; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ

14 July, 2024

ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ

ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ

ڳالهيون تنهن طبيب جون

حسين ڪپري



لطيف پنهنجي شاعري ۾ جن ويڄن طبيبن جو ذڪر وڏي پيار سان ڪيو آهي تن جهڙا هاڻي ڪي ورلي وڃي بچيا آهن. انهن مان هڪڙو داڻو مون ڏٺو، ڪنسلٽنٽ سرجن جواهر راٺوڙ.

اڇا وار، فريش چهرو، ڳالهين ۾ نوجوانن وانگر بي فڪرو، سوچن ۾ جهونن جيان دورانديش، هو هڪ متضاد گڻن وارو شخص آهي.

اهڙو شخص جنهن پنهنجي شعبي ۾ ته ڪمال حاصل ڪري ورتو پر دنياداري ۾ اڌو گابرو رهجي ويو.

ڊپلوميسي ۾ هو اناڙي، خوشامد ۾ اڍنگو ۽ سفارش سان ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ته رهندو ٺهيل معاملو بگڙيو وڃي!


کيس اها خبر نه پئجي سگهي ته وڏي صاحب کي ڊيل ڪيئن ڪجي، گوسڙو ماتحتن کي رڳڙو ڪيئن لڳائجي ۽ چمچي ماڻهن مان جان ڪيئن ڇڏائجي.

آفيس ۾ روز روز جي کٽ پٽ کان تنگ ٿي، هن مورڳو سرڪاري نوڪري ئي ڇڏي ڏني!

ڊاڪٽري جي سفر ۾ هن جيتري عزت ڪمائي آهي ايتري دولت نه ڪمائي.

 اها هن جي ترجيحن ۾ ڪڏهن شامل به ڪونه رهي. بنيادي گهرجون پوريون ٿين عياشين کي ڪير ٿو پڇي.

امير ماڻهو اهو ناهي جنهن وٽ پيسو گهڻو هجي پر اهو آهي جنهن جون ضرورتون ٿوريون هجن. ان کان علاوه ٻيو ڇا ٿو سوچي سگهجي.

 اڄڪلهه دنياوي حساب سان جنهن کي ڪامياب ڊاڪٽر سمجهيو وڃي ٿو تهڙو هو بلڪل ناهي.

دو نمبر دوائون ٺاهڻ واريون ڪمپنيون کيس فارين جا ٽوئر ڪونه لڳرائين، ليبارٽري وارا ڪميشن نه ڏين ۽ شهر جا وڏا ماڻهو فون ڪونه ڪن.

فون ڇو ڪن؟ ڪٿي تقريب ۾ ملاقات ٿئي ته هي انهن سان هٿ ڪونه ملائي، پريان کان هيلو هاءِ نه چوي، ڏندڙا ڪونه ڪڍي!

پيسي جي نمائش، طاقت ۽ ظاهري شان شوڪت اڪثر ماڻهن کي جهڪائي ٿي پر سڀني کي نٿي جهڪائي سگهي!

وڏي ماڻهو کي اهميت نه ڏيڻ واري عادت هن ننڍي هوندي ماستر هميري مل کان سکي جنهن وٽ ڊگهڙي ۾ پرائمري پڙهيو هو.

سندس اصول هو ته وڏن ماڻهن جي سلامي نه ڀريندو هو. آئون به ان مشهور استاد وٽ پڙهي چڪو هئس.

سندس خوبي اها هئي ته پنجين درجي ۾ پورو ڪورس مڪمل ڪرائڻ بعد، شاگردن کي چار اي بي سيون، ويهه تائين کوڙا ۽ سئو کن بيت لطيف ۽ ڪبير جا ياد ڪرائي پوءِ هاءِ اسڪول موڪليندو هو!

اهي شيون شاگردن ۾ قابليت جو احساس پيدا ڪنديون هيون جنهن ڪري هو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سکندا هئا.

بچپن هن جو ٺيڪ گذريو. مگر انهن يادن ۾ هڪ تلخي سندس والده جي دردناڪ حادثي ۾ اوچتو وفات هئي. انهي واقعي نه صرف خاندان پر پوري ميگهواڙ ڪميونٽي کي لوڏي ڇڏيو.

ماءُ هن جي مون ڏٺي هئي، ملوڪ، مهربان، شفقت سان ڀريل. آئون تڏهن نائين ۾ پڙهندو هئس. مون سندس هٿن جي ماني به کاڌي، امان جي هٿن جو سواد آيو!

سندس والد ڊاڪٽر راڻو سول سرجن هو، هن ٻي شادي ڪانه ڪئي پر پٽن کي ماءُ وانگر به ڪونه پاليو.

هو پنهنجي نوڪري، ڊاڪٽري ۽ مريضن ۾ ايترو مصروف هو جو گهر کي ٽائم نٿي ڏيئي سگهيو، سو ڇوڪرن کي چڱن ماسترن جي حوالي ڪري پاڻ پنهنجي ڪمن ۾ لڳي ويو.

ماسترن جي هٿن مان ٿيندو، هو فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺڻ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص آيو. انبن جي باغن، ڪيلي جي فصلن ۽ چئو طرف سرسبز ٻنين ۾ گهريل پبلڪ اسڪول پوري ڊويزن ۾ هڪ اهڙو ادارو سمجهيو ويندو هو جنهن جا شاگرد پوزيشنون کڻندا، انعام کٽيندا ۽ نالو ڪمائيندا هئا.

اسين به يونيوسٽي مان ڊگري وٺي ڪجهه وقت پهرين سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڀرتي ٿي آيا هئا سين.

هي اهو دور هو جڏهن روس ۽ آمريڪا افغانستان ۾ سڱ ڦاسائي بيٺا هئا.

ضيا مري ويو هو پر سندس سوچ بي پاڙي ول وانگر تيزي سان پکڙي رهي هئي، رياست جي آئين ۾، ملڪ جي قانون ۾، اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾، ٽاڪ شوز ۾. هن جو پاڇولو پوري ملڪ تي غيبات وانگر ڇانيل هو.

برقعن نقابن ۾، حرام جي دولتن ۾، اقليتن جي خوفن ۾، هٿيارن ۾، بم ڌماڪن ۽ هيروئن جي ڪاروبارن ۾، جيڏانهن ڏس صاحب سامهون هو!

هر طرف افغان جهاد جو اثر هو. قوم جي ذهن سازي ٿي رهي هئي. سرڪاري ٽي وي جي اسڪرين تي، اخبارن رسالن ۾، شهر جي ديوارن تي مرد مجاهد ٿيڻ جا اشتهار مختلف صورتن ۾ هوندا هئا. ”مومن هي تو بي تيغ ڀي لڙتا هي سپاهي. “

سوسائٽي ۾ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو مومن ٿيڻ جي چڪر ۾ پئجي ويا هئا. اسان مگر لهواري لوڪ کان ٻي طرف، اوڀارو اڀرڻ جي ڪوشش ۾ آرٽ فلمون ڏسندا، ڪلاسيڪل راڳ ٻڌندا ۽ ڪٿڪ ناچ ڏسندا هئاسين.

”ثوابن جا سودا پئي خلقن کٽيا

خدا کان گهريسين گناهه گار دل. “

پبلڪ اسڪول ۾ مسلمان اسٽوڊنٽس لاءِ نمازون پڙهڻ لازمي هو. ڊسپلن ٽوڙڻ تي سزا ملندي هئي. هندو شاگردن کي ڪنهن ٻي بهاني سان ڪٽڪو ڪجهه سوايو لڳايو ويندو هو.

اقليتي برادري سان تاريخي طرح ٻيون به ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن. ماڌو لال حسين کان وٺي سرمد اڀيچند تائين هندو ڇوڪرن کي صوفي بزرگن سان معشوقي واري ڊيوٽي به ڏيڻي پوندي هئي! اسان جي ماضي واري عارفانه شاعري جي خوبصورتين ۾ ڪجهه جلوا انهي ڇوڪراڻي حسن جا به شامل آهن!

”دشمن ڪي بچون ڪو پڙهانا هي“ وارو نعرو پوءِ لڳو، اسان پنهنجا ٻار پي پڙهايا. آئون هائوس ماسٽر (هاسٽل وارڊن) هئس، منهنجي ڪمري ۾ ڪتاب ئي ڪتاب هئا جيڪي هوشيار شاگردن جي پڙهڻ لاءِ رکيا هئا.

انتها پسندي سان مقابلي لاءِ اسان پنهنجا نوجوان پي تيار ڪيا. ٽائم ۽ نيوز ويڪ ميگزين هر هفتي ايندا هئا، جيڪي سڀني کان پهرين جواهر کڻي ويندو هو. رات جو هاسٽل جا ڇوڪرا ٽي وي ڏسندا ۽ راندون کيڏندا هئا، هي مون سان دنيا جي مشهور ڪتابن تي بحث ڪندو هو.

اتي ئي هن ۱۳ سالن جي يهودي ڇوڪري ايني فرينڪ جي ڊائري پڙهي جا هٽلر جي اذيت گاهن ۾ ماري وئي هئي. اقليتن کي اوچتو بي وطني جو احساس ۽ جان وڃائڻ جو خطرو ڪيئن کائيندو آهي، تنهن انساني المئي تي ڳالهائيندا هئاسين.

مگر کيس سڀني کان وڌيڪ فائدو پهرين صدي عيسوي جي عظيم نقاد لنجائنس کي پڙهڻ سان ٿيو، جنهن ڪچي ڄمار ۾ هن لاءِ انٽرنيشنل ادب کي سمجهڻ جا رستا کولي ڇڏيا.

انهي ايڪسٽرا ايڪٽوٽي جي باوجود به هو نه صرف بنا ڪاپي جي امتحان پاس ڪري ويو پر سندس نالو ”اسڪول آنر بورڊ“ تي به لکجي ويو. اها فخر جي ڳالهه هئي، استادن جي مهرباني مڃڻ جو وقت هو پر هن جو رويو اهڙو رهيو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي!

هو مينهن وانگر ڍئو جهلي ويو، خوشي ظاهر نه ڪئي، مٺائي ڪونه ورهائي، بيگ کڻي ڪراچي روانو ٿي ويو. ڪراچي جا ان وقت سنڌين کي کائي ويندي هئي. ماڻهو گاڏين ۾ چڙهي ويندا هئا، ٻورين ۾ بند واپس ايندا هئا. اهڙي ڏکئي ماحول ۾ پنهنجي مقصد تي ڌيان ڏيڻ مشڪل ڪم هو.

ايم بي بي ايس جي پڙهائي دوران، هو لاوارث مريضن کي پنهنجو رت ڏيئي ايندو هو. مون بهرحال کيس چيو، پاڻ کي ان طريقي سان ضايع نه ڪر. قوم کي تنهنجي رت جي نه پر پڙهائي ۾ ڪمال ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.

هن جي دل مگر مريضن سان ئي رهي. ايتريقدر جو هن پنهنجي ايف سي پي ايس امتحان جي ڊيسرٽيشن جي ارپنا به هيئن لکي، ”انهن مريضن جي نالي جيڪي منهنجي سنڀال هيٺ گذاري ويا. “ مگر بعد ۾ گائيڊ جي ناراضگي سبب ان کي بدلائي ڇڏيو.

خبر ناهي هن اها دل ڪٿان آندي آهي جو مريضن سان همدردي به رکي ٿو ۽ علاج ڪرڻ دوران غير جانبدار به رهي ٿو.

ان سلسلي ۾ سندس راءِ ڏاڍي دلچسپ آهي، ”ڏهه سيڪڙو مريض سائيڊ افيڪٽ جي ڊپ کان دوا جو پورو ڊوز ڪونه وٺندا آهن. ويهه سيڪڙو مريض بيماري جي هسٽري ٻڌائيندي فرمائش ڪندا ته سائين فلاڻي دوا لکي ڏيو ۽ چاليهه سيڪڙو ماڻهو ته رڳو پنهنجي ڳالهه ٻڌائي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ايندا آهن. “

انهي ڪري جيسين مريض پاڻ ڪڪ ٿي نه اٿي تيسين ويٺو ان کي ڏسي.

پنهنجي شعبي کان پوءِ جن شين کيس پاڻ ڏي موهيو تن ۾ عالمي ادب ۽ فلسفو آهن. انهن ۾ وري قديم اسٽائڪ فلاسافر مارڪس آرليئس سان دل اٿس.

روم جو شهنشاهه آرليئس انتهائي اعليٰ تعليم يافته شخص هو. کيس بهترين مائٽ، قابل اعتراض زال ۽ خراب پٽ نصيب ٿيا. سندس فلسفو انسان ذات کي سٺي ۽ انصاف واري نموني جيئڻ سيکاري ٿو.

"زندگي جي خوبصورتي تي ڌيان ڏيو. ستارن ڏي نهاريو ۽ پاڻ کي انهن سان گڏ ڊوڙندي ڏسو. عنصرن جي هڪ ٻئي ۾ تبديلي جي باري ۾ لاڳيتو سوچيو ڇو ته اهڙا خيال زميني زندگي جي مٽي کي ڌوئي ڇڏيندا آهن. “

کيس پراڻو روم جام وڻيو جنهن جي قصن، ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي شيڪسپيئر لافاني بنائي ڇڏيو. ڪلوپترا جهڙي ڇاتي روءِ زمين تي ڪنهن عورت کي نصيب نه ٿي، بروٽس جهڙي دغا دوستي ۾ ڪنهن نه ڪئي ۽ سيزر جهڙو ڪير فاتح نه ٿيو، ”آئون آيس، مون ڏٺو، مون فتح ڪيو. “

امداد حسيني لکيو،

”روم شهر ۾

روم شهر ۾

تو وٽ اهڙي ڪهڙي شئي هئي

جنهن کي تون انمول چوين ها

ڪهڙي سيزر جو چوغو هو

جنهن کي رنگ رتول چوين ها

ڪهڙي انتونيءَ جو سپنو

تو وٽ هو جو مانُ ڪرين ها

ڪهڙي ڪِليوپترا جو سينو

آڇين ها احسانُ ڪرين ها

تنهنجي سڀني شوڪيسن ۾

هو ته بروٽس جو خنجر هو

پوءِ به تنهنجي هٽ تي هجوم

ماڻهو ماڻهو ڄڻ سيزر هو

روم شهر ۾

روم شهر ۾“

روم ۾ هزارين سال اڳي جيترو اعليٰ معيار جو ادب ۽ فلسفو هو ايترو هينئر به سنڌ ۾ ڪونهي، “ هو افسوس سان چوي ٿو.

مغرب جي فلاسافي سندس روايتي عقيدي کي ڪيترو بدلايو اها خبر هن جي ڳالهين مان نه پر عمل مان پوي ٿي. هو هر هولي، ديوالي جون واڌايون دوستن ڏي موڪليندو آهي، باقي ٻي خبر ناهي.

هندو مذهب جو آواگون جو نظريو (روح جو هڪ جسم مان ٻي جسم ۾ وڃڻ) جنهن کي فلسفي جي دنيا ۾ بنهه اصلي خيال سمجهيو وڃي ٿو تنهن جي باري ۾ چوي ٿو، جيڪڏهن پوئين جنم جي يادگيرين جو شعور ناهي ته پنر جنم جي نظرئي ۾ ڪو وزن ناهي!

انسان اڃا تائين ايترو ميچوئر نه ٿيو آهي جو پوري طرح حقيقتن کي سمجهي ۽ سچائي کي برداشت ڪري سگهي.

بيماري کي ڪمزوري ۽ موت کي مڪمل شڪست سمجهي ٿو. انهي ڪري لافاني زندگي جي خواهش پوري نه ٿيڻ سبب مذهب ايجاد ٿيا.

دنيا ۾ مذهب گهڻا ئي آهن پر هن جو مذهب مسڪين ماڻهن جي خدمت آهي. پنهنجي ڊگهي ڪيريئر ۾ هن ڪيترن ئي مريضن کي موت جي وات مان کسي زندگي ڏني آهي.

کين دردن، سورن ۽ تڪليفن مان گذرندي ڏٺو آهي ۽ انهن جي پيڙائن، عذابن کي محسوس ڪيو آهي. وٽس دردناڪ ڪهاڻيون آهن ۽ لکڻ جو ڍنگ به آهي، جي لکڻ تي اچي ته پڙهندڙن جو هينئون هيرڻ پن ڪري ڇڏي!

هڪ دفعي سندس سئوٽ شڪايت ڪئي، ”خبر ناهي کيس غريبن ۾ ڇا ٿو نظر اچي، هر وقت انهن جي دوا درمل ۽ وڍ ٽڪ ۾ مصروف هوندو آهي! هن جا سڀ دوست آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آهن، هي ڇو ڪونه ٿو وڃي؟“

مون به کيس سمجهايو، ”جيڪو هندو گهر ۾ لڪي آڪاش واڻي ريڊيو ٻڌي ٿو، سرڪار ان کي به انڊيا جو جاسوس سمجهي ٿي.

هتي رهندين ته هميشه شڪ جي ڪڪر هيٺان هوندين. بهتر آهي ٻاهر هليو وڃ. “ مگر اها صلاح منهنجي هن ڪونه مڃي.

”جيڪڏهن اهڙو وقت آيو جو ڌرتي ۽ مذهب مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئجي وئي ته پاڻ سنڌ جي پاسي ٿيندا سين، “ هن يقين سان چيو.

آمريڪا مان ٿي واپس آيو ته مارڪ ٽوين جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.

”ڪڏهن به مورک ماڻهن سان بحث نه ڪريو، هو توهان کي پنهنجي سطح تائين هيٺ ڇڪي وٺندا ۽ تجربي سان ماريندا. “

 سنجيده مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سندس طنز ۽ مزاح نه رڳو آمريڪا کي نئين سڃاڻپ ڏني پر سڄي دنيا جي ماڻهن تي مثبت اثر وڌو.

اهڙو ئي رنگ هن جي ڳالهين ۾ به هوندو آهي.

سندس ڀائٽي جي ڪاڄ ۾ وياسين، جڳ کڻي پاڻي پيارڻ آيو. مون چيو تون گهر جو وڏو آهين پاڻ گلاس کڻندي ٺهين نٿو. ڪم ڇوڪرن جي حوالي ڪري پاڻ پويان ويهي انتظامي هدايتون ڏي.

”چوتيا ڪمانڊر اڳين صفن ۾ وڙهندا آهن سائين، “ هن ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو.

پوءِ ماني تي ويٺاسين، سڀني پنهنجي پسند جون ڊشون کنيون، هن جي سامهون جيڪو پيو هو سو کائي اٿيو.

هو کاڌي جو شوقين ناهي، مگر ڪتابن جو باقاعدي شوقين آهي. ڪتاب لاءِ شرط آهي ته فارين ايڊيشن هجي، موچاري ڪاغذ تي پرنٽ هجي ۽ انگريزي ۾ لکيل هجي.

لطيف جو رسالو انگريزي ۾ پڙهڻ تي ڪنهن اعتراض واريو ته وضاحت ڪيائين، ”شاهه صاحب کي انگريزي ۾ سمجهڻ وڌيڪ سولو آهي. “

علائقي ۾ ڪافي مشهوري جي باوجود تمام ٿورن ماڻهن کي سندس ذاتي زندگي جي خبر آهي. ڪچهرين ۾ هو پنهنجي ڪنهن نقصان جو ذڪر نٿو ڪري ۽ غمن سورن کي ائين لڪائي ٿو جيئن پراڻي زماني ۾ سون لڪائي رکبو هو.

جن ساڻس ڊگهو عرصو ڪم ڪيو سي چون ٿا، هو نه ڪڏهن ڇُليو ۽ نه ئي ڪٿي کُٽو. ڏک هجن يا سک، سدائين هڪجهڙو نظر اچي ٿو.

سندس جيئڻ جو ڍنگ، ڪم جو طريقو ۽ ڳالهائڻ جو انداز اهڙو آهي جنهن ۾ عالمن واري بي نيازي، فطرت واري سادگي ۽ مطمئن ماڻهو واري فقيري نظر اچي ٿي. آهي ته ظاهري طرح ماڻهن جهڙو ماڻهو پر اهڙو ماڻهو جو لڪو ڀڻي لوڪ ۾.. .

 

(ڪتاب: دلبر هن ديس جا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا