; سنڌي شخصيتون: ميڊم ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

12 July, 2024

ميڊم ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

شاعرا، اديبا، ليکڪا، تعليمدان، تاريخدان، محقق، اسڪالر سان ڳالھ ٻولھ.

ڳالھ ٻولھ .... علي محمد درد سولنگي



سوال: اوھان جو نانءُ ولديت سميت؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ممتاز، والد جو نانءُ مير محمد سومرو. گھر واري جو نالو محمد حسين ڀٽو.

سوال:جنم جي تاريخ ۽ ھنڌ؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ۱۵ مارچ، شڪارپور.

سوال: ادبي نانءُ؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو.

سوال: تعليم، نوڪري؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ايم اي مسلم هسٽري، ايم اي ايڪنامڪس، پي ايڇ ڊي،

سوال: لکڻ جي شروعات، سال ۽ مھينو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: شاگردي دور کان ڪاليج ميگزين ۾ تحقيقي مضمون.

 سوال: ادبي استاد؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: مرحوم تاج بلوچ.

سوال: ڪنھن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: پنهنجو شوق، هر رسالو ۽ ڪتاب پڙهڻ جو ذهن تي اثر.

سوال: ڪھڙيون شيون ۽ ڳالھيون اوھان کي لکڻ تي اتساھينديون آھن؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ماڻهن جا رويا ۽ منافقت.

سوال: پھرين تخليق ڪڏھن ۽ ڪٿي ڇپي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: تحقيقي ڪم ته شاگردي دور کان هو ۽ تخليقي ادب ۾ پهرين ڪهاڻي “بنا عنوان” جيڪا حقيقت تي مبني هئي، ۲..۳ع ۾ سوجهرو ۾ ڇپي ۽ ڏاڍي پسند ڪئي وئي.

سوال: ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون آھيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: نئين زندگي، پيغام، مهراڻ، سرتيون ۽ سنڌ يونيورسٽي جي جنرلز ۾ مان پاڻ به جنرلز جي ايڊيٽر ۽ پاڪستان جي ڪجھ يونيورسٽي جي بورڊ آف ايڊيٽوريل جي ميمبر رهي آهيان.

سوال: ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿوَ؟ اوھانجي پسنديدھ صنف ڪھڙي آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪجھ ڪهاڻيون، ٿوري شاعري، باقي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ مان جنون جي حد تائين گم ٿي ويندي آهيان، اسلامڪ هسٽري، سنڌ جي هسٽري ۽ ان جا لڪل پهلو، اسپين ۾ مسلمانن جو دور، قبلِ مسيح جون تهذيبون، خاص ڪري موهن جي دڙي جي تحقيق، مشهور شخصيتون ۽ ٻيا ڪيترا ئي عنوان آهن. منهنجي تحقيق جو طريقو اهڙو آهي جو ڊاڪٽر بلوچ منهنجي هڪ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته پهرين دفعه مصنفه تاريخ جو ٻيو پهلو به ڏيکاريو آهي. جنهن تي قلم کڻڻ جي همت ڪنهن نه ڏيکاري آهي.

سوال: ڪھاڻين جو تعداد، ڪيتريون چپيل؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ريسرچ جو ڪم ته سون ۾ آهي، باقي منهنجون پنج ڪهاڻيون مهراڻ، سوجهرو ۽ سرتيون ۾ چپيل آهن ۽ ڪجھ شاعري مهراڻ ۽ سرتيون ۾ ڇپيل آهي.

سوال: چپيل ڪتاب ۽ انھن جا سال؟

ميڊم ممتاز ڀٽو:- منهنجا ست ڪتاب ڇپيل آهن اٺون ڪتاب آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن جو عنوان آهي “ سنڌ جي خواتين جو تاريخي ڪردار،

موهن جي دڙي کان انگريز پيرڊ

تائين. “

سوال: پھرين تخليق چپجڻ تي رشتيدارن جو ردِعمل ڇا ھيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: خوشيءَ جو اظهار.

سوال: ادب ۾ اڳتي وڌاۂڻ لاء اوھان جي حوصلہ افزاۂي ڪنھن ڪۂي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪُليگز ۽ فرينڊز.

سوال: شاعري اوھان جي نظر ۾؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: شاعري وجدان آهي، شاھ صاحب ڏسو، شيخ اياز، امداد حسيني، قمر شهباز، رخسانه پريت ۽ ڪجھ ٻيا نامور. اڄڪلھ جا شاعر ۽ سندن شاعري ڏسو، آڱر ڪٽائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ برابر آھي.

سوال: محبت اوھان جي نظر ۾؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: وفاداري ۽ سچائي جو جذبو.

سوال: پسنديدہ شاعر، شاعراۂون، اديب، اديباۂون؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: شاھ ڀٽائي، شيخ اياز، قمر شهباز، امداد حسيني، رخسانه پريت، امر جليل، مهتاب محبوب، حميد سنڌي، خيرالنساءِ جعفري، جمال ابڙو ۽ ٻيا نامور اديب ۽ شاعر.

سوال: پسنديدہ شخصيت؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: شھيد ذالفقار علي ڀٽو.

سوال: پسنديدہ ڪتاب، گل، رنگ، موسم، پھر؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: تاريخي جيڪي مان چاھ سان پڙهندي آهيان، گلن ۾ موتيو ۽ گلاب، موسم وچ ٿري نه گهڻي سردي نه گهڻي گرمي، جنھن ۾ بيزاري ٿئي.

سوال: زندگيء جي پھرين مھرباني/خوشي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ارشد جنهن ماء جو درجو ڏنو، انوقت مان ستاويھن سالن جي ھئس، مهنجو شهزادو اڄ چيف انجنيئر ٿيو آھي، رب سلامت رکيس.

سوال: زندگيء جو پھريون ڏک، صدمو، سُڏڪو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو:- نه پڇو.

سوال: اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو:- اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ۽ پيچيده آهي، سنڌ جي عورت باشعور آهي ۽ ھن گهڻو ڪجھ حاصل ڪيو آهي.

سوال: اڄڪلھ جيڪو ادب سرجي پيو اُن بابت اوھان جي راء؟

ميڊم ممتاز ڀٽو:- سٺي ڪوشش پئي ٿئي، پر اسان وٽ اصلاح ڪندڙ ماهرن جي ڪمي آهي ۽ گروپ بازي گهڻي آهي، اڪثر تعريف ۽ تنقيد ڪنهن کي آسمان تي چاڙهڻ تہ ڪنهن کي پَٽَ تي ڪيرائڻ هوندو آهي.

سوال: سنڌي سماج ۾ ليکڪن ۽ ليکڪاۂن کي ايتري پذيراۂي نہ ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ان جو ڪارڻ اسين پاڻ آهيون، اسين هڪٻئي جي محنت کي مٽيءَ ۾ ملائڻ ۾ خوش ٿيندا آھيون، هاڻي اڃان ڪجھ ٽرينڍ بدليو آهي ۽ ڪن کي appreciate ڪيو ٿو وڃي.

سوال: تنقيد ڇا آھي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نہ ٿي ڪۂي وڃي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪنهن به ڪم عمل يا اسم جي خوبي ۽ خامي کي پيش ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو. ادب ۾ به نقاد ڪنهن به تخليق جا سٺا ۽ خراب پهلو سمجهي، پنهنجي راء جو اظهار ڪندو آھي، اسان وٽ وري گهڻو ڪري اهڙا ذهن ٺهي ويا آهن جو لکندڙ پاڻ کي ائين مڪمل ٿو سمجهي جو اصلاح جو هڪ لفظ به ٻڌڻ لاء تيار نه آهي. ٻئي طرف وري ھروڀرو نه سهائپ ڪري، ڪنهن جي تخليق مان خاميون ڪڍيون وڃن ٿيون، جيڪي اختلاف ۽ پارٽي بازي کي جنم ٿيون ڏين.

سوال: ادبي، سياسي، سماجي تنظيمن سان وابستگي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ناري پبليڪيشن، سرتيون سان وابستگي رهي آهي، سماجي ڪم ته سڄي زندگي ڪيا آهن، وقت بزنس پروفيشنل وومين آرگنائيزيشن جيىڪا انٽرنيشنل تنظيم آهي، تنهن جي سينيئر وائس پريذيڍنٽ آهيان. سنڌ ۾ جڏهن به ڪو مسئلو ٿيو، جيئن MRD جي تحريڪ، لساني جهيڙا، ٻيهر آبادڪاري، ڏتڙيل کي پناھ ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سياستدانن سان ملڻ، کين آگاهي ڏيڻ لاء اسلام آباد تائين وياسين. سنڌ ۾ پاڻيء جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاء قومي سياستدانن سان گڏجي حصو ورتو، پوء جلسا هجن يا جلوس هجن، احتجاج هجي، ڀرپور حصو ورتو . مان سنڌي ادبي بورڍ ۾ بورڊ آف گونرس جي ميمبر بہ آهيان.

سوال: زندگي اوھان جي نظر ۾؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: الله پاڪ جي نعمت، جنهن جي بهتريء لاء دعائون گهريون وڃن ٿيون .

سوال: موت اوھان جي نظر ۾؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: هڪ حقيقت، جنهن تي ڪنهن جو وَسُ نه ٿو هلي.

سوال: نفرت ڇا آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: جڏهن ڪو ڪنهن جي خوشين ۾ رنجيده رهي ۽ مشڪل ۾ خوش رهي ۽ ٺٺوليون ڪري ته لازمي ان شخص لاء نفرت پيدا ٿيندي ۽ اختلاف پيدا ٿيندا.

سوال: دل اوھان جي نظر ۾؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: هڪ خوبصورت ۽ مقدس ھستي، جيڪا تمام نازڪ ھئڻ باوجود دنيا جا درد برداشت ڪندي اڳتي وڌي ٿي.

سوال: ايندڙ ڪتاب ۽ انھن جا نالا؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: “ سنڌ جي خواتين جو تاريخي ڪردار “ موئن جي دڙي کان انگريز دور تائين “ نالي ڪتاب لکان ٿي، جيڪو آخري مرحلي ۾ آهي.

سوال: توھان طبيعتن ڪيۂن آھيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو:- تمام سٺو ٿيڻ، معاشري کي بهتر ادا ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ، بنيادي طرح حساس طبيعت جي آهيان.

سوال: ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪوڙ ۽ منافقت تان.

سوال: مليل مڃتا، ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: سنڌيالوجي پاران منھنجي تاريخ جي ڪتاب “سنڌ ۾ ارغون ۽ ترخان قبيلي جي حڪومت“ تي ايوارڊ، ان کان علاوہ ٻہ تمام گهڻا، جن ۾ تعليمي، سماجي سرگرمين ۽ ادبي خدمتن تي ايوارڊ، شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽ جي صورت ۾ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن مان بہ مليا آهن.

سوال: لکڻ وقت اوھان جي ڪيفيت ڇا ھوندي آھي؟ اوھان ڇا محسوس ڪنديون آھيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪهاڻين لکڻ وقت ته گھڻو ڪري حقيقت وارا واقعا سامهون هوندا آهن، باقي تحقيقي ڪم لاء وڏي جاکوڙ ڪندي آهيان، جيئن تاريخ سان دلچسپي رکندڙن ۽ عام پڙهندڙن اڳيان ڪا حقيقت سامهون اچي، پر تحقيق جا دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيندا آهن.

سوال: درد ڇا آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: هڪ اهڙي پيڙا، جنھن ۾ انسان جي شخصيت متاثر ٿئي ٿي. درد جا به ڪيئي قسم ٿين ٿا، پنهنجن طرفان، ڌارين طرفان ۽ قدرت طرفان. بس الله معاف ڪري.

سوال: اوھين جيڪو لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھ لکيو اٿوَ، انھيءَ مان مطمئن آھيو؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ها! بلڪل دل سان محنت ڪئي آهي، مون کي هڪ ڪتاب تي سنڌيالوجي طرفان ايوارڊ به مليو آهي، مان پنهنجن ڪتابن ۽ لکڻين جي تشھير نه ڪندي آهيان، جو مون وٽ ايترو ٽائيم ئي نه هوندو آهي.

سوال: اوھان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن ڳاۂي آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: آھڙي نوبت نه آئي آهي.

سوال: ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آھي؟ انھن جا مسۂلا ڪھڙا آھن؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: اڄڪلھ ته شاديءَ جو رجحان ورڪنگ ليڊيء لاء گهڻو آهي ۽ انهن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، فيمليء ۾ به ڪو الميو نه آهي، پر آفيسن، ڪاليج يا يونيورسٽيز ۾ ڪجھ مرد حضرات آھن جيڪي عورتن لاءِ مسۂلا پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ ڌمڪائڻ، سندن پيسا کائي وڃڻ، حراسمينٽ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جهڙا واقعا عام ٿي ويا آهن. جيڪي مائٽن توڙي نياڻين لاء قابل قبول نه آهن. معاشري لاء اهي رويا اڏوهي مثل آهن، جنهن لاء سنڌي قوم کي ان روين خلاف ايڪشن کڻڻو آهي، جيئن عورتون بنان ڪنهن ڊپ جي معاشي طور مضبوط ٿين.

سوال: مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪاۂن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انھن جو حل ڇا آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: عورتن لاء سهپ گهٽ آهي، مردن جي معمولي لکڻين کي آسمان تائين پهچايو وڃي ٿو، جڏهن ته عورتن جي لکڻين کي پذيرائي گهٽ ملي ٿي، ايئن ٿيڻ نه گهرجي.

سوال: لکڻ اوھان جو شوق آھي يا مجبوري؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: شوق.

سوال: شھرت اوھان کي ڪيۂن لڳندي آھي؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: خوشي ٿيندي آهي.

سوال: اوھان کي ڪنھن کان ڪا شڪايت؟

ميڊم ممتاز ڀٽو: ڪابه نه، قسمت جو لکيو سمجھي چپ ڪندي آهيان..

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۳. مئي ۲.۲۳ع تي ڇپيل)


ميڊم ممتاز ڀٽو

نامياري ليکڪا به وارو وڄائي وئي

سٽون: اسد ڪيريو

نامياري ليکڪا، تاريخ نويس ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر ميڊم ممتاز ڀٽو جي اوچتي وڇوڙي جيءُ جھوري ڇڏيو، انتھائي پروقار شخصيت جي مالڪہ ميڊم ممتاز ڀٽو سان پھرين شناسائي تڏھن ٿي ھئي جڏھن پاڻ نواب شاھ ۾ سنڌ جي برک اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪتاب " منھنجون بھترين ڪھاڻيون " جي مک - ڏيکائي تقريب ۾ مھمان جي حيثيت سان شريڪ ٿي ھئي، - فيبروري ۱۹۹۲ع ۾ تي نواب شاھ جي ضلعي ڪائونسل ھال ۾ ٿيل ان مھورتي تقريب ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي، سائين غلام حسين رنگريز، ميڊم ممتاز ڀٽو، سانئڻ نذير ناز، قاضي خضر حيات، آئون اسد ڪيريو اسٽيج جا مھمان ھئاسين جڏھن ته ان مھورتي تقريب کي ڀيڻ رخسانہ پريت چنڙ، منٺار سولنگي، يوسف سنڌي، فدا حسين شاھ، امداد چانڊيو، غلام نبي ناشاد، سارنگ سھتو، عبدالڪريم سومرو سميت ڪيترن ئي ناميارن اديبن خطاب ڪيو ھو ۽ شرڪت ڪئي ھئي، ميڊم ممتاز ڀٽو سان ان تقريب ۾ پھريون ڀيرو ملاقات ٿي ۽ پوءِ ھڪ ڊگھو وقت آھي جنھن ۾ ميڊم ممتاز ڀٽو سان جڏھن جڏھن به ملڻ ٿيو ته پاڻ ھڪ وڏي ڀيڻ جيان پنهنجائپ جي پلر جي پالوٽ ڪئي تاريخ جي حوالي سان پڻ گھڻي رھنمائي ڪئي ٻہ ٽي سال پھرين سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته ساڳي اڪير ۽ پنهنجائپ سان لکڻ ۽ پڙھڻ بابت ڀلوڙ ڪچھري ٿي .اڄ صبح پنھنجي پياري انو سولنگي جي وال تي ميڊم جي وڇوڙي جي پوسٽ ڏٺم ته ڏاڍو ارمان ٿيو وڃڻو ته اڳي پوءِ ھر ڪنھن کي آھي پر ڪن شخصيتن جو وڃڻ به وڄ جيان محسوس ٿيندو آھي ۽ ميڊم ممتاز ڀٽو جو وڇوڙو ھڪ طرف سنڌي ادب ٻوليءَ ۽ دانش جو نقصان آھي ته ٻي طرف سندس وفات اسان جھڙن لکندڙن ۽ تاريخ جي شاگردن لاء دست_ شفقت جو کڄي وڃڻ پڻ آھي .

پالڻھار در سندس درجات جي بلندي لاء دعاڳو آهيان.

(اسد ڪيريو جي ۱۴ فيبروري ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)


روزاني ”آجيان“ ۾ ڇپيل ”ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو سان ڳالھه ٻولھه“ تي راءِ...

مٺل جسڪاڻي

”ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو سان ڳالھه ٻولھه“ روزاني ”آجيان“ شڪارپور جي اڱارو ۳۰ مئي ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ شايع ٿي آھي. ساڻس اھا ڳالھہ ٻولھہ سنڌي ادب ۾ شايد سڀني کان وڌيڪ انٽرويو وٺندڙ نامور شاعر ۽ نثر نويس علي محمد درد سولنگي جي سھيڙيل آھي. منھنجي خيال ۾:

ھي انتھائي اھم انٽرويو آھي، شل پڙھيو وڃي.

انٽرويو وٺڻ کان پھرين شخصيت جو انتخاب اھم ھوندو آھي. شخصيت جي چونڊ تمام گهڻي وڻي.

انٽرويو لاءِ سوال ڀلي طئہ ھجن، پر جواب ٻُڌي، انھن مان نڪرندڙ ضروري سوال لازمي طور شامل ڪرڻ گهرجي. شامل ڪرڻ سان وقت ضرور لڳندو، پر انٽرويو ۾ محسوس ٿيندڙ کوٽ پوري ٿيڻ جي ڪوشش بھترين رھندي. ھن ڳالھہ ٻولھہ ۾ شامل سوال بہ اھي ساڳيا، جيڪي خط ڪتابت وسيلي ورتل انٽرويو ۾ رھيا. جيڪڏھن روبرو جي ڳالھہ ٻولھہ آھي تہ ان نسبت سان تصوير ۾ انٽرويو ڏيندڙ ۽ انٽرويو وٺندڙ بہ ھجڻ گهرجي ھا. فاصلاتي ڳالھہ ٻولھہ جي صورت ۾ اھڙي نشاندھي بہ ڪجي ھا.

علي محمد درد سولنگي سان سڌا ۽ سوشل ميڊيا وسيلي رابطا آھن. پاڻ ڪجهہ رايا، ڳالھيون، عمل، دل ۾ ڪري ٿو، ڀلي ڪري، پر...

شخصيت جي چونڊ ۾ تڪڙ ۽ جھڙو تھڙو سوالن جو جواب ملڻ کي انٽرويو مڪمل سمجهڻ جي ڪري، ڪڏھن ڪھڙي راءِ تہ ڪڏھن ڪھڙي راءِ بہ ملندي، پر ڪي تہ انٽرويو وٺندڙ ۽ ڏيندڙ جو نالو پڙھي بہ نہ پڙھندا، ڇو تہ انھن کي شخصيت جي چونڊ تي تحفظات بہ ھوندا، تہ اڻ مڪمل انٽرويو جي بہ پڪ ھوندي.

ھن انٽرويو جي عنوان ۾ ”پروفيسر“ لفظ نہ آھي! جڏھن تہ ان جي اھميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.

درد صاحب کي يقين ٿو ڏياريان تہ روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ڏانھن روزاني تحرير نہ موڪليندس، نہ ئي روزاني ڇپبي، جڏھن کان اعتراض ڪيائين، گهڻي تڪڙ تہ بہ ٽئين ڏينھن، ڪچو ڦڪو، جھڙو منھنجو حال، مختصر ڪو خيال ھوندو، اڳتي اھو بہ نہ ھوندو.

ڇپجڻ مسئلو نہ آھي، ”آجيان“ اک ۾ ئي نہ آھي، پر آجيان جاري ڪندڙ سائين مشتاق بخاري پاران ملندڙ عزت، مان، ان جي سھپ ۽ ڪردار جي ڪري مواد موڪليندو آھيان. وڌيڪ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مواد قبوليندڙن کان پڇي پڪ ڪري سگهجي ٿي، تہ ڪنھن ڪنھن ڏانھن مواد موڪليندو آھيان، انھن کي منٿون ۽ ايلاز ڪندو آھيان، چورائيندو آھيان يا نہ...

بي سبب لکڻ، ھرو برو ڇپجڻ، منھنجي اوليت نہ رھي آھي. ان ڪري پنھنجي پنھنجي سوچ درست رکي وڃي.

مجموعي طور انٽرويو سٺو آھي، نون لکندڙن کي ڌيان سان پڙھڻ گهرجي.

انٽرويو وٺندڙ پنھنجي رمز موجب ڪم ڪيو، انٽرويو ڏيندڙ محدود سوالن جا محدود جواب ڏنا. جڏھن تہ ڪمزور سوال کي بہ ڀرپور سمجهي، بھتر کان بھتر جواب ڏيڻ کپندو ھو.

بھرحال، پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو وڏو نالو آھي، سندس محنتون انٽرويو پڙھڻ سان بہ ڄاڻي سگهجن ٿيو، کانئس انٽرويو وٺڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻ کپندي ھئي. اھڙين شخصيتن کان پينل انٽرويو وٺڻ گهرجن.

ضروري وضاحت

ــــــــــــــــــــــــــــ

مون ۾ اھڙي صلاحيت ھجي ھا، تہ صلاح نہ ڏيان ھا، اڪيلي يا پينل جي صورت ۾ انٽرويو وٺان ھا.

ذھن ۾ رھي تہ علي محمد درد سولنگي ھي انٽرويو فيس بوڪ تي پوسٽ ڪيو، ان تي مون پنھنجي راءِ ٻہ دفعا لکي. ھڪ راءِ جي جواب ۾ انٽرويو ڏيندڙ لکيو:

I am meritorious professor retired in grade 22

ميريٽوريس پروفيسر ٿيڻ سولو نہ آھي. جيڪي ٿيا يا جيڪي نہ ٿي سگهيا، انھن کي اندازو آھي. عام ماڻھو تہ ڇا لکيل پڙھيل اڪثريت کي بہ خبر نہ آھي، تہ اھو ڪھڙو اعزاز آھي؟ ان ڪري مون ورنديءَ ۾ عرض ڪيو:

ڪاش! انٽرويو جي عنوان ۾ نشاندھي ھجي ھا ۽ ڪنھن جواب ۾ ان اعزاز ملڻ جي پسمنظر تي ڳالھايو ھا، تہ پنھنجا اڪثر اديب، ان کان اڻ واقف آھن، کين خبر پوي ھا، تہ جن لاءِ ھو ائين ئي رايو ڦھڪائي ڇڏين ٿا، اھي اصل ۾ اتي ڪيئن پھچي، ڪھڙو اعزاز ماڻين ٿا.

بھرحال، اھو بہ سچ آھي تہ علي محمد درد سولنگي کي شاباسون، تمام سٺو ڪم ڪري پيو. پڙھندڙن جا رايا پڙھي شل سست نہ ٿئي. سٺو ڪم پيو ڪري، جاري رکي.

 

(روزاني ”آجيان“ شڪارپور، خميس پھرين جون ۲۰۲۳ع)


No comments:

راءِ ڏيندا