; سنڌي شخصيتون: علي محمد درد سولنگي

12 July, 2024

علي محمد درد سولنگي

علي محمد درد سولنگي

تعارف

 

* ادبي نالو: علي محمد درد سولنگي. ( درد سولنگي)

* اصل نالو:  علي محمد ولد قاضي مير محمد سولنگي

*. جنم جي تاريخ ۽ هنڌ: جنگ کان پوءِ امُن وارن ڏينهن ۾ سولنگين جي راڄڌاني ماڻڪ تاري ڀرسان پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگيءَ ( تعلقو ۽ ضلعو دادو) ۾ قاضي مير محمد سولنگيءَ جي گھر اسڪولي ريڪارڊ مطابق ۲۱ نومبر ۱۹۶۵.

*. تعليم: شروعاتي تعليم پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ قاضي پير محمد مان، مئٽرڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن، ڊپلوما ڪراچي بورڊ ۽ ايم اي ( سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد.

*. شهرت جو ڪارڻ: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس


*. تصنيفون

ڇپيل ڪتاب

۱. ٻار گلن جا هار ( ٻارن لاءِ شاعري) ۲..۵ع

۲. چاهتن جا گلاب ( غزل/شاعري) ۲..۶ع

 ۳. چاهتن جي موٽ ( شاعري) ۲..۸ع

۴. هڪ شام جو الميو ( ڪهاڻيون) ۲.۱۲ع

۵. سهڻا ٻار ( ٻارن لاءِ شاعري) ۲.۱۲ع

۶. موتين داڻا ( ٻارن لاءِ شاعري) ۲.۱۷ع

۷. . ڪاش! ( شاعري) ۲.۱۹

۸. قلم جنين جي ھٿ م (خاڪا) ۲.۲..

۹. وڃائجي ويل رنگن جو احساس. ( نثري نظم) ۲.۲..

۱.. قدر منجھ ڪنار. . (انٽرويوز) ۲.۲۱.

۱۱. ڪراچي سنڌ آ ساۂين. ( قومي شاعري) ۲.۲۱.

جڏھن ته. . . . . .

۱. چاهتن جا درد ( شاعري)

۲. موتيي ۽ گلاب جا گل ماڻهو ( خاڪا، تاثر، پروفائيل انٽرويو ۽ اڀياس)

۳. چاهتن جا سلسلا (شاعري)

۴. ڳوڙھا به ڳالهائيندا آهن ( نثري ٽڪرا/ڊائريءَ مان شاعراڻو نثر)

۵. ڀرجي آيل نيڻ ڪٽورا ( ڪهاڻيون) ڪجھ ٻيا اڻ ڇپيل/اڻ سهيڙيل ڪتاب

*. مڪمل ائڊريس: گھر نمبر ۲.۸/B حافظ احسن چنه گھٽي، ڪاٺياواڙ محلا UC. ۲ دادو سنڌ.

*. لکڻ جي شروعات: پهريون غزل ۱۹۹۲ع ۾ رابيل شر جي زيرِنگراني روزاني سنڌوءَ جي ادبي صفحي ”فرائيڊي اسپيشل”۾ ڇپيو، ان کان به اڳ هڪ غزل ”شهر تنهنجي ۾ مٺا مان آيس”سنڌ جي ناليواري راڳي منظور سخيراڻي ڳايو، اهو البم جڳ مشهور ڪمپني ”پارس”۱۹۸۹ع رليز ڪيو، شاعري ڪالم، ڪهاڻيون سنڌيءَ ٻوليءَ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪي ۽ ڇپجندي رهي ٿي، جڏهن ته ۱۹۹۷ع ۾ روزاني ”بختور”۾ تقريبن ۲ ٻه سال ۽ ۲..۳ع ۾ روزاني ”سنڌوءَ”۾ تقريبن هڪ سال لکيل چوسٽا هر روز هلندا هيا، ان کان علاوه ۱۹۹۷ع ۾ ئي روزاني ”هلال پاڪستان”اخبار ۾ هفتيوار ادبي ڪالم ”تون ڇا ڄاڻين”جي عنوان سان پڻ ڪجھ عرصو هليو.

* شاعري ممتاز علي لاشاري، منظور سخيراڻي، سجاد يوسف، حميره چنه، عابده خانم، ثمينه ڪنول، ديبا سحر، ممتاز ڪنول، تاج مستاني، ثريه سومرو، علي مراد جتوئي، ڪوثر ماروي، غزاله آفتاب، تهمينه ڪنول، ناهيد علي، شازيه بلوچ، آسيه ثمن، روبينه ڪاوش، ذوالفقار علي سولنگي، ذوالفقار راهي، الهڏنو جوڻيجو، الهڏنو خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، اسلم راهي، آصف چارڻ، سرور سخيراڻي، غلام شبير سخيراڻي، امام بخش زرداري، انور حسين وسطڙو، نجب علي وسطڙو، رضا حسين وسطڙو، صداقت علي وسطڙو، سنڌي ڪمار سانو روشن شيخ، اميران بيگم، حسين بخش منصور سخيراڻي، ثمينه گل سمون، رضوان راجه ڪابورو، اڪرم پنهور، معشوق علي کوکر، غلام علي سنديلو ۽ ٻيا ڪيترا ئي فنڪار ڳائي چڪا آهن،

* سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جو سيڪريٽري، سلسليوار ”خوشبوءِ” بعد ۾ ”نئين خوشبوءِ ”جو پبلشر ۽ ايڊيٽر (اعزازي) ماهوار ”سونهن” اسلام آباد، ۽ ماهوار ”دوستي” (اردو) اسلام آباد جو جوائنٽ ايڊيٽر (اعزازي)، جڏهن ته الشفيع پبليڪيشن دادو، صابر پبليڪيشن دادو ۽ ثقافتي ۽ ادبي فورم دادوءَ جو باني ۽ چئرمين پڻ، شھباز ادبي ڪانفرنس سيوھڻ شريف ۽ ٻين کوڙ سارن ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ.

*. مڃتا: ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتاب ”ٻار گلن جا هار”تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) پاران مڃتا شيلڊ ۲..۵ع، روازاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو پاران بهترين شاعر جو ايوارڊ ۲.۱۱ع، ماهوار سنڌ راڻي ۽ رائيٽرس فورم حيدرآباد پاران ٻارن لاءِ جاکوڙيندڙ شاعر سنڌ راڻي ايوارڊ ۲.۱۳ع بھترين ڪھاڻي ايوارڍ ۲.۱۷، پاران سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو، بھترين شاعر ايوارڊ ۲.۱۸، پاران سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا. . . . ان کان علاوه مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليل، جڏهن ته ماهوار ”امرتا“، ماهوار ”ڪرزما“، ماهوار ”سنڌ رويو“، ماهوار ”نئين آس“، ماھوار ”ويچار“، روازاني ”عوامي آواز“، روزاني ”سڪار“، ماھوار ”نئين آس”پاران ”مڃتا ڪارنر”پڻ شايع ٿيل.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور سنڌ ۲۶ ڊسمبر ۲.۲۱ع)


علي محمد درد سولنگي

دردن کي مرڪن ذريعي مات ڏيندڙ شاعر

سٽون: وفا ياسين آرائين

شاعري نالو آهي اندر جي اڌمن، جذبن، احساسن جو، جڏهن اندر جي تڙپ وڌي ويندي آهي شاعر قلم کڻندو آهي پوء اها تڙپ يا ڇڪ معشوق جي يادن جي هجي يا دنيا جي ڏنل دردن جي يا سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن سان ڏاڍ ظلم جبر واري ڪهاڻي هجي ته پوء شاعر انهي آواز کي پنهنجي لفظن ۾ اوتي دنيا تائين پهچائي ٿو جڳ مشهور ڏاهي شيلي چيو آهي ته شاعر ڏکن ۽ دردن مان سکندا آهن اهڙو ئي اسانجو هڪ پيارو ۽ سهڻو شاعر علي محمد درد سولنگي به انهن شاعرن مان هڪ آهي جن دردن کي کلي کيڪاريو آهي ۽ اهي ائين ٿا سمجهن ته اگر درد هن دنيا ۾ نه هجي ها ته انسان انسان نه هجي ها، پر علي محمد سولنگي کي درد اهڙا ڳچي ۾ لڳا جو هن پنهنجو نالو ئي درد رکي ڇڏيو سندس دردن اڄ ڏينهن تائين پيڇو ناهي ڇڏيو.

علي محمد درد سولنگي جو جنم ۲۱ نومبر، ۲۷ رجب معراج واري ڀلاري رات پرهه ڦٽي ويل استاد بخاري جي ديس ۾ شهر ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي ضلعي دادو ۾ ٿيو، پر درد سولنگي مطابق نه درد جي زندگي ۾ امن رهيو ۽ نه ئي وري درد محبت جي معراج جا مزا ماڻيا. علي محمد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ قاضي پير محمد مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان، ڊپلوما ڪراچي، ايم اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان، بي ايڊ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيائين.

درد سولنگي کي جڏهن دردن مڪمل طور تي وڪوڙي ڇڏيو ته هن شاگردي واري زماني کان ۸. واري ڏهاڪي ۾ قلم هٿ ۾ کنيو ۽ لکڻ جي شروعات ڪئي سندس پهريون غزل ۱۹۹۲ع ۾ روزاني سنڌو جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو سندس سڃاڻپ هڪ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار، نثر نگار طور آهي. سندس تخليقون سنڌي ٻولي جي سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون.

درد طبيعت ۾ هر وقت مرڪون وکيريندڙ يارويس ماڻهون پهرين ملاقات ۾ سامهون وري کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ وارو، سامهون واري سان اهڙي پيار ۽ پريت سان ملندو جو ائين لڳندو ڄڻ علي محمد کي ڪي درد آهن ئي ڪونه.

علي محمد درد کي جيڪا شي لکڻ تي مجبور ڪري ٿي سندس چوڻ مطابق جڏهن ڪنهن سندري جي ڳل جو تر تڙپائيندو آهي، ڪنهن جو مرڪڻ موهي وجهندو آهي، ڪنهن جي هلڻ، ڏسڻ جو انداز، جسماني جوڙجڪ، ۽ سندس بيهڪ ۽ نخرن کي ڏسندو آهيان ته قلم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ۽ دوست سندس جي سونهن ۾ ڪافي سٽون لکي وٺندو آهي، ڇوته لکڻ لاء متاثر ٿيڻ ضروري آهي ۽ اهي خوبيون ٻين شاعرن وانگر درد سولنگي کي به متاثر ڪن ٿيون.

علي محمد درد جي شاعري تمام پڪي پختي ۽ معياري آهي سندس جي شاعري ۾ اهڙي ڪشش آهي جو پڙهڻ وارو اها ئي ڇڪ محسوس ڪندو آهي جيڪا درد شاعري لکڻ وقت محسوس ڪندو آهي، علي محمد کي پنهنجي محبوب پيار ۾ ڪيترا ئي صدما ڏئي وساري ڇڏيو پر علي محمد پنهنجي راهه تي ئي بيهي اڄ به ان بيوفا سان وفا ٿو ڪري جيئن سندس هڪ شعر آهي،

چوٽ اهڙي ڏنئي چاهه ۾

باهه ٻاري ڇڏيئي ساهه ۾

تو وساري ڇڏيو پر اسين

اڄ به بيٺا آهيون راهه ۾

محبوب جي جدا ٿيڻ کانپوء جيڪي عذاب واري حالت ۾ راتيون گذاريون وينديون آهي ننڊ اکين کان ڪوهين ڏور هوندي آهي يار جي ياد ۽ تات ذهن ۾ گهر ڪيون ويٺي هوندي آهي انهي درد واري ڪيفيت کي درد ئي بيان ڪري سگهي ٿو سندس چواڻي مطابق،

راتيون ڪاٽيان ڦٿڪي ڦٿڪي

ڪين اچي ٿي ننڊ جي جهٽڪي

هِن هُن پاسي وٽجان سٽجان

پور پون ٿا مونتي ڪٽڪي

اڄڪلهه واري هن دور هر ماڻهو پاڻ دوکي کائڻ کان پوء ٻين کي به دوکي ڏيارڻ واري جستجو ۾ لڳل آهي پر علي محمد پاڻ پيار ۾ دوکو، درد ۽ سور سهي ڪري پنهنجي دوستن کي مطلبي محبتن ۽ دردن کان آگاهه ڪندو وڃي ٿو ته،

زندگي بي وفا اٿئي پيارا

درد واري صدا اٿئي پيارا

ڪا سچائي رهي نه آ اڄڪلهه

جاٿي ڪاٿي جفا اٿئي پيارا

محبتون مطلبي ويون بڻجي

پيار دوکو دغا اٿئي پيارا

علي محمد سولنگي کي دوست ڀلي ڪيڏا به درد ۽ سور ڏين پر درد انهن کان ڪنارا ڪشي ڪرڻ بجاء ويتر انهن کي پنهنجي جان سان لڳائي ٿو سندس جي فطرت ۾ آهي ئي صرف پيار ونڊڻ، علي محمد انهن جي شڪايت ته نٿو ڪري پر سندس دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاء صرف ايترو ضرور چوي ٿو ته،

منهن تي کلين ملين ۽ پرپٺ ڪرين گلائون

منهنجي وفا جون سائين ايڏيون ڪڙيون سزائون

ڏئي درد سولنگي جي هر هڪ لٽي خوشي ٿو

آ واهه جي نڀائي مون ساڻ دوستي تو

ته به علي محمد ٿو توکي ڏئي دعائون علي محمد درد ٻارن لاء به پاڻ ٻار بڻجي خوبصورت سٽون لکيون آهن ۽ انهن کي وڏن جو ادب احترام ۽ ٻين سٺين ڳالهين جي هدايت ڪندو رهيو آهي جيئن سندس هڪ شعر آهي

منهنجا مٺڙا سهڻا ڀاءُ

ڪين تون ڪنهنجو روح رنجاءِ

هر ڪنهن کي ڏي جهول خوشين جا

ڪنهن جي دل کي ڪين ڏکاءِ

راند رلڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾

ڪين اجايو وقت وڃاءِ

علم سان رک تون چاهه هميشه

پنهنجي نيڪي، نانءُ ڪڍاءِ

علي محمد درد سولنگي هڪ بهترين شاعر سان گڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار به آهي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ``هڪ شام جو الميو´´ پڻ ڇپيل آهي سندس جي ڪهاڻين ۾ به موجودهه دور جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي علي محمد جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن علي محمد ڪيترن ئي رسالن ۾ ايڊيٽر جون ذميواريون به سرانجام ڏيندو رهيو آهي. پاڻ هن وقت تائين پنهنجا ڇهه ڪتاب سنڌ واسين تائين پهچائي چڪو آهين جن ۾ ''ٻار گلن جا هار''، ''چاهتن جا گلاب''، ''چاهتن جي موٽ''، ''هڪ شام جو الميو''، ''سهڻا ٻار'' ۽ ''موتين داڻا'' شامل آهن سندس جي شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، سجاد يوسف، حميرا چنا، عابده خانم، ثمينه ڪنول، ديبا سحر، ممتاز ڪنول، تاج مستاني، ثريا سومرو، الهڏنو خاصخيلي، الهڏنو جوڻيجو،روبينه ڪاوش، شازيه بلوچ، انور وسطڙو،سرور سخيراڻي، اميران بيگم،آصف چارڻ ۽ ٻين ناليوارن فنڪارن ڳائي آهي، پاڻ تنظيمي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت دادو جو جاکوڙي ڪارڪن جون ذميواريون نڀائيندو پيو اچي سندس کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن جن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران مڃتا شيلڊ، روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو پاران بهترين شاعر جو ايوارڊ، ماهوار سنڌ راڻي ۽ رائيٽرس فورم حيدرآباد پاران ٻارن لاء جاکوڙيندڙ شاعر سنڌ راڻي ايوارڊ، بهتريب ڪهاڻيڪار ايوارڊ ۽ ٻيا مڃتا سرٽيفڪيٽ شامل آهن پاڻ ڪيترن ئي اهم ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو آهي، علي محمد سولنگي هڪ بهترين استاد پڻ آهي تعليم کاتي پاران به ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا اٿس.

علي محمد سولنگي جو ٻيو هڪڙو تاريخي ڪم اهو آهي ته هن جيئري ۽ انهن شاعرن کي مڃتا ڏئي انهن جي زندگي ۽ سوانحيات کي لفظن ۾ اوتيو آهي جيڪي ان مڃتا جا حقدار هئا عام طرح ائين ڏٺو ويو آهي ته ڪوئي تخليقار هي دنيا ڇڏي ويندو آهي ته پوء ان تي وڏا وڏا ڪالم ۽ مضمون سرجيا ويندا آهن ۽ انجي ڪم کي ساراهيو ويندو آهي پر علي محمد ان روايت کي ٽوڙيندي جيئري ئي انهن تخليقارن کي مان بخشيو آهي جيڪي ان مڃتا جا حقدار هئا سندس ان تخليقارن تي لکيل مضمونن جڳ جو مجموعو به ڇپائي هيٺ آهي جيڪو جلد سنڌ واسين جي هٿن ۾ هوندو.

اسان جي الله تعالي کان دعا آهي ته هي سٻاجهڙي شاعر کي اڃا به وڌيڪ همت ڏئي ۽ هاڻي علي محمد جي زندگي ۾ دردن کي ختم ڪري

خوشين جا انبار آڻي ته جيئن هي سهڻو شاعر اڃا به پنهنجي ڏات ذريعي سنڌ واسين جي خدمت ڪندو رهي. آمين.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ جي سنڊي مئگزين ۾ ۱۵ جولاء ۲.۱۸ع تي شايع ٿيل)

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۱۸ جولاء ۲.۲۲ع تي ڇپيل)


علي محمد درد سولنگي

سونھن، سچ ء درد جو شاعر

پير شمس الدين شمس

سونهن توسان واسطو رھندو سدا

روح وارو رابطو رھندو سدا

نفرتن جي واٽ کان ونئون ٿا وڃون

پيارَ وارو پيچرو رھندو سدا

ڪجھ ڏينهن کان اندر ۾ سوچ جو ساگر اٿِلون پيو کائي ۽ ذھن ۾ وِلوڙَ کورا پئي کاڌا ته سنڌ جي سيبتي ۽ پياري شاعر علي محمد درد سولنگيءَ پنهنجو شاعريءَ

جو ڪتاب ڪاش! ڏنو سندس لک قرب احسان ۽ کيس

خوبصورت ڪتاب جون مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

سوچيم پئي ته ننڍڙي ذھن آھر سندس ڏنل سوکڙي ڪاش! ڪتاب تي ٻه اکر لکي محبت جو اظھار ڪيان

آء ڪو وڏو شاعر، اديب يا نقاد نه آھيان

محبت ڀريا احساس ارِپيان ٿو دادوءَ جي خوبصورت

شاعر علي محمد درد سولنگيءَ کي!

گلابي ڳلنِ تان شَرابي اکين تان

مان صدقي وڃان چاڪليٽي چپن تان

کِلڻَ وقت تنهنجي ڳلن تي ٺھن ٿا

وڃان گھورَ تنهنجي ڳلن جي چگھن تان (علي محمد درد سولنگي)

شاعري فنَ، فڪر جي لاڙن ۽ گھاڙيٽن ۾ لازمي نواڻ پيدا ڪري ان ۾ تخليقي اثرَ، وصيت ۽ سگھ شاعري جي ڪارج کي پڻ مضبوط ڪري ٿي.

اجرو انسان ٻاھران ڪيڏو

مَن جو ميرو لِباس سوچي ٿو

اھڙن بهترين، گھِرائي وارن خيالن ۽ نفيس جذبن، احساسن جو شاعر علي محمد درد سولنگي آھي

آئون جڏھن ۱۹۹۳. ۱۹۹۴ ۾ ڪراچي اخبار ۾ نوڪري

ڪندو ھيس ” روزاني جاڳو اخبار ۽ روزاني پڪار اخبار “ ان وقت ادب ۽ شاعري سان محبت شوق ھيو شاعري

جام ٿيندي ۽ پڙھبي ھئي ان وقت علي محمد درد سولنگي

جي شاعري ججھي مقدار ۾ ڇپبي ھئي مختلف رسالا نڪرندا ھئا انهن ۾ ھالار ڊائجسٽ، ھزار داستان، ماھوار

ادب، سھڻي، پارس، سنڊي ميگزين، ڪاوش اخبار ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس شاعري ڇپبي ۽ پڙھڻ جو موقعو ملندو ھو.

سندس شاعريء ۾ رس چس محبت پيار جا مينار پڻ ملن ٿا سندس لھجو سھڻو ۽ سلوڻو آھي ۽ ھي شعر ڏسو

تنهنجي وڻي وئي سادگي

منهنجي ٺھي وئي زندگي

سندس ھي شاعريءَ جو ڪتاب ڪاش! پڙھڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته علي محمد درد سولنگي پڪو پختو ۽ برجستو شاعر آھي سندس سندر ۽ سھڻا خيال ۽ حسناڪي جھلڪندي نظر اچي ٿي جيئن ھي شعر پڙھو.

سامھون رڪشي ۾

نظر پئي جو اوچتو

چنڊ ھو پردي ۾

شاعر لفظن جي مالها جوڙي جنهن پيڙا مان گزري ٿو

علي محمد درد پنهنجي زندگيءَ سان مخاطب ٿي چوي ٿوته:

زندگي منهنجي زندگي ڪانهي

غم ئي غم آ رڳو خوشي ڪانهي

سندس ھنن سٽن ۾ سھڻو سٽاء خوبصورت تشبيه ۽

سھڻو خيال ۽ ڄامشوري سان ھونئن ته ھر شاعر جون

يادون ھونديون ۽ يونيورسٽيءَ واري زماني کي ۽ ڄامشوري جي ٿڌڙين ھوائن کي ڪير وساري پر اتي علي محمد درد پڻ ڄامشوري

سان محبت جو اظھار ڪندي ھرڻي، ھٺيلي وينگس ۽ چيڪي مٽيءَ جو ڪورو گھڙو پيارو شعر پڙھي لطف وٺو.

اکين ۾ اڃان پيو ڦري ڄامشورو

ھو چنچل ڪا وينگس ۽ ھرڻي ھٺيلي

ھو خوشبو جو جھونڪو ۽ مدھوش تِتلِي

ھو چيڪي مٽي جو گھڙو ڄڻ ڪو ڪورو

اکين ۾ اڃان پيو ڦِري ڄامشورو

ھن خوبصورت ڪتاب ڪاش! لاء نيڪ تمنائون ۽ دلي دعائون ته ادب ۾ اھم جڳھ وِلاري پزيرائي ماڻي ۽علي محمد درد سولنگيءَ کي مولا سدا سلامت رکي شاعري کي

عوام الناس لاءِ سھڻن خيالن سان سِرجيندو رھي.

سھڻي تنهنجي سار لڳي آ

سارَ به تاروتارِ لڳي آ

چوڏسِ تنهنجا ٽھڪ ٽڙن ٿا

موتئي جي مَھڪارَ لڳي آ (علي محمد درد سولنگي. )

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۲۴ جولاء ۲.۲۲ع تي ڇپيل)



علي محمد درد سولنگي

مختصر تعارف ۽ ويچار - فيس بوڪ انٽرويو (اٺٽيهين ڪڙي)

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

علي محمد ’درد‘ سولنگي جي لاءِ ڇا لکان؟ ڪنھن کان ڳُجهو ھوندو؟ آئون تہ نہ ٿو سمجهان! اوھان علي محمد ’درد‘ سولنگي جو ڪو گيت، غزل، سانگ ڪڏھن تہ ٻڌو ئي ھوندو. آئون دل سان سندس ٿورائتو آھيان، جو ھن سلسلي ۾ شامل ٿي، مون کي آٿت ڏنائين. اوھان سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پڙھي، پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندا تہ ’درد‘ جو درد ماٺو ٿيندو، مٺل جي محنت سجائي ٿيندي.

۱. اوھان جو نالو؟

علي محمد، ادبي نالو: درد سولنگي (علي محمد درد سولنگي).

۲. ولديت ذات سميت؟

قاضي مير محمد سولنگي.

۳. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟

ايڪيھين نومبر،  ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي، جيڪو سولنگين جي راڄڌاني ماڻڪ تارو ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ويجھو دادو تعلقي ۾ آھي. ھن وقت رھائش مارڪيٽ روڊ، دادو.

۴. تعليم؟

ايم سنڌي،  بي ايڊ.

۵. ڪرت؟

پڙهڻ پڙھائڻ.

۶. ترجيحاتي مصروفيتون؟

ڪتاب پڙھڻ، ان کان علاوہ ڪي خاص نه.

۷. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟

بس اندر جي اوٻر/ دل جو درد، ڪٽيل قلب جي خون مان ڪلڪ/ قلم ٻوڙي، ابتا سبتا جملا لکندو آھيان، باقي نه مان شاعر آھيان، نه ناول نگار، نه وري ڪھاڻي نويس، بس زماني جي ڏنل زھر کي پنن تي اوڳاڇيندو آھيان. ڇا لکندو آھيان؟ اھو ته پڙھندڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا.

*  ڇپيل ڪتاب، پبليڪيشن ۽ ڇپائي جو سال هيٺئين ريت آهي:

۱. ٻار گلن جا ھار ( ٻارن لاءِ شاعري)، صابر پبليڪيشن دادو، سال ۲۰۰۵ع

۲. چاھتن جا گلاب ( شاعري)، نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد، سال 2006ع

۳. چاھتن جي موٽ (شاعري)، سچائي اشاعت گھر دڙو، ۲۰۰۸ع

۴. ھڪ شام جو الميو (ڪھاڻيون)، ثقافتي ۽ ادبي فورم دادو، ۲۰۱۲ع

۵. سھڻا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري)، ثقافتي ۽ ادبي فورم دادو، ۲۰۱۲ع

۶  . موتين داڻا ( ٻارن لاءِ شاعري)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۱۷ع

۷. ڪاش! ( شاعري)، ساحل پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۱۹ع

۸. قلم جنين جي ھٿ ۾ ( خاڪا)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۲۰ع

۸. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟

وقت، احساسات ۽ موڊ جي لحاظ کان اوليتون بدلجندنديون رھن ٿيون، اخلاقيات، نفسيات، جنسيات، سوانح حيات، شاعري، ڊائري، ڪھاڻيون، آتم ڪھاڻيون، افسانا، نيڻن جا نظرانا، چپڙن جا پيمانا، دردن جا داستانا، ناول، اکين جي کيچل، ڪنھن چنچل جون چلولايون، گيت وايون، اجايون سجايون مطالعي ھيٺ رھيون آھن.

۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

سير سفر گھٽ ڪيو آھي، ڪنھن جي نيڻن جي ندي ۾ ٻڏي اتي ئي رھجي وياسين، ٻيا ڪپر ۽ ڪن وسري ويا.. دنيا سڄي اتي ئي دنگ ٿي.

اتي ئي آھين، جتي اوھان ڇڏيو،

اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين،

جي ٻئي در واجھائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.

۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟

ڪچھريون قرب واريون ڀل ھجن،  پر اڳ واريون اھي ڪچھريون ڪٿي، ھاڻي ته ڪچھرين ۾ اوڀاريون لھواريون ڏئي اندر جا احوال وٺي... پوءِ الزامن جي اھڙي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو، جھڙو عيسيٰ کي به صليب تي نه سلھاڙيو ويو ھوندو، پوءِ پيڙائن جي اھڙي پلصراط پار ڪرڻي پوي ٿي جو پير پٿون ٿي ٿا پون

۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

ادبي تقريبون ضروري آھن، ادبي تقريبون آڪسيجن جو ڪم ڏين ٿيون، پر اڄڪلھ اھي تقريبون، تقريبون گھٽ تخريبون وڌيڪ ٿي ويون آھن، گھڻو نه چوندس پاڻ سياڻا آھيو.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

سماجي ڪم ۽ تقريبون، سماج لاءِ ٿيڻ کپن، پر اسان اھي ڪم سماجي ڏيکاءَ ۽ تقريبون پنھنجي نماءَ لاءِ منعقد ڪيون ٿا. اھڙن سماجي ڪمن ۽ تقريبن جو سماج کي ڪو فائدو نه ٿو ملي، پر ھا پنھنجا ڪم ٿيو وڃن.

۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

سڀن سان سٺي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ھميشه ھارائي انھن کي کٽرايو آھي، پنھنجو پاڻ ۽ پنھنجي ضرورتن کي پوئتي رکي، انھن کي، انھن جي ضرورتن ۽ انھن جي جذبن کي اوليت ڏني آھي، پاڻ کي ڏک ڏئي به انھن کي خوشيون ڏيڻ جي ڪئي آھي، ھا پر ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن جو ڏينھن ھفتن مھينن تائين ڇا سالن تائين منھن به ڏسڻ گوارا نه ڪندو آھيان، ان ڪري جو ھو پنھنجي روين جي ڪري پنھنجي اھميت ۽ عزت وڃائي ويھندا آھن.

۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

تو اپڻي توڙ نڀاءَ، انھن دي او ڄاڻي..

۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟

ڪپڙن ۾ اڇو، گلن ۾ اڇو (موتيو) ۽ گلابي/ڳاڙھو گلاب، ماڻھن ۾ سانورو/ ڪڻڪ رنگو، بوٽن ۾ ناسي، جتي/کوسي ۾ سونھري (زري وارو)، اک ڪاري ۽ خوشبوءِ ۾ موتيي، اوپن، مينھن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي ۽ انسانن ۾ انسانيت جي خوشبوءِ.

۱۶. اوھان جي پسند جي سواري؟

جي ايل آءِ GLii، پر آھي پاڻ وٽ سائيڪل به ڪانه، سدائين پيرين پنڌ.

۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے.

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

استاد بخاري جي غزل جو بند آھي ته:

غيرن کان ڀلا شڪوہ، استاد ڪبا ڪھڙا؟

پنھنجا ته ٿيا پنھنجا، پنھنجن کان پڇان ڇا ڇا؟

منھنجو ھڪ گيت محترم ممتاز لاشاري ڳايو آھي، جيڪو ھن طرح آھي ته:

ڪجھ پنھنجن پھر وھيا آھن، ڪجھ ڌارين دل آزاري آ.

ڪنھن ڪنھن جا ويھي نانء کڻان، مون لۂہ باھ سڀن ھت ٻاري آ.

سو

جو درد ملا اپنوں سے ملا، غیروں سے شکایت کون کرے؟

جو زخم دیا پھولوں نے دیا، کانٹوں سے شکایت کون کرے..

ان ڪري..

ہم کو کس کے غم نے مارا یہ کہانی پھر سہی.

 کس نے توڑا دل ہمارا یہ کہانی پھر سہی.

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

سوکيءَ ڀائين سڀ ڪو، يا ائين کڻي چئو ته ”ڪم پوي ته ڪل پوي“.

۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

عام ماڻھو آھن ڪٿي؟ اڄڪلھ ھر ڪو خاص آھي.

۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟

ميرا پیغام محبت ہے جہاں تک پہنچے..

محبت ڏي محبت وٺ، محبت ۾ مزو آھي...

 


No comments:

راءِ ڏيندا