; سنڌي شخصيتون: گۡل خاصخيلي

13 April, 2024

گۡل خاصخيلي

گل خاصخيلي

گلن جي خۡوشبۡو جهڙو شاعر – (۱۰ سيپٽمبر تي جنم ڏڻ مۡبارڪ)

اعظم ڀٽي



گۡل خاصخيلي نه رڳو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جو عاشق آهي، پر هڪ بهترين شاعر، خاص طور وائي جي صنف جي حوالي سان گۡلن جهڙي خۡوشبۡو وکيريندڙ شاعر آهي. سنڌي ٻولي جي نوجوان شاعر گل خاصخيلي جو اصل نالو گل حسن خاصخيلي آهي، سندس والد جو نالو الهرکيو خاصخيلي آهي، جيڪو هاري ۽ پورهيت هئڻ سان گڏوگڏ نڙ بيت ۽ ڳجهارتن جو سگهڙ ۽ سٺو الغوزي نواز پڻ هو.


گل خاصخيلي جو جنم هڪ غريب گهراڻي ۾ ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع تي ڳوٺ الهڏنو خاصخيلي، دڙو، (ضلعو ٺٽو) هاڻوڪي ضلعي سجاول ۾ ٿيو. هي پنهنجي خاندان جو پهريون شخص هو، جنهن تعليم سان لنئون لڳايو، هن ۱۹۸۲ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ارباب خدا بخش ميمڻ مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي، ۱۹۸۷ع ۾ ميرپور بٺورو هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، ۱۹۸۹ع ۾ بوائز ڪاليج سجاول مان انٽر، ۱۹۹۴ع ۾ ٺٽه ڊگري ڪاليج مڪلي معرفت سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪيائين. سال ۱۹۸۹ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو.

سال ۱۹۹۰ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. سندس پهرين تخليق وائي جي صورت ۾ ۱۹۹۲ع “هزار داستان” رسالي ۾ شايع ٿي. وائي، بيت، ڪافي، هائيڪو، ٽيڙو، گيت، غزل ۽ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس مرتب ڪيل ٻه مجموعا “پسي تنهنجي تجلي”، جنهن ۾ ۴۱ شاعرن جو گڏيل تذڪرو شامل آهي، ۲۰۰۳ع ۾ شايع ٿيو. سندس مرتب ڪيل ٻيو مجموعو “غزل جي سُرهاڻ “، جنهن ۲۲ شاعرن جو تذڪرو شامل آهي، جيڪو ۲۰۱۱ع ۾ شايع ٿيو. پاڻ دڙو مان شايع ٿيندڙ “سُرهاڻ مئگزين” جو ۲۰۰۵ع کان سب ايڊيٽر آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دڙو جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي، ۲۱ مئي ۲۰۰۳ع تي پنهنجن دوستن سان گڏجي سگا دڙو شاخ جو بنياد رکيائين، جنهن بعد سگا دڙو شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري، اطلاعات سيڪريٽري ۽ خزانچي طور فرائض سرانجام ڏنائين.

سال۱۹۹۰ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاکا (دڙو) جو ميمبر بڻيو. ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۷ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ لاکا جو سيڪريٽري رهيو، ۲۰۱۰ع ۾ ڳوٺ لاکا (دڙو) مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ۸ جولاءِ ۲۰۱۲ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر بڻيو، ۲ جون ۲۰۱۳ع تي ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي خزانچي ۽ ۶ جون ۲۰۱۴ع تي بنامقابلي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ۲۰۱۵ع ۾ وري خزانچي چونڊيو ويو. ۲۰۱۶ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ۲۰۱۷ع کان هن وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو خزانچي رهندو اچي، سندس ادبي تخليقون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن، جن ۾ امرتا مئگزين، ادب مئگزين، اديب مئگزين، روشن سنڌ، عقيق مئگزين، سڏ مئگزين، ڪاپڙي، سنگت، وک، پرک، روزاني عوامي آواز، هلال پاڪستان، روزاني شام، روزاني ڪاوش، هفتيوار ماروئڙا نيوز شامل آهن. شاعري اُجرن پکين جهڙي سُونهن ۽ سوڀيا رکندڙ آهي، جيڪا سونهن، شاعرن جي دلين ۾ هميشه رهي ٿي اهڙي سُونهن جو مالڪ اسانجو محبوب دوست، نازڪ ۽ نفيس خيالن جو سرجڻهار گل خاصخيلي آهي، جنهن جي اظهار جي اک نزاڪت، نفاست، شائستگي، پاڪيزگي، نرملتا ۽ ڪوملتا سان ڀرپور آهي. گل جي شاعري تبديلي جو محرڪ بڻجي عام زندگيءَ ۾ رهنمائي جا روشن دڳ ڳولڻ جو ذريعو آهي، هو لفظن جو جادوگر ڀلي کڻي نه به هُجي پر سندس شاعراڻو فن ۽ فڪر، سادگيءَ جي چادر ۾ به سحر طاري ڪريو ڇڏي، گل خاصخيلي پنهنجي مزاج ۾ جيترو سادو، نازڪ ۽ نفيس آهي، ان کان وڌيڪ سندس جذبن ۾ سادگيءَ جي اهڙي سُونهن اوتيل آهي، هو سهڻي شاعر سان گڏوگڏ هڪ بهترين ادبي ورڪر آهي، سُرهاڻ مئگزين، سنڌي ادبي سنگت، انجمن ترقي پسند مصنفين يا مهراڻ ادبي سٿ جو پليٽ فارم هجي يا ڪا علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمي هجي، سندس هلچل جو پکي هميشه اُفق تي سڀني کان منفرد حيثيت ۾ نروار نظر ايندو آهي، شال گلن جي خوشبو جهڙو هي شاعر هميشه مُرڪن جا پوپٽ اُڏاريندو رهي. پنهنجي ڏانءۡ ۽ ڏات سان سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهي.

اڄ سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس دلبري جهڙيون مۡبارڪون قبول پون.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)         

No comments:

راءِ ڏيندا