; سنڌي شخصيتون: محمد يوسف ”معتصم“ سومرو

12 April, 2024

محمد يوسف ”معتصم“ سومرو

محمد يوسف ”معتصم“ سومرو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد يوسف ”معتصم“ سومرو ۱۹۴۳ع مطابق ۲۸ جمادي الاول ۱۳۶۳ هجري تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بلڙي شاهه ڪريم تعلقي ۾ ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد حسن سومرو هو. ۱۳۷۰هجري ۾ جنهاڻ سومرو جي مسلم اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي جا پنج درجا پاس ڪيائين. عربي ۽ فارسي جي تعليم ڳوٺ جي ئي مدرسي مان ورتائين. ۱۹۵۸ع مطابق ۱۳۷۸ هجري ڌاري شاعري جي شروعات ڪيائين. علي محمد ”سپاهي“ سومرو ۽ ابراهيم منشي شاعري ۾ سندس استاد هئا.


پنهنجي شاعري ۾ پهريائين ”عاصم“ ۽ بعد ۾ ”معتصم“ جو تخلص اختيار ڪري شاعري تي سٺي طبع آزمائي ڪيائين. سندس مائٽ ٺيڪيدار هئا پر پاڻ ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دوڪان هلائي، انتهائي سادگي واري زندگيءّ بسر ڪندو هو. محمد يوسف "معتصم" سومرو قومپرست خيال رکندڙ، ھڪ بھترين شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پڻ ھو. هۡن زندگيءّ جي سفر ۾ سکيا ڏينهن به ڏٺا ته وري ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. زندگيءّ جو آخري وقت ڏاڍي تڪيلف ۾ گذاريائين. ۲ ڊسمبر ۲۰۱۰ع مطابق ۲۵ ذوالحج ۱۴۳۱ھجري تي وفات ڪيائين. کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ جنهاڻ سومري ۾ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو. کيس هڪ پۡٽ ۽ پنجن نياڻين جو اولاد آهي. سندس فرزند جو نالو ارشد سومرو آهي، جيڪو پڻ علم ۽ ادب سان چاهه رکي ٿو ۽ شاعري جي سکيا واري مرحلي مان گذري رهيو آهي. محمد يوسف "معتصم" سومري جي شاعري جو اڻڇپيل بياض سندس فرزند وٽ محفوظ آهي. (ا.ڀ)

محمد يوسف ” معتصم“ سومري جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

حمد

تون غني غفار تون قادر قوي ڪلتار تون،

پاڻ ٺاھين پاڻ ڊاھين.جڳ سندو جبار تون.

جھنگ جھر ۽ باغ بستان ڪل مٿي تنھنجو قدم،

سر زمين ارض و سماء ڏيھن سندو ڏاتار تون.

جوڙ جي جنسار جوڙيئي جڳ اندر جن و بشر،

روز تن رزق رسائين پاڪ پالڻھار تون.

تون ئي مارين تون جيارين تون ئي باري بادشاھ،

تون ئي خالق تون ئي مالڪ خاص خلقڻ ھار تون.

تون ئي عالي تون ئي والي. حاڪمن حاڪم به تون،

توکي طاقت توکي قدرت سب مٿان سرڪار تون.

ٻاجه تنھنجي کي ڏسي ڪوڙين ڪبيرا مون ڪيا،

"معتصم" جون سب مدايون بخش بخشڻ ھار تون.

***********************************************

نعت

يا خدا جلدي پسا تون دوست ديدار يار،

مير مرسل تنهن مٺي منٺار جي دربار يار.

شل ڏسان پنهنجي اکين سان ھوت کي ھيڪر ھلي،

جوت جلوو جان تن جو مان ڏسان سرڪار يار.

مان وڃي ھيڪر ڏسان ان سونهن جي سردار کي،

دل گهري اڳواڻ جي محفل ڏسان ھڪوار يار.

جوش مان جيرا جليا جنهن لئي ڏسان ان يار کي،

دک مان سيني کي دکائي مان ڏسان دلدار يار.

"معتصم" ھت ٿو ڪري سوز مان دانهون سدا،

سومرو ساري پيو توکي سدا سو بار يار.

**********************************************

غزل

سڄو گلستان دل جو برباد ٿيو،

نسورو آهي بيداد ٿيو.

ٻۡڌايو مون دل راز جنهن کي ته سو،

ڦري ساڳيو سو ئي جلاد ٿيو.

ڏٺم باغ جو جنهن کي اڳ هو محافظ،

اهو وري آهي صياد ٿيو.

گهڙي جا خوشيءّ ۾ گذاري ٿي مون،

وساريل وري غم اچي ياد ٿيو.

عجب ڪهڙو اتفاق ٿيو آهي هي،

زمانو سڄو مون کان ناشاد ٿيو.

 خۡدا شل ڪري "معتصم" تي ڪرم،

غمن سان قلب آهي آباد ٿيو.



محمد يوسف ”معتصم“ سومرو

حڪيم يوسف

محمد يوسف ”معتصم“ سومرو ۲۸ جمادي الاول ۱۳۶۳ هجري تي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد حسن سومرو هو. ۱۳۷۰ هجري ۾ جنهاڻ سومرو جي مسلم اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان سنڌي جا پنج درجا پاس ڪيائين. عربي ۽ فارسي جي تعليم ڳوٺ جي ئي مدرسي مان ورتائين. ۱۳۷۸ هجري ڌاري شاعري جي شروعات ڪيائين، علي محمد ”سپاهي“ سومرو ۽ ابراهيم منشي شاعري ۾ سندس استاد هئا. پهريائين ”عاصم“ ۽ بعد ۾ ”معتصم“ جو تخلص اختيار ڪري شاعري تي سٺي طبع آزمائي ڪيائين. سندس مائٽ ٺيڪيدار هئا پر پاڻ ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دڪان هلائيندو هو. انتهائي سادگي واري زندگي بسر ڪيائين. هيٺ سندس شاعري پيش ڪجي ٿي جي جنهاڻ سومري وارن وٽ سٺو فوٽو يا مزيد معلومات هجي ته ڏين جيئن اپ ڊيٽ ڪري سگھجي

محمديوسف معتصم جي فرزند ھيئن لکيو آھي

سائين منهنجو والد محترم محمد يوسف سومرو ھڪ بھترين شاعر ڪھاڻيڪار ٺيڪدار دوڪاندار ھڪ قوم پرست ھو. ھن سکيا ڏينهن به ڏٺا ۽ ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. بابا سائين پنهنجو آخري وقت ڏاڍي تڪيلف ۾ گذاريو.

بابا سائين ڊسمبر ۲۰۱۰ -۱۲-۰۲ ۽ ۲۵ ذوالحج ۱۴۳۱ھ ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

تون غني غفار تون قادر قوي ڪلتار تون

پاڻ ٺاھين پاڻ ڊاھين.جڳ سندو جبار تون

جھنگ جھر ۽ باغ بستان ڪل مٿي تنھنجو قدم

سر زمين ارض و سماء ڏيھن سندو ڏاتار تون

جوڙ جي جنسار جوڙيئي جڳ اندر جن و بشر

روز تن رزق رسائين پاڪ پالڻھار تون

تون ئي مارين تون جيارين تون ئي باري بادشاھ

تون ئي خالق تون ئي مالڪ خاص خلقڻ ھار تون

تون ئي عالي تون ئي والي. حاڪمن حاڪم به تون

توکي طاقت توکي قدرت سب مٿان سرڪار تون

ٻاجھ تنھنجي کي ڏسي ڪوڙين ڪبيرا مون ڪيا

معتصم جون سب مدايون بخش بخشڻ ھار تون

غزل

محمد يوسف سومرو "معتصم"

يا خدا جلدي پسا تون دوست ديدار يار

مير مرسل تنهن مٺي منٺار جي دربار يار

شل ڏسان پنهنجي اکين سان ھوت کي ھيڪر ھلي

جوت جلووجان تن جو مان ڏسان سرڪاريار

مان وڃي ھيڪر ڏسان ان سونهن جي سردار کي

دل گهري اڳواڻ جي محفل ڏسان ھڪوار يار

جوش مان جيرا جليا جنهن لئي ڏسان ان يار کي

دک مان سيني کي دکائي مان ڏسان دلداريار

"معتصم" ھت ٿو ڪري سوز مان دانهون سدا

سومرو ساري پيو تو کي سدا سو بار يار

۲۳-۰۶-۱۹۶۸

منهنجي جي بابا مرحوم محمد يوسف "معتصم" سومرو جي شاعري ڪتاب جي صورت ۾ انشآءَ الله جلد توهان جي ھٿن ۾ ھوندو (ڪتاب جو نالو بياض معتصم) ھوندو.


No comments:

راءِ ڏيندا