; سنڌي شخصيتون: عاشق علي ڳاهو

11 April, 2024

عاشق علي ڳاهو

عاشق علي ڳاهو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



فطرت جا جيترا مختلف ۽ منفرد رنگ آهن، سندس وجود، مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگيءّ جي سۡونهن جا به ايترا ئي منفرد رنگ سمايل آهن، پنهنجي مزاج جي موجن ۾ ڪڏهن هۡو نئين ٽهيءّ جو ڳڀرو شاعر لڳندو آهي ته ڪڏهن وري وڌي ويل ڏاڙهي جي رۡوپ ۾ هۡو قديم روايتي شڪل جهڙو شاعر ڀاسندو آهي. سندس سادگيءّ، خاموش طبعيت، حساسيت ۽ ٻاراڻي معصوميت مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هۡو سنڌ جي ان دراوڙي قبيلي جو فرد آهي، جنهن کان وقت ۽ حالتن سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي، حقيقت به اها آهي ته وقت ۽ حالتن هۡن کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي، ان جي باوجود به هن فطرت جي خۡوبصورتين کي لفظن جا سجدا ارپيا آهن، هُو فردن کان وٺي فطرت تائين ڪنهن کي به ميار ڏيڻ جو عادي ناهي، پر جڏهن به سندس ڪردار لاء ڪا ميار جۡڙندي آهي ته سندس وجود کيس به ميرانجهڙو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، ائين ڀاسندو آهي ته هۡو جيڪو دنيا جي نظرن ۾ چپن تي پراسرار مۡرڪون سجائي ته هلي ٿو پر سندس اکيون اڪيلائيءّ ۾ ڪيئي آب وهائين ٿيون، هۡن کي هر نئين صۡبح جي سج مان انيڪ اميدون وابسته هونديون آهن، رات جي پهر دوران چنڊ جي چانڊوڪيءّ ۾ هُو ستارن جي سۡونهن ۽ سوڀيا کي پسي، پنهنجي ڀاڳ جي روشني جو ڳولائو رهندو آهي، شام جي رنگينيءّ هۡن جي وجود ۾ انيڪ رنگ وکيري ويندي آهي. 


شام جي رنگينيءّ جهڙو نئين ٽهيءِ جو اهو خوبصورت شاعر عاشق علي ڳاهو ۲۵ سيپٽمبر ۱۹۸۲ع تي لاڙ جي مرڪز ٽنڊي محمد خان ۾ محمد عثمان ڳاهو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ڪا گهڻي نه پر صرف سنڌي پرائمري پاس آهي. سندس وڌيڪ تعليم نه پرائي سگهڻ جا اصل محرڪات معمولي ردوبدل سان اهي ئي ساڳيا آهن جيڪي ابراهيم منشي کي درپيش هئا. بهار جي موسم جهڙو هي شاعر زندگيءّ جي انهن ئي معروضي حالتن مان گذريو آهي جن حالتن مان گذري ابراهيم منشي، مسڪين ملاڪاتياري، نظير ٽکڙائي، گدا ملاڪاتياري سميت لاتعداد ڀلوڙ شاعر مسڪينيءّ لاءِ موت جو مرثيو ثابت ٿيا. اهڙي ريت عاشق علي ڳاهو به نفيس جذبن ۽ احساسن، خوبصورت خيالن ۽ لفظن جي ذريعي ڏات جي اميري جو معراج ماڻي چڪو آهي. عاشق علي ڳاهي، غزل، نظم، گيت، وائي، هائيڪو، آزاد نظم، ڏيڍ سٽي، چئوسٽي، چندن، جاڙي غزل، نولکي، ڪنٺ، پنجڪڙي، ٽيڙو، ترائيل، نثري نظم سميت لڳ ڀڳ شاعري جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيڙو جي صنف تي ٽيهه اکري پڻ تخليق ڪئي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ٽيڙو جي صنف تي ٽيهه اکري سندس وڏو ڪارنامو آهي. ان کانسواءِ گهڻي تعداد ۾ نثري ٽڪرا ۽ ٿوري تعداد ۾ ڪهاڻيون ۽ اردو شاعري به سندس قلم جي گرمي ۾ پگهرجي رليءَ جي رنگن جهڙن مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي صفحن جي زينت بنجي چڪيون آهن. سنه ۲۰۰۰ع کان هۡو سنڌي ادبي سنگت جي ساٿ جو سۡونهون بڻيو، ان سال کان ئي هن شاعريءَ جي ڪنوار سان لنئون لڳايو، ان عرصي ۾ هو چئن مجموعن جيترو پنهنجي شاعري جي تاج محل جو خاڪو جوڙي چڪو آهي. جنهن جي بنيادي ڍانچي جي طور سندس پهريون ڪتاب ”ڳوڙهن ٻُڪ ۾ چنڊ“ ۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعري جا اهم موضوع بنيادي انساني مسئلا ۽ خاص ڪري فطرتي موضوع ئي رهيا آهن. جن موضوعن تي هن ڪوريئڙي جيان ڄار اُڻيو آهي. سندس شاعري ۾ ٻار جي معصوم مُرڪ به سمايل آهي، ته ڌرتيءَ سان محبت جو وچن به ورجايل آهي، جن ۾ خوبصورت تشبيهن جو سمندر ڇوليون هڻندي نظر ايندو آهي. عاشق ڳاهو جتي سنڌي ادبي سنگت، محمد خان غني ادبي تنظيم، نئين ادبي تنظيم، مهراڻ ادبي سٿ جو روح روان رهيو آهي، اتي هڪ جاکوڙي سماجي ورڪر طور به ”سماج ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جي پليٽ فارم تان سماجي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، عاشق ڳاهو اهو شاعر آهي جيڪو نه رڳو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر رهيو آهي پر ڪيترائي ڀيرا هۡو شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي چونڊبو رهيو آهي، ايترا ڀيرا شايد ٽنڊي محمد خان جو ڪو به تخليقڪار نه چونڊيو آهي، عاشق ڳاهو هن وقت به سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو متحرڪ ميمبر ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جو انتهائي سرگرم جنرل سيڪريٽري آهي. سندس شخصيت ۾ سادگي جو عنصر هميشه نمايان نظر ايندو آهي، تخليقڪار دوستن جي مدد ۽ حوصله افزائي ڪرڻ سندس مزاج ۾ شامل آهي، سندس شاعراڻي حس ۾ سمايل پختگي کي ڏسندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هو ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌي شاعري جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو آهي.

عاشق علي ڳاهو جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

اسان کي حياتي وڏا غم ڏنا تو،

جيئڻ لاء ھر وقت ماتم ڏنا تو.

بچايو وتان پاڻ شيطان کان مان،

ڏنا جيڪي دوکا سي آدم ڏنا تو.

ڀلائي ڇڏيم شاعري جا هنر سڀ،

هٿن ۾ جڏهن وقت ٽيڪم ڏنا تو.

ويا سور ناسور بڻجي اسان جا،

طبيبا اچي هاڻ مرهم ڏنا تو.

غزل ڪو لکڻ لئه کپيا درد ٿي ڪجھ،

مليس عشق توسان ته يڪدم ڏنا تو.

وهن لُڙڪ،سڏڪا ڀري پوء اُگهي لُڙڪ،

اهي عشق عاشق کي سڀ ڪم ڏنا تو.

***********************************************

غزل

ڀلين ٻنين ۾ ٺھي ويا گهر،ختم ڪهاڻي،

کپائي هاري ڇڏي آ ڪوڏر،ختم ڪهاڻي.

هوا جي جهوٽي ڌڪو ڏنو هو ڪري پيو هس،

ڪڍيو نه ڀاڪر وجهي سمندر ختم ڪهاڻي.

ستر ورهين جو مري ويو ور ننڍي وني جو،

ٻه چار سڏڪا اکين ۾ ڪينجهر ختم ڪهاڻي.

مزور شاعر ٿڪل ٽٽل آ سمهي رهيو آ،

قلم کي هڪڙي چيو پئي ڪاڳر ختم ڪهاڻي.

فقير ننگي تي رات ڪاري وڌي هئي جا،

صبح هٽائي ڇڏي سا چادر ختم ڪهاڻي.

شڪاري آھي شڪار جو اڄ چٽيو نشانو،

ڀڄي پيو آھي باز جو پر ختم ڪهاڻي.

اڄوڪي عاشق کي ڪين قاصد جي آ ضرورت،

اڏامندي سوچيو ڪبوتر ختم ڪهاڻي.

************************************************

وائي

برسيو آھين کوڙ،

سانوڻ ھاڻي بس به ڪر.

ڪون سُڪن ٿا گس گهٽيون،

گپ چِڪ آ ھر موڙ،

سانوڻ ھاڻي بس به ڪر.

کِوڻُن کان پيو خوف ٿئي،

هِيانو ڏڪائي گوڙ،

سانوڻ ھاڻي بس به ڪر.

ماڻھن جا پيا گهر ٽِمن،

ٽوڙ نه تِن جا جوڙ،

سانوڻ ھاڻي بس به ڪر.

آلي چُله تي ٻار پيا،

سارين ماني ٻوڙ،

سانوڻ ھاڻي بس به ڪر.

***********************************************

هائيڪا

ڏاڍي ٿي آ دير،

پکي ٽنگيل آ تار ۾،

داڳي ويڙھيس پير.

****************************************

گرمي سارو ڏينهن،

ٻار ڏِسيو اُڀ ڏي چون،

مولا برسا مينهن.

*****************************************

سرهين پيلا گُل،

ماکي جي مک پئي ڏنا،

هر هر تِن تي بُل.

*****************************************

ٻڪرين جو پيو ڌڻ،

پٽڙي تان پرتي وڃي،

ڇانگيل گس ۾ وڻ.

*****************************************

پئي ٿس چُهنب ڀڄي،

بيٺو پاڻي کي ڏِسي،

هِڪڙو ڪانگ پکي.

No comments:

راءِ ڏيندا