; سنڌي شخصيتون: محمد سومار سنگم

12 April, 2024

محمد سومار سنگم

محمد سومار سنگم

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر محمد سومار سنگم ولد الهڏنو مڱڻهار ۵ جنوري ۱۹۶۳ع تي ڳوٺ الهڏنو مڱڻهار، يونين ڪائونسل لاکاٽ، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو. ابتدائي ديني تعليم ۱۹۷۲ع ۾ مدرسو ڳوٺ سيري مولوي محمد عيسيٰ زئور ۽ مدرسو ڳوٺ ارباب حاجي محمد سمون ۾ مولوي حاجي محمد سليمان جتوئي کان حاصل ڪيائين، ۱۹۷۷ع ۾ پرائمري اسڪول لاکاٽ مان پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري ۱۹۸۲ع ۾ فوجي شوگر ملز هاء اسڪول ٽنڊي محمد خان مان مئٽرڪ ڪيائين، ۱۹۸۴ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر پاس ڪيائين.


سال ۱۹۸۴ع ۾ شاهمراد شوگرملز جهوڪ شريف جي ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ ۾ جۡوس ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. ۲۵ جنوري ۱۹۸۶ع کان سنڌ آباد شوگرملز ٽنڊو محمد خان جي ليبارٽري ۾ ليب بواءِ طور ڪم ڪيائين ۽ پوءِ ترقي ماڻي ليب اِناليٽيڪل آفيسر ٿيو. ۱۹۸۷ع ۾ مڱڻهار قومي يڪجهتي سنڌ جو صدر رهيو. ۲۶ مارچ ۱۹۸۷ع تي شادي ڪيائين، کيس ٻن نياڻين ۽ چئن پۡٽن جو اولاد آهي. شاعري جي شروعات ۱۹۸۸ع ۾ ريڊو پاڪستان حيدر آباد جي ”سُڳنڌ“ پرو گرام کان ڪيائين، سندس پهريون چئوسٽو هفتيوار سنڌو مئگزين ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ماهوار هالار، عبرت مئگزين، ڪوڪ، ڏات، روزاني شام، روزاني آجيان، روزاني حق سچ سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. ۱۹۸۹ع ۾ سنڌي پورهيت سنگت يونٽ سنڌ آبادگار شوگرملز جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، شگرملز ايمپلائيز يونين جو خزانچي رهيو. نومبر ۱۹۸۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز جي سيڪريٽري شپ واري عرصي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ آبادگار شوگرملز قائم ڪري، ۱۹۹۸ع تائين مسلسل شاخ جو سيڪريٽري رهيو. ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۹۰ع تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان وقت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو پاران شاخ آبادگار شگرملز کي پڪو الحاق ملڻ سان گڏ تاج جويي کيس "سنگم" جو تخلص پُڻ ڏنو. ۲۲ نومبر ۱۹۹۱ع تي شاخ آبادگار شگرملز پاران ٿيندڙ مشاعري دوران کيس مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. ۱۹۹۳ع ۾ روزاني ڪاوش، شام ۽ هنڱوراڻا سنڌ جو آبادگار شگرملز مان رپورٽر رهيو. ۱۹۹۹ع ۾ بزمِ ادب جيلاني سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ۲۰۰۱ع کان محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ، شاخ ٽنڊي محمد خان جو پنج سال صدر رهيو. ۲۰۰۴ع کان پيپلز ڪالوني ٽنڊي محمد خان ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. جولاء ۲۰۰۶ع ۾ السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان قائم ڪري، مختلف ادبي سرگرميون ڪرايائين. ۲۰۰۷ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ميمبر آھي، مختلف وقتن تي شاخ جي مخلتف عهدن تي پُڻ رهيو. ۲۰۱۲ع ۾ ورڪر يونين سنڌ آبادگار شوگرملز جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ۲۰۱۴ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٿيل ريفرنڊم ۾ ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن وقت تائين سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا “ ۲۰۱۶ع ۾، ”اُڃارو جيون“ ۲۰۱۷ع، ”خوشحال سنڌ“ ۲۰۲۰ع ۽ چوٿون ڪتاب نثري نظمن مجموعو ”دِل جي ڪربلا“ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر سان سلهاڙيل آهي. ڪۡل وقتي ادبي سرگرمين جو سفر جاري اٿس. (ا.ڀ)

محمد سومار "سنگم" جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

نثري نظم

محبت رديف ناهي جو

هر غزل ۾ نئون رکجي

محبت قافيو ئي آهي

جنهن کان سِواءِ

شاعري مڪمل ناهي ٿيندي؟

محبت تصوير ناهي جو

ڪاغذ تي چٽي وٺجي

محبت مُخلصي ئي آهي

جنهن کان سِواءِ

مصور ٿي ناهي سگهندو!

محبت خيال ناهي جو

سوچيندڙ ٿڪجي پوي

محبت حقيقت ئي آهي

جنهن کان سِواءِ

زندگي، زندگي ناهي رهندي!

محبت لهڻو، ليکو ناهي جو

ڏيئي واپس وٺجي

محبت سخا ئي آهي

جنهن کان سِواءِ

ڏاتار سخي ٿي ناهي سڏبو!

محبت ڏيکاءُ ناهي جو

رڳو جهان کي ڏيکار جي

محبت عبادت ئي آهي

جنهن کان سِواءِ

مخلوق کي خالق ناهي ملندو!!

مخلوق کي خالق ناهي ملندو!!

************************************************

وائي

ڳالهہ سؤ جي هِڪ!

 چوان ويٺو!

تون سنڌ غدارن مان،

منهنجو سهي آ شڪ!

 چوان ويٺو!

ويري اسان جو تون،

مون کي هُئي سا پڪ!

 چوان ويٺو!

سارا تڙي ڪڍبا،

غيرن جهلي سڀ لڪ!

 چوان ويٺو!

سنڌ سان سنگم آهي،

جيجل رکون ٿا سِڪ!

 چوان ويٺو!

**********************************************

گيت

جاڳ سنڌ جا ڌڻي، جاڳ سنڌ جا ڌڻي!

ننڊ گهڻي آن سُتو ، هاڻ اُٿ تون کڻي!

کيت ساوا سُڪا، مور سارا اُڃا،

کوهہ آهن کُٽا، واهہ سنڌ جا سُڃا،

ڪا نہ ڪائي وُٺي، آ ڪڪر مان ڪڻي!

جاڳ سنڌ جا ڌڻي، جاڳ سن جا ڌڻي!

وار وينگس ڀنڀا، تيل آهن بِنان،

ويس ڪارو اٿس، ٽهڪ ڪنهن ٿس ڇنا،

ڇو نہ ڇوري اڃا؟ ور وني آ بڻي!

جاڳ سنڌ جا ڌڻي، جاڳ سنڌ جا ڌڻي!

ڪو ڌڻيءَ در جُهڪي، ٿو گهري آجپو،

ڪو رُٺل جو اچي، ٿو گهري راضپو،

در قلندر گهري، ڪو ڌمالون هڻي!

جاڳ سنڌ جا ڌڻي، جاڳ سنڌ جا ڌڻي!

تون لڄائي نہ جيجل، ڏنل ٿڃ مِٺي،

ٿي نہ ڪائنر وري ڪر، امڙ اج ڏِٺي،

تون نڀائي سنگم، لوڪ ساري وڻي!

جاڳ سنڌ جا ڌڻي، جاڳ سنڌ جا ڌڻي!

***********************************************

 غزل

ڇڏي رنج ملڻ جو، مزو آ نرالو!

ملي گڏ هلڻ جو، مزو آ نرالو!

رکي وير ويڇا، ويا سال گذري،

هلي در اچڻ جو، مزو آ نرالو!

گُلن تان اُڏاري، هوا هاڻ پوپٽ،

گُلن سان رهڻ جو، مزو آ نرالو!

ڪنڊن مان پٽي گُل، پيو روز مالهي،

هٿن کي ڦٽڻ جو، مزو آ نرالو!

ڀِٽن تان ڌناري، کڻي ٽوهہ کارا،

زُبان سان چکڻ جو، مزو آ نرالو!

سُندرتا نماڻي، ملي مڙس پوڙهو،

حياتي ڪٽڻ جو، مزو آ نرالو!

ڏئي ٻار بيوس، وٺي نوٽ ايئن ڪو،

وڇوڙن سهڻ جو، مزو آ نرالو!

ڪري موڪلاڻي، ويو اڄ ڊسمبر،

جنوري اچڻ جو، مزو آ نرالو!

ڏسڻ ساڻ سُهڻن، وڌي سِڪ "سنگم" ٿي،

چپن کي ڇُهڻ جو، مزو آ نرالو!



سنگم سومار

نئين ٽهي جو اُڀرندڙ شاعر - اڃارو جيون تي تبصرو

حڪيم محمد يوسف کتري

محمد سومار سنگم سان منهنجي سڃاڻپ ڪا نئين نه آهي شايد اِهو پڙهي دوست حيران ٿيندا ته ٽنڊو محمد خان جي ادبي لڏن ۾ اسان ٻئي پراڻا ۽ گهاٽا واسطيدار رهيا آهيون ايستائين جو اعظم ڀٽي کي اڃان مڇين جي ساوڪ مس هئي ته سنگم سان تعلقات پراڻا ٿي ٿڌا ٿي چڪا هئا پر اِها هڪ الڳ ڳالھ آهي ته اسان جو اِهو واسطو خانداني، هو نه ڪه ادبي ۽ شرمان وانگر آئون به جڏهن لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڊاڪٽر ٿيو هوس ته مون پهرين ڪلينڪ لاکاٽ ۾ کوليو هو اِها ڳالھ ۱۹۸۰ع کان ٿورو پوءِ جي آهي. سومار سنگم به ديھ لاکاٽ جي سم نالي سرڪاري ڀڏي تي خاندان سان گڏ رِهائش پذير هو آئون به علاج سانگي سندس ڳوٺ ويندو هوس. سندس والد مون کي عزت ڏيندو ڪچهريون ڪندو هو جيڪي مون کي اڃا ياد آهن. پر سومار ڳوٺ هفتي هفتي ايندو هو تڏهن شوگر ملن جو اوج هو شايد پاڻ ملازم يا اُتي دڪانداري ڪندا هئا ايئن اسان جا تعلقات وڌيا هئا. اِهو اُهو زمانو آهي جنهن زماني ۾ آئون لطيفي ڊائجيسٽ ۾ لطيف تي تحقيقي مضمون لکندو هوس جن ۾ مون ثابت ڪيو هو ته غلام شاه گلان ڪڃري جو پٽ نه هو نه ئي گلان شاه ڀٽائي وٽ نچندي هُئي. ايئن مون به لاکاٽ ڇڏي ٽنڊو محمد خان ۾ لطيفي دواخاني جو بنياد وڌو. ادبي شوق جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر ٿيا سين. تڏهن اداره سنڌي ادب ختم ٿي چڪو هو ۽ اداره گلشن ادب سڪرات جي حالت ۾ هو سو اهڙي ماحول ۾ پير آغا جان آغا مهراڻ ادب فورم جو بنياد وڌو مون لطيفي ادبي رِهاڻ ۽ تاج ٽِکڙائي خود انجمنِ ادب هو ان جو ذڪر ڪرڻ سج کي چنڊ ڏيکارڻ جي برابر آهي. ان مجموعي ماحول ۾ خبر پئي ته سومار سنگم به ادبي کيتر ۾ فعال آهي ۽ انهن سڀني فورمن ۾ پاڻ شر يڪ ٿيندا هئا واسطا ته اڳيئي هئا جيڪي وري نئين سري سان استوار ٿيا سومار سنگم سان گڏ انهيءَ ڪاروان کي هلائيندا رهياسين ايستائين جو سنگم جو ۲۲ آگسٽ ۱۹۹۸ع تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ آباد گار شوگرمل پاران هڪ طرحي مشاعرو لطيفي ادبي رِهاڻ جي آفيس ۾ ٿيو جنهنجو ڦوٽو سندس پهرين ڪتاب ”روپ سُندرتا“ ۾ موجود آهي. پهرين مون کي ان ڪتاب تي لکڻ لاءِ چيو هئائون پر آئون لاڳيتو بيمار ۽ ڪراچي جي چڪرن ڪري ڪجھ لکي نه سگهيس هن دفعي واعدو ڪيومانس ته جيتوڻيڪ هن وقت بخار آهي پر توهان جي ڪتاب تي ضرور لکندس. ٽنڊو محمد خان جي اديبن ۾ اِها بهترين ڳالھ آهي يا بدترين ته هو، تبصري لکڻ مهل ڪتاب تي تبصرو لکندائي نه آهن بلڪه تنقيد جي ڀر مار هوندي آهي ايئن نه هئڻ کپي ليکڪ ويچارو گهران خرچ ڪري وري جي ٻه ٻول لکرائي ته اسين سندس پورهيي کي يڪسر رد ڪري پنهنجي ڳالھ ڪريون اِهو سراسر غلط آهي منهنجي خيال ۾ منهنجا اُهي دوست ڪتاب جي تبصري ۽ تنقيد جي فرق کي شايد سمجهي نه سگهيا آهن ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ان تي تنقيد ڪرڻ جو رستو کليل هوندو آهي، سومار جو ڪتاب ”اُڃارو جيون“ جو سر سري جائزي سان گڏ خوبين خامين جو به جائزو ورتم پاڻ فهرست ۾ سنڌي ٻولي جي ٻاونجهاه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري. حقيقت ۾ جڏهن به غزل ياشاعري الفا بيٽيڪل لکبي آهي ته ان کي ديوان جو عنوان ڏنو ويندو آهي جيڪا شاعري جي بحر وزن تي هوندي آهي پر سومار هن ۾ وايون به ڏنيون آهن جيڪي بحر تي ٿي نٿيون سگهن. جيئن ته ”بحر متقارب وزن فعولِن مثمن سالم“

وائي

گهڙو ڪڇ پياسو سڄڻ ڀي اُڃارا...!!

سُڪل کوه اواڙو اسان ڀي اُڃارا....!!   

سفر اڻ کٽو ٿي پيو هاڻ جيون ،

ٿڪا سو پيا دل هلي بي سهارا....!!      

سُڪل کوه اواڙو اسان ڀي اُڃارا...!!  

اسان جا قافي دوست بحر وزن  جي ڳاله ڪندا آهن انهن کي جڏهن چئبو ته بابا ڀلا تنهنجي شاعري وزن تي ته آهي پر بحر ڪهڙو آهي ته بغليون وڄائيندا آهن. جيستائين اسان کي بحر جي خبر نه هوندي ته وزن ڪيئن ٺهندو ان حساب سان سومار جي شاعري کي بحر وزن تي پرکڻ چير ڦاڙ ڪرڻ جي برابر ٿيندو جي مون کي بحر نٿو اچي ته چوان ته سومار سنگم جي فلاڻي سٽ وزن تي نه آهي ته نا انصافي ٿيندي. انهيءَ ڪري سومار جي شاعري کي جيڪڏهن ڪير بحر وزن تي پرکي ته اُهو ڇپجڻ کان پوءِ ممڪن آهي سڀ ڪنهن کي تنقيد جو حق آهي. سومار جي شاعري جا خيال ذاتي ۽ انو کا يا نقل ٿيل نه آهن انهيءَ ڪري سندس ڪجھ جملا غلط لکجن ٿا مثلًا.

ٻوڙيءَ سرن اُڻيو گهونسلو هو. هن جملي جو مقصد ٿيئي ٿو ته ٻوڙيءَ کي سرن اُڻيو آهي منهنجي خيال ۾ اِهو غلط آهي.

واڳو جهلي تارو سير مان ٿو،

هرڻي شينهن کان ڪِٿ ڇڏايو آ

هي بند به مڪمل ناهي اهڙا ڪافي مثال آهن پر جيئن ته شاعر جا پنهنجا خيال ۽ رمزون آهن خدا ڄاڻي هن ڪهڙي رمز ۾ لکيا آهن سومار ڪافي نوان لفظ به استعمال ڪيا آهن وري ڪٿي بيهڪ صحيح نظر نٿي اچي. مجموئي طور تي آئون چوندس ته سومار سنگم نئين ٽهي جو هڪ بهترين اُڀرندڙ شاعر آهي پاڻ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو به مطالو ڪن خود ڀٽائي ۽ شاه عنايت جون مڪمل سٽون پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪيون آهن ايئن اردو فارسي يا ٻين ٻولين جون سٽون استعمال ڪرڻ جائز آهن جنهن کي شاعري جي زبان ۾ تضمين چوندا آهن. منهنجي خيال۾ سندس شاعري جي رفتار اِها رهي ته اُهو ڏينهن پري ڪون هوندو جو سندس شاعري ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ جهونگاري ويندي.

حڪيم محمد يوسف کتري

تاريخ : ۲۰۱۷_۰۳_۱۲

نوٽ :- سائين اسان ڪٿي ڪٿي چند لفظن جو اضافو ڪيو آهي مهرباني ڪري هڪ نظر سان ڏسي ۽ درستي ڪري پوءِ موڪليندا هيءُ مواد اوهان جو ئي لکيل آهي ۽ گڏ ڪتاب جي تصوير به آهي

 

(انسائيڪلو پيڏيا آف ٽنڊو محمد خان جلد چوٿين جو مضمون)


No comments:

راءِ ڏيندا