; سنڌي شخصيتون: علي اصغر ڀٽي

10 April, 2024

علي اصغر ڀٽي

علي اصغر ڀٽي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي انتهائي خوبصورت شاعر علي اصغر ڀٽي جو جنم ۱۵ اپريل ۱۹۶۵ع تي ٽنڊو محمد خان جي پير پاڙي ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو حاجي محمد علي ڀٽي آهي. پرائمري تعليم ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گولاڙچي مان، انٽر مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪري، سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ۱۹۸۷ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين، آزاد نظم جي صنف تي کيس عبور حاصل آهي، ان کانسواءِ نظم، نثري نظم، وائي ۽ غزل جي صنف تي بهترين انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان بهترين ڪمپيئر پڻ رهيو. ان حوالي سان کيس ”حسن ڪارڪردگي“ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

علي اصغر ڀٽي تمام جاکوڙي سماجي ڪارڪن پڻ رهيو، ۱۹۹۲-۱۹۹۱ع ۾ سنڌي فلاحي تنظيم ( سفت) پير محلا ٽنڊو محمد خان جو صدر پڻ چونڊيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار طور ڀرتي ٿيو، بعد ۾ ترقي ماڻي ڊپٽي رجسٽرار ٿيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو پبلڪ ريليشن آفيسر پڻ رهيو. اصغر ڀٽي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هر وقت متحرڪ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سان نوي جي ڏهاڪي کان وٺي سندس پراڻو ناتو آهي، ان وقت شاخ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، ۶ جون ۲۰۱۴ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ۲۰۱۵ع ۽ ۲۰۱۶ع ۾ شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. ۲۰۱۸ع ۽ ۲۰۱۹ع ۾ ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو. سندس کوڙ ساري شاعري عبرت مئگزين، سنڌو مئگزين، هفتيوار ماروئڙا نيوز ۾ شايع ٿي چڪي آهي. سندس شاعري ۾ سياسي، سماجي مسئلن جي عڪاسي سان گڏ، جماليات جا پهلو عيان آهن. سندس شاعراڻي ٻولي ۽ لهجو پنهنجي منفرد حيثيت جو حامل آهي. اصغر ڀٽي جا خيال ڪميونيڪيٽو ۽ آرٽ سان ڀرپور آھن. اصغر ڀٽيءَ جھڙو سجاڳ ۽ پنھنجي ديس جي ڌرتيءَ سان ماءُ جيئن محبت ڪندڙ شاعر پنھنجي ديس مٿان کڄندڙ زبانن ۽ نگاھن جي ناپاڪ تلوارن جي وچ ۾ بيھي ٻئي ھٿ سيني تي ھڻي وڏي آواز ۾ صدائون بلند ڪري ٿو. اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو شاعر پنھنجي زميني حالتن کان اڻواقف آھي يا پنھنجي ڌرتيءَ سان ڪمينٽڊ ناھي، ان جي آرٽسٽڪ عشق کي بلڪل به بقا ناھي ھوندي. اصغر ڀٽي جي شاعري ۾ بقا به آهي ته اها وري مزاحمت جي رنگ ۾ رنڱيل به آھي. اصغر ڀٽي ھڪ حساس شاعر آهي. جنهن وٽ ڌرتيءَ، ان جيشهرن، ننگن،دنگن، دريائن، پھاڙن، ٻيٽن ۽ مٽيءَ سان عشق جو جذبو به آهي، انقلاب ۽ رومانس جو سنگم به آهي ته وري قومي ڪردارن سان چاهه به آهي.

علي اصغر ڀٽي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

زمين جا نقش ۽ نقشا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

اسان جي ديس جا رستا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

لغڙ وانگي اُڏامي پئي اکين جي آسمانن ۾؟

ٻڌا ڇورن تکا مانجھا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

ڪراچي ٻانھن تنھنجي ۾ ٻڌل آھن زمانن کان،

اسان جي عشق جا ڌاڳا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪا ٽي؟

بدن جا چنڊ جاڙا ڇوڪري ھاڻي لڪاۂي ٿي،

حجابن جا اھي پردا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

وري کولي ورھاست جي ڪتابن کي پڙھي ويٺو،

دليلن جا ڪفن سارا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

اڃان "اصغر" لٿو ناھي لھُو جو رنگ رستن تان،

لڳا ٻي جنگ جا خيما ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

***************************************************

غزل

ڪٿي 'باقي' ٺٽي ۾ آ،

رُڳو مڪلي ٺٽي ۾ آ.

تماچي جنھن ڪيو قابُو،

اُھا نُوري ٺٽي ۾ آ.

ٻُڏو ساحل ڊٺو ديبل،

سمندر ۂي ٺٽي ۾ آ.

اکين ۾ لاڙ پالي ٿي،

عجب ڇوري ٺٽي ۾ آ.

اُگھاڙو عشق سرمد جو،

نچيو اڄ ڀي ٺٽي ۾ آ.

سڄي تاريخ 'بن قاسم'،

ننگي ڪرڻي ٺٽي ۾ آ.

***************************************************

آزاد نظم

ڄار

مُلڪ ھي

ڪو لڳل ڄار آ

ٿو ڇڪي پاڻ ڏي

ڄڻ ته ڪو دار آ

دُور کان ڍنڍ تي

ڪونج اُڏري لٿي

زندگي آ جتي

موت ٿو ات چُڳي

ڪو سڏي ڪونج کي

ڪو ڏسي ڪونج کي

ڍنڍ آ ڄار ۾

خواب ڪي

ڪو اکين م کڻي

ڳوٺ پنھنجو ڇڏي

شھر ڏي ٿو لڏي

روشني آ جتي

زندگي آ جتي

ھا مگر

زندگي ڄار ۾

جُستجو جي ڪجي

سج ٻري ٿو پوي

چنڊ چمڪيو پوي

خوف ڪارو ٽڪر

ڦُوڪ ھڪ سان ٽري

۽ سمندر ھٽي

بس رُڳو آرزو ٿي ڪجي

جُستجو ڄار ۾

ننڊ جي غار مان

قوم جاڳي اُٿي

مُلڪ جي ڄار کي

شال ٽوڙي وجھي

سنڌ ڇو ڄار ۾

سنڌ ڇو ڄار ۾!؟

***************************************************

آزاد نظم

نه تون آھين گُلان جھڙي

لطيفي ناه نظر منھنجي

وڄي ٿو آڱرين تي ڄڻ

بدن پيانو رقاصا جو

ھٽاۂي ٿو زمانو ڇو

حيا باريڪ پردو آ

ھوس جا ھت ٻگھا ڪيئي

نچن ڇيرن جي ڇم ڇم تي

جھان سارو ته طلسم آ

مگر ڪو ھنج نه ڇرڪي ٿو

رقاصا خُوب ڄاڻي ٿي

ندي فرھاد اڄ جي ڪنھن

وھاۂي آ ڳچي جي آبشارن مان

رکي ٿي ناچ پيرن ۾

سمندر کي نچاۂي ٿي

مگر ڏاڊي ڏُکي آھي

جواني ڇير مان ڇوڙڻ

حُسن کي پاڻ ۾ ٻوڙڻ

بدن ڪافر چُمي ھر ڪو

رکي ٿي پاڪ رُوحن کي

محبت پاڻ پاليندي

حجابن عشق کي جنميو

ته تون آھين گُلان جھڙي

لطيفي آ نظر منھنجي!!

No comments:

راءِ ڏيندا