علي اوسط جعفري
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
اردو زبان جي انتهائي خۡوبصورت
شاعر علي اوسط جعفري جو جنم ۱۹۲۹ع ۾
آگره (انڊيا) ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو سيد اسدالله جعفري آهي، جيڪو بهترين استاد
هو ۽ هريپور (هزاره) ۾ جنرل ايوب خان جي ٻارڙن کي ٽيوشن پڙهائيندو هو. علي اوسط
جعفري شروعاتي تعليم انڊيا ۾ ئي حاصل ڪئي. نوجواني ۾ ئي انڊيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي کان
عملي سياست جي شروعات ڪيائين.
ورهاڱي بعد ۱۹۴۹ع ۾ هجرت ڪري اچي خيرپور رياست ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ۱۹۵۵ع ۾ خيرپور مان ئي امروز ۽ حُريت اخبار کان عملي صحافت جو آغاز ڪيائين.
شاعري جي شروعات به ان ئي سال خيرپور مان ڪيائين، اُتي ٽريڊ يونين جي سياست ۾
سرگرمي سان حصو وٺندو رهيو. ٽريڊ يونين جي سياست دوران ٽي ڀيرا ڪيترن ئي سالن
تائين قيد و بند صعوبتون پڻ برداشت ڪيائين. عذابن ۽ تڪليفن جي جهان مان گذري، پچي
پۡختو ٿي، زندگيءّ جي مختلف شعبن يعني سياست، سماجيات، صحافت ۽ ادب ۾ پنهنجي
ناماچاري ماڻيائين. جنرل ايوب خان جي دور ۾ ۱۹۶۰ع ڌاري جڏهن فوجي شگرملز ٽنڊي محمد خان جو بنياد پيو ته هتي اچي فوجي
شگرملز ٽنڊي محمد خان ۾ ملازمت اختيار ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ ئي مستقل رهائش اختيار
ڪيائين. خيرپور ۾ انجمن ترقي پسند ادبي جماعت، ادبستان تنظيمون جوڙائي، ادبي
سرگرميون جاري رکيائين. وري ٽنڊي محمد خان جو رهواسي بڻيو ته ٽنڊو محمد خان ۾
اداره سنڌي ادب، سنڌي ادبي سنگت ۽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان سان ڪيتري ئي وقت تائين
سلهاڙيل رهيو. ٽنڊي محمد خان ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي سرگرمين
۾ ڀرپور حصو ورتائين. سندس لکڻيون مختلف اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون ۽
ٿينديون رهن ٿيون. آل پاڪستان مزدور فيڊريشن ۽ سنڌ مهراڻ فيڊريشن جو مرڪزي جنرل
سيڪريٽري پڻ رهيو، بعد ۾ لڏي وڃي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، اتي انجمن ترقي
پسند مصنفين ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. اڪيڊمي ادبيات ڪراچي سان به سلهاڙيل
آهي. اتي به روزاني جنگ، حريت، رياست سميت مختلف اردو اخبارن ۾ ڪيترائي مضمون،
ڪالم، تجزيه ۽ فيچر لکيائين. اردو زبان جو بهترين شاعر به آهي. ڪافي اردو شاعري
سرجي اٿس. اردو زبان جو هي خۡوبصورت شاعر لکڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري رکندو اچي.
عمر جي لحاظ سان به سندس حوصلا اڃا به جوان آهن. هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.
اتي به علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. سندس دوستي جو حلقو تمام گهڻو
وسيع آهي. (ا.ڀ)
علي اوسط جعفري جي چونڊ اردو
شاعري هيٺ ڏجي ٿي:
وه اپنے مریضوں کو دیتا
ہے وہی نسخہ،
بدلا ہی نہیں اس کا
انداز مسیحائی.
اسٹیج په دنیا کے یه کیسا
تماشا ہے؟
ہیں رقص میں سب سائے، حیراں
ہیں تماشائی.
شیطان صفت انساں دشمن ہیں
محبت کے،
یوں زہر گھولتے ہیں،
بھائی نه رہے بھائی.
جمہور کے ہاتھوں میں کاسه
ہے گدائی کا،
دولت کی فراوانی کچه کام
نہیں آئی.
آ دوست! زمانے کو اس طرح
بدل ڈالیں،
پربت نه رہے پربت، رائی
نه رہے رائی.
گر ساته ساته چلتے دنیا
کے تقاضوں کے،
ہوتی نه زمانے میں،
اوسط! تری رسوائی.
ذروں نے جو اٹه اٹه کے
سورج سے ضیا پائی،
پہنچی ہے ستاروں تک
انسان کی دارائی.
ماضی کے جھروکوں میں
جھانکو تو ذرا کب تھی،
یه فکر میں گہرائی، یه عقل
میں گیرائی.
ذہنوں کے دریچوں سے جو
روشنی پھوٹی ہے،
ایک اک کرن اس کی ہے دشت
کی رعنائی.
************************************************
شائسته تخلیق ادب اور
آداب،
دنیائے مصوری کا درخشاں
مہتاب،
بےمثل تھا وه عہد کا اپنے
فن کار،
اوسط! کوئی صادقین کا
لائے تو جواب.
************************************************
تھے منفرد بھی، سب میں
شامل بھی تھے،
شاعری میں شعور وفکر کے
حامل بھی تھے،
ثابت ہوا یه صادقین که فن
پاروں سے،
خطاطی و مصوری میں کامل
بھی تھے.
************************************************
ہم کسی آنکه سے آنسو نه نکلنے دیں گے،
ظلم کی کوئی روایت نہیں
چلنے دیں گے،
سب ذرا ایک تو ہو جائیں،
بنائیں تو صفیں،
جبر کے ہاته میں طاقت نہیں
پلنے دیں گے.
***********************************************
شور یه جو سر دربار ہے،
آدمی سے آدمی بیزار ہے،
کیسے ہو قائم یہاں امن و
اماں؟
مجرموں پر مشتمل سرکار ہے.
***********************************************
اس عہد نادہند سے کیا مانگتے ہیں آپ؟
یعنی محبتوں کا صلا
مانگتے ہیں آپ،
ہر شخص ڈھونڈتا ہے، کسی
کو نہیں ملا،
ناپید آدمی ہے، خدا
مانگتے ہیں آپ.
***********************************************
ہوا نے اٹه کے الٹ دی نقاب چہرے سے،
حجاب کم نه ہوا بے حجاب
چہرے سے،
کسی کا دل تو کسی کو نظر
نہیں آتا،
جھلک رہا ہے بظاہر شباب
چہرے سے،
مگر یه بات که وه دل کشی
نہیں باقی،
کسی نے چن لیے کانٹے
گلاب چہرے سے،
مطالعه بھی ضروری ہے آگہی
کے لیے،
لگا کے رکھی ہے اس نے
کتاب چہرے سے.
***********************************************
علم کو دسترس ان کو ہے
جو رشوت دے دیں
ورنه پھر دشت جہالت میں
بھٹکنا ہوگا
ان کو مل جائے گی ڈگری
جو قیمت دے دیں
ور نه پھر ظلم کے سائے میں
سسکنا ہوگا.
***********************************************
کیسی ہی دل آویز ہو روداد کسی کی،
سنتا ہی نہیں وه ستم ایجاد
کسی کی،
کیا اس په گزرتی ہے، وہی
جانے ہے، اوسط!
آواره جو ہو جائے ہے اولاد کسی کی.
No comments:
راءِ ڏيندا