; سنڌي شخصيتون: سيده اختر افروز شاهه

12 April, 2024

سيده اختر افروز شاهه

سيده اختر افروز شاهه

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سيده اختر افروز شاه ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. سندس والد جو نالو سيد زمان شاهه آهي. سندس گهر واري جو نالو سيد علي گوهر شاهه آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. هۡو فقط پنج درجا پڙهيل گهريلو عورت آهي. ٽکڙ جي علم ۽ ادب جو مٿس گهرو اثر رهيو آهي. شاعري سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون اٿائين. سرتيون رسالي ۾ سندس ڪافي ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپي. ٽماهي مهراڻ ۾ به سندس تخليقون شايع ٿيون. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”دل پٿر ته نه آهي“ ڇپيل آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي. سيده اختر افروز شاهه جي شاعريءَ متعلق امداد حسينيءَ جي راءِ ڏاڍي وزندار آهي ته: ”پابند، آزاد نثري يا نيم پابند، نيم آزاد يا نيم نثري جي نالي ڏيڻ بدران، سندس تحرير ۽ تخليق کي ’شاعري‘ چئي سگهجي ٿو.“ شاعره ڪنهن سڪه بند ۽ نستعليق گهاڙيٽي ۽ تخليق جي محتاج نه آهي. سندس والهانه ۽ وارفته ڪيفيتن ۽ اُمنگن ۾ جذبا به آهن ۽ احساس به آهن. ادبي ۽ تنقيدي زبان ۾ سندس شاعري کي جذبات ۽ احساسات جو بيساخته اظهار چئي سگهجي ٿو.


شاعريءَ جي لاءِ هڪ عظيم نقاد ٽي. ايس. ايليٽ ڄاڻايو آهي ته ”شاعري جو اصل جوهر ابلاغ ۾ آهي“. ”اختر“ جي شاعري جي سـِٽ سـِٽ ۾، حرف ۾ اهڙو ابلاغ روان دوران آهي. ”دل پٿر ته نه آهي“ دلڪش ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي ۸۴ صفحن تي مشتمل آهي. مُنڍ ۾“ امداد حسينيءَ جو ليک ”شاعري سپنو به، ساڀيا به“ ۽ سحر امداد جي لکڻي ”ستن رنگن جون رنگ رنگوليون“ ٻه اهڙا معياري ادب پارا آهن، جيڪي ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿا. هيءُ ڪتاب نامياري ادب نواز سيد قمر الزمان شاهه جولاء ۲۰۰۴ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اُن جي قيمت ڄاڻايل ڪانهي. ڪتاب جو انتساب شاعره پنهنجي وّر سيد علي گوهر شاهه ۽ پنهنجي پوٽي مۡشڪ علي شاهه جي نالي ڪيو آهي. سندس هڪ ٻيو مجموعو ”رڌڻي جي اونداهين ۾ “ پڻ آهي، جيڪو هن وقت ناپيد آهي. ڊاڪٽر فهيميده حسن پنهنجي ڪتاب "دنيا جون شاعر عورتون" ۾ اختر افروز شاهه جو مختصر تذڪرو شامل ڪيو آهي. سيده اختر افروز شاهه هن وقت علمي ادبي سرگرمين کان ڪناره ڪش، پنهنجي ذاتي ۽ گهريلو زندگيءّ ۾ مصروف آهي. (ا.ڀ)

سيده اختر افروز شاهه جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

مان تنهنجي آهيان

خطاوار آهيان يا سزاوار آهيان،

جا به آهيان سا مان تنهنجي آهيان.

پيار ڪرڻ وارو مون جهڙو نه ملندءِ

آءُ منهنجا پرين مون وٽ تون اڏامي،

هنجون هاري تنهنجون روز واٽون نهاريان،

پيار جا آءُ پرين اهي ٻول ٻوليون.

پراڻيون ڪريون ڪي وري اهي رهاڻيون،

آءٌ پرين دنيا مان وڃڻ واري آهيان.

سڪرات ۾ به پرينءَ کي پري کان سڃاڻان،

عزرائيل کي چيم ترس پرين اچڻ وارو آهي.

پيار تنهنجي ۾ ”اختر“ چري مان روز آهيان.

***********************************************

رت جي ڳوڙهن مان

اکڙيون آليون ۽ دل زخمي پيرن ۾ زنجير اٿم،

انڌير جو عجيب هي ننگر ڏٺم.

رت جي ڳوڙهن مان ڀري قلم جو لکيم،

ننهن مان ماس جدا ٿيندو اکين سان ڏٺم.

مهڻن سان دل زخمي زخمي جا ٿيم،

روز ڦاسيءَ تي ٿا چاڙهين پوءِ به چپن تي مرڪ اٿم.

پنهنجو ڪو ويساهه گهاتي ڪندو دل کي نه اعتبار اٿم،

هاڻ ته ”اختر“ پنهنجي پرائي جو يقين به ختم ٿي ويو اٿم!

************************************************

محبت جو جام پيارو

محبت جو ڀري جام پيارا اسان کي پياريو،

حُسن وارا اسان جي دل ميخاني کي به سجايو،

کڻي نيڻ سهڻا اسان ڏانهن به ڪي نهاريو،

ويٺا آهيون راهن ۾ اسان کي به پڪاريو،

محبت جي خيرات مان ”اختر“ کي به ڪجهه ڏياريو،

سونهن وارا اهڙا ناز ڀريا انداز نه ڏيکاريو.

**********************************************

ڪيڏو نه نادان آهين

جهُريل دل کي تون ڇو جهُورين ٿو،

دل جي زخمن کي تون وري ڇو چورين ٿو،

منهنجي دل کي ڀڃي ڪيئي ٽڪرا ٽڪرا،

ڪيڏو نه نادان آهين ڀڳل دل کي جوڙين ٿو.



دل پٿر ته نه آهي

گل محمد عمراڻي

محترمه سيده اختر افروز شاهه جو پهريون مجموعهء ڪلام ”دل پٿر ته نه آهي“ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي. شاعره جو تعلق سنڌ جي مردم خيز ادبي دبستان ”ٽکڙ“ سان آهي. سندس شاعري، گلستانِ ادب ۾ هڪ نئين ۽ تازي هوا جي جهوٽي مثل آهي. ڇا ته نامور نالا آهن: جن سر زمين ”ٽکڙ“ جو نالو جڳ ۾ مشهور ڪيو آهي. نور محمد خسته، حافظ عالي، ميان ڇتن، سيد ميران محمد شاهه (اول)، علامه قاضي اسد الله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي، آغا محمد حسن جان سرهندي مجددي، حافظ حاجي حامد، سيد محمد حافظ شاهه، حافظ هارون ’دلگير‘، حافظ عبدالله ’بسمل‘، محمد هاشم ’مخلص‘، ’سيد ميران محمد شاهه، ”مير“ و ”مهجور“، محمد خان ’غني‘، ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه ’بيخود‘ حسيني، سيده نورالهديٰ شاهه، سيد شبير ’هاتف‘، غلام رسول شاهه ’سوز‘ ٽکڙائي ۽ اسان جو شاعر امداد حسيني صاحب-ڪهڙا نالا ڳڻائي، ڪهڙا ڳڻائجن. جهڙيءَ طرح ’دبستانِ لکنو‘ ۽ ’دبستانِ هلي‘ جو خاص ذڪر اذڪار برصغير جي ادبي تاريخ ۾ ٿئي ٿو، اهڙيءَ طرح قديم ۽ جديد سنڌي ادبي تاريخ ۾ ”ٽکڙ“ جي ادبي مقام ۽ خدمتن جي حيثيت به مسلم آهي. اقليم سنڌي شعور و سخن  جي سلطنت ۾ ”ٽکڙ“ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين جا ادبي ڪارناما روز روشن جيان عيان ۽ بيان آهن ۽ رهندا ۽ هاڻ اُنهن متبرڪ نالن ۾ مبارڪ نالو محترمه اختر افروز شاهه هڪ  عمدو اضافو آهي.

محترمه سيده اختر افروز شاهه جي شاعريءَ متعلق سائين امداد حسينيءَ جي راءِ ڏاڍي وزندار آهي: ”اُن کي پابند، آزاد نثري يا نيم پابند، نيم آزاد يا نيم نثري جي نالي ڏيڻ بدران، سندس تحرير ۽ تخليق کي ’شاعري‘ چئي سگهجي ٿو.“

شاعره ڪنهن سڪه بند ۽ نستعليق گهاڙيٽي ۽ تخليق جي محتاج نه آهي. سندس والهانه ۽ وارفته ڪيفيتن ۽ اُمنگن ۾ جذبا به آهن ۽ احساس به آهن. ادبي وتنقيدي زبان ۾ سندس شاعري کي جذبات و احساسات جو بيساخته اظهار چئي سگهجي ٿو. عالمي ڪسوٽيءَ تي، انگريزي ادب جي مشهور تنقيدي ڪتاب "Preface to Lyrical Ballans" (”سُريلن گيتن جو مهاڳ“) ۾ جڳ مشهور ورڊ سورٿ ۽ ڪولرج اهڙي قسم جي فطري شاعريءَ جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي:

"Poetry is spontaneous overflow of powerful feelings. It takes it origin from emotions recollected in tranquility."

هڪ ٻيو ماپو يا معيار، جيڪو شاعريءَ جي لاءِ هڪ عظيم نقاد ٽي. ايس. ايليٽ ڄاڻايو آهي، سو آهي ته ”شاعري جو اصل جوهر ابلاغ ۾ آهي“، يعني "Genuine Poetry can communicate understand."

”اختر“ جي شاعري ۾ اهڙو ابلاغ روان دوران آهي؛ سـِٽ سـِٽ ۾، حرف ۾!

محترمه  لکي ٿي:

”دل جي سندر سپنن ۾، ذهن جي اوچي اُڏامن ۾

هڪ پيارو پيارو ماڻهو رهندو آهي.

اِهو رشتو ڪيڏو نه عجيب آهي

ڪيترو به دل ڏکوئي پوءِ به دل کي وڻندو آهي!“

يا وري:

”دل! ڇيڙ تون خوشيءَ جو ڪو سرگم

هاڻ ته زندگي جي لاٽ به ٿيندي وڃي مَڌم مَڌم

اهڙو ملي ڪو مون کي مخلص همدم

منهنجي اندر مان نڪري خوشي وارو ترنم!“

اهڙي دل کي ڇُهندڙ بيساخته ۽ بيباڪ شاعريءَ جي باري ۾ اسان جي مهان اديب ۽ ڏاهي مرحوم غلام محمد گرامي جو اقتباس ڏيڻ بر مهل ٿيندو:

”شاعري انسانيت جي ضمير جو آواز آهي. اُهو ضمير جو آواز هميشه بلند رهندو آيو آهي ۽ بلند رهندو ايندو. شاعري انساني تهذيب جي حسن ۽ جمال کي وڌائي ٿي ۽ تخيل، جي شمع فروزان اوندهه ۽ انڌوڪار جي دنيا ۾ آب حيات ڳولي ٿي.“

”دل پٿر ته نه آهي“ دلڪش ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي مشتمل آهي. مُهڙ ۾“ محترم امداد حسينيءَ جو ليک: ”شاعري-سپنو به، ساڀيا به“ ۽ محترمه سحر امداد جو آرٽيڪل ”ستن رنگن جون رنگ رنگوليون“ ٻه اهڙا معياري ادب پارا آهن، جي ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿا. هيءُ ڪتاب نامياري ادب نواز سيد قمر الزمان شاهه صاحب شايع ڪيو آهي، ۽ اُن جي قيمت ڄاڻايل ڪانهي.

گل محمد عمراڻي

(ٽماهي مهراڻ, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو, جنوري-مارچ ۲۰۰۵ع)

No comments:

راءِ ڏيندا