ضياءُ الله ڳنڀير "تبسم" ٽکڙائي
تذڪرہ شعراءِ ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
علم ۽ ادب جي حوالي سان ٽکڙ جي
مردم خيز مٽي، انيڪ شاعرن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آهي، جن سنڌي ادب جو ڳاٽ هميشه اوچو
رکيو آهي. انهن اڻڳڻين نالن مان ضياءُالله ڳنڀير ولد ماستر نور احمد ڳنڀير به هڪ
آهي. ضياءُ الله ڳنڀير ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس هئڻ سان گڏ هڪ سُٺو شاعر به آهي. شاعري
جي دنيا ۾ سندس تخلص ”تبسم ٽکڙائي“ آهي. سندس جنم ۱ مئي ۱۹۶۵ع تي ڳوٺ وسي ملوڪ شاه (ٽکڙ) ۾
ٿيو.
هن ابتدائي پرائمري تعليم ڳوٺ
جي قديم اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو اسڪول ٽکڙ ۾ انگريزن جي زماني واري انسپيڪشن
بنگلي جي ويجهو کڏ جي ڪپ تي ملاحن جي پاڙي ۾ موجود هو. اٺين ڪلاس تائين تعليم ڳوٺ
جي مڊل اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۸۱ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان پاس ڪيائين. انٽر ۱۹۸۴ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان
پاس ڪيائين، ساڳي سال تعليم کاتي ۾ مسجد اسڪول سيڪشن ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو. ضياءُ
الله ڳنڀير ان بعد به تعليمي سلسلو اڳتي وڌائيندي، ۱۹۹۲ع ۾ بي.اي ۽ ۱۹۹۴ع ۾
ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. ۱۹۹۴ع ۾ ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن ۾ ڪم ڪري صحافتي ادب جو حصو بڻيو. ڪاوش گروپ سان
وابستگي دوران روزاني ڪاوش، روزاني خادم وطن ۽ روزاني هنگوراڻا سنڌ جي اندريئن
صفحن لاء سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حالتن تي ڪالم لکيا. هفتيوار ڪاوش مئگزين ۾
ادبي صفحن جو انچارج به رهيو. ۲۰۱۸ ع ۾
نوڪري جا ۳۵ سال مڪمل ڪري ۵۳ سالن جي عمر ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو. ضياءُ الله
ڳنڀير جو جنم هڪ ادبي گھراڻي ۾ ٿيو، سندس والد ماستر نور احمد ڳنڀير پنهنجي دور جو
هڪ قابل ۽ محنتي استاد ۽ بزرگ شخصيت جو مالڪ هو. هو ڪافي جو بهترين شاعر پڻ هو.
ضياءُ الله "تبسم" جو سئوٽ نجيب الله ڳنڀير به سُٺو شاعر هو. سندس
خاندان ۾ هڪ ٻيو شاعر عبدالستار "آڪاش" ٽکڙائي به آهي، جنهن جو شمار سنڌ
۾ نئين ٽهيءّ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو. شاعري جي ٽن مجموعن جو تخليقڪار آڪاش
ٽکڙائي، ضياءُ الله ڳنڀير جو ڀاڻيجو آهي. سندس ٻيو ڀاڻيجو عمران حفيظ ڳنڀير به
قانون جي موضوع تي ڪتاب لکي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو مڃائي چڪو آهي. ضياءُ الله
ڳنڀير، ٽکڙ جي ادبي ماحول جي اثر هيٺ رهي ۱۹۸۷-۱۹۸۶ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي.
بزم ادب ٽکڙ جو ميمبر رهيو، ناليواري شاعر عبدالرشيد سمون ”گل ٽکڙائي“ سان سندس
ادبي ويجهڙائپ رهي ۽ انعام ٽکڙائي سندس همعصر شاعرن ۾ شامل هو. شاعري ۾
"تبسم" ٽکڙائي جو استاد ڊاڪٽر فتح علي ”مخلص“ ٽالپر آهي. سندس پهرين غزل
جون سٽون آهن ته:
تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪندي،
رات گذري وئي سج اڀري ويو،
غـم بستر تـي انتظار ڪـندي،
رات گذري وئي سج اڀري ويو.
آگسٽ ۱۹۹۸ع ۾ ٽائون هال ٽنڊو محمد خان ۾ بزرگ شاعر تاج ٽکڙائي جي ڪوششن سان هڪ طرحي
مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ امداد حسيني، احمد سولنگي، تاج جويو، رخسانه پريت چنڙ، آپا
نذير ناز، آپا مريم مجيدي، شهيد سومرو، ڊاڪٽر فتح علي "مخلص" ٽالپر سميت
سڄي سنڌ کان ڪيترا ئي شاعر شريڪ ٿيا هئا. هن مشاعري جي طرحي سٽ هئي ته :
”اسان جي قوم کي ايثار و الفت
جي ضرورت آ “
ان ۾ سندس مزاحيه طرحي شعر هو
ته :
ملهايو جشنِ آزادي اسان هو ميڻ
بتين تي،
هتي وارن ته يارن کي ملامت جي
ضرورت آ.
نه بيبي کان هليو گاڏو ته آ
بابو به اڄ قابو،
ڌوئاريون شيروانيون پيا ”ڪرامت“
جي ضرورت آ.
”تبسم“ رات ڳچ پئي آ فڪر هاڻي
کان لاحق ٿيو،
هتان نڪرڻ کان اڳ يارو ضمانت جي
ضرورت آ.
ضياءُ الله "تبسم" ان
دوران ئي صحافتي ادب ۽ شعر و شاعري کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪري پنهنجي نجي ۽
پيشيورانه زندگي ۾ مصروف ٿي ويو پر تنهن هوندي به ٽکڙ ۾ ٿيندڙ طرحي مشاعرن ۾ شعر
لکي اچي شريڪ ٿيندو هو. رٽائرمينٽ بعد سندس لاڙو ”نثر“ طرف وڌيو ۽ سندس هڪ ڪهاڻين
جو مجموعو اشاعت لاء زير تڪميل آهي، جيڪو ٽکڙ پبليڪيشن طرفان ڇپائڻ جون تياريون
آخري مرحلن ۾ آهن. ڪهاڻين جي هن مجموعي جو نالو ”ويساهه گھات “ رکيو اٿس، پر ان
کان به وڌيڪ هڪ تاريخي ڪم ضياءُ الله "تبسم" ٽکڙائي جي حصي ۾ آيو آهي،
جو پاڻ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ جي ٽي سو سالن کان وڌيڪ جي ادبي تاريخ کي سهيڙي،
سماجي حالتن ۽ سينه بسينه منتقل ٿيندڙ روايتن ۽ واقعن کي گڏ ڪري، ڪجهه عرصو تحقيق
ڪري، ۲۰۲۱ع کان هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو،
جيڪو هن وقت مارچ ۲۰۲۴ ۾ لکي مڪمل ڪيو اٿس. اهو ڪتاب
”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون _ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ“ جي نالي سان ڪمپوز ٿي هاڻ ڇپائيءَ
جي مرحلي ۾ آهي. ۱۹۶۰ع ۾ ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”تذڪرہ
شعراءِ ٽکڙ“ لکيو هو، ان بعد به ٽکڙ جي ئي شاعرن اديبن جو هڪ وڏو انگ اچي وڃي ٿو
پر ”تذڪرہ شعراءِ ٽکڙ“ کانپوء ٽکڙ جي تاريخ تي ڪو به ڪم ڪونه ٿيو، تقريبن سٺ سالن
کان مٿي جي خاموشي کي ٽوڙي، هن اهم موضوع تي قلم کڻي، ضياءُ الله ڳنڀير هڪ تاريخي
ڪم ڪيو آهي. ڪتاب ” ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون _ وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ“ چار سئو کن صفحن
تي مشتمل آهي، جيڪو جلد ٽکڙ پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي.
ضياءُ الله ڳنڀير جو چونڊ ڪلام
هيٺ ڏجي ٿو:
نظم
ڏور افق تي آ لالاڻ، جهڙو
مينديءَ هٿ چٽيل
وحشت جا آهن اهڃاڻ، ڪهڙو آهي
رنگ رچيل
ميرانجهي ڪنهن شام جي ويلي،
تنهنجي يادن پير هو پاتو
انڊلٺ جي پاڇن کي ساٿي! بي
رونق، بي رنگ هو ڄاتو
ننڊ نڀاڳي، اڊڪا اڊڪا، نيڻ به
ويٺا ڇرڪ ڀرين
قاتل بڻجي کولي مان ٿا، گيت
ورونهن جا وڍ وجهن
سينگاريل سُوليءَ تي سوچون،
جيون لاءِ جهاڳين ٿيون
روپ مٽيندڙ موت جي سامهون، سينو
پوءِ به ساهين ٿيون
سڏڪا سڏڪا، سڏ پڙاڏا، وک وک تي
ٿا وهم وڙهن
بيوس جذبا اونداهيءَ جي اوڙاهن
۾ هٿ هڻن
پيار پريت جا ازل کان ويري،
تنهنجي چاهت چاهين ٿا
ماس پٽيندڙ وحشي ڀي اڄ، چهرن کي
چمڪائين ٿا
ٻوسٽ ۽ ٻاتاڙ آ ڇانيل، ماڻهو
آهن ڪوڀ پيل
ڪي ته عقل کان عاري آهن، ڪن جا
آهن چپ سُبيل
بند دريون سنسان گھٽيون، چئونڪ
چئونڪ تي ويراني آ
شهر سڄي کي ڇا ٿي ويو آ، ڪيڏي
هت حيراني آ
مقتل ۾ آ ماٺ لڳي پئي، هر ڪو
آهي ننڊ پيل
ڳاڙها ڳڀرو اوجاڳيل ۽، سندر
ناريون سينگاريل
ڇير ڪا چمڪي ڪونج ڪا ڪڙڪي، يا
ڪو گھايل آهه ڪري
وڻ لوساٽيل گل چيڀاٽيل، ڪيئن ڪڙو
ڪو ساهه ڀري
وحشي حيوانن اڄ گڏجي، قوم کي
هيئن بدنام ڪيو
گلڙن جي معصوم ڪلين ۽ مکڙين جو
قتلام ڪيو
ڳاڙهي، نيلي، سائي، پيلي، سڀ کي
ڪاري ڀانئين پيا
اندر ڪاري جي ڪارٺ کي، پنهنجي
منهن تي لائين پيا
ڪوڙ، عناد جي ڪوهيڙي ۾، ڦاٿل اڄ
جي سنڌ امان
ڄايون تنهنجون ٻاڪارين ٿيون،
پير پٿون ۽ پنڌ اڃان
اٿ او سانول اچ او سانول! ڌرتي
پئي اڄ دانهن ڪري
تهذيبن جا سينا چيري، اڄ ٻيلي
ڪا واهه ڪري
سنڌي ناريون ”ڪاريون“ ناهن،
سنڌوءَ جي ساڃاهه منجهن
پوتر جيئن مهراڻ جون ڇوليون،
سيل ستر پٽ ساڻ پرن
فطرت پنهنجي اوج تي پهچي، جوڀن
کي جاڳائي ٿي
ذات پات ۽ رنگ نسل جي، ڪوٽن کي
ڪيرائي ٿي
جر تي نيل ڪنول ٿا جهولين، لهرن
کي للچائين ٿا
سپ ساگر مان جهول جهليندي،
بوندن لئي واجهائين ٿا
آس نراس جي چئو واٽي تي، خوشبو
بيٺي ويس ڍڪي
ڄڻ ڪا وينگس ويل فجر جي، وکريل
پنهنجا وار ڍڪي
تنبوري جي تند تپائي، ميلا
ماڻيون ميت سندا
موئن واري ٺلهه تي ويهي، ديپ
جلايون ريت سندا
ناواقف تهذيب کان اهڙن، وحشين
جو ڪو مذهب ناهي
”ڪاروڪاري“ جي نالي تن پنهنجو
پاڻ لڄايو آهي
تاريخن جا ورق ورائي، ڳولهيون
پنهنجا ماڳ ڦٽل
آهي ”تبسم“ تات اهائي آهي ڪٿي
پنهنجو ديبل!?
*********************************************
تنهنجي ڳل تي جو ڪارو تر آ ،
اهو ئي منهنجي دل سهڻا اهو ئي
منهنجي دل سُهڻا،
آهي دنيا اميدن تي قائم
ڀلي نه کڻي مل سهڻا، ڀلي نه کڻي مل سُهڻا.
No comments:
راءِ ڏيندا