سائين جي ايم سيد - ۴
هڪ صديءَ جي تاريخ!
سچل ڀٽي
۲۰هين
صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ موڪلائڻي ڪندڙ سنڌ جي ساڃاھ جو
محور رهندڙ سائين جي ايم سيد هڪ صديءَ جي تاريخ جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هن صديءَ
جي تاريخ جتي ٻن عظيم عالمي جنگين کي جنم ڏنو، اتي ننڍي کنڊ جو ٻه قومي نظرئي جي
بنياد تي ورهاڱو به عمل ۾ آيو. جنهن ورهاڱي ۾ سائينءَ جو ڪردار اهم ۽ اڳئين صف
وارو رهيو. سائين بلند ڪردار جو مالڪ هو. هر ان شئي کان پر ڀرو نظر آيو، جيڪا کيس
غافل ڪري ۽ مقصد تان هٽائي. جهڙوڪ دولت، شهرت، عياشي يا نشي پتي جي ڇڪ کان پاڻ
بچائيندو رهيو. ايتري تائين جو آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سندس سخت ناقد رسول بخش پليجو صاحب
به سندس ڪردار جي بلنديءَ جو دل سان قائل هو. ان جو مطلب اهو هرگز نه ورتو وڃي ته
سائينءَ کان ڪي غلطيون سرزد نه ٿيون هونديون! سندس پنهنجو به اهو چوڻ هو ته، “جيڪر
ڪو پاڻ کي عيبدار نٿو سمجهي، ڄڻ هو پنهنجي عيبن تي پرده پوشي ٿو ڪر”. هن پنهنجي
غلطين تي نه رڳو اعترافي نوٽ لڳايو پر انهن تي معافيءَ جو طلبگار به رهيو. اهڙين
اجتماعي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ غلطين جو ڪارڻ هڪ ته حالتن جو جبر سمجهه ۾ اچي ٿو
۽ ٻيو ڪارڻ سندس طبيعت جي گڻن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جو سياسي
سفر متزلزل نظر اچي ٿو ۽ ان متزلزل فيصلن ڪارڻ هو تاريخدانن جي مڏي ڇريءَ هيٺ
ايندو رهي ٿو.