقصان پهتو، جنهن بابت ليکڪ وڏيري خان جي واتان تفصيلي تشريح ڪرائي آهي. ادب ۾ تنقيد جو پورائو يا فرض ادائي جيڪي صنفون ڪن ٿيون انهن ۾ ناول تيز ۽ اڳڀرو آهي. ناول خود زندگي جي تنقيد به هوندو آهي. ناول نگار هتي ان جو فائدو وٺندي شخصيتن ۽ تاريخي واقعن، نعرن، قومن ذاتين وغيره تي تنقيد ڪئي آهي. ان کان اڳ انهن شخصيتن يا واقعن تي نه ڳالهايو ويو آهي. ۱۸۵۷ع ۾ انگريزن جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو آواز نه اٿيو هو جڏهن ته پوري هند ۾ جنگ لڳي پئي هئي. سنڌ ۾ ڪجهه نوجوانن بغاوت ڪئي هئي تن مان ستن نوجوانن کي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وٽ سرعام ڦاهي ڏني وئي ۽ بارٽل فريئر هڪ لسٽ ٺاهي هئي انهن جي جن کي بغاوت نه ڪرڻ عيوض جاگيرون ڏنيون ويون هيون. جنهن بابت ليکڪ صفحي ۱۴۴ تي لکي ٿو؛

“ڇو نه اها لسٽ ظاهر ڪئي وڃي ۽ انهيءَ کان علاوه انهن مجاهدن بابت کوجنا ڪري حقيقتون ظاهر ڪن جيڪي ايمپريس مارڪيٽ وٽ ڦاسي چاڙهيا ويا. يار ۱۹۸۷ کي ڇا ياد ڪريون اسان ته ۴ مارچ ۱۹۶۷ع کي به وساري ڇڏيو آهي.”

اها حقيقت آهي ته سنڌي قوم پنهنجي سياسي ۽ تاريخي جدوجهدن ۽ واقعن کي وساري سطحي مفادن جي پويان ڪاهي پئي آهي. ان ڪري اهي ڏينهن اسان کي ياد نه رهيا آهن. صفحي ۱۵۱ تي هڪ ڊائيلاگ آهي؛ جنهن تي مون کي اعتراض آهي. توڙي ليکڪ ان کي واضع ڪري لکيو آهي. “پر سنڌ به منهنجي امڙ وانگي شريڪ حيات آهي.” شريڪ حيات زال لاءِ ڪتب ايندو آهي.

مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي قداور شخصيت ٿي گذري آهي. مغل صاحب مرزا قليچ شخصيت تي جنهن رخ کان تنقيد ڪئي آهي، ڳالهايو آهي اهو پاسو منهنجي خيال ۾ ڪنهن به ليکڪ نه ڇهيو آهي. مغل صاحب صفحي ۱۶۶ تي لکي ٿو؛

“مرزا صاحب ڪڏهن به سنڌ جي سياسي حالت تي پنهنجا ويچار ظاهر نه ڪيا. مرزا صاحب کي ته اها شڪايت هئي ته منهنجو قدر سنڌ ۾ ايترو نه ڪيو آهي جيترو ٿيڻ کپي ها. آئون ته سمجهان ٿو ته مرزا صاحب کي جيڪو شمس العلماءُ جو خطاب مليو اهو سنڌي ۾ لکڻ ڪري مليو، سو گهٽ نه آهي.”

يا وري ناول جو ٻيو هڪ ڪردار ڪامريڊ هيئن چوي ٿو؛

“مرزا صاحب ذهني طور آخر تائين پاڻ کي انگريز جي ديسي Eliteڪلاس جو ميمبر سمجهندو رهيو. مرزا پاڻ کي غيرشعوري طور جارجيا سان به ڳنڍي رکيو. اهو نفسياتي ڪارڻ رڳو مرزا صاحب ۾ نه پر ڪيترائي پرڏيهي ڪنٽب سنڌ ۾ آيا آباد ٿيا سي Physically ۽ Socially ته سنڌ ۾ Assimilate ٿي ويا پر ذهني طور تي اڃا به سندن ذهن جي ڪنڊ پاسي ۾ ماضي ۽ Superiority جا احساس پنهنجي طور تي موجود هئا. پر جي ڪجهه ماضي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته خبر پوندي جيڪو مان ۽ عزت، سنڌ سڀني کي ڏنو سوئي سڀ ڪجهه آهي. مرزا صاحب جا وڏا ايران مان سنڌ ۾ ڪهڙي حالت ۾ آيا. مرزا کي پنهنجي ڏاڏي جي به خبر نه هئي! نڌڻڪن غلامن جي صورت ۾ آيا. سنڌ کين ڇا ڏنو؟ مرزا صاحب تمام اعليٰ شخصيت هو ۽ سندن پويان ڪو به وارث يا خاندان جو ماڻهو اهڙي رتبي کي پهچي نه سگهيو آهي. شايد وارثن جي مذهب سان وابستگي ۽ ٻئي علم، ادب ۽ فلسفي ۾ گهٽ دلچسپي ڪري انهي خاندان منجهان ڪو ٻيو عالم شخص سامهون نه اچي سگهيو آهي.

سنڌ ۾ ناول نويسيءَ جي رفتار گهٽتائي جو ڪارڻ هڪ اهيو به آهي ته ناول لکڻ هڪ نيئن دنيا تخليق ڪرڻ برابر آهي ۽ اهو ڪم ڏاڍو اوکو آهي. هر ڪردار جي اڻت، انهن جا مڪالما ۽ سوچ منظر سڀ هڪ ئي ناول نگار کي ادا ڪرڻا پون ٿا. ان ڪري به سنڌ ۾ ناول گهٽ تخليق ٿئي ٿو. سنڌي ليکڪ کان ايڏي مشقت نه ٿي پڄي ۽ اسان جون معروضي حالتون به اسان کي ان خف هڙتال ۾ پوڻ نه ٿيون ڏين.

 مغل صاحب جو هي ناول “همئه منصور هزار..!” سٺو ناول آهي. پر منهنجي خيال ۾ سائين ان کي ٻيهر چڱي طرح نه ڏٺو هوندو. ناول ۾ گهڻيون ڳالهيون Repeat ٿي ويون آهن. ۱. ايمپريس مارڪيٽ وارو واقعو ۲. ٺٽي ۾ پنج سو مدرسا يونيورسٽي ليول جا هئا. ۳. مرزا قليچ بيگ واري ڳالهه. ساڳئي ڳالهه بار بار اچڻ سان خوبصورتي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿي پوي ٿو. اهي شيون Rewrite ڪرڻ وقت ٺيڪ ڪرڻ کپنديون هيون. يا وري ليکڪ کي لکڻ وقت ياد نه رهيون آهن ته اهي ڳالهيون اڳ ۾ بحث هيٺ اچي چڪيون آهن.

ليکڪ هالن جي مخدومن ۽ حر تحريڪ تي پڻ تنقيد ڪئي آهي جيڪو هڪ معلوماتي بحث آهي. خاص ڪري رومانس ۾ رهندڙ سنڌين کي اهي ڳالهيون ضرور پڙهڻ گهرجن. اندروني ۽ بيروني سنڌ وارو فضول اصطلاح صفحي ۲۰۵ تي مغل صاحب جو سچيت ليکڪ به استعمال ڪري ويو آهي. جنهن تي مون کي بي حد افسوس آهي. اسان ليکڪن کي اهڙي پروپينگنڊه وارن اصطلاحن ۽ محاورن کان عقلمندي کان ڪم وٺندي ڪم نه آڻڻ گهرجي. اميد ته سائين اڳتي اهڙن اصطلاحن کان ذهن ۾ رکندو.

ناول جي مک ڪردار وڏيري خان جو دوست آهي جيڪو آمريڪا مان آيو آهي NIR ۽ پراڻو ڪامريڊ آهي. پوري ناول ۾ وڏيري خان ۽ ڪامريڊ جي ڊگهي گفتگو ۽ مڪالما آهن. جنهن ۾ ورجاءُ گهڻو آهي. صفحي ۲۶۹ تي سڄو هڪ پيج Repeated آهي.

محترم ليکڪ جتي مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين شخصيتن تي تنقيد ڪئي اتي هن سائين جي ايم سيد کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي لکيو آهي ته “ سنڌ ڪڏهن به مسلم ليگ جي معاملن ۾ حصو نه ورتو سواءِ سائين جي ايم سيد جي جنهن مسلمان ملڪ جي لاءِ قرارداد اسميبليءَ مان پاس ڪرائي ۽ ڌمڪي ڏني ته جي ائين ٿيو ته سنڌ ۾ سول وار شروع ٿي سگهي ٿي. پوءِ به اسين ڏسون ٿا ته سائين جي ايم سيد، جناح سان اصولي جنگ نه ڪئي پر سيد سڳورن کي ڪجهه وڌيڪ سيٽون نه ملڻ تي مسلم ليگ مان نڪري آيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد مسلم ليگ مان نه نڪري ها ته شايد حاڪمن جي ايوانن ۾، سرڪاري ميمبر جي حيثيت منجهه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان وقت جي حالتن مطابق، سنڌين لاءِ وڌيڪ بهتر رول ادا ڪري سگهي ها ۽ لياقت علي جي ٽولي کي سياسي منهن ڏئي سگهي ها. (پيج-۲۷۰)

منهنجي خيال ۾ تحقيقي ۽ افسانوي ادب ۾ اگر ڪنهن شخصيت لاءِ لکيو ويندو آهي ان ۾ ان جو صرف نالو لکبو آهي. ان جي نانءُ اڳيان سائين يا پٺيان صاحب نه لڳائبو آهي. ليکڪ کي Civil War واري ڳالهه واضع ڪري لکڻ گهربي هئي. ليکڪ جي تاريخ جي مطالعي، اهو سياسي هجي يا سماجي جي قابليت ۾ ڪو به شڪ نه آهي. پر جيتري قدر مون پڙهيو آهي ته اها سيٽن جي جنگ نه هئي ان جو ته صرف جناح بهانو بڻايو هو. جي ايم سيد ۽ جناح ۾ اها اصولن ۽ سچائي جي جنگ هئي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌڙن جي ويڙهه هئي. جنهن بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “نيئن سنڌ جي لاءِ جدوجهد” ۾ تفصيلي لکيو آهي. باقي ليکڪ جي پوئين راءَ سان متفق آهيان ته جي ايم سيد سرڪاري مميبر جي حيثيت ۾ سنڌين لاءِ گهڻُ ڪجهه ڪر سگهي ها. پر جنهن طرح سان جناح سارزشون ڪري ڌانڌليون ڪرايون ۽ پنهنجي هٺ ڌرمي سان فيصلا ڪيا. اهي به ڏسڻ گهرجن.

مرزا قليچ بيگ ۽ جي ايم سيد کان علاوه ليکڪ جن شخصن تي تنقيد ڪئي آهي اهي پير علي محمد شاهه راشدي ۽ امر جليل آهن. ليکڪ پير علي محمد شاهه راشدي لاءِ لکيو آهي ته؛

“پنهنجي مطلبکي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ملڪ يا پنهنجي مذهب جي به پرواهه نه ڪندو هو.”پيج-۲۷۰

علي محمد شاهه راشدي وزيراعظم ڀٽي کي چئي ۳۵ سنڌي رسالن اخبارن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهرائي. سنڌي اديبن کي ٻڌرايو. ان سڄي ڪارگذاريءَ ۾ سهڻي رسالي ۽ طارق اشرف عتاب جو شڪار رهيا. ليکڪ امر جليل جي افساني کي فحش افسانو لکيو آهي. “سرد لاش جو سفر” ڪنهن به لحاظ کان فحش نه آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڀلي ڪيڏي به ڪاوڙ هجي پر ڪهاڻي تي ڪاوڙ نه هجڻ گهرجي. باقي امر جليل جي ڪردار تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اڄ جو نئون نسل امر جليل کان گهڻو متاثر آهي پر امر جليل جيڪي عمل ڪيا آهن ڪجهه انهن کي به منظر تي آندو وڃي. تاريخ ۾ عظيم ليکڪ هميشه باغي ۽ حڪومت جي ٽڪر ۾ رهيا آهن. پر امر جليل هميشه حڪومتي ملازم رهيو آهي. ڊڄڻو رهيو آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڪجهه تنقيد واجبي آهي يا اها ان جي راءِ ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ان جو جهموري حق به آهي. جنهن ۾ شيخ اياز تي به لکيو ويو آهي جڏهن طارق اشرف گرفتار ٿيو ته امر جليل جنهن جي افساني ڪري هو عذاب ۾ پيو اهو ته خاموش هو پر سڄو ترقي پسند گروهه گم هو. پيج -۲۷۸ تي لکي ٿو ته؛

“دانشورن ۾ جيڪي مناقف هئا سڀ خاموش رهيا. کين ڀٽو جي دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ مخزنن تي پابندي ۽ هڪ ايڊيٽر جي گرفتاري تي شايد ڪو افسوس نه ٿيو. سندس مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لائن آف ايڪشن ٻي هئي. شيخ اياز مرحوم هميشه چاهيندو هو ته سندس بهتر شعر سهڻي ۾ ڇپجن. اهو به وڪيل هو. خاموش رهيو. ڀٽي صاحب جي ناراضگي سندس مستقبل لاءِ بهتر نه هئي. امر جليل سنڌ مان جان ڇڏائي اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۽ ملٽي اسٽورڊ بلڊنگس جي ڇانو ۾. اتي ئي حياتي جا جوان ڏينهڙا گذاري، ڪلچرل ادب ۽ سنڌي ادب جي ڄاڻو ۽ پنهنجي اجگر نالي کي بيوڪريسي جا ڪانٽڪريٽ جي جهنگ ۾ استعمال ڪري، اردو، انگريزي ۽ سنڌي تخليقڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃرايو ۽ اعليٰ عهدا ماڻيا. هوڏانهن طارق اشرف سينٽر جيل حيدرآباد، سنيٽرل جيل سکر ۽ ڪراچي جي لاڪ اپس ۾ ٽيويهه مهينا ڪاٽي ڊڪٽيٽر ضياالحق جي ڏينهن ۾ آزاد ٿيو جو انهيءِ ڊڪٽيٽر کي طارق اشرف منجهان خوف ڪو نه هو.”

اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته ليکڪ لاءِ طارق اشرف به هڪ خاص موضوع آهي. هن ناول ۾ هن ۱۰ کان ۱۵ صفحا طارق جي حوالي ڪيا آهن. جن ۾ طارق اشرف جو ذڪر آهي. جنهن ۾ ڪافي ڇرڪائيندڙ انڪشاف به آهن. ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو ابراهيم جويي کي لکيل خط جو به حوالو ڏنو آهي. جنهن ۾ طارق اشرف کي پنجابي چيو ويو آهي. ابراهيم جويو به طارق اشرف کان ارهو هو. ايم ڪيو ايم جو منشور جو اشارو عبدالقادر ڏانهن ڏنو ويو آهي.

ناول جي ٻولي ۾ ڪافي دقيق جملا ۽ اصطالح ڪم آندا ويا آهن. تاريخي محاوره ۽ ڳالهيون آهن اتي ناول جا ڪردار هيٺين قسم جا ولگر مڪالما به ڳالهائين ٿا پيج-۳۰۶

“آئون کلندي چوندو آهيان هاڻ ته ڪمر نه پر ڪمرو ٿي پئي آهي.”

اهڙي قسم جي ته موبائيلن تي فحش SMS ايندا آهن. ڪامريڊ جهڙو ڪردار وري اهو جملو چوي ٿو. ناول جي ڪردارن جي ٻوليءَ تي سنڌي اردو جو رنگ چڙهيل آهي. صفحي ۳۲۰، ۳۲۶، ۳۲۷ تي وڏا وڏا Passages ورجائي ٻيهر ڏنا ويا آهن. ليکڪ جي ايم سيد لاءِ ۳۱۲ صفحي تي لکيو آهي؛ “جي ايم سيد وٽ نيئن دور جي سياسي ڏاهپ جي اڻ هوند هئي. جنهن ڪري سنڌ اڃا سورن ۾ آهي.”

منهنجي خيال ۾ ليکڪ جي اها راءِ گهڻي جذباتي ۽ اٻهرائي تي ٻڌل آهي. هر هلندڙ دور نئون هوندو آهي. جي ايم سيد جي سياسي ڏاهپ ۽ حڪمت عملي سان پوري ۲۰هين صدي دور پاڪستان ٺاهيو ۽ وڏا وڏا پليٽ فارم جوڙي ڪوششون ڪيون اهو تاريخ جي رڪارڊ تي آهي ۽ سنڌ جي سورن جو ذميوار رڳو سيد سائين نه پر گهڻا پير مير، جاگيردار ۽ غدار آهن. جن بابت خود ليکڪ ناول ۾ گهڻي اپٽار ڪئي آهي.

هن ناول کي جيڪڏهن تاثراتي تنقيد جي پرائي ۾ ڏٺو وڃي ته ليکڪ ڪنهن جو به اثر نه قبوليو آهي. سندس اسلوب ۾ ڳالهيون ۽ زاويه نظر هن جو نج پنهنجو آهي. قومي سياست، سول سوسائٽي ۽ سنڌ جي صورتحال کي جيئن هو ڏسي ٿو. شيون تقريبن ائين آهن باقي شخصيتن جي حوالي سان هن سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو ته سهمت به ٿي سگهجي ٿو.

مرزا قليچ بيگ، پير علي محمد شاهه راشدي، شهيد ڀٽو، شيخ اياز يا امر جليل جي لاءِ مون کي ڪارل مارڪس جي هڪ چوڻي ياد ٿي اچي؛

“جيڪڏهن ڪو ماڻهو فقط پنهنجي ذات لاءِ ڪم ڪري ته گهڻو ممڪن آهي هو وڏو فاضل انسان بڻجي وڃي يا وڏو شاعر، عارف ٿي وڃي، پر هو مڪمل انسان يعني عظيم انسان ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.”

• ناول ۾ سنڌ تي ٻاهرين حملن ۽ قتلام جي نقصانن کي ڏيکاريو ويو آهي.

• ناول ۾ حيدرآباد شهر جي اڏجڻ جي تاريخ ۽ پس منظر جي عڪاسي ٿيل آهي.

• ٽالپرن ۽ ميرن ڪيئن هار کاڌي، هڪ ٻئي کي شڪست ڏئي، انگريزن کان تاريخي هار کاڌي به ناول ۾ چٽيل آهي.

• انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد ڇا ڇا ٿيو؟ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جو مستقبل ڪيئن سيٽ ڪيو ويو. فائدا ۽ نقصان خاص طور سول سوسائٽي جي جڙڻ کي فوڪس ڪري ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

• پياري پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ سان ڪهڙي ويڌن ٿي ۽ ڪيئن بي ايماني ۽ غداري سان سنڌ سان جٺيون ٿيون آهن. ان تي ليکڪ ڏاڍو تفصيل لکيو آهي.

مٿئيون پنج پوائيٽس ليکڪ جي پهريئن ناول “اوڙاهه” ۾ اڳ ۾ اچي چڪيون آهن ۽ اهي ئي ڳالهيون وري ٻئي ناول “همئه منصور هزار..!” ۾ به بحث هيٺ آنديون ويون آهن. مون کي ته “اوڙاهه” ۽  “همئه منصور هزار..!” ۾ ڪو به خاص فرق نظر نه ٿو اچي سواءِ ڪردارن ۽ جاين جي.

اوڙاهه ناول جي انت ۾ هڪ نيئن اسرندڙ سنڌ ڏيکاري وئي آهي. ۽ ناول “همئه منصور هزار..!” جي ڪلائيمڪس به هڪ اهڙي سنڌ جا عڪس قلمبند آهن. جنهن ۾ نوجوان سنڌ ماتا سان وفاداريءَ جو وچن ڪندي سنڌ جي راڄڌاني جي سمنڊ ڪناري ڏيکاريا ويا آهن ۽ ناول جا مک ڪردار اهو سڄو منظر ڏسي خوشي خوشي گهر روانا ٿين ٿا. خبر ناهي ليکڪ ٻنهي ناولن ۾ ڇو ساڳيو مرڪزي خيال رکيو آهي.

رچرڊسن چيو آهي؛ “منهنجي نظر ۾ تنقيد اها شيءَ آهي، جنهن ۾ اسان تجربن ۽ مشاهدن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ۽ پوءِ انهن جو قدر ۽ قيمت مقرر ڪريون.”

غلام نبي مغل صاحب جا تجربا ۽ مشاهدا تاريخي ناولن جي صورت ۾ گهڻا لاڀائتا ۽ معنيٰ خيز آهن. سنڌي ناول نگاريءَ ۾ سندس حصيداري کي اسان نهايت ئي مان ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا. مغل صاحب جي ناولن کي اڳيان رکي اسان کي تاريخ جي پيچيده معاملن کي درست رخ ۾ ڏسي سهي ڪرڻ گهرجي. غلام نبي مغل جا ناول معياري ۽ خوبصورت آهن ۽ انهن سان هن پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت ٺاهي آهي. مون پنهنجي سمجهه آهر سندس ناولن جي هلڪي ڇنڊڇاڻ پيش ڪئي آهي. جيڪا ٻيا نقاد به ڪري سگهن ٿا. پر مغل صاحب جي ناولن کي هر سنڌ دوست کي ضرور مطالعو ڪرڻ گهرجن ته جيئن تاريخي سچائين جي کين جبر پوي۔


 

همئه منصور هزار

(غلام نبي مغل جي طبع زاد لکيل ناول جو تنقيدي جائزو)

علي اڪبر لغاري

غلام نبي مغل صاحب انهن چند سينيئر ليکڪن مان آهي جيڪي تقريبن پنجن ڇهن ڏهاڪن کان لکي رهيا آهن ۽ جن پنهنجي مسلسل محنت سان سنڌي ادب ۾ قابل قدر اضافا آهن. هي مغل صاحب جو پنجون طبع زاد ناول آهي. هن ناول جو مک ڪردار عبدالرحمان خان، هڪ اهڙو باشعور زميندار آهي جنهن پنهنجي ڪجه زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ ڪجه وڪڻي شهر ۾ هڪ ڪاروبار ۾ لڳائي آهي. کيس وڏو زميندار يا وڏيرو ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونهي. هو سنڌ جي تاريخ تي دسترس رکي ٿو ۽ کيس سنڌ سان ويساه گهاتين ڪندڙن سان سخت نفرت آهي. کيس پنهنجي زال زيب سان بي پناه محبت آهي. سندس عمر پنجاه سال ٿيڻ واري آهي ۽ هو پنهنجي پنجاهين سالگره تي پنهنجي زندگي جو خاتمو آڻڻ چاهي ٿو جنهن جو سبب هو اهو ٿو ٻڌائي ته جيئن ته سنڌ جا منافق اڳواڻ منفي سوچ رکندڙ آهن ۽ اهي سنڌ جي زوال پذير حالت کي بهتر بنائڻ جي ڪا ڪوشش نٿا ڪن تنهنڪري هو انتهائي حساس طبيعت هئڻ سبب سنڌ جي اها حالت نٿو ڏسي سگهي ۽ زندگي جا وڌيڪ عذاب سهڻ نٿو چاهي.

عبدالرحمان خان مشورو ڪرڻ لاءَ پنهنجي ڊاڪٽر دوست سان ملڻ وڃي ٿو جتي هو ڊاڪٽر جي نرس مديحا جي  سونهن کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر ۽ نرس کي پنهنجي گھر اچڻ جي دعوت ڏي ٿو. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر پنهنجي هڪ دوست سان گڏ ۽ مديحا پنهنجي مڱيندي ۽ ٻين دوستن سان گڏ مسٽر خان جي گھر اچن ٿا ۽ کانئس زندگي جو خاتمو ڪرڻ جي سببن تي ڪچهري ڪن ٿا. جنهن جي جواب ۾ مسٽر خان انهن کي سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿو. مديحا، ڊاڪٽر ۽ سندن ساٿي بار بار خان وٽ ڪچهري تي اچن ٿا. خان جو هڪ پراڻو ڪامريڊ دوست به آمريڪا مان اچي ٿو ۽ سڀ سنڌ جي تاريخ تي ڊگهيون ڪچهريون ڪن ٿا. خان تاريخ تي ڳالهائڻ جو ايترو شوقين آهي جو جيڪڏهن ڪير ٻڌڻ وارو نه هوندو آهي ته پنهنجي منهن ڊگها ڊگها مونولاگ ڳالهائيندو آهي. آخر ۾ خان پنهنجي زندگي جي خاتمي واري فيصلي کي ملتوي ڪري ٿو ۽ ناول جو اختتام ٿئي ٿو.

خان ڳالهين جو ڳهير آهي ۽ تقريبن هر موضوع تي ڳالهائي ٿو. هو عورتن جي سينگار کان وٺي بلوچن، سيدن، مغلن جي شجري ۽ بڻ بڻياد بابت به ڳالهائي ٿو، پر سندس پسنديده موضوع سنڌ جي تاريخ آهي. هو سنڌ تي مختلف حاڪمن يعني برهمڻن، عربن، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن تي خوب ڳالهائي ٿو. سندس ڪامريڊ دوست پڻ سندس ئي لب و لهجي ۾ گفتگو ڪري ٿو. هو ٻئي ڄڻا انگريزن جي جاگيرن جي پاليسي کان وٺي، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي، پاڪستان جي ٺهڻ، جي ايم سيد، ايوب کهڙي، علي محمد راشدي، پير الاهي بخش ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي خامين ۽ خوبين، ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جي لسٽ تائين هر شئي تي ڳالهائين ٿا.

فاضل مصنف وڏي محنت ۽ تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ تي ائين کڻي چئجي ته هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي جنهن جي کيس جس هجي. هن مقالي جا ٻه مکيه سوال آهن، هڪ اهو ته شروع کان وٺي اڄ تائين، سنڌي ماڻهو هڪ قوم ڇو نه بنجي سگهيا آهن ۽ ٻيو اهو ته سنڌ ۾ سول سوسائٽي ڇو نه ٺهي سگهي آهي. پنهنجي هن مقالي ۾، فاضل مصنف انهن ٻن سوالن جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ دل کولي هر سنڌي حڪمران تي ڀرپور تنقيد به ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ هي ڪتاب مددگار ۽ ڪارائتو ثابت ٿي سگھي ٿو.

هي مضمون پڙهندڙ شايد انهيءَ ڳاله تي حيران ٿين ته آئون هن کي ناول جي بجاءِ تحقيقي مقالو ڇو پيو چوان! اهو ان ڪري جو ناول جا ڪجه لوازمات ٿين ٿا جيڪي هن ڪتاب ۾ مفقود آهن. هر ناول ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ عدد ڪهاڻي ضرور هوندي آهي جنهن سان گڏ ذيلي ڪهاڻيون به هونديون آهن پر هتي ڪا به ڪهاڻي ڪونهي. ڪهاڻي ۾ واقعا ۽ انهن جو منطقي انجام هوندو آهي پر هتي نه ته ڪو واقعو ۽ نه ئي ان جو منطقي انجام آهي. ناول ۾ ڪردار هوندا آهن ۽ انهن جي ڪردار سازي (characterization) ٿيندي آهي. اهي متحرڪ ۽ باعمل هوندا آهن، پر هتي مسٽر عبد الرحمان خان هڪ انتهائي جامد ڪردار آهي. هن زندگي ۾ صرف هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي ته هن پنهنجي اڍائي سئوايڪڙزمين بي زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي، باقي هو رڳو ڊرائنگ روم ۾ گفتار جو غازي بڻيل آهي. هو دوستن ۽ نوجوانن کي مانيون ۽ سينڊوچز کارائي، ڪافي ۽ چانهيون پياري پوءِ تاريخ جا ڊگها مڪالما ٻڌائي ٿو. هو گھر مان به صرف ٻه يا ٽي دفعا ٻاهر نڪري ٿو. هڪ دفعو شروع ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃي ٿو ٻيو دفعو آخر ۾ گھر واري سان گڏ سمنڊ تي. باقي هر وقت هو ڊرائنگ روم ۾ يا بيڊ روم ۾ گذاري ٿو. هو حالتن جو سخت شاڪي آهي پر پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جو به روادار ناهي. نه ته هو ڪنهن سياسي عمل جو حصو ٿي حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن سماجي هلچل جو حصو ٿو ٿئي. اباڻي زمين به کپائي ڇڏي ٿو ته جيئن هو وڏيرو نه رهي سگهي. پنهنجو سماجي ڪلاس گھٽائڻ کان پوءِ هو نئين يعني وچولي ڪلاس واري به ڪا ڪرت ڪندي نظر نٿو اچي.

ناول جي مک ڪردار جو ڪنهن نه ڪنهن سان ڪو تضاد يا ٽڪراءُ ٿيندو آهي، اهو ٽڪراءُ ڪڏهن فرد ۽ معاشري سان، ته ڪڏهن فطرت يا مافوق الفطرت طاقت سان، يا جديديت پسند ادب ۾ مک ڪردار جو پنهنجي اندر جي ماڻهو سان ٽڪراءُ ٿيندو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مک ڪردار پنهجن ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي استعمال ڪندو آهي پر هتي مک ڪردار جو ڪنهن سان نه ته ڪو ٽڪراءُ آهي نه ئي وري هن کي ڪجه ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ٿئي ٿي. سندس مقصد صرف اهو ٿو معلوم ٿئي ته اهو معلوم ڪجي ته سنڌي ماڻهو هڪ قوم ڇو نه بنجي سگهيا ۽ سنڌي سول سوسائٽي ڇو نه أسرى سگهي.

ناول هڪ ادبي صنف آهي تنهنڪري ان کي ادبي ٻولي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ۾ ادبي صنعتون يعني تشبيهون، استعارا وغيره استعمال ٿيندا آهن يا ڪردارن جي ضرورت مطابق مقامي لهجو (colloquial) به استعمال ڪبو آهي. ٻئي طرف تحقيق جي ٻولي مخصوص ۽ نصابي قسم جي هوندي آهي. هن ڪتاب جي ٻولي ادب واري نه بلڪ تحقيق واري آهي. تنهن کان علاوه منظر نگاري وغيره پڻ عنقا آهي.

انهن ڊگهن مڪالمن ۾ ڳالهائي ڀلي ڪير به پر لهجو سڀني جو ساڳيو آهي، خان جا اٺن صفحن وارا مڪالما هجن يا ڪامريڊ جا ڏهن صفحن وارا مڪالما هجن، ٻولي، لهجو ۽ فڪر ساڳيو آهي. انهيءَ حد تائين جو نوجوانن جو ڳالهائڻ يا نرس جو ڪو سوال يا گفتگو پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هي خان پيو ڳالهائي. مصنف کي مختلف ڪردارن جي انداز گفتگو، زبان، لهجن ۽ فڪر ۾ ٿورو فرق ڏيکارڻ گھرجي ها. ٻيو ته سڀ جا سڀ ڪردار هڪٻئي سان تقريبن متفق آهن تنهنڪري ڪٿي به علمي بحث جهڙو ماحول نٿو لڳي. ائين پيو ڀانئجي ته ڪو ڪلاس روم آهي جتي صرف هڪ طرفو نقطه نظر آهي. ڪامريڊ وري ڪٿي ڪٿي پنهنجي گفتگو ۾ اهڙي مقام تي ٽهڪ ڏئي کلي ٿو جتي افسوس ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

هن ڊگهي ۳۸۴ صفحن جي تاريخي مقالي ۾ ورجاءُ تمام گھڻو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون ٽي ٽي، چار چار دفعا ورجايل آهن. جيڪڏهن ڪو سٺو ايڊيٽر اهو ورجاءُ ڪڍي ايڊٽ ڪري ته هي ڪتاب ٻه اڍائي سئو صفحن جو به مشڪل سان ٿيندو. مصنف جي ذاتي دوست طارق اشرف جي زندگي جو احوال، سندس رسالي سهڻي جي پوري ڪهاڻي، سندس گرفتاري ۽ جيل وڃڻ، امر جليل تي ڇوه ڇنڊڻ، آخر ۾ سندس قبر تي پيل پڙ جواحوال پڙهي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ طارق اشرف جي زندگي تي ڪو خاڪو پيو پڙهجي. بار بار اهي سوال پڇيا ۽ جواب ڏنا ٿا وڃن ته ڇا ڪلهوڙا سنڌي هئا؟ ٽالپر بلوچ هئا يا نه؟ بلوچن جي پوري تاريخ، امير تيمور جي زندگي جو احوال، وغيره بلڪل غير ضروري ۽ اضافي ٿو لڳي.

ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ ان جو متن هڪٻئي سان متضاد آهن. ٽائيٽل مان لڳي ٿو ته هتي منصور حلاج جهڙن ڪيترن ئي سرفروشن جو ذڪر هوندو جيڪي حق ۽ سچ جو هوڪو ڏيئي، پنهنجو سر تري تي رکيو بيٺا هوندا ليڪن هتي فاضل مصنف پنهنجي مک ڪردار خان جي واتان اهو چوائي ٿو ته اڄ تائين سنڌ ۾ ڪو هيرو پيدا نه ٿي سگھيو آهي سواءِ شاه عنايت شهيد جي. هو دوله دريا خان، هوشو شيدي، ڏاهر وغيره کي هٿرادو پيدا ڪيل هيرو ٿو سمجهي.

ادب ڇا آهي؟ لفظي معنا جي حساب سان ته هر لکيل شئي ادب آهي، ڀاڄين جي اگهوتري به ادب آهي پر هتي اسان هر لکيل شئي کي ادب نٿا چئون. ادب جا پنڊت چون ٿا ته ادب جو بنياد تخيل (Imagination) تي رکيل آهي، تخيل کان سواءِ لکيل ڪا به شئي باقي ٻيو سڀ ڪجه ته ٿي سگهي ٿي پر تخليقي ادب نه. شاعري ۽ افسانوي ادب جواهم جزو هوندو ئي تخيل آهي. باقي ادبي صفتون ٻين لکڻين ۾ به ٿي سگهن ٿيون. اهو تخيل ئي آهي جنهن جي بنياد تي ڪا به لکڻي تخليقي ادب چوائي ٿي. سٺي جمالياتي ٻولي ته سفر نامي ۽ آتم ڪٿا ۾ به ٿي سگهي ٿي پر اهي تخليقي ادب جون صنفون نه آهن. اخباري خبرون حقيقت تي مبني هونديون آهن تنهنڪري اهي ادب جو حصو نه آهن ڇو ته حقيقي خبرون، حقيقي قصا، سائنسي نظريا ۽ تاريخي واقعا معروضي هوندا آهن. ادب نه هوندا آهن. ادب موضوعي يا داخلي هوندو آهي.

هي ڪتاب تاريخي واقعن، تاريخ جي سوين اصلي ڪردارن، انهن جي سٺن ۽ ڪڌن ڪمن تي هڪ تحقيقي مقالي جي انداز ۾ لکيل آهي، جنهن جي افاديت کان انڪار ڪونهي، جيڪو پڙهندڙ کي بور ڪرڻ سان گڏ اڪثر جاين تي سوچڻ تي مجبور به ڪريي سگهي ٿو. پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪندا ته هي ڪتاب ناول آهي يا سنڌ جي تاريخ.

No comments:

راءِ ڏيندا