; سنڌي شخصيتون: ديوان ڀڳوانداس

13 April, 2024

ديوان ڀڳوانداس

ديوان ڀڳوانداس

قومي تحريڪ جو هڪ وڇڙيل ڪردار

اعظم ڀٽي



هڪڙو ديوان ڀڳوانداس هو، هۡو سياست کان مايوس نه هو۔ هو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل قومپرست هو پر هو مقامي دوستن جي روين کان مايوس هو۔ ايتريقدر جو تمام گهاٽن دوستن به هن سان بيواجبيون ڪيون۔ ان وقت جن سان ڀڳوان سلهاڙيل هو اهي به تماشائي بڻجي بيھي رهيا۔ توڙي جو هۡو ڪنهن به دوست جي معاملي ۾ شعوري طور لاتعلق نه بڻيو هو، سندس دوستن کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏيو، جن جي اهڙي روش کيس پاسيرو ڪري ويهاري ڇڏيو، بس هن جو وڏو ڏوھ اهو هو ته هو ديوان هو؟ بهادر هو، سچو قومپرست هو، هن ۾ لاتعداد صلاحيتون هيون دوستن جي روين کيس مايوس ڪيو۔ جيتوڻيڪ هو خامين کان خالي نه هو پر سندس خامين تي سندس خوبيون حاوي هيون۔ هو بهترين انسان هو، ديس جو درد ۽ قومي سياست سندس اندر ۾ گهر ڪري ويٺل هئي، سائين جي ايم سيد جو سچو پيروڪار هو اخر تائين هن قومي سياست کي وقت جو زيان نه سمجهيو، ڪٿي به ڪنهن به مهل به هۡو هر ڪنهن کي ڪم اچڻ وارو شخص هو، توڙي جو وقت جي وهڪرن کيس وفا جو هوائون گهٽ ئي کائڻ ڏنيون، باقي مٽن مائٽن، دوستن جا هزارين ڏک ساھه ۾ سانڍي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي هڪ اهڙو خال ڇڏي ويو ويو هو، جنهن جي پۡر ٿيڻ کي سالن پۡڄاڻان ڪا اميد نصيب نه ٿي سگهي آهي.


ديوان ڀڳوانداس ولد ڌرمون مل لوهانه ۱۰ جنوري ۱۹۶۴ع تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ماتلي هاءِ اسڪول مان ۱۹۸۱ع ۾ پاس ڪري، ۱۹۸۳ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۸۵ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اي اڪنامڪس ڪيائين. ۱۹۸۱ع ۾ اداره روشن ادب ٽنڊو محمد خان جي پليٽفارم تان ادبي سرگرمين جي شروعات ڪيائين، ان ئي سال جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر بڻجي شاگرد سياست جو آغاز پڻ ڪيائين. جنهن بعد جساف تعلقي ٽنڊي محمد خان، ان بعد ضلعي حيدآباد جو ضلعي عهديدار پڻ رهيو. ۱۹۸۵ع ۾ ورڪس ۽ سروسز کاتي ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. جساف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست ۾ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ بعد جيئي سنڌ محاذ ٽنڊو محمد خان جو سرگرم رۡڪن ۽ ڪيترا ئي ڀيرا عهديدار رهيو. ۱۹۹۵ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد انتهائي علالت واري حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل هو ته سندس آزاداڻي طريقي سان علاج جون سهولتون مۡيسر ڪري ڏيڻ واري مطالبي تي سموري سنڌ اۡٿي کڙي ٿي هئي، ان سفر ۾ ديوان ڀڳوانداس ٽنڊو محمد خان ۾ قومي تحريڪ جي قافلي سان پيش پيش هو، مسجدن کان مندرن تائين ۽ گرجا گهرن تائين دۡعائن ۽ صدائن جي سڏ سڏ ۾ هن ديوان وسان نه گهٽايو، ازلي آواز جي سڏ تي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي سائين جي ايم سيد لاڏاڻو ڪيو ته سن کانپوءِ ٽنڊو محمد خان ئي سندس مرتيي جو وڏي ۾ وڏو تڏو بڻجي پيو هو، ان سموري ڪاروهنوار ۾ ديوان ڀڳوانداس جو ڪردار هڪ متحرڪ پر انتهائي مۡتحرڪ ڪارڪن وارو بڻجي پيو هو، اهو ئي سبب هو جو سن بعد ٽنڊو محمد خان کي ئي قومي تحريڪ جو ٻيو مرڪز سمجهيو ويندو هو. ۱۹۹۵ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ سيد جي مختلف پوئلڳ ڌڙن پاران جوڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ ٽنڊي محمد خان جو پهريون خزانچي ۽ ان بعد ۱۹۹۸ع ۾ جسقم تعلقي ٽنڊو محمد خان جو صدر چونڊيو ويو. سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هميشه اڳ کان اڳڀرو رهيو. ٽنڊي محمد خان جي شهرين کي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ جسقم جي پليٽ فارم تان سستي اگھ تي کنڊ، فروٽ جي اسٽالن جهڙيون سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ مستقل طور جاکوڙ ڪيائين. ٽنڊو محمد خان ۾ قومپرست سياست سان گڏ سماجي سرگرمين کي ڀرپور هٿي وٺرائڻ ۾ سندس بنيادي ڪردار رهيو. سياسي لاهن چاڙهن سبب ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۸ع تائين ڪيترا ئي ڀيرا قيد و بند جون عقوبتون برداشت ڪيائين ۽ آرمي ٽارچر سيلن جا عذاب پڻ ڀوڳيائين. ۲۰۰۲ع ۾ عملي سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري پابندي سان پنهنجي سرڪاري ملازمت کي وقت ڏيڻ لڳو. ۲۰۱۳ع گڙدن جي خطرناڪ وبا جي ور چڙهي ويو، ڪڏهن به همت نه هاريائين، ان بعد ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ ڪجھ عرصو علالت ۾ رهڻ بعد ۵ سيپٽمبر ۲۰۱۴ع تي جمعي جي ڏينهن ديهانت ڪري ويو. ٽنڊي محمد خان جي شمشان گهاٽ ۾ هزارين اکين آڏو سندس اگني سنسڪار ڪيو ويو ۽ سندس وجود جي سموري رک سنڌوءّ جي ڇولين حوالي ٿي وئي، بس ڪجھ نه ٿي سگهيو ته قومي تحريڪ کي هڪ بهادر ديوان ڪارڪن جهڙو وري ڪو ٻيو ڪارڪن نه ملي سگهيو. ساڻس وابسته يادن جي وير جڏهن ورندي آهي ته دل ۽ ذهن جي ڪيفيت عجيب بڻجي ويندي آهي.

 

(اعظم ڀٽيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا