; سنڌي شخصيتون: عاشق علي ڳاهو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،
Showing posts with label عاشق علي ڳاهو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label عاشق علي ڳاهو، ٽنڊو محمد خان، اعظم ڀٽي،. Show all posts

11 April, 2024

عاشق علي ڳاهو

عاشق علي ڳاهو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



فطرت جا جيترا مختلف ۽ منفرد رنگ آهن، سندس وجود، مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگيءّ جي سۡونهن جا به ايترا ئي منفرد رنگ سمايل آهن، پنهنجي مزاج جي موجن ۾ ڪڏهن هۡو نئين ٽهيءّ جو ڳڀرو شاعر لڳندو آهي ته ڪڏهن وري وڌي ويل ڏاڙهي جي رۡوپ ۾ هۡو قديم روايتي شڪل جهڙو شاعر ڀاسندو آهي. سندس سادگيءّ، خاموش طبعيت، حساسيت ۽ ٻاراڻي معصوميت مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هۡو سنڌ جي ان دراوڙي قبيلي جو فرد آهي، جنهن کان وقت ۽ حالتن سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي، حقيقت به اها آهي ته وقت ۽ حالتن هۡن کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي، ان جي باوجود به هن فطرت جي خۡوبصورتين کي لفظن جا سجدا ارپيا آهن، هُو فردن کان وٺي فطرت تائين ڪنهن کي به ميار ڏيڻ جو عادي ناهي، پر جڏهن به سندس ڪردار لاء ڪا ميار جۡڙندي آهي ته سندس وجود کيس به ميرانجهڙو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، ائين ڀاسندو آهي ته هۡو جيڪو دنيا جي نظرن ۾ چپن تي پراسرار مۡرڪون سجائي ته هلي ٿو پر سندس اکيون اڪيلائيءّ ۾ ڪيئي آب وهائين ٿيون، هۡن کي هر نئين صۡبح جي سج مان انيڪ اميدون وابسته هونديون آهن، رات جي پهر دوران چنڊ جي چانڊوڪيءّ ۾ هُو ستارن جي سۡونهن ۽ سوڀيا کي پسي، پنهنجي ڀاڳ جي روشني جو ڳولائو رهندو آهي، شام جي رنگينيءّ هۡن جي وجود ۾ انيڪ رنگ وکيري ويندي آهي.