محمد عمر سولنگي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
سنڌ ۾ سۡگهڙن ۽ شاعرن جو انگ ايترو ته وسيع رهيو آهي جو ان جي مڪمل نموني سان اڃا تائين ڪٿ به نه ٿي سگهي آهي، توڙي جو کوڙ سارن ليکڪن ۽ محققن ان قسم جي سهيڙ جو شاندار ڪم به ڪيو آهي. ان جي باوجود اهڙي هيرن جهڙي کاڻ جو ڪو مڪمل دستاويز نه جۡڙي سگهيو آهي. ٻيو اهم سبب اهو به آهي ته اهو انگ وقت جي حساب سان وڌندڙ ئي رهيو آهي، هڪڙن جي جاء ٻيا ڀريندا پيا اچن يا ائين کڻي چئجي ته اهو سلسلو تاحال جاري ۽ ساري آهي. سنڌي شاعريءّ جي آسمان تي لاتعداد نالا اھڙا آهن، جيڪي نسلن لاء ڄڻ ته نوان آهن يا انهن بابت ڄاڻ ڦهلجي نه سگهي آهي. اهڙن نالن مان محمد عمر سولنگي به هڪ آهي.
محمد عمر سولنگي ۱۹۵۵ع ڌاري ڳوٺ جمعون سولنگي لڳ شيخ ڀرڪيو تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم
ورتو. سندس والد جو نالو جمعون سولنگي آهي. هن پرائمري ۽ قرآن شريف جي تعليم ڳوٺ
نواب پير بخش ٽالپر المعروف "قاضي جي ڳوٺ" مان حاصل ڪئي. ادب، تاريخ سان
وڏو چاهه هئس ۽ ان جو خۡوب مطالعو به ڪيائين. شاعريءّ سان ته دلي لڳاءۡ هئس. ڪرت
جي لحاظ کان شروعاتي دور ۾ پنهنجي زمينداري سنڀالڻ ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪيائين. ڪجهه
عرصو پنهنجي دوست ۽ استاد محمد هوسڙي واري سان گڏ درزڪو ڪم به ڪيائين. جنهن کانپوءِ
حيدرآباد ۾ پنهنجي پڦي جي پت ۽ سهري علي محمد سولنگي سان مڇي جو ڪاروبار ڪيائين،
جنهن ڪرت سان حياتيءّ جي آخري حصي تائين سلهاڙيل رهيو. سندس والد جمعون سولنگي به
پنهنجي دور جو سنڌي ڪافي ڪلام جو وڏو گائڪ ۽ راڳ جو ڄاڻو هو. سيد قاسم علي شاهه
پيرو نومڙيو، حاجي عثمان ڪڇي، عمر لغاري، استاد هوش محمد شيدي ۽ حاجي دراني ان دور
جا ناليوارا راڳي هئا. والد جي پوئيواري واري نسبت سبب محمد عمر سولنگي راڳ ۽ ڪافي
ڪلام جو بهترين ڄاڻو هو. سنڌ جي مشهور راڳين استاد مٺو ڪڇي، حاجي عثمان ڪڇي، حيدر
کوسي، حافظ لقمان عالماڻي، حاجي دين محمد ڪڇي، هاشم شيخ، قاسم بٺورائي، علي سوهو،
عمر سوهو، مائي الله وسائي سميت لاڙ جي ڪيترن ئي راڳين سان گهاٽو واسطو هئڻ ڪري
کيس ڪتريون ئي ڪافيون ياد هيون، پاڻ سٺو راڳي پڻ هو پر ڳائيندو گهٽ هو. بس صحبت کي
پئي سنڀاليندو آيو. شاه عبدالطيف ڀٽائي سميت سنڌ جي ٻين بزرگ شاعرن سيد مصري شاھ،
زمان شاه ساقي، حاجي شاھ، محسن شاھ، فقير ولي محمد لغاري، محمد فقير کٽياڻ، محمد
خان ٽالپر، حافظ حامد ٽکڙائي، حاجي مراد ڃانڊيو، منٺار فقير راڄڙ، مل محمود پلي،
سانوڻ فقير سميت ڪيترن ئي شاعرن ۽ سۡگهڙن جو ڪلام ياد هئس. ان کانسواءِ مولوي حاجي
احمد ملاح جو ڪلام جيتوڻيڪ تجنيس حرفي جي پختگي ۽ لفظن جي نج پڻي سبب عام پڙهندڙ
لاءِ ڏکيو هو پر محمد عمر سولنگي کي مولوي حاجي احمد ملاح جي ڪلام جو حافظ چئجي ته
وڌاءُ نه ٿيندو. شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جو به وڏو ڏانءَ
رکندو هو. اهو ئي سبب هو جو لاڙ جا ڪيترائي سگهڙ، شاعر ۽ راڳ جا ڄاڻو ساڻس ڪچهريون
ڪرڻ سندس ڳوٺ ايندا رهندا هئا. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ روايتي طور مهمان نواز هو.
پاڻ پنهنجي دور جي مشهور ادبي ڏاهن، ڊاڪٽر نبي بخس خان بلوڇ، نواب محب علي لغاري،
ڊاڪٽر عبدالجبار "عابد" لغاري، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي،
تاجل بيوس، محمد رحيم لغاري، نصير مرزا، سيد اصغر علي شاه کان علاوه مذهبي عالمن
مولوي عبدالغفور قاسمي، مولانا عبدالرزاق ميڪو، مولانا عبدالحميد لنڊ، مولانا محمد
رمضان ميمڻ، مولانا حيات زئور، مولانا الهڏنو ملاح ڍنڍي وارو، مولوي محمود سومرو ۽
مولوي ابو يوسف جنهاڻوي سان ڪڇهرين جا ميلا مچائيندڙ هو. فنون لطيفه سان چاه ۽
شاعري لڳاءَ سبب پاڻ به ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ بيت سرجيائين. لاڙ جا ڪيترائي راڳي
سندس ڪافيون ڳائيندا ه هئا. راڳ ۽ شاعري سميت سۡگهڙائپ جي ڪرت کي سنڀاليندي
سنڀاليندي انيڪ دوست کيس وڇوڙي جا وڍ ڏئي ويا. صدمن جا اهي بار سهي سهي پاڻ به دل
جي عارضي سبب ۲۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي دم ڌڻي حوالي ڪري دارالبقا ڏي روانو ٿي ويو، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ
واري قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو. هن سوڳوارن ۾ ڇه پٽ
۽ ڇه نياڻيون ۽ گهرواريءّ ڇڏي. سندس پٽن ۾ سڀن کان وڏو پت محمد انور (انو) سولنگي
ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ هن وقت خاصي جڳه والاري ڇڪو آهي. راڳ جو سۡٺو
ڄاڻو آهي. فنون لطيفه جي لڳ ڀڳ سمورن شعبن ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر سرگرم رهندو اچي.
محمد عمر سولنگي جو چونڊ ڪلام
هيٺ ڏجي ٿو:
ڪافي
منهنجو پنهل وٺي ويا اڄ رات
اديون!
برو فازا بلوڇي ڪري بات اديون.
هاڙهو هوتن لاءَ وڃو ووڙِينديس،
پنهنجو جي جتن ساڻ جوڙينديس،
پيو پاند پنهل سان ڪين ٽوڙينديس،
هجي وندر ڀلي ڪا ولات اديون!
هنجهون هوتن لاءَ آءُ هاريان ٿي،
ڏکيا ڏينهن گهنگهر جا گهاريان
ٿي،
اهو ساٿ سڄڻ جو ساريان ٿي،
لڳي تات اندر وئي تات اديون!
اٿم آس گهڻي ڇوي
"عمر" ادا،
سائين سوال سڻي من منهنجي سدا،
آهيان ڪيڇ ڏڻين جي گولي سدا،
تن جي وائي اٿم رڳو وات اديون!
**********************************************
ڪافي
پکي ديس پنهنجي اڏاڻا هليا ويا،
ڇڏي وڻ ويچارا ويڳاڻا هليا ويا.
هتان ڪو وڃڻ جو امر هو پکين کي،
وري ڪين ايندا پنهنجي ڪکن تي،
صفا سڌ هڪڙي سي سياڻا هليا ويا.
اڏايا ڪنهن ارڏي ويا ڪين پاڻهي،
وري ڪين ايندا اڄ يا سڀاڻي،
ڇڏي نام ننگ کي نماڻا هليا ويا.
هليو ڪين هيلو ڪيم وس واڪا،
پيو ڪين ڪنهن پر ڪٺي جو ڪو قهقا،
ڪري اڄ "عمر" سان سي
ماڻا هليا ويا.
**********************************************
ڪافي
ڪيچا قياس ڪريو مون ڌاري جو،
وٺي ور نه وڃو مون ويچاري جو.
سنجهي ساٿ کڻي هو هاڙهي ويا،
سارو ساه سورن ۾ هو ساڙي ويا،
ڇوري رات پنهل مون کان ڇاڙهي
ويا،
ڪين سانگو ڪيئون سڪ واري جو.
ڏاگها ڏير ڏسي منهنجي دلڙي ڏري،
ڇيم اوٺي ادا وڃو ڪين وري،
ڪاهي ڪيڇي ويا ڪري ڳاله ڳري،
اديون الڪو ٿيو مون کي آري جو.
اها آس اندر ۾ آهي
"عمر" گهڻي،
مولا ميل پنهون آهيان هڪڙي ڄڻي،
نه مون پنڌڙو ٿئي ٿيم پير پڻي،
اچي بار پيو مون تي باري جو.
**********************************************
ڪافي
ملايو مارن سان عمر هڪڙو ڀيرو،
جدا ڪيئي جنين کان جلي جان
جيرو.
ادا کاڄ تنهنجا کلي ڪين
کائينديس،
ٿيم لوئي ليڙون لڱن تان نه
لاهينديس،
پٽيهر نه پايان ٿيندم منهن
ميرو.
نوان نت نياپا اباڻن کان آيا،
کڻي خط کنياتي سنيها سڻايا،
آيو ڪانگ قاصد صبح جو سويرو.
"عمر" چئي اباڻن لاءِ
آهيان مير ماندي،
سنگهارن جي سڪ کان ناهيان وار
واندي،
اچي درد دل تي دۡکايو ڪو ديرو.
No comments:
راءِ ڏيندا