; سنڌي شخصيتون: مير اعجاز علي خان ٽالپر

11 April, 2024

مير اعجاز علي خان ٽالپر

مير اعجاز علي خان ٽالپر

لاڙ جو شينهن سياستدان

اعظم ڀٽي



سنڌ جي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر ۱۰ فيبروري ۱۹۳۲ع تي جنم ورتو، سندس والد جو نالو مير غلام علي خان ٽالپر هو، هن شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. لنڊن يونيورسٽي مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين.


سال ۱۹۵۶ع ۾ عملي سياست جي دنيا ۾ پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو، بعد ۾ ٻيهر ۱۹۶۰ع ۾ ان جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۶۳ع ۾ مير غلام علي ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ کيس سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو. جنهن بعد ۱۹۶۵ع، ۱۹۷۰ع، ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر مقرر ٿيو. ۱۹۷۲ع ۾ پهرين ايريگيشن کاتي جو صوبائي صلاحڪار ۽ پوءِ ايريگيشن کاتي، ڪميونيڪيشن ورڪس، روڊس ۽ بلڊنگس کاتي جو صوبائي وزير رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو، ان تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس صحيح پڻ ٿيل آهي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪجھ عرصي بعد ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي، جنهن دوران کيس پهريائين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ۱۹۸۴ع ۾ کيس پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ کاتي جو صوبائي وزير بنايو ويو. ۱۹۸۵ع ۾ کيس فاريسٽ، روڊس، بلڊنگ کاتي سميت سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير بنايو ويو. جنهن دوران هي سنڌ جي وڏي وزير غوث علي شاھ جي بيروني دوري سبب ڪجھ عرصو سنڌ جو قائم مقام وزير اعليٰ پڻ رهيو. ۱۹۸۷ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جو وزير ٿيو. ۱۹۸۷ع ۾ جڏهن جنرل ضياءِ اسيمبليون ٽوڙي، محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته ان کان پوءِ کيس ٻيهر روينيو ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جو وزير، بڻايو ويو. ۱۹۸۸ع ۾ جنرل ضياءَ جي موت بعد جوڙيل نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو. سياست جي دنيا ۾ مسلسل متحرڪ رھڻ ۽ وڏي اثر رسوخ سبب کيس “لاڙ جو شينهن” سڏيو ويندو هو، عمر جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجي وڏي فرزند مير عنايت علي خان ٽالپر کي پنهنجي سياسي جانشين طور اڳتي آندو، ائين ئي جيئن مير غلام علي ٽالپر کيس پنهنجي سياسي وارث طور اڳڀرو ڪيو، مير اعجاز علي خان ٽالپر جيئن مير غلام علي ٽالپر جو حقيقي، عملي ۽ متحرڪ سياسي جانشين ثابت ٿيو، اها ئي روايت مير عنايت علي خان ٽالپر به خۡوب نڀائي، ڀلي کڻي مير اعجاز ٽالپر سان ڪن حلقن کي اختلاف رهيا هجن، پر هۡن جي بۡردباري، دليري، خودداري ۽ پنهنجي علائقي ۽ ان جي ماڻهن سان انفرادي توڙي اجتماعي ڀلائي جي ڀيرن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، ۲۰۰۸ع جي چونڊن تائين هو مسلسل سياست جي ميدان ۾ نه رڳو متحرڪ رهيو پر پنهنجي سياسي جانشينن جي رهنمائي به ڪندو رهيو ته سندن مٿي تي شفقت جو هٿ به رکندو رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس سياسي تجربو انهن لاءِ سياسي سکيا جو بهترين رستو هو، هن وقت هو پيرسنيء جي پهاڙ تي بيٺل آهي، سندس طبعيت متحرڪ سياست جي مزاج جهڙي ناهي رهي پر پوءِ به سندس ڇپر ۽ ڇانءَ سندس خاندان جي سياسي فردن لاءِ وڏي وٿ آهي. ۸۸ سالن جو هي بزرگ سياستدان ڪيترا ئي گهاءَ سيني ۾ سانڍيندي به سنڌ جي مۡني صدي جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو گواھ به آهي ته پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ به آهي.


 

مير اعجاز علي خان ٽالپر

سنڌ جي بزرگ سياستدان جو وڇوڙو

اعظم ڀٽي!

ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ميڊيائي رپورٽ نظر مان گُذري هئي ته ملڪ جي پنجن وڏن بااثر خاندانن جي اثر رسوخ کي هڪ وڏي اهميت حاصل هئي، جن ۾ ٽالپر خاندان به شامل هو. ان ٽالپر خاندان جي هڪ شاخ شاهواڻي ٽالپرن جي آهي، جيڪا سنڌ جي حڪمران ٽالپر قبيلي جي چوٿون نمبر اهم، معتبر ۽ اثر رسوخ رکندڙ شاخ رهي آهي. اها شاخ مير شاهو خان ٽالپر جي اولاد نسبت سان شاهواڻي ٽالپر طور مشهور آهي. انهيءَ شاخ جو چشم چراغ مير اعجاز علي خان ٽالپر به هو، جيڪو سنڌ جي باوقار سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جو سڀ کان وڏو فرزند هو.

مير اعجاز علي خان ٽالپر، ون يونٽ مخالف هيري ۽ سنڌ جي باوقار سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جو سڀ کان وڏو فرزند به هو ته سندس سياسي جانشين به هو. سنڌ جو هي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر ۱۰ فيبروري ۱۹۳۳ع تي پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. لنڊن يونيورسٽيءَ مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين. ۱۹۵۶ع ۾ عملي سياست جي دنيا ۾ پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو، بعد ۾ ٻيهر ۱۹۶۰ع ۾ ان جو ميمبر چونڊيو ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جو صدر پڻ چونڊيو. ۱۹۶۳ع ۾ آزاد اميدوار طور بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هي اهو دور هو، جڏهن جنرل ايوب خان جي آپيشاهي واري ڪارخاني جي برانڊ بڻيل ڪرنل حيدر کي ساڳي تڪ تان مير غلام علي خان ٽالپر شڪست ڏئي، جنرل ايوب خان کي پنهنجي ڪردار جي بُلندي جو سج پسايو هو. ايوبي آمريت جي قانون کان مير غلام علي ٽالپر جي اها ڪاميابي هضم نه ٿي سگهي ته هڪ ٽربيونل پٽيشن تحت اليڪشن ۾ بيقائدگين جي الزام ۾ مير غلام علي خان ٽالپر کي نااهل قرار ڏئي، ان تڪ تان ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وري به آمريتي هٺ کي شڪست نصيب ٿي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي ڪاميابيءَ جي تسلسل کي برقرار رکي ان سيٽ تان مير اعجاز علي خان ٽالپر ڪامياب ٿيو. مجبورن جنرل ايوب خان کي پنهنجو رويو بدلائڻو پيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ مير اعجاز علي خان ٽالپر کي جنرل ايوب خان جي پاڪستان مسلم ليگ جو سينئر نائب صدر منتخب ڪيو ويو. مير اعجاز ۱۹۶۵ع ۾ ٻيهر بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت ورڪس ۽ سروسز کاتي جو وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو. ايوب خان کان مُنهن موڙي جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي پيپلز پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ته هي سنڌ مان بانيڪار ميمبر طور پي پي ۾ شامل ٿيو. جنهن بعد ۱۹۷۰ع ۾ پي پي پي جي ٽڪيٽ تان ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ آبپاشي، بجلي، ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس جو صوبائي وزير منتخب ٿيو. ۱۹۷۷ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۸۴ع ۾ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جو نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو. ۱۹۸۵ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ڪميونيڪيشن، ورڪس ۽ فاريسٽ کاتي جو سينيئر صوبائي وزير منتخب ٿيو. غوث علي شاھ جي وڏ وزارت واري عرصي ۾ سينيئر صوبائي وزير هوندي، جڏهن غوث علي شاھ پرڏيهي دوري تي ويو ته مير اعجاز علي وقت ڪجھ وقت لاءِ قائم مقام وزير اعلي' به رهيو. ۱۹۸۷ع ۾ بلديات ۽ جهنگلي جيوت کاتي جو صوبائي وزير رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ نگران حڪومت ۾ روينيو ۽ بحاليءَ واري کاتي جو نگران صوبائي وزير منتخب ٿيو. ان کان اڳ ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو، ان تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس صحيح پڻ ٿيل آهي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن جنرل ضياءَ الحق، ذوالفقار علي ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪجھ عرصي بعد ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ به هن ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران کيس پهريائين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. سياست جي دنيا ۾ مسلسل متحرڪ رھڻ ۽ وڏي اثر رسوخ سبب کيس “لاڙ جو شينهن سياستدان” سڏيو ويندو هو. ۲۰۰۸ع جي چونڊن تائين هو مسلسل سياست جي ميدان ۾ نه رڳو متحرڪ رهيو پر پنهنجي سياسي جانشينن جي رهنمائي به ڪندو رهيو ته سندن مٿي تي شفقت جو هٿ به رکندو رهيو. ڇاڪاڻ جو سندس سياسي تجربو انهن لاءِ سياسي سکيا جو بهترين رستو هو، جنهن وقت هُو پيرسنيءَ جي پهاڙ تي بيٺل هو، گهڻي عرصي کان سندس طبيعت متحرڪ سياست جي مزاج جهڙي نه به رهي پر پوءِ به سندس ڇپر ۽ ڇانوَ سندس خاندان جي سياسي فردن لاءِ وڏي وٿ هئي.

۸۸ سالن جو هي بزرگ سياستدان ڪيترا ئي گهاءَ سيني ۾ سانڍيندي به سنڌ جي مُني صديءَ جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو گواھ به رهيو ته پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ به. مير اعجاز علي خان ٽالپر سياسي، سماجي، خانداني توڙي ذاتي حوالي سان، ٽالپر قبيلي جي شاهي روايتن جو نه رڳو امين رهيو پر معاشرتي رهڻي ڪهڻي وارن لوازماتن جي لحاظ کان هڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندڙ هو، جنهن جي ڇانوَ ۾ لاتعداد ڪردارن جي سياسي، سماجي توڙي خانداني روايتن جي پاسداريءَ موجب تربيت پڻ ٿي. هُن جتي سياست ۾ عُروج جون منزلون ماڻيون، اُتي سياسي زوال جي ڪهاڻين جو ڪردار به بڻيو پر پنهنجي سياسي ۽ خانداني روايتن جي قد ڪاٺ کي هميشه مٿانهون رکيائين. ۷ سيپٽمبر ۲۰۱۴ع تي سندس موڀي پُٽ، نامياري سياستدان ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعي جي پهرين ناظم مير عنايت علي خان ٽالپر جي وڇوڙي، ظاهري ۽ عملي طور ڄڻ ته سندس وجود کي ساڻو ڪري وڌو هو. درد جي ان ڪيفيت کي ھُو پنهنجي ذهن ۽ دل مان آخر تائين نه ڪڍي سگهيو. نيٺ ۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع مطابق ۲۹ ذوالحج ۱۴۴۲ هجري بروز سومر تي سندس ساھ جو سڳو ٽُٽي پيو ۽ هُو ۸۸ سالن جي ڄمار جون هزارين يادون ۽ منفرد ڪٿائون ڇڏي وڃي پنهنجي خالقِ حقيقيءَ سان مليو، کيس هزارين آلين اکين ۽ لڙڪي پيل ڪُلهن جي قافلي ۾ ٽنڊو محمد خان جي پُراڻي اسٽاپ لڳ ڪاليج روڊ تي شاهواڻي ٽالپرن جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس وڇوڙي سان نه رڳو شاهواڻي ٽالپر خاندان پر ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي پارلياماني سياست جي هڪ تاريخي دور جي پُڄاڻي ٿي وئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

مير اعجاز علي خان ٽالپر

سنڌ جي بزرگ سياستدان جي حياتيءّ جو سج لهي ويو

اعظم ڀٽي

ويجهڙائي ۾ هڪ ميڊيائي رپورٽ نظر مان گۡذري هئي ته ملڪ جي پنجن وڏن بااثر خاندانن جي اثر رسوخ کي هڪ وڏي اهميت حاصل هئي، جن ۾ ٽالپر خاندان به شامل هو، ان ٽالپر خاندان جي هڪ شاخ شاهواڻي ٽالپرن جي آهي، جيڪا سنڌ جي حڪمران ٽالپر قبيلي جي چوٿون نمبر اهم، معتبر ۽ اثر رسوخ رکندڙ شاخ رهي آهي، اها شاخ مير شاهو خان ٽالپر جي اولاد نسبت سان شاهواڻي ٽالپر طور مشهور آهي، ميرشاهو خان کي ڇھ پٽ هئا; مير ڪرم خان، مير غلام محمد، مير سيد خان، مير محمد ملوڪ، مير مراد خان۽ مير سردار خان! مير شاهو جي ٻي نمبر پۡٽ مير غلام محمد کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ حاجي احمد خان ۽ ٻيو مير محمد خان. مير حاجي احمد خان کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ مير محمد حسن ۽ ٻيو مير غلام حيدر. وري مير غلام حيدر کي هڪ پٽ ٿيو: مير احمد خان. وري مير احمد خان کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ مير غلام الله خان ۽ ٻيو مير علي مراد خان. مير غلام الله کي وري ٻه پٽ ٿيا، هڪ مير بنده علي خان ۽ ٻيو مير حاجي حسين بخش ٽالپر. مير بنده علي خان کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ مير غلام علي خان ٽالپر ۽ ٻيو مير علي نواز ٽالپر! مير بنده علي ٽالپر جي وڏي پۡٽ مير غلام علي ٽالپر کي ڇھ پۡٽ ٿيا، جن ۾ مير اعجاز علي خان، مير احمد علي خان عرف مير گاما، مير ممتاز علي خان، مير انور علي خان، مير منور علي خان ۽ مير سلطان علي خان شامل آهن. مير اعجاز علي خان ٽالپر، ون يونٽ مخالف هيري ۽ سنڌ جي باوقار سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جو سڀ کان وڏو فرزند به هو ته سندس سياسي جانشين به هو، سنڌ جو هي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر ۱۰ فيبروري ۱۹۳۳ع تي پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. لنڊن يونيورسٽي مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين. ۱۹۵۶ع ۾ عملي سياست جي دنيا پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو، بعد ۾ ٻيهر ۱۹۶۰ع ۾ ان جو ميمبر چونڊيو ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جو صدر پڻ چونڊيو. ۱۹۶۳ع ۾ آزاد اميدوار طور بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءّ جو ميمبر چونڊيو، هي اهو دور هو، جڏهن جنرل ايوب خان جي آپيشاهي واري ڪارخاني جي برانڊ بڻيل ڪرنل حيدر کي ساڳي تڪ تان مير غلام علي خان ٽالپر شڪست ڏئي، جنرل ايوب خان کي پنهنجي ڪردار جي بۡلندي جو سج پسايو هو، ايوبي آمريت جي قانون کان مير غلام علي ٽالپر جي اها ڪاميابي هضم نه ٿي سگهي ته هڪ ٽربيونل پٽيشن تحت اليڪشن ۾ بيقائدگين جي الزام ۾ مير غلام علي خان ٽالپر کي نااهل قرار ڏئي، ان تڪ تان ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وري به آمريتي هٺ کي شڪست نصيب ٿي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي ڪاميابي جي تسلسل کي برقرار رکي ان سيٽ تان مير اعجاز علي خان ٽالپر ڪامياب ٿيو، مجبورن جنرل ايوب خان کي پنهنجو رويو بدلائڻو پيو ۽ ۱۹۶۴ع ۾ مير اعجاز علي خان ٽالپر کي جنرل ايوب خان جي پاڪستان مسلم ليگ جو سينيئر نائب صدر منتخب ڪيو ويو، مير اعجاز ۱۹۶۵ع ۾ ٻيهر بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي تڪ تان قومي اسيمبليءّ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت ورڪس ۽ سروسز کاتي جو وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مقرر ٿيو، ايوب خان کان مۡنهن موڙي جڏهن ذوالفقار علي ڀۡٽي پيپلز پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ته هي سنڌ مان بانيڪار ميمبر طور پي پي ۾ شامل ٿيو. جنهن بعد ۱۹۷۰ع ۾ پي پي پي جي ٽڪيٽ تان ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي گڏيل تڪ تان قومي اسيمبليءّ جو ميمبر چونڊيو ويو، ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ آبپاشي، بجلي، ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس جو صوبائي وزير منتخب ٿيو، ۱۹۷۷ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد واري تڪ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ۱۹۸۴ع ۾ پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ جو نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو، ۱۹۸۵ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ڪميونيڪيشن، ورڪس ۽ فاريسٽ کاتي جو سينيئر صوبائي وزير منتخب ٿيو. غوث علي شاھ جي وڏ وزارت واري عرصي ۾ سينيئر صوبائي وزير هوندي، جڏهن غوث علي شاھ پرڏيهي دوري تي ويو ته مير اعجاز علي وقت ڪجھ وقت لاءِ قائم مقام وزير اعلي' به رهيو، ۱۹۸۷ع ۾ بلديات ۽ جهنگلي جيوت کاتي جو صوبائي وزير رهيو، ۱۹۸۸ع ۾ نگران حڪومت ۾ روينيو ۽ بحاليءّ واري کاتي جو نگران صوبائي وزير منتخب ٿيو. ان کان اڳ ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو، ان تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس صحيح پڻ ٿيل آهي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن جنرل ضياءَ الحق، ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪجھ عرصي بعد ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ به هن ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران کيس پهريائين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. سياست جي دنيا ۾ مسلسل متحرڪ رھڻ ۽ وڏي اثر رسوخ سبب کيس “لاڙ جو شينهن سياستدان “سڏيو ويندو هو، عمر جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي، هن پنهنجي وڏي فرزند مير عنايت علي خان ٽالپر کي پنهنجي سياسي جانشين طور اڳتي آندو، ائين ئي جيئن مير غلام علي ٽالپر کيس پنهنجي سياسي وارث طور اڳڀرو ڪيو، مير اعجاز علي خان ٽالپر جيئن مير غلام علي ٽالپر جو حقيقي، عملي ۽ متحرڪ سياسي جانشين ثابت ٿيو، اها ئي روايت مير عنايت علي خان ٽالپر به خۡوب نڀائي، ڀلي کڻي مير اعجاز ٽالپر سان ڪن حلقن کي ڪهڙي به قسم جا اختلاف رهيا هجن، پر هۡن جي بۡردباري، دليري، خودداري ۽ پنهنجي علائقي ۽ ان جي ماڻهن سان انفرادي توڙي اجتماعي ڀلائي جي ڀيرن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، ۲۰۰۸ع جي چونڊن تائين هو مسلسل سياست جي ميدان ۾ نه رڳو متحرڪ رهيو پر پنهنجي سياسي جانشينن جي رهنمائي به ڪندو رهيو ته سندن مٿي تي شفقت جو هٿ به رکندو رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس سياسي تجربو انهن لاءِ سياسي سکيا جو بهترين رستو هو، جنهن وقت هۡو پيرسنيء جي پهاڙ تي بيٺل هو، گهڻي عرصي کان سندس طبعيت متحرڪ سياست جي مزاج جهڙي نه به رهي پر پوءِ به سندس چپر ۽ ڇانو´ سندس خاندان جي سياسي فردن لاءِ وڏي وٿ هئي. ۸۸ سالن جو هي بزرگ سياستدان ڪيترا ئي گهاءۡ سيني ۾ سانڍيندي به سنڌ جي مۡني صدي جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو گواھ به رهيو ته پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ به. مير اعجاز علي خان ٽالپر سياسي، سماجي، خانداني توڙي ذاتي حوالي سان، ٽالپر قبيلي جي شاهي روايتن جو نه رڳو امين رهيو پر معاشرتي رهڻي ڪهڻي وارن لوازماتن جي لحاظ کان هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکندڙ هو، جنهن جي ڇانوّ ۾ لاتعداد ڪردارن جي سياسي، سماجي توڙي خانداني رايتن جي پاسداري موجب تربيت پڻ ٿي. هۡن جتي سياست ۾ عۡروج جون منزلون ماڻيون، اۡتي سياسي زوال جي ڪهاڻين جو ڪردار به بڻيو پر پنهنجي سياسي ۽ خانداني روايتن جي قد ڪاٺ کي هميشه مٿانهون رکيائين. ۷ سيپٽمبر ۲۰۱۴ع تي سندس موڀي پۡٽ، نامياري سياستدان۽ ٽنڊي محمد خان ضلعي جي پهرين ناظم مير عنايت علي خان ٽالپر جي وڇوڙي، ظاهري ۽ عملي طور ڄڻ ته سندس وجود کي ساڻو ڪري وڌو هو، درد جي ان ڪيفيت کي ھۡو پنهنجي ذهن ۽ دل مان آخر تائين نه ڪڍي سگهيو، نيٺ ۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع مطابق ۲۹ ذوالحج ۱۴۴۲ هجري بروز سومر تي سندس ساھ جو سڳو ٽۡٽي پيو ۽ هُو ۸۸ سالن جي ڄمار جون هزارين يادون ۽ منفرد ڪٿائون ڇڏي وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو. سندس وڇوڙي سان نه رڳو شاهواڻي ٽالپر خاندان پر ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي پارلياماني سياست جي هڪ تاريخي دور جي پۡڄاڻي ٿي وئي. جنهن ۾ قصن، ڪٿائن ۽ يادن جا انيڪ سج لهي ويا. سياست جي لهي ويل انهيءّ سج کي هڪ دفعو ٻيهر نئين آب ۽ تاب سان اۡڀارڻ لاءِ ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر خاندان کي مير اعجاز علي خان ٽالپر جي وڇوڙي واري ڏک ۽ غم کي هڪ گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي نه رڳو گنجائش موجود آهي پر هڪ اهڙو موقعو به آهي جيڪو شاهواڻي ٽالپرن جي پوئتي پئجي ويل سياست کي وري اۡڀار ارپي سگهي ٿو.

سندس جنازو اڄ شام پنج وڳي سندس رهائشگاھ مير محلا ٽنڊي محمد خان مان کنيو ويندو.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۹ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا