سيده اختر افروز شاهه
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
سيده اختر افروز شاه ٽکڙ جي
علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. سندس والد جو نالو سيد زمان شاهه آهي. سندس گهر
واري جو نالو سيد علي گوهر شاهه آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. هۡو فقط
پنج درجا پڙهيل گهريلو عورت آهي. ٽکڙ جي علم ۽ ادب جو مٿس گهرو اثر رهيو آهي. شاعري
سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون اٿائين. سرتيون رسالي ۾ سندس ڪافي ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپي.
ٽماهي مهراڻ ۾ به سندس تخليقون شايع ٿيون. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”دل پٿر ته نه
آهي“ ڇپيل آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي. سيده اختر افروز شاهه
جي شاعريءَ متعلق امداد حسينيءَ جي راءِ ڏاڍي وزندار آهي ته: ”پابند، آزاد نثري يا
نيم پابند، نيم آزاد يا نيم نثري جي نالي ڏيڻ بدران، سندس تحرير ۽ تخليق کي
’شاعري‘ چئي سگهجي ٿو.“ شاعره ڪنهن سڪه بند ۽ نستعليق گهاڙيٽي ۽ تخليق جي محتاج نه
آهي. سندس والهانه ۽ وارفته ڪيفيتن ۽ اُمنگن ۾ جذبا به آهن ۽ احساس به آهن. ادبي ۽
تنقيدي زبان ۾ سندس شاعري کي جذبات ۽ احساسات جو بيساخته اظهار چئي سگهجي ٿو.
