; سنڌي شخصيتون: سائين جي ايم سيد - ۴

18 July, 2024

سائين جي ايم سيد - ۴

سائين جي ايم سيد - ۴

هڪ صديءَ جي تاريخ!

سچل ڀٽي



۲۰هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ موڪلائڻي ڪندڙ سنڌ جي ساڃاھ جو محور رهندڙ سائين جي ايم سيد هڪ صديءَ جي تاريخ جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هن صديءَ جي تاريخ جتي ٻن عظيم عالمي جنگين کي جنم ڏنو، اتي ننڍي کنڊ جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱو به عمل ۾ آيو. جنهن ورهاڱي ۾ سائينءَ جو ڪردار اهم ۽ اڳئين صف وارو رهيو. سائين بلند ڪردار جو مالڪ هو. هر ان شئي کان پر ڀرو نظر آيو، جيڪا کيس غافل ڪري ۽ مقصد تان هٽائي. جهڙوڪ دولت، شهرت، عياشي يا نشي پتي جي ڇڪ کان پاڻ بچائيندو رهيو. ايتري تائين جو آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سندس سخت ناقد رسول بخش پليجو صاحب به سندس ڪردار جي بلنديءَ جو دل سان قائل هو. ان جو مطلب اهو هرگز نه ورتو وڃي ته سائينءَ کان ڪي غلطيون سرزد نه ٿيون هونديون! سندس پنهنجو به اهو چوڻ هو ته، “جيڪر ڪو پاڻ کي عيبدار نٿو سمجهي، ڄڻ هو پنهنجي عيبن تي پرده پوشي ٿو ڪر”. هن پنهنجي غلطين تي نه رڳو اعترافي نوٽ لڳايو پر انهن تي معافيءَ جو طلبگار به رهيو. اهڙين اجتماعي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ غلطين جو ڪارڻ هڪ ته حالتن جو جبر سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ڪارڻ سندس طبيعت جي گڻن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جو سياسي سفر متزلزل نظر اچي ٿو ۽ ان متزلزل فيصلن ڪارڻ هو تاريخدانن جي مڏي ڇريءَ هيٺ ايندو رهي ٿو.


سائين جي ايم سيد جي جدوجهد ڪنهن به سياسي رهنما جي طويل ترين جدوجهد آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ قيد ۽ بند به ڏٺائين. ايتري تائين جو مرڻ گهڙيءَ وقت به هٿڪڙين جو باندي هو. سائين توڻي جو سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ ۶۰ ڪتاب ڏنا، جن جو سنڌ جي اجتماعي شعور جي آبياريءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي پر ڇا ڪجي جو تاريخ سدائين سياسي جدوجهدن ۽ تحريڪن جي رت پياڪ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جي ادبي پورهئي تي تاريخ گم سم لڳي پئي آهي ۽ سندس جدوجهد تاريخ جا سبق ڏيندڙ ۽ سيکاريندڙ رهي آهي.

سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد کي سولائيءَ سان سمجهڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جيان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مطلب ته سائينءَ جي ورهاڱي کان اڳ جي جدوجهد ۽ ورهاڱي کان پوءِ جي سياسي جدوجهد! ٻنهي حصن ۾ سائينءَ جي جدوجهد ٻن متضاد وهڪرن ۾ هلندي رهي آهي. ورهاڱي کان اڳ جو جي ايم سيد ٻه قومي نظرئي جو ڪٽر حامي ۽ مسلمانن/اسلام کي خطري ۾ محسوس ڪندڙ نظر اچي ٿو ۽ ورهاڱي کان پوءِ هڪ سيڪيولر ۽ قومي جذبي سان سرشار سنڌ وطن جو سرفروش ڀانئجي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ جو سيد

سيد جو سياسي سفر تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن هو ۱۹۲۰ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ خلافت تحريڪ جي اهم اڳواڻن مولانا ابوالڪلام آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا شوڪت علي جهڙن ننڍي کنڊ جي مشهور عالمن ۽ اڳواڻن جون اثرانگيز تقريرون ٻڌي ۽ کانئن متاثر ٿي سن ۾ به خلافت تحريڪ جو ميڙاڪو ڪوٺائي ٿو. يقينن خلافت تحريڪ هڪ مذهبي اثر هيٺ هئي، جنهن جو مقصد ننڍي کنڊ کي ترڪ خليفي جي حڪمراني هيٺ آڻڻو هو، پر ۱۹۱۷ع ۾ پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست کان پوءِ خلافت عثمانيه جو ٻيڙو ٻڏڻ شروع ٿي ويو ۽ ترڪن ۾ اها سگهه نه رهي جو تلوار جي زور تي ننڍي کنڊ کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهن! نيٺ خانه جنگين کي منهن ڏيندڙ عظيم ترڪ سلطنت ۱۹۲۴ع ۾ پنهنجي منطقي انجام تي پهتي. ننڍي کنڍ ۾ به خلافت تحريڪ پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ڏٻري ٿيندي وئي. خلافت تحريڪ علامه مشرقيءَ جي قيادت ۾ بقا جي جنگ وڙهندي رهي پر خلافت جي پڄاڻيءَ تي هيءَ تحريڪ به پڄاڻيءَ تي پهتي! پر سائين جي ايم سيد تحريڪ جي عالمن کان نوجوانيءَ ۾ ئي ايترو متاثر ٿيو جو سندن مذهبي اعتقادن به هن جي اندر ۾ گهر ٺاهي ڇڏيو. ابوالڪلام آزاد کان ته هو خاص طور متاثر هو.

۱۶ سالن جي عمر ۾ خلافت تحريڪ کان شروع ٿيل سندس سياسي سفر ۱۹۳۰ع ۾ هاري ڪانفرنس تي پهچي ٿو. ۲۰هين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ انگريزن پاران متعارف ڪرايل اريگيشن سسٽم کان پوءِ لکين ايڪڙ زمين پوکيءَ جي لائق بڻي، جنهن ڪارڻ ننڍي کنڊ، خاص ڪري سنڌ ۾ سياست زميني اصلاحن جي اردگرد ڦرڻ لڳي. سائينءَ به هاري ڪانفرنس جو بنياد وجهي عوامي سياست ۾ پير پائڻ طرف وک وڌائي. هو پاڻ به ابن ڏاڏن کان زميندار هو، ان لاءِ اهو فطري عمل هو ته پنهنجي جدوجهد کي اهڙي فورم تي کڻي وڃي، جتي بشمول سندس عوام جي گهڻائيءَ جي بهتري ٿئي.

خلافت تحريڪ کان پوءِ ان سان لاڳاپيل ماڻهن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته ڪن وري مختلف علائقائي تنظيمون جوڙيون، جهڙوڪ: شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مسلم آزاد تحريڪ، پنجاب جي احرارالاسلام، وغيره. ۱۹۳۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياست تي تنهن وقت ٽن اسلام پسند گروپن جو وڏو اثر هو: ميران محمد شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ سيد گروپ، ٻيو غلام حسين ۽ بنده نواز جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ٽيون ايوب کهڙي ۽ عبدالله هارون جو گروپ! سائين جي ايم سيد به سيد گروپ سان سلهاڙيل هو. جن گروپن اڳتي هلي، وٿيءَ سان گڏجي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جوڙي، جنهن جي نتيجي ۾ ۱۹۳۶ع جي چونڊن کان پوءِ غلام حسين هدايت الله جي وزير اعظم جي ڪرسي والار سان حڪومت جوڙي. شڪارپور سان واڳيل هي سنڌ جي بمبئي پريزيڊينسي کان علحدگيءَ کان پوءِ سنڌ جو پهريون وزير اعظم هو ۽ ورهاڱي جو سخت مخالف هو. سندس مختصر دور اقتدار ۾ سنڌ جو پهريون اسپيڪر پهلاجاڻي گذاري ويو ۽ سندس جاءِ تي ميران محمد شاھ اسپيڪر بڻيو. ٻئي طرف ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱي جي راءِ زور پڪڙي رهي هئي. ان صورتحال ۾ پهريون دفعو سنڌ جي هندن پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ شروع ڪيو ۽ هنن وزير اعظم غلام حسين اڳيان ڪجهه بل اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ رکيا، جيڪي سائين جي ايم سيد حوالي ڪيا ويا پر سائينءَ جي ڪن لاٽار سبب اهي رهجي ويا ۽ غلام حسين جي جاءِ تي شهيد الله بخش واڳ سنڀالي. دراصل سائينءَ جي سياست ورهاڱي کان اڳ جذباتي ڪيفيت ۾ ورتل نظر اچي ٿي ۽ سچن ماڻهن سان اڪثر اها ڪيفيت طاري رهي ٿي، جنهن سبب چالاڪ ۽ شاطر ماڻهو اڪثر انهن جي اهڙي سادگيءَ جو فائدو کڻندا آهن. تاريخ جي ورق ورائڻ سان پتو پئي ٿو ته سائينءَ جي مذهب سان محبت کي ٻن شخصن استعمال ڪندي خوب فائدو ورتو، جن مان هڪ ايوب کهڙو ۽ ٻيو علي محمد راشدي هئا. پوءِ قوم ڏٺو ته ڪيئن هندن جي اڪثريتي شهر سکر ۾ منزل گاھ مسجد وارو واقعو رونما ٿيو. سائين جي ايم سيد مولوين سان گڏجي جلوس جي اڳواڻي ڪئي. دنگو فساد ٿيو. ڦرلٽ ٿي، خونريزي ٿي ۽ سائينءَ جا تاريخي لفظ رڪارڊ جو حصو بڻجي ويا ته، “سنڌ مان هندن کي ايئن لڏائينداسين، جيئن هٽلر جرمنيءَ مان يهودين کي لڏايو”

تنهن وقت سائين مسلم ليگ ۾ شموليت ڪري چڪو هو. ممڪن آهي ته هنن اهو سوچيو هجي ته الله بخش سومري جي مسلم اڪثريت جي وڃايل حمايت جو فائدو وٺندي ليگ جون پاڙون سنڌ ۾ مضبوط ڪجن پر اها هڪ سنگين غلطي هئي، جنهن جو اعتراف به سيد ڪري چڪو آهي. ۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۶ع تائين سائين انتها جي حد تائين پاڪستان جي تحريڪ جو اهم ۽ مک رهنما نظر اچي ٿو. ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ پاس ڪرائڻ کان وٺي اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ تائين جو سفر راشدي صاحب ۽ کهڙي جي سنگت ۾ ڪٽيندي نظر اچي ٿو ۽ ان لاشعوري يا خواب آور ڪيفيت مان تڏهن نڪري ٿو، جڏهن پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ کي بڻائڻ جو فيصلو مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت ڪري ٿي. دراصل سنڌ جي بمبئي پريزيڊينسي کان علحگي بعد مسلم ليگ جي قيادت، جنهن تي پنجاب ۽ يو پي جو غلبو هو، تن جي ڪراچي بندرگاھ تي نظر هئي، جيڪو سنڌ جي وسيلن تي قائم ٿيو هو. ٻئي طرف موجوده خيبر پختونخوا به سندن تسلط مان نڪري چڪو هو. هنن ڏٺو ته سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ هڪ خال آهي، جيڪو پر ڪري کين پنهنجي تسلط ۾ رکي سگهجي ٿو. ان لاءِ يو پي، سي پي جي قيادت ايوب کهڙي کي بوتل ۾ بند ڪري سنڌ جي مسلم ليگ کي تيار ڪيو ته هو ان تي راضي ٿين. يقينن سنڌ جي قيادت ان وڏي ۽ سو به سنڌ کي ورهائڻ واري فيصلي لاءِ تيار نه هئي پر يو پي جو نواب لياقت علي پاڻ اچي ڪراچيءَ ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيو ۽ ايوب کهڙي ڪراچيءَ ۾ مارشل لا لڳائي ان تي عمل درآمد ڪرايو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ اندر يوپي ۽ سي پي کان وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ قوم اڄ سوڌو ان فيصلي کي ڀوڳي رهي آهي.

ورهاڱي کان پوءِ جو سيد!

اهو امر عجيب آهي ته سائين ورهاڱي کان بعد هڪ ٻئي ۽ بنهه ابتڙ رنگ ۾ نظر اچي ٿو. ممڪن آهي ته ان جو ڪارڻ سندس سياسي غلطيون هجن، يا يارن جون بي وفائيون، جن کيس استعمال ڪيو هو، يا هو عمر جي ان حصي ۾ به پهچي چڪو هو، جتي جذباتي پڻي جي جاءِ غور ۽ فڪر ماڻيندو آهي. ڪارڻ جيڪو به رهيو هجي پر سائين بعد ۾ جيڪا به زندگي گذاري، سا ورهاڱي جي پڇتاءَ ۾ گذاري. هو آخر تائين سنڌ جي وحدانيت ۽ ننڍي کنڊ جي ري يونين ۽ ڪنفيڊريشن جي ڳالهه ڪندو رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن پنهنجو مزاج سيڪيولر ۽ لاڙو سوشلزم ڏانهن رکيو. خان غفار خان سان گڏجي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهيائين پر اڳتي هلي پٺاڻن جي پنجابي پناهگيرن سان اقتدار ۾ شراڪتداري جي ڪري هن وٽ پٺاڻ به قابل ڀروسي لائق نه رهيا. سائينءَ سنڌ ڪميونسٽ پارٽي به ٺاهي پر اها گاڏي به نه هلي سگهي. ملڪ تي بنگالين کي ديوار سان لڳائڻ لاءِ ون يونٽ لاڳو ٿيو. تحرير ۽ تقرير تي بندش لڳي ته سائينءَ بزم صوفياءِ سنڌ جو پليٽ فارم جوڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بزم روح رهاڻ ۽ صوفياء طرفان جشن لطيف ٿيڻ لڳا ۽ ون يونٽ جي مخالفت ۾ ماحول جڙڻ لڳو، پر آخري وقت ۾ ميلو ڀُٽو لٽي ويو!

جيتوڻيڪ ۱۹۷۳ع جو آئين پاس ڪرائڻ ۾ به سائينءَ جو وڏو هٿ هو جو پٺاڻن ۽ بلوچن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب سائينءَ کان مدد ورتي پر بعد ۾ سائينءَ ان آئين تان هٿ کڻي “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟” لکيو. ممڪن آهي ته سائينءَ کي هڪ دفعو وري غلطيءَ جو احساس ٿيو هجي، جو اهو آئين سنڌين لاءِ ڪو ثمر کڻي نه اچي سگهيو آهي. هڪ ته ان آئين کي مذهبي بڻايو ويو ۽ ٻيو ته صوبن جا معدني وسيلا، جيڪي ۱۹۳۵ع جي آئين تحت صوبن جي ملڪيت هئا، سي مرڪز جي حوالي ڪيا ويا ۽ ڪنفيڊريشن جي جاءِ تي فيڊريشن جو نظام لاڳو ڪيو ويو. يقينن سائينءَ آڏو اهي خدشا هوندا پر پاڻي سر مٿان گذري چڪو. سائين سياست مان ايترو دلبرداشته ٿيو جو عملي سياست کي خدا حافظ چئي ڇڏيائين. جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌائين پر عملي طرح ان جي قيادت ڪرڻ کان نابري واريائين. پاڻ کي رڳو رهنمائي تائين محدود رکيائين. ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۸۰ع جا ڏهاڪا سائينءَ جي تحريرن جا رهيا. هن سياست کي وقت ڏيڻ بجاءِ لکڻ ۽ قوم کي قلم ذريعي باشعور بڻائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. سندس تحريرن سنڌ اندر ساڃاھ جو ٻج ڇٽيو. شايد ئي ڪو سندس تحريرن کان متاثر نه ٿيو هجي!

سائينءَ جي سياسي زندگيءَ تي ايترو لکي سگهجي ٿو، جو ويهي لکجي ته ڪتاب ڇپجي وڃي! سندس وڇوڙي جي ڏينهن تي ياد ڪندي ان لاءِ لکيل شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي:

وٺي هر هر جنم وربو

مٺا مهراڻ ۾ ملبو !

ختم اونداھ ٿي ويندي

چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد

ورسيءَ جي مناسبت سان - ملڪ دلين جو موڪرو، جنھن جو عرش زمين آسڻ

نواز شاھ ڀاڏائي

ملڪ دلين جو موڪرو جنھن جو عرش زمين آسڻ

“ھي جيڪو درياھ شاھ ڏسو ٿا، ان ۾ جيڪا گھرائي آھي، منھنجي سنڌ سان ايتري محبت آھي”. ھو ڳوٺاڻن سان ڳالھائي ٿو!

“سائين، ان ڪري ئي توھان کي اسين سڀ جئيم شاھ سڏيندا آھيون”. ھڪ پير مرد خوشيءَ مان مخاطب ٿئي ٿو !

“توھان کي خبر آھي سنڌو ديس جيترو قديم آھي، اسان جو ان سان عشق به ايترو ئي قديم آھي. زماني جي لاھين چاڙھين جي ڪري ھي وطن ڪڏھن غلام ته ڪڏھن آزاد پئي رھيو آھي پر جڏھن به آزاد ٿيو آھي ته وري نئين تھذيب ۽ تمدن طرف قدم پئي وڌايا اٿس. ان لاءِ مون مفصل احوال ‘سنڌوءَ جي ساڃاھ’ ۾ درج ڪيو آھي. توھان اڃان به سنڌ کي سمجھڻ چاھيو ٿا ته جناب امداد علي (آءِ آءِ قاضي) سان ٿيل منھنجي خط و ڪتابت ‘ساھڙ جا سينگار’ پڙھو”.

“سائين دعا ڪريو ته نئون وطن ٺھي پئي”. ھڪ الھڙ وھيءَ واري نوجوان ڳالھايو.

“بابا، جيڪڏھن قدرت مونکي اھا سگھ به ڏئي، تڏھن به آئون سنڌوءَ جي آجپي لاءِ دعا ڪونه گھرندس، آئون چاھيان ٿو سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي آجپو حاصل ڪن”، ھو وراڻي ٿو، “ته مون توھان کي پئي ٻڌايو ته سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ جدا ملڪ رھيو آھي. منھنجو رفيق ساٿي محمد حفيظ قريشي، جنھن کي آئون سنڌ جو ابو الڪلام آزاد سڏيندو آھيان، اھو اڪثر چوندو آھي ته ملڪ ٻن قسمن جا ٿيندا آھن؛ ھڪڙا مفرد ۽ ٻيا مرڪب. مرڪب ملڪ ٺھندا آھن. مفرد ملڪ قدرتي طور تي صدين جي جاگرافيائي تبديليءَ سان ظھور پذير ٿيندا آھن. ھي ملڪ ۴۷ع ۾ ٺاھيو ويو، سنڌ زمانهء قديم کان ڪرهء ارض تي موجود پئي رھي آھي. جنھن ان دور ۾ شھريت جا ڏاڪا طئي ڪيا، جڏھن انسان کي اڃان ڪپڙا اوڍڻ جي تميز نه ھئي. ان تي مون ‘سنڌي ڪلچر’ ڪتاب لکيو آھي. ھڪ دفعي آسٽريا جي شھر ويانا ۾ ٿيل پيس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني وفد جي سربراھ جي حيثيت ۾ عالمي طاقتن کي خبردار ڪيو ھئم ته برصغير جي پاڪ و ھند واري خطي ۾ وڌندڙ مذھبي منافرت کي ٻنجو ڏيو، نه ته اڳتي حالتون وس کان ٻاھر نڪري وينديون. نيٺ ائين ئي ٿيو. ان منافرت خلاف ‘جيئن ڏٺو آهي مون’ ڪتاب لکيم ته ڪفر، الحاد، غدار ۽ اسلام دشمني جھڙن لقبن ۽ القابن سان نوازيو ويس”.

ھڪ قومي ڪارڪن ڳالھائي ٿو: “سائين، ھن وقت توھان قومي تحريڪ کي ڪيئن پيا ڏسو؟”

“آئون ان قسم جي حالتن ۾ مايوس ٿيڻ وارو ماڻھو ناھيان. منھنجي سوچ وارو صالح ماڻھن جو گروھ ضرور پيدا ٿيندو، جيڪو منزل ماڻيندو”! ھو جواب ڏئي ٿو، “پٽ توھان منھنجو ڪتاب ‘ديارِ دل- داستانِ محبت’ پڙھو. ان ۾ لکيو اٿم ته عشق مونکي سڀني اسرارن جي آگاھي ڏني. مون ڪثرت مان وحدت، وحدت مان ڪثرت ڪل جو سبق ورتو. سنڌ جو آجپو منھنجي منزل ناھي، ھڪ سيڙھي آھي. آئون مغرب ۽ مشرق جي دائمي ميلاپ ۽ پنھنجي سنڌ جي صوفين جي پيغام ‘اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم’ جو مبلغ آھيان. دراصل مون اھو سنياس سنڌ جي قومي رھبر شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان حاصل ڪيو. لطيف سنڌ جي پنج ھزار سالا فڪر جو ترجمان شاعر ۽ مفڪر آھي. ٻي ڳالھ آئون توھان کي چوندس ته توھان جيڪو ‘پيغامِ سيد’ چئو ٿا، آئون ان سان به متفق ناھيان. اھو ‘پيغامِ سنڌ’ آھي”.

“سائين، پوءِ توھان ‘پيغامِ لطيف’ لکيو؟” ڪنھن پڇيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھا ان وقت طبعي رجحان، معلومات جو ڪثير انداز ۾ موجود نه ھجڻ واري سبب جي ڪري مون ائين لکيو پر ھاڻ آئون پيغامِ لطيف کي به پيغامِ سنڌ ٿو سمجھان. ٻي ڳالھ خوف جو شڪار نه ٿيو. آئون عرض ڪريان ته خوف منھنجي آسپاس اچي ئي ڪونه. ھڪ دفعي احمد آباد جي سابرمتي نديءَ جي ڪناري ڪانگريس جي ميٽنگ مھاتما گانڌيءَ جي صدارت ھيٺ ٿي رھي ھئي، جنھن ۾ آئون، مسٽر جواھر لال نھرو، مولانا آزاد، سردار پٽيل ۽ ٻيا شريڪ ھئاسين. گانڌيجي پنھنجي روايتي اڌ اگھاڙي جسم سان اجلاس کي مخاطب ھو ته ھڪ نانگ نڪتو، جيڪو گانڌيءَ جي ھڪ پاسي وڌڻ لڳو. اسان سڀ ششدر ٿياسين. گانڌي محوِ گفتار ھو. نانگ ھڪ گوڏي وٽان چڙھي ٻي تان لھي ھليو ويو. اسان جو ساھ مٺ ۾ ھو پر مھاتما ۾ معمولي لرزش به نه آئي. اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ گانڌيجي چيو ته توھان ائين متان سمجھو ته مون نانگ ڏٺو ڪونه يا مونکي ڊپ ڪونه ٿيو. لاشعوري خوف ھر ماڻھوءَ ۾ موجود آھي پر مون توھان کي عدم تشدد جي طاقت ڏيکارڻ ٿي چاھي. اتي جي آئون مزاحمت ڪريان ھا ته نانگ مون کي ضرور ڏنگ ھڻي ھا... ان ڏينھن کان عدم تشدد منھنجي زندگيءَ جو حصو ٿي ويو. سياست خلق خدمت آھي. سياست مقدس پيشو آھي. توھان مان جيڪو صالح ھوندو، اھو اڳواڻي ڪندو. لالچ مان نڪري اچو. مون پاڪستان ٺاھڻ ۾ نيڪ دليءَ سان حصو ورتو پر پوءِ ان تي يو پي، سي پي ۽ بھار جي انگريز نواز ڪامورن، سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ قبضو ڪري ورتو. مون ان گناھ جي ڪفاري طور عمر عزيز جا ٽيھ سال جيلن، نظربندين ۽ طرحين طرحين جي تڪليفن ۾ گذاريا آھن. ان تي ‘سنڌ ڳالھائي ٿي’ ۽ ٻين ڪتابن ۾ تفصيل سان لکي چڪو آھيان. توھان منھنجا ٻيا ٽي ڪتاب ‘بمبئي کان سنڌ جي آزادي’، ‘مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟’ ۽ ‘نئين سنڌ لاءِ جھدوجھد’ به ضرور پڙھو. پنھنجي نياڻي درِ شھوار ڏانھن لکيل خطن جي ڪتاب ‘ڏونگر سي ڏورينديون’ يا پنھنجي آتم ڪٿا ‘پنھنجي ڪھاڻي، پنھنجي زباني’ به ان ڏس ۾ ذڪر لائق آھن، جن ۾ سڀني سوالن تي ويچاريو ويو آھي. مون وٽ نه تخت آھي، نه تاج آھي، نه سپاھ آھي، نه لشڪر آھي. مون وٽ پيغام آھي سنڌ جي نجات جو پيغام. قومي حسن ۽ اخلاق جو پيغام”.

ھو گذريل رات ڪنھن خاص ڪيفيت سبب سمھي نه سگھيو ھو. طبعيت ۾ ٺھراء نه ھئس. اکين جا پلڪ اوجاڳي سبب ڳرا ٿي چڪا ھئس. رکي رکي شاهه سائينءَ جي رسالي جو ورد ٿي ڪيائين. اک لڳي وري کلي ٿي ويس. پنھجي رفيق ڪارن ۽ پرين پيارن جو اوسيئڙو ھئس. نيٺ شام ٿيندي ئي سنڌ جي سفر تي ويل سندس ساٿي ننڍن ننڍن جٿن جي صورت ۾ ھوريان ھوريان سن پھچڻ شروع ٿي ويا. سندن سن آمد کان اڳ ۾ ئي ھن ماستر غلام قادر کي رات جي ماني، ھنڌ وھاڻن، ڪارڪنن کي پيارڻ لاءِ کير ۽ صوفي راڳين لاءِ سوم رس جو چئي ڇڏيو ھو. ڪجھ ڏينھن پھريان رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي ڏي ماتلي ھڪ تار موڪلي ھئي، جنھن ۾ پاڻ رئيس کي سن اچڻ ۽ سندس سنگُ جي فنڪارن کي ساڻ آڻڻ جي التجا ڪئي ھئائين.

سن جي مسجد تان ڪنھن ٻانگ ڏني. رات پنھنجا وار وڇايا. سياري جا سخت ٿڌ وارا ڏينھن ھئا. درياھ ۾ لاٿ ھئي ۽ درياھ شاھ ۾ جڏھن به لاٿ ايندي ھئي ته سندس من به ڪنھن ازل جي تانگھ ۾ پيو اولجندو ھو! سن جي رات مٿان ستارن جي جگمڳاھٽ جاري ھئي. ڀرسان سنڌو درياهه ستل ھو. وڏن ڊگھن پُرپيچ پيچرن تان پنڌ ڪري پھتل ڪارڪن سوم رس ۽ راڳ ويراڳ مان مستفيض ٿيڻ کان اڳ ۾ پنھنجي رھبر کان گيان وٺڻ لاءِ آتا ھئا. فرشي نشست لڳي چڪي ھئي. پريان ڪنڊ کان ھڪڙي جٿي سان چاچو حفيظ قريشي بلند آواز ۾ سنڌ ڪيس تي ڳالھائي رھيو ھو. پريان صوفين جو سنگُ يڪتارن جون تارون سيٽ ڪندي ايتري عقيدت سان سائينءَ کي ڏسي رھيو ھئو، ڄڻ ڪپل وستو جي سانجھ ۾ ڪي ڏورانھان آيل ڀڪشو مھاتما گوتم جو درشن ڪري رھيا ھجن. رئيس ڪريم بخش خان اچانڪ مڌ جو پيالو خالي ڪري دڦلي وڄائڻ شروع ڪئي. عبدلواحد آريسر، مومن مليرائي، جمن دربدر ۽ ٻين سان محوِ گفتگو سائين جي ايم سيد رئيس جي ان اندازِ عاشقانا تي مرڪي متوجهه ٿيو. تيسين محفل ۾ بشير خان قريشي ھڪ وڏي ھجوم سان گڏ “تنھنجو رھبر منھنجو رھبر” جي نعرن سان داخل ٿيو. جنھن وڏي احترام سان سيد جا چرن ڇھيا. سائينءَ به سندس نراڙ تي چمي ڏني. رئيس ٻيھر ساغر ۾ مئه اوتڻ لڳو. ھڪ ڪارڪن پڇيو: “سائين، عشق کي توھان ڪيئن ٿا ڏسو؟”

سائينءَ وراڻيو: “عشق مون کي خودي مان ٻاھر ڪڍي بيخودي عطا ڪئي. عشق مون کي خود شناسي بخشي، جنهن جي ذريعي آئون خدا شناسيءَ تائين رسيس. عشق مونکي شھادت حسين عه جي راز کان واقف ڪيو. عشق مونکي تعليمات رسول صه سان بھره ور ڪيو. عشق انسان ذات جي اتحاد، ايڪي ۽ يڪجھتي جو ڪارڻ آھي”.

“سائين، توھان سنڌ جي ھن سوداء واري سفر جي شروعات ڪيئن ڪئي؟” علڻ خان ٿيٻي جي ڀرسان ويٺل ھڪ نوجوان سوال ڪيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھڪ ته ننڍپڻ کان طبيعت رومانس ۽ فطرت طرف مائل ھئي. قدرتي نظارا وڻندا ھئم. ٻيو ته صحبتِ صالحان به ان جو سبب بڻي. علامه آءِ آءِ قاضي جھڙن لاطمع انسانن جي روحاني ساٿ، مٿان مجاز جي مختلف مرحلن مونکي پاڻ سڃاڻڻ جو ساھس بخشيو، جتان مون سنڌ سڃاتي. اڄ عمرِ عزيز جا ھيترا سال ان راھ ۾ وقف ڪرڻ کان پوءِ به حالت ھي اٿم جو چوان ٿو: جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا ڀانئج سپرين!”

ھڪڙي مجذوب شخص سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو، جيڪو اوڀر واري پاسي کان “حق الله، حق الله” جا ھوڪريا ڪري رھيو ھو. ان سيد کان ھجتاڻي انداز ۾ پڇيو: “سرڪار حسن جي ڳالھ ڪريو”!

محفل سڄي اوڏانھن متوجهه ٿي. رئيس راڳ شروع ڪرڻ جو اصرار ڪيو. شفيع محمد ڪرناڻي، قيوم منگي وارا به پھچي چڪا ھئا. ميڊم حميدا کھڙو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، عطا الله انڙ وارا به ھمه تن گوش ھئا. سيد جا نوجوان باھمت ڪارڪن رياض علي چانڊيو، عرفان مھدي مجلس جي شيوا ۾ بيٺا ھئا. سائين ھلڪو ٽھڪ ڏئي ھن مجذوب کي جواب ڏيڻ لڳو:

“فقير سائين، حسن ازلي حقيقت آهي. ھن بي ثبات زندگيءَ جو مقصد عشق ۽ حسن آھن. حسين چھرا، دلفريب منظر، وھندڙ نديون، ٻارن جا ٽھڪ، فطري دلڪشيون نه ھجن ھا ته انسان فطرت جي قھري قوتن جو مقابلو نه ڪري سگھي ھا. مون پڻ حسن مان جھدوجھد جو اتساهه ورتو. عشق منهنجي دلجوئي ڪئي. حسن مون ۾ توازن پيدا ڪيو. سنڌ ۾ ايترو حسن آھي جو آئون ان ۾ ملي ھڪ ٿي ويو آھيان. ھاڻ قطري جي ڪا قيمت ڪانھي، سڀ ڪجهه وحدت ۾ وڃائجي ويو آهي. دوئي جا دوکا عشق حسن مٽائي ڇڏيا”.

“سائين، اوھان جي ڪتابن ۾ عدم تشدد جو ورجاءُ گھڻو آھي”. مجلس مان سوال آيو.

سائينءَ وراڻيو: “ھا، منهنجي سياست جا بنياد عدم تشدد جي اصولن تي رکيل آهن. مون وٽ تشدد حيواني جذبو آھي، جنھن جو استعمال صرف جانور ڪندا آھن. آئون ھن سرزمين تي محبت جو داعي آھيان. تشدد جوابي تشدد کي جنم ڏيندو آھي. پرامن سياست جديد دور جو سچ آهي”.

“سائين، روحاني آمريت ھيٺ عوام کي جڪڙي رکندڙ پيرن کي اوھين ڪيئن ٿا ڏسو؟”

سائينءَ وراڻي ڏني ته، “پير پرستي انھيءَ ڪري رائج آھي جو ماڻھو چون ٿا ته فلاڻو بادشاھ پير جو اولاد آھي. ھي قلندر شھباز يا شاھه ڀٽائيءَ جو سجاده نشين آھي. ھو امام رباني يا پير محمد راشد شاھه، مخدوم نوح وغيره جي اولاد مان آھي، تنھن ڪري سندن وڏن جي محابي عزت ڪن ٿا. پوءِ انھن پيرن جو اخلاق کڻي ڪيترو به ڪريل ھجي، ماڻھو ان ڏي توجھه نٿا ڏين. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ماڻھن جا وڏا بت پرستيءَ جا ھيراڪ ھئا. ھاڻ جي پٿر جا بت ڇڏائي ويا اٿن ته پيرن جي پوئلڳي، ملان جي فرمانبرداري، زميندار جي زبردستي، نالائق، مطلبي، ابن الوقت ۽ وطن دشمن سياستدان جي پوئلڳيءَ مان پاڻ ڇڏائي نٿا سگھن. ان حالت مان عوام کي ڪڍڻ لاءِ سخت پرچار جي ضرورت آھي”!...

پوءِ باقي بچيل رات صوفي راڳ ھليو. ڪرونڊي جا فقير ۽ رئيس سان گڏ آيل راڳي ايتري جوش سان ڳائيندا رھيا، جو سڄي محفل وجد جي ڪيفيت ۾ رھي. بزرگي باوجود سنڌ جو سائين رونقِ مجلس رھيو. رئيس ڪريم بخش جون اکيون آليون ٿي ويون. کيس گذريل سال سالگرھ تي سيد جا چيل لفظ ياد پيا ته، “رئيس، آئون جڏهن نوجوانن جي پرجوش رھاڻ ۾ ھوندو آھيان ته پاڻ کي سندن جھڙو بڻائي ڇڏيندو آهيان. سنڌ جي نجات واري ھن سفر ۾ مونکي پير مير سيد ذاتي دوست رفيق ڇڏي ويا، اتي ھي نوجوان منهنجي تحريڪ جي توانائي جو سبب بڻيا. ان ڪري سندن ھر ادا مونکي پياري آهي”.

ڪچھري ھلي رھي آھي. سن جي شام پنھنجا پاند پکيڙيو بيٺي آھي. سياري جي ٿڌ سبب سڀني ويٺلن جون ٻانھون سينن سان لڳل آھن. ڪمري ۾ سگري دکي رھي آھي. اوچتو چاچو حفيظ قريشي ھڪل ڪري چئي ٿو: “سائين، ھي تنھنجا جيڪي ماروئڙا جھانگيئڙا آھن، .... ”.

سيد ڄڻ خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو. “ميان محمد حفيظ! جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا”.

ڪجھ دير ماٺ.....

ماستر غلام قادر ملاح ڪمري مان اندر داخل ٿيندي چوي ٿو ته، “سائين، آريسر اچي ويو آھي”.

“ان کي جلدي اندر وٺي اچ”. سائين کيس چوي ٿو.

آريسر صاحب ٽن ٻين ساٿين سان فرشي نشست ۾ سيد جي روبرو آھي ۽ ٻڌائي ٿو: “سائين، ھي راشد مورائي آھي”.

“ھا مولوي صاحب، آئون کيس سڃاڻان ٿو. ھي اسان جي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن ۽ قومي شاعر آھي”. سيد سائين وراڻي ٿو.

“مولوي صاحب، ٻاھر جو سياسي ماحول ڪيئن آھي؟” سائين پڇي ٿو.

“سائين، ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي رھي آھي. سرڪار گرفتاريون به ڪيون آھن. ملڪ جو وايو منڊل تبديل آھي. حالتون گهڻيون خراب آھن. اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟” آريسر صاحب چئي ٿو.

“ھا مولوي صاحب، ٺيڪ ٿا چئو. حالتون سنگين آھن پر آئون اميد جي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿيو آھيان. اميد جو دامن ڪڏھن ھٿان ڪونه ڇڏيو اٿم. ھي انهن جي تحريڪ آھي، جن جي منزل اقتدار آھي. توھان تياري ڪريو. اسان کي حقيقي جنگ وڙھڻي آھي”.

ڪجھ دير ماٺ....

آريسر صاحب حسب روايت جمالياتي لب لھجي سان ڀريل گفتار جا گلاب سن جي سرزمين تي ڇنڊڻ ۾ مگن آھي. ھن جا لفظ حاضرين مجلس جو حافظو تازو ڪرڻ سان گڏوگڏ ماحول ۾ پيدا ٿيل موسم جي ٿڌاڻ کي لفظن جي حرارت ڏئي رھيا آھن. اوچتو ھو چوي ٿو: “اسان پيغام سيد جا ريٻارا بڻجي وستي وستي وڃي رھيا آھيون”.

سائين ھٿ جي اشاري سان سندس گفتگو روڪي ٿو.

آريسر صاحب خاموش. پوري ڪچھري خاموش.

“ميان عبدالواحد، اھو ‘پيغامِ سيد’ ناھي، اھو ‘پيغامِ سنڌ آھي”. سائين اڌ کليل اکين سان آريسر صاحب ڏي تڪيندي چوي ٿو.

“پر سائين، توھان پاڻ ‘پيغامِ لطيف’ لکيو آھي”. آريسر صاحب جو سوال.

“ھا ڪو وقت ھو جو مون ائين لکيو پر ھاڻ آئون ‘پيغامِ لطيف’ کي به ‘پيغامِ سنڌ’ ٿو سمجھان”. سائينءَ جو جواب.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

جي ايم سيد

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري

حبيب ڀٽو

شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي اهميت سماج کي ڏسي ڪبي آهي. سنڌي سماج تي نظر وجهبي ته سياسي توڙي قومي حوالي سان جنهن شخصيت جو سنڌ اندر وڻ وڻ مان واس ايندو آهي، اها شخصيت سائين جي ايم سيد جي ئي آهي. ائين چوندي ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سائين جي ايم سيد جديد سنڌ جو اڏيندڙ آهي، جنهن ذات پات جي خول ۾ بند ماڻهن کي هڪڙي قوم ٺاهڻ جو بنياد وڌو. اهو سائين جي ايم سيد ئي هو، جنهن سنڌ اندر جيڪي ڪم هڪڙي حياتيءَ ۾ ڪيا، اُھي ڪم ڪو ماڻهو سئو حياتين ۾ به نه ڪري سگهي. سائينءَ جي ايم سيد نه رڳو جديد سنڌي سماج جا بنياد رکيا، پر هن سنڌي قوم کي هڪڙي سڃاڻپ پڻ ڏني. ٻيو وڏو ڪم سائين جي ايم سيد جو لطيف شناسي هو. لطيف جيڪو سنڌي قوم جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي، اهو لطيف پير بڻجي چڪو هو، ماڻهو پٽ گهرڻ ويندا هئا. سائين جي ايم سيد “پيغامِ لطيف” جهڙو عظيم ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ٻڌايو ته لطيف پير نه پر اوهان جو فڪري رهبر آهي. سائين جي ايم سيد لطيف جي ان عوام دوست ۽ قوم دوست فلسفي کي سنڌ جي جهر جهنگ پهچايو. سائين جي ايم جا پورهيا هڪڙي ڪالم يا مضمون ۾ لکڻ منهنجي وس جي ڳالھ ناهي، صرف سندس ڪتابن جو ذڪر ڪبو، تڏهن به انهن نالن جي فهرست ئي هڪڙو مضمون ٿي ويندو. ھو ھڪ ئي وقت، محقق، ڏاهو، قومي رهبر ۽ عظيم ليکڪ پڻ هو.

ورهاڱي بعد سائين جي ايم سيد جيڪا سنڌ پرست سياست ڪئي، اها ئي هن وقت سنڌي قوم جي نه رڳو سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي پر سائين جي ايم سيد جي سياست ئي سنڌي قوم جي سڀ کان وڏي سگھ آهي. سندس نعرو سنڌ ڇا پر دنيا جي سمورن کنڊن ۾ سنڌي ماڻهن جو سڀ کان وڏو نعرو آهي. پنهنجي غلطين کي لکڻ جي سگهه اگر دنيا جي ڪنهن ليڊر ۾ آهي ته به صرف سائين جي ايم سيد ۾ ئي آهي. دنيا جي ڪهڙي ليڊر پاڻ ڪتاب لکي اهو اقرار ڪيو هجي ته منهنجا هي هي فيصلا درست نه هئا. هن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي نه رڳو سياسي مالڪي ڪئي، پر علمي، ادبي سميت هر محاذ تي سرواڻي ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جهڙا ادارا ٺاهي سنڌي ادب کي پروان چاڙھيو، سنڌ تان جان قربان ڪندڙ هزارين قومي ڪارڪن پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به زندگيون تريءَ تي رکي سنڌ جي آجپي ۽ بقا لاءِ وڙهي رهيا آهن. وقت سان گڏ اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي سنڌ لاءِ جيڪا واٽ آهي، اها واٽ ئي درست آهي. سنڌي قوم جن تڪليفن ۾ آهي، سائين جي ايم سيد ورهاڱي بعد اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. ڀلي ملڪي ڍانچي ۾ کيس غدار سڏيو ٿو وڃي پر اها حقيقت هاڻي سندس دشمن به مڃين ٿا ته هو مظلوم قومن جو هيرو آهي. پاڪستان اندر سياسي ليڊرن جا قد ڏسبا ته باچا خان ۽ سائين جي ايم سيد سڀ کان وڏا اڳواڻ نظر ايندا. پنهنجي پوري زندگي جيلن ۽ نظربندين ۾ گذاري سنڌيت ۽ سنڌي قوم کي آجپي جي جيڪا راهه سائين جي ايم سيد ڏيکاري ويو آهي، اها هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي منزل ماڻيندي. مون کي فخر آهي ته آئون سائين جي ايم سيد جي قافلي جو ڪارڪن آهيان. هن اسان کي ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ سيکاريو، سندس ڏسيل واٽ ئي سنڌي قوم کي هنن عذابن مان آجو ڪرڻ جي واٽ آهي، جنهن واٽ تي هلندي هڪ نه هڪ ڏينهن محڪوميءَ جا زنجير ٽٽندا.

سن جي هن سائينءَ کي اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي لطيف جي هنن سٽن سان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،

سک نه ستا ڪاپڙي، لاھي لانگوٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد

ساڻس هڪ ملاقات جون يادگيريون

ڇا ته شخص هئو، پنهنجو موقف دليلن ۽ شاهدين سان بيان ڪرڻ وارو!.. .

حيدرجاويد سيد

لڳ ڀڳ ۳۶ سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪ هفتيوار رسالي جي انٽرويو جي خواهش کڻي مون ڊگهي مسافري ڪئي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ‘سن’ پهتس. اهو ئي ڳوٺ منهنجي منزل هو ۽ ان ڳوٺ ۾ رهندڙ سياستدان ۽ سنڌي قومپرستيءَ جو ابو سائين سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪاظمي جي حضور ۾ حاضري مقصود هئي. سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪاظمي هند- سنڌ ۾ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور هو ۽ اڄ پڻ آهي.

لڙندڙ شام جي پاڇن جي وچ ۾ سن ڳوٺ پهچندڙ مسافر کي پهريون جهٽڪو ان وقت آيو، جڏهن کيس خبر پئي ته طبيعت جي ناچاڪائيءَ جي ڪري سائين اڄ ٻنپهرن جو ڪراچي هليا ويا آهن. مسافر جي چهري تي نراسائي ڏسي امداد محمد شاهه (سائينءَ جو فرزند) چيو ته: “بابا پريشان ڇو ٿا ٿيو! صبح جو مون کي به ڪراچيءَ وڃڻو آهي، مون سان گڏ هلجو. اتي سائينءَ سان توهان جي ملاقات ڪرائيندس. توهان کي انٽرويو لاءِ انهن پاڻ ئي وقت ڏنو آهي. ڪجهه دير آرام ڪريو. سانجهاندي کانپوءِ وڌيڪ ڪچهري ڪنداسين”.

ٻئي ڏينهن صبح جو مسافر، امداد محمد شاهه سان گڏ سن کان ڪراچي روانو ٿيو. ۱۱ وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جي گاڏي حيدر منزل ڪراچي پهچي وئي. ٽپهريءَ جو آرام کانپوءِ سائين جي ايم سيد ياد ڪيو. آئون سندن بيڊروم ۾ داخل ٿيس ته مرڪندي چوڻ لڳا: “منهنجا ٻچا، توکي زحمت سهڻي پئي پر آئون عمر جي اهڙي حصي ۾ آهيان، جنهن ۾ بيماري دستڪ ڏيڻ بنا مهمان بڻجي ويندي آهي”. ۽ پوءِ وري دريافت ڪيائون ته، “رات هتي ترسڻ ۽ سفر ۾ ڪا تڪليف ته نه ٿي؟”

“جي نه”. مون عرض ڪيو.

سوال ۽ جواب جو سلسلو شروع ٿيو ته مون دريافت ڪيو:

“سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد پيش ۽ منظور ڪرائيندڙ جي ايم سيد مسلم ليگ سان ناتو ٽوڙڻ ڇو ضروري سمجهيو؟”

سندن چوڻ هو ته، “آل انڊيا مسلم ليگ ۾ فيصلا جمهوري بنيادن تي نه پر شخصي بنيادن تي ٿيندا هئا. اهو ئي اختلافن جو سبب بڻيو”.

“پر اهي ته چون ٿا ته توهان ڪانگريس ۽ گانڌيءَ جي چوڻ تي مسلم ليگ کان ڌار ٿيا؟”

“جيڪي چوندا هئا ۽ چون پيا، انهن جي الزام تي تبصرو ڪري وقت ڇو ضايع ڪريان! پر جيڪڏهن ايئن هو به ته پوءِ آئون ڪانگريس ۾ ڇو نه ويس؟ اهي مسلم ليگ وارا پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي محب وطن ئي نٿا سمجهن، حالانڪه انگريزن جا سمورا وفادار ان جماعت ۾ شامل ٿيا”. وري چوڻ لڳا: “مون کي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي شعوري طور تي اهو احساس ٿي ويو هو ته اسان سنڌي مسلمان غلط فيصلو ڪري چڪا آهيون”.

“ڇا اهڙو ئي غلط فيصلو، جهڙو توهان مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ شامل ٿي ڪيو هو؟”

“بلڪل. مون کي هندن جي خلاف مولوين جي ان تحريڪ جو حصو بنجڻ نه گهرجي ها. انسان تجربن مان سکندو آهي، ان ڪري آئون ورهاڱي واري وقت کان وٺي اهو چوندو پيو اچان ته اسان جي بقا ان ۾ آهي ته اسان صرف سنڌي بڻجي رهون. اهو ئي هڪ طريقو آهي پنهنجي تاريخ، تشخص ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ جو. مون ڀُٽي (ذوالفقار علي ڀٽو) کي پڻ چيو هو ته پنجاب جي سول ۽ ملٽري اشرافيه توکي پنهنجن مقصدن لاءِ رستو ڏيندي پر جيئن ئي انهن کي ساهه کڻڻ جو موقعو مليو، اهي تنهنجا پساهه پورا ڪندا. وقت منهنجي راءِ تي مهر ثبت ڪري ڇڏي. ڀُٽي کي سمجهڻ گهرجي ها ته هي قومن جو ملڪ آهي، قومَ جو نه. هٿرادو طريقي سان قوم سازيءَ جا خواهشمند اصل ۾ ورهاڱي جي نفرتن کي سڄي زندگيءَ جو ڪاروبار بنائي رکڻ چاهين ٿا”.

“چڱو، پنهنجن اختلافن جي باوجود، اهو ته ٻڌايو ته جناح صاحب ۽ ڀٽو ڪهڙي قسم جا انسان هئا؟”

مرڪندي چوڻ لڳا: “تون ته شرارت کان ڪونه مڙندين!” ۽ پوءِ چيائون، “جناح ڪنهن کي ٻڌندو ڪونه هو ۽ ڀٽو ڪنهن کي مڃيندو ڪونه هو. ذاتي حيثيت ۾ ٻئي نفيس انسان هئا ۽ ڀٽو، گهڻ پڙهيو شخص هو. ڀُٽي تي هن مسلم امت جو، بنا ڪنهن ٻئي جي شرڪت جي، ليڊر بنجڻ جو ڀوت سوار هو، جنهن جي تاريخ جو هڪ ورق به محسن ڪشيءَ کان خالي نه آهي. هو (ڀٽو) جيڪڏهن چاهي ها ته وفاق ۾ آباد پنجن ئي قومن کي هڪ جيترا آئيني حق ڏيئي ماضيءَ جي غلطين جو ڪفارو ادا ڪري پئي سگهيو، بدقسمتيءَ سان هن ڀارت دشمنيءَ جي سياست کي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ سمجهيو. اڙي بابا، اسان مقامي قومن مان صرف پنجاب جي ڪجهه ضلعن جي ڀارت سان دشمني ٺهي ٿي، ۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي، باقي ان باهه ۾ ڀلا ڇو سڙون؟”

“ورهاڱو ٿي ويو. قتل ۽ غارت گري ۾ اڳرائي ڪنهن ڪئي؟”

“ٻئي ملڪ پنهنجو پنهنجو پِٽڪو ڪن ٿا، پر تاريخ جو سچ اهو آهي ته ورهاڱي جي خون خرابي جي ذميواري لاهور ۽ راولپنڊي جي پنجابي مسلمانن تي لاڳو ٿئي ٿي. اڳرائي انهن ڪئي هئي”.

“سائين، هاڻي اهي پراڻيون ڳالهيون ورجائڻ جو ڪهڙو فائدو؟”

ٻن ٽن گهڙين جي وقفي کانپوءِ چيائون: “سنڌين جو مستقبل سنڌو ديس ۾ آهي”.

عرض ڪيم: “پر هاڻي ته سنڌ ٻه لساني صوبو آهي؟”

سائينءَ وراڻيو ته، “مون الطاف حسين کي چيو هو ته سنڌي ٿي وڃو، سنڌين سان گڏجي جدوجهد ڪريو پر ان جي مٿي تي قائداعظم ثاني بنجڻ جو جنون سوار هو. آئون هاڻي سنڌين جي لاءِ سوچيان ٿو، صرف سنڌين جي لاءِ”.

مون کانئن دريافت ڪيو، “پر صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر جو وارث انسانيت جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟”

سائينءَ وراڻيو: “سنڌي به ته انسان ئي آهن. پهرين انهن کي ته حق ملن، پوءِ اسان ٻين جي به حمايت ڪنداسين”.

منهنجو ٻيو سوال هو ته، “هڪ صوفي، سني، ڪاظمي سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ جي ايم سيد ‘جيئن ڏٺو آهي مون’ جهڙو ڪتاب ڇو لکيو؟”.

وراڻي ڏنائون: “اهي منهنجي مطالعي جا نوٽس آهن. هاڻي به اهو ٿو چوان ته مذهب جو رياستي معاملن سان ڪوبه تعلق نه آهي. آئون لادين يا مذهب بيزار نه آهيان، البته مذهبي واپار کان ضرور بيزار آهيان. سيڪيولر حڪومتي نظام ئي ملڪ ۾ آباد سمورن طبقن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏيئي سگهي ٿو”.

(ليکڪ جو تعلق سرائيڪي وسيب سان آهي. ‘دي فرنٽيئر پوسٽ’ سميت مختلف اخبارن جو ايڊيٽر رهيو آهي. ۳۴ ڪتابن جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ آهي. ۵۰ سالن کان قلمي پورهيو ڪندو اچي. ان عرصي دوران صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ۵ سال قيد ڪاٽيائين. ضياءَ جي دور ۾ خصوصي فوجي عدالت بغاوت جي ڪيس ۾ کيس سخت پورهئي سان ۳ سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي. )

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين جي ايم سيد

صدين جي صدا - ۲۵ اپريل ورسي جي مناسبت سان

اعظم ڀٽي

قومون جڏهن فڪري حوالي سان خالي ٿانءُ بڻجي وينديو آهن ته انهن ۾ سالن ۽ صدين جي تجربي واري فڪر جا موتي وجهڻ لاءِ ۽ انهن قومن کي خودشناسيءَ جي پاڻيءَ سان وهنجارڻ لاءِ عظيم ۽ تاريخ ساز انسان بادلن جيان برسي پوندا آهن، جن جي عظمت، بزرگيءَ ۽ لازوال جدوجهد، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي کيتيءَ ڪرڻ لڳندي آهي، اڄ اهڙي ئي عظيم رهبر جي ورسي آهي، جنهنکي ساري دُنيا سائين جي ايم سيد جي نانءُ سان ساري ٿي، هُن سنڌ جي فڪري سياست جي نه رڳو امامت ڪئي پر هو سنڌ جي فڪري ۽ قومي سياست جو روشنيءَ ونڊيندڙ اهڙو سج هو، جنهن لاءِ مايوسي جهڙي اونداهه بي عُذر هئي، سنڌ جي قومي سياست جي اُڀ تي جرڪندڙ ستارا سندس ئي پوکيل کيتيءَ ۽ ٻاريل جوت مان روشن ٿيا. ان جوت مان پيدا ٿيل روشني سندس فڪر جو ڀرم ڪيترو رکيو اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اڄ جي ايم سيد جو وجود صديءَ جي صدا بڻجي حيرت ۽ ماٺار جي منارن مان پنهنجي فڪري پوئلڳن ڏانهن نهاري رهيو آهي، جيڪي اڄ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجا گناهه ڌوئڻ ۽ سيد جي فڪر ۽ نظريي کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جو وچن ورجائڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن. علي بابا هڪ ڀيري پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته : “سيد تون جڏهن به ياد آئين، اسانکي پنهنجا گناهه ياد آيا. ” يقينن اڄ جڏهن سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ سيد جا پوئلڳ سندس آخري آرامگاهه تي بيهي سيد کي ياد ڪندا ته کين پنهنجا گناهه ۽ ثواب ضرور سڀ ياد ايندا. ثوابن جي سٿ ۽ گناهن جي غار ۾ گهاريندڙ اهي ڪارڪن سيد جي مزار تان ڪهڙو هدايت نامون وصول ڪندا. ان جو تعين ايندڙ وقت ڪندو پر بنيادي شرط اهو آهي ته سيد جي ورسي تي سيد سان وچن جي ورجاءَ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي. سن جو سفر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ذهنن ۾ ڪهڙي حڪمتِ عملي جو تعين ڪندو، ان جو انتظار ڌرتيءَ کي به آهي ته ايندڙ وقت کي به ! سيد ته پنهنجي ڏکن ۽ دردن کي به پنهنجي قوم جي سڃاڻپ جو ويس پارائي ڇڏيو هو. هُن ته پنهنجو نُور نِچوڙي اسانکي پنهنجي تاريخي حيثيت کان روشناس ڪرايو هو، پنهنجي وطن ۽ قوم جا ڏک ۽ سُور سندس ذهن تي هميشه ڪارونڀار جيان چڙهيل هئا ۽ هُو ڪنهن به ردِ عمل کان بيپرواهه ٿي پرينءَ جهڙي ديس جي دل جا درد ونڊيندو رهيو، بانسري جي سۡرن ۽ يڪتاري جي تند تي مست ٿي هُن جڏهن به جهان جي جهنجهٽ کي ڏٺو ته آسمان به کيس پنهنجو همراز لڳو. سندس رولاڪيون ۽ جيل جي زندگيءَ به ته سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ واري کيتيءَ سان آباد هئي، هيترين سارين قربانين جي باوجود به مجموعي طور اسان کيس سُڃاڻي نه سگهياسين. خوف ۽ لالچ جا جهِير به کيس ڪڏهن به تلاش ۽ کوجنا جي سفر تان موٽائي نه سگهيا، جهُڪڻ واري جهلڪ ته سندس وجود کان ڪوهين ڏُور هئي، فتوائن جي صليب تي چڙهندڙ سندس فڪر جي مڻيادار موتين سنڌي قوم ۾ آزاديءَ ۽ غلامي، بدحاليءَ ۽ خوشحاليءَ، ڪوڙ ۽ سچ، حق ۽ باطن جي وچ ۾ تميز جون سرحدون کڙيون ڪري سنڌ جي جديد تعمير واري خُواب جا بنياد وڌا. هُن هميشه سنڌي قوم کي آزاد ۽ باوقار قومن جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جون راهون ڏَسيون هۡيون، هُن سنڌ کي نئين انداز، نئين رنگ ۽ رُوپ، نئين جوش ۽ جذبي، نئين ساز ۽ آواز سان، دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيڻ جا خواب ڏٺا، سندس اهو ئي سبق سنڌ جي نوجوانن جي زبانن تي مڌُر گيت جيان رقص ڪندي لکين دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. هُن آزاديءَ جي متوالن جي نَڪ ۾ حدبندين جون ناڪيليون وجهڻ، سوچن، فڪر ۽ آزاديءَ جي راهه تي پهرا بيهاري بنيادي انساني حقن کي گهُٽي مارڻ واري حرڪت کي فطرت جي تخليقي عمل سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. صدين پُڄاڻان درد جي گهايل ڌرتيءَ ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن جي دردن جون پيڙائون سندس من ۾ مانڌاڻ مچائينديون رهيون. سنڌ جي وجود، تهذيب ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ هُو جدوجهد جي ميدان ۾ هميشه آزاديءَ ۽ خوشحالي ءَ جا سُر آلاپيندو رهيو. اخلاقي قدرن جي پاسباني ۽ محبت جي مامري ۾ ڪشالا ڪڍڻ واريون عبارتون سندس وجود جو حصو بڻجي ويون هُيون. عظمت ۽ بزرگيءَ جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو آهي ته کيس خُود کان وڌيڪ پنهنجي قوم تي ڀروسو هو. جڏهن قوم سندس ڀروسي جو ڀرم نه رکي سگهي تڏهن به هُن قوم سان نفرت ڪرڻ واري عمل کي گناهه سمجهيو، ان سڄي صورتحال ۾ جي ايم سيد کي اسان ڇا سمجهيو، ڪيئن ڄاتو، هُن اسانکي ڇا ڏنو، اسان هُن کي ڇا ڏنو، ۽ ان کان علاوه اهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي اسان هميشه مصلحت پسندي جي چادر وجهندا رهيا آهيون، خبر ناهي ساڃاهه ۽ سچائيءَ جو سڳو اسانجي ڳچين مان ڪيئن لهي ويو آهي، جو اسان سندس فڪر جون ليڙون ليڙون کڻي وري به درزيءَ ڏانهن وڃڻ بجاءِ موچيءَ کي ڳوليندا وتون. درگُذر، برداشت، سهپ ۽ رواداريءَ جا مادا موڪلائي چڪا آهن، اسان مان ڪوبه خود احتسابي جي سانچي مان گذرڻ لاءِ تيار ناهي، گهاڻي ۾ پيڙهجڻ جون دعوائون ته هرڪو ٿو ڪري پر گهاڻي کي ڏسڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. باقي سڄي سال ۾ هڪ سالگرهه، هڪ ورسي، هڪ مظاهرو ۽ هڪڙي بُک هڙتال، جي ايم سد جي فڪر جو قطعي به پُورائو ڪونهي، سيد جي فڪر جو پُورائو ته پَري پر اسان سندس فڪر جي هڪ اکر جي معيار تي به پُورا نه لهي سگهيا آهيون، هيڏي ساري ويڌن جو حساب آخر ڪير ڪندو. ان کان وڏي بدقسمتيءَ ڪهڙي آهي جو هڪڙي ڪٽنب جا ڀاتي ساڳيو طعام کائڻ لاءِ تيار هُجن پر اهو طعام ڪير ڦُرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي بچائي ڪير به نه ! هاڻي اها ڪوشش جي ايم سيد جي انهن پوئلڳن کي ڪرڻي پوندي جن هميشه بورچي جي حيثيت ۾ طعام تيار ڪيا آهن، کين مصلحتن جا تاڪ کولڻا پوندا، عقيدت ۽ احترام جي آڙ ۾ سچ جو گلو گهُٽجي سوڙهو ٿي چڪو آهي، انهيءَ ڪري اڄ وقت آهي ته سيد جا سچا پيروڪار سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي، سيد جي فڪري ڌارا جي اوٽ ۾ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪري پنهنجي اڳواڻن کي مجبور ڪن ته اهي ننڍڙيون ننڍڙيون هڙون کولي سيد جي مزار جي مختصر اڱڻ تي هڪ اهڙي تاريخي طعام جي ديڳ چاڙهين جيڪا سيد جي رُوح کي تسڪين پهچائڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي وجود کي اُجاري اڇو ڪري!

No comments:

راءِ ڏيندا